; سنڌي شخصيتون: نثار حسيني - زيب نظاماڻي

08 June, 2014

نثار حسيني - زيب نظاماڻي

نثار حسيني
هڪ ادارو
زيب نظاماڻي
ٻه جون جو سج نِٽهڻ اُس، ڌرتيءَ کي ارپڻ لاءِ اُڀريو آهي، ٻرندڙ موسم من اندر کي به ڀڙڪائي ڇڏيو آهي. يادون ٻرندڙ جبل جيان لفظن جو لائو کڻي پني تي پلٽجي رهيون آهن. پن ڇڻ رُت ۾ رابيل ٽڻڻ جا خواب ڏسندڙ اکيون اڄ نور شاهه کٽياڻ روڊ ٽنڊو ڄام جي شهر خموشان ۾مٺي ننڊ سُتل آهن. بُٺيءَ تي پوکيل تازا گلاب به کين جاڳائي نه سگهيا آهن، پر انهن ابدي ننڊ ستل اکين ۾ جاڳرتا ۽ جدوجهد جا خواب اڄ به جاڳيل آهن، اهي خواب نثار حسينيءَ جي نيڻن، ڏٺا هئا، پر کيس ماءُ جي لولي جا ٻول ۽ ڪوڏاڻا ڪنائڻ لاءِ جيجل جي جهولي رڳو پنجن سالن لاءِ نصيب ٿي. سائين نثار جا اهي لفظ اڄ به نماشام جي انهن اُداس پلن جيان اڃا به اسان جي ذهن تي آهن: پنجن سالن جي عمر ۾ هن پيڙاءَ ۽ درد کي تڏهن سمجهيم، جڏهن بابا حسين شاهه (هوت) جو وڇوڙو مليو. سيد حسين شاهه (هوت) جنهن جي چپن تي سدائين چَنگ چُرندا هئا، هو يڪتاري تي ڀٽائي جي وائين ۽ صوفي شاعرن جي ڪافين کي ائين آلاپيندي هو، جيئن ميران ٻائي جا ورلاپ اتهاس جي اڱڻ تان پڙاڏو ٿي اسان تائين پهچندا هجن، جيئن درازا جي اڱڻ تي صوفي فقيرن جا سنگ سچل جي وائين کي ورلائيندا هجن. هن کي پنهنجن استادن جا نه رڳو نالا بر زباني ياد هوندا هئا، پر سندن رويا به کيس ساريل هئا. هن کي پنهنجن جنم کان پنهنجي وفات جي ويجهڙن پلن تائين، هر ڳالهه ائين ساريل هئي، جيئن ميٽيل پٽيءَ تي لکيل سنڌيءَ جي آيوٽا. هن ٻڌايو ته، هو ٻه فيبروري ۱۹۴۵ع ۾ پيدا ٿيو. سيراڻي بدين جي ڪکائن گهرن ۾ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ سيد نيڪ محمد شاهه کي سندس جيجل نيڪن ڪري ڪوٺيندي هئي، پر ماءُ جي وڇوڙي جي گهاءُ کيس ٻالڪ پڻ ۾ ايترو ته پختو ۽ سمجهو بڻائي ڇڏيو هو، جو هو نه رڳو قلم ڌڻي بڻيو، پر قلم ڌڻين ۽ آرٽس سان واڳيل ڌرتيءَ جو درد رکندڙن جو مسيحا بڻجي ويو. ڦليلي ڪنڌيءَ تي پرپات آرٽ سرڪل جي آفيس ڏيکاريندي مونکي ٻڌائيندو هو ته هن اڱڻ تي ادب جا ڪيترائي چنڊ اُڀريا آهن، سرت ۽ ساڃاهه جا سوين سج نکري نروار ٿيا. آرٽ ۽ فن سان واڳيل آرٽسٽن هن اڱڻ تي گلاب بڻجي ٽڙي خوشبوءَ پکيڙي ته ساري ڦليلي خوشبوءَ خوشبوءَ ٿي پوي ٿي. پنهنجي پوري زندگي اسٽيج ڊراما، ٽيبلوز  جن ۾ ”جلجل مشعل جل،“ ”اڳتي قدم،“ ”ميٽ دي وتايو“ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا تخليقي ڊراما ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ هدايتڪاري ڪندي رنگ منچ تي اهڙا ته حسين رنگ وکيريا، جن جو عڪس اڄ به ڏسندڙن جي اکين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سائين نثار جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۽ سندس هدايتڪاريءَ ۾ڪرايل تمثيلن جو مثال اڄ تائين بي مثال بڻيل آهي. هن پنهنجي نالي تخلص بابت مون کي هينئن ٻڌايو ته، نواز ۽ ناقص تخلص رکيم، پر جڏهن مولانا غلام محمد گرامي هڪ ڏينهن ٻانهن مان جهلي مون کان پڇيو ته، نواز ته ٺيڪ آهي ته ناقص ڇو؟ اسان جا تخلص احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وارا نه هجڻ گهرجن ۽ نه ڪي غرور وارا. اسان پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي ۽ علم ادب جا جانثار هجڻ گهرجون، ان ڪري اڄ کان تنهنجو تخلص ناقص حسيني نه پر نثار حسيني آهي ۽ اهڙي ريت غلام محمد گراميءَ جي بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پلجندڙ سيد نيڪ محمد شاهه عرف نثار حسيني پنهنجي جيون مسلسل تحريڪ جي صورت ۾ ڌارڻ شروع ڪيو، هن جي جاڳ ۽ هن جي ننڊ ۾ هڪ لمحو به نه ڪمي نه ٿي. هن جي اکين ۾ سدائين سنڌ جي سجاڳيءَ جا سپنا علم ۽ آرٽ ذريعي ساڀيان ماڻڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيا.


ڀڳڙا ميمڻ ڳوٺ دينار خان ٽالپر اسڪول کان بنيادي تعليم حاصل ڪندي مسلم هاءِ اسڪول ۾ تعليم جي سفر کي هن مون سان هينئن اوريو. چار درجا سنڌي دينار خان ٽالپر ۾ پڙهيم، پهرين درجو سائين غلام محمد ٽالپر ۽ ٻيو ۽  ٽيون سائين علي لوهار ۽ چوٿون درجو سائين محمد حسن ٽالپر جيڪو هيڊ ماسٽر پڻ هيو، هن پڙهيو. چوٿين درجي جو امتحان سائين محمد اسماعيل عرساڻي ورتو. انگريزي پهريون درجو گهر ويٺي پنهنجي ڀاءُ سيد ملوڪ شاهه وٽ پڙهيم ۽ ٻيو درجو عبدالرحيم جهيجا مڊل اسڪول ۾ پڙهيم، اتي به امتحان وٺڻ لاءِ سائين محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آيل هو، ان درجي ۾ آئون پهريون نمبر آيو هئس، ٽيون ۽ چوٿون درجو (سڌار سڀا جيڪو اُتم ۽ سنڌري اُتم ورهاڱي کان اڳ اڏيو هو) جيڪو هن وقت مسلم هاءِ اسڪول جي نالي سان ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ اڄ به موجود آهي، اُتي جڏهن قريشي نالي استاد ماريندو هو ته، مونکي ڀڳڙا ميمڻ جو سائين عبدالرحمان مندرو به ياد اچي ويندو هو، جنهن جي مار سبب سنڌي ٻئي درجي ۾ فيل ٿيو هئس. پنجون، ڇهون ۽ ستون انگريزي نور محمد برانچ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيم ۽ اهي سڀئي درجا پهرين نمبر ۾ پاس ڪيم. اتي جڏهن پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ايندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي ته ان تقريب جو خاص مهمان سائين علامه آءِ آءِ قاضي هو، هن سان جڏهن انعام وٺڻ وقت هٿ ملايم ته کير جهڙن ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙن ملائم هٿن جي ڇوهاءَ مون ۾ علم پرائڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو ۽ منهنجي جيون ۾ هڪ نئون تحرڪ جنم ورتو.
شاعري، پبليشنگ، ناٽڪ نويسي، ناٽڪ هدايتڪاري ۽ خاص ڪري تمثيلن ناٽڪن ۽ راڳ ناٽڪن ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سڀا جهڙو ماٺيڻو محبتي مرڪڻو ماڻهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاموش خادم جي حيثيت ۾ پنهنجي پبليشنگ ايجنسي (آگهم) آڌار خدمت ڪندي اڄ جي سنڌي ادب جي سگهارن نالن کي متعارف ڪرائيندڙ منفرد استاد پبلشر ٿي اُڀريو، جن مان ڪيترن ئي پنهنجي اعلى ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي کيس پنهنجو ادبي محسن ۽ علمي ادبي تربيت ڪندڙ ادبي استاد ۽ سچو دوست مڃيندي، مختلف موقعن تي اظهار به ڪيو آهي. انهن ۾ اڄ جو سگهارو نالو نصير مرزا سرفهرست آهي. منهنجي خوشنصيبي اها رهي جو مونکي سندس ازدواجي سفر جو ساٿ هجڻ جو شرف به حاصل رهيو ۽ مونکي علم ادب، سرت ساڃاهه آرٽ ۽ ڪلچر جي ڄاڻ ۽ سگهه ڏيندڙ منهنجو جيون ساٿي سائين نثار حسيني جن جو ساٿ جو هر هڪ پل مون لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، جيڪو پئي پراڻو ٿيڻو ئي ناهي. ان جي ڏنل شعور جي شمع جي لاٽ مون کي سدائين سرت ۽ ساڃاهه جي واٽ ڏسيندي آهي.
 مون پنهنجي سانڀر ۾ ساڻس گهاريل شريڪ حيات جي حيثيت واري سفر دوران سندس اڻ ٿڪ محنتن ۽ خدمتن کي ڪڏهن قليچ جي ڏهاڙن جي صورت ۾، ڪڏهن ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ جي صورت ۾، ڪڏهن سماج سڌارڪ ناٽڪن پيش ڪرڻ جي صورت ۾، ڪڏهن ڀٽائي جي اڱڻ تي سهڻي ميهار جهڙا اعلى ٽيبلو پيش ڪرڻ جي صورت ۾، ته ڪڏهن يوم مادر وطن تي سسئي ۽ سور جهڙو ڊرامو پيش ڪندي ته، ڪڏهن شيخ اياز جي سالگرهه تي کيس ڀيٽا ڏيندي ۽ دودي سومري جو موت اسٽيج ڪرائيندي ڏٺو. فڪر فهم ۽ آگهئي جي مٽيءَ سان ڳوهيل هي سٻاجهو سيد نون نڪور لکندڙن جي ۽ آرٽ جي دنيا ۾ پهريون پير رکندڙ آرٽسٽن جي حوصلا افزائي ڪندي هڻان وڻان ڏيئي کين اڳتي وڌائي پاڻ سائين پوئين ڪرسي تي ويهي، سندن پيشڪش تي تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندو رهيو.

ڀٽائيءَ جي سهڻي، نوري، ماروي، سورٺ ۽ مومل کي تمثيلن ناٽڪن کي جيئرو جاڳندو، اسٽيج تي پيش ڪندڙ ڏسندڙن کي حيران ڪري پنڊ پهڻ ڪندڙ نثار حسيني، اياز جي ڇولي جي پايل جي ڇم ڇم جا گيت، آزاديءَ جي گيتن سان پوري سنڌ ۾ جاڳائي ڇڏيا. هن عظيم ڪردارن کي، جن ۾ وتايو فقير، مير رسول بخش خان ٽالپر، مرزا قليچ بيگ، مير علي نواز ناز  مطلب ته اهڙن عظيم ڪردارن کي اهڙي مهارت ۽ قابليت سان تمثيلي روپ ڏيئي ترتيب ڏيندو هو، جو اکيون اَچرج مان کليل رهجي وينديون هيون . نثار کي موکيءَ جي ڪردار کي تمثيل جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي حسرت رهجي وئي. نثار، اياز جي راڳ ناٽڪن ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ جي رڪارڊنگ پڻ ڪرائي، پر اڃا اهي اسٽيج ڪرائي نه سگهيو. نثار حسيني بنيادي طور کاٻي ڌر سان گڏ رهيو، انهي ڪري ڀوڳنا جو اُڻ کٽ تسلسل ڀوڳيندو رهيو. هو شهيد حسن ناصر ۽ شهيد نظير عباسي جو ذڪر هر وقت ڪندو رهندو هو. ڌرتي ۽ ڌرتي خاطر جاکوڙيندڙ انسان ۽ انسانن کي اڏيندڙ انسان پنهنجي جڳهه تي هڪ منفرد شخصيت جي صورت ۾ هوندا آهن، پر هو هڪ عظيم اداري جي صورت ۾ پنهنجو عڪس پنهنجي وڃڻ کانپوءِ ڇڏي ويندا آهن، سندن پيرا ايترا ته مضبوط هوندا آهن، جن تي جيڪڏهن هلجي ته طبقاتي اڻ برابريءَ کان آزاد سنڌ اَڏي سگهبي.

No comments:

راءِ ڏيندا