; سنڌي شخصيتون: جلال چانڊيو

18 January, 2014

جلال چانڊيو

جلال چانڊيو
يڪتاري جو يڪتا ۽ يگانو عوامي فنڪار
ناصر قاضي

سهڻي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي شهر ڦل مان هڪ واءَ ۽ پڙلاءَ اهڙي ته گونجار ڪئي، جيڪا پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. سنڌ جي هن منفرد ۽ لوڪ فنڪار، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هن اهو سوچيو به نه هوندو ته هو پنهنجي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ ايتري مقبوليت ماڻيندو، جو سندس آواز جو پڙلاءُ جھر جهنگ ۾ گوجندو رهندو ۽ واقعي ٿيو به ائين جو يڪتاري جي يڪ تار تي آڱريون سوريندڙ اهو لوڪ ڳائڻو ’جلال چانڊئي‘ جي نانءَ سان  يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي جهان ۾ يڪتا ۽ يگانو بادشاهه فنڪار بڻجي ويو. کيس چڱي طرح خبر هوندي هئي ته عوام جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪبو آهي. هو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته هزارين پرستار پتنگن جيان پچڻ تيار ٿي ويندا هئا. هو جڏهن به وڏي واڪي ’ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو‘ يا ’اٿندي ويهندي حسن وارن جو منهن ڏسڻ ته ثواب آ‘ جهڙا ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين عاشق پنهنجون دليون هارائي ويهندا هئا.


سنڌ جي نامياري عوامي راڳي جلال چانڊئي، جنهن کي ڪنهن يڪتاري چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه پڻ سڏيو، ۱۹۴۸ع ڌاري حاجي فيض محمد چانڊئي جي آغوش ۾ اکيون کوليون. سندس ڳوٺ موري ضلعي نوشهري فيروز کان اوڀر طرف ’مصر واهه‘ لڳ ’ڦل‘ شهر ڀرسان واقع آهي. جلال چانڊئي جو والد هڪ حاجي هجڻ جي حوالي سان باشرع صفتن جو مالڪ هو، جنهن جي ذهن ۾ راڳ جو تصور به ڪونه هو. سندس والد روزي روزگار جي حوالي سان هڪ مالوند ماڻهو پڻ هو، جنهن وٽ سٺي نسل جي مينهن، ٻڪرين ۽ رڍن جو چڱو خاصو تعداد موجود هوندو هو. جلال چانڊيو ننڍپڻ ۾ پنهنجي ئي گھر جو ڌاريل چوپايو مال چاريندو هو، پر سندس والد چاهيو ٿي ته جلال چانڊيو درزڪو ڪم سکي، ڪاريگر بڻجي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري. جنهن لاءِ عملي طور تي به هن پنهنجي ڳوٺ کان ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پر ڀرو ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ درزڪي هنر سکڻ لاءِ جلال کي ڇڏيو، جتي جلال درزڪو ڪم سکندو رهيو. پر چون ٿا ته جڏهن سندس عمر ۾ جوانيءَ جي پنڇيءَ پنهنجا پر پکيڙيا، تڏهن عشق شهنشاهه جي سلطنت سندس دل جي دنيا تي حڪومت ڪئي، جنهنجي نتيجي ۾ هيءُ درزڪو ڪم ڇڏي، ورهه جو ويراڳي بڻجي ويو. ان ڏس ۾ جلال چانڊئي عشق جي آڙاهه ۾ اندر جي آويءَ کي پچائڻ بجاءِ، ان کي آلاپ جي آب سان ٿڌو ڪرڻ لاءِ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو سهارو وٺي، پوري جوش، جنون ۽ جلال سان اڀري آڏو آيو ۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو.
جلال چانڊيو فن جي حاصلات لاءِ سڀ کان اول پنهنجي پڦاٽ سائينداد چانڊئي کان راڳ جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن بعد فقير احسان علي کان ۽ بعد ۾ باقاعده طور تي پنهنجي دؤر جي نامياري راڳي فقير علي گل مهر وٽ راڳ جي سکيا لاءِ ويو، جيڪو اصل رهاڪو ته ميرپور ماٿيلي جو هو، پر ڪن سببن جي ڪري پنهنجو ڳوٺ ڇڏي موري ۾ رهندو هو، جنهنڪري جلال کي وٽس پهچڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي پيش نه آئي. استاد علي گل مهر يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سکيا سان گڏ جيڪو ڪلام سڀ کان پهريان کيس سيکاريو، ان جا ٻول هئا:
اڄ سڃاڻي ڪونه ٿو، پر ڪو ڏهاڙو ياد ڪر،
دل سڙي وئي يار جاني!، دل سڙيءَ جو داد ڪر.
جلال چانڊيو پهريان پنهنجي استاد علي گل مهر سان گڏجي ڳائيندو هو، پر اڳتي هلي پاڻ پنهنجي الڳ انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح جلال چانڊئي ۱۹۷۳ع ڌاري باضطه طور تي عوامي راڳي طور منظرِ عام تي آيو. جلال چانڊئي پنهنجي زندگيءَ جي پهرين محفل پنهنجي ڳوٺ ڀرسان سيد يعقوب شاهه جي ميلي جي موقعي تي ڳائي، جنهن درگاهه جي گادي نشين سيد نور محمد شاهه کيس دعا ڪئي ۽ سندس ڳائڻ جي انداز کي بيحد ساراهيو. ”والد صاحب حاجي ماڻهو هو، مون تي شروع ۾ چڙندو هو ته تون راڳ نه ڳاءِ، ان سان اسان جو ڇا. پيءُ کان لڪي ڳائيندو هوس. هيڪر ڳوٺ ڀرسان ميلو ٿيو، اتي ڳايم، ماڻهن کي ڏاڍو وڻيو. ماڻهو جو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽن ته رستي تي بابا ويٺو هو، جيڪو ماڻهو گذري بابا کي چوي ته: ”حاجي ميلو تنهنجي ڇوڪري کنيون“ سڄي ميلي ۾ ”جلال جلال“ لڳي پئي هئي. مان ٽي ڏينهن ميلي تان ڳائي واپس ڳوٺ ورڻ لڳس ته ڊڄان به پيو ته بابا کي ضرور خبر پئي هوندي، ڏاڍوو وڙهندو. سيارو هو، ڊڄندي ڊڄندي گھر واپس آيس، بابو مچ تي ويٺو هو، پيرين پئي مليو مانس ته پٺي ٺپي چيائين: ”جلال هاڻي ڀلي وڃي ڳاءِ، ڇو ته اولاد جي مائٽ نيڪي ٻڌندو آهي ته خوش ٿيندو آهي، هاڻي توکي جھل ڪونهي.“ چيم: ”بابا ڀلا اها ڪيئن اجازت ملي؟“ ته چيائين جيڪي ماڻهو ميلي تان موٽن پيا، اهي تنهنجي ئي تعريف پيا ڪن“ پوءِ بابا روبرو به ٻڌندو هو ۽ خوش ٿيندو هو.“ اهڙيءَ طرح جلال چانڊئي جي مقبوليت معمول کان غير معمولي بڻجڻ لڳي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين کان شهرن تائين، ڪئسٽن کان سيٽ لائيٽ تائين، ٽريڪٽرن کان مرسيڊيز تائين، جھڳين کان بنگلن تائين،  فصلن کان هاءِ ويز تائين مطلب ته جٿي ڪٿي جلال چانڊئي جو آواز گونجڻ لڳو. ايتري قدر جو نومبر ۱۹۸۵ع تي سنڌي فلم اندسٽريءَ پاران ’جلال چانڊيو‘ نالي سان فلم رليز ٿي. هيءَ فلم سندس زندگيءَ جي پسمنظر ۾ رچيل هئي. جنهنجي موسيقي نامياري موسيقار ۽ ڪلاڪار استاد فيروز گل ڏني، جڏهن ته فلم جو پروڊيوسر مظهر حسين هو ۽ هدايتڪار شاهه اسد هو. هن فلم جي  اداڪارن ۾ مصطفى قريشي، شهناز ڀٽي، مشتاق چنگيزي، خود جلال چانڊيو، پروين، بوبي، لعل ڪمار، شهزادي، لطيف منو، غلام رسول جتوئي، مشتاق جسڪاڻي ۽ محمود صديقي شامل هئا. هن فلم کي تمام گهڻي ڪاميابي نصيب ٿي. ڄاڻايل فلم نيو مئجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻو، پلازه شهدادڪوٽ، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم، شاهين سئنيما شهدادپور، محفل سئنيما، ڪيپري ۽ ڪوهنور سئنيما حيدرآباد جي پردن تي ڏيکاري وئي. فلم ’جلال چانڊيو‘ ۾ سندس اداڪاريءَ سان گڏ سندس آواز ۾ ڪجھه ڪلام پڻ ريڪارڊ ٿيا، ان کانسواءِ پاڻ فلم ’اميد‘ ۽ فلم ’حيدر خان‘ لاءِ به پنهنجي آواز ۾ ڪلام ڳايائين.
جلال چانڊيو ڪئسٽ، ريڊيو ۽ فلم انڊسٽريءَ ۾ ڳائڻ کانسواءِ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ٽڪيٽ وسيلي ٿيندڙ ٿيئٽر وارو راڳ پڻ متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح سندس مقبوليت پسندي جلال چانڊئي کي ريڊيو ۽ ٽي.وي کانسواءِ لطيف سائين، سچل سرمست، لعل شهباز قلندر ۽ ٻين بزرگن جي سالياني ميلن توڙي ٻين سرڪاري ڪاڄن  ۽ ثقافت کاتي جي مخلتف پروگرامن تي پڻ ڪانڍ ڏئي ڳارايو ويندو هو. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته جلال چانڊئي ۲۰هين صديءَ جي پوئين چوٿاڙ ۾ واهه جو وارو وڄايو. ايتري قدر جو سندس دؤر ۾ اڀرندڙ فنڪارن سندس گائيڪيءَ جي طرز کي اپنائيندي، سندس ئي نالي کي حوالو بڻائي ’ننڍو جلال‘، ’گرم جلال‘، ’آخري جلال‘، ’سهڻو جلال‘ وغيره جي نالن سان منظرِ عام تي آيا. جلال چانڊئي جي فن ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها پڻ ڏٺي وئي ته پاڻ تدريسي حوالي سان هڪ درجو به ڪونه پڙهيل هو، پر پوءِ به جتي ڪٿي ڪلام هميشه ياد ڳائيندو هو، کيس بي انت شاعري بر زبان ياد هوندي هئي. جلال چانڊئي کي سندس فني خدمتن عيوض عوام پاران ته ڀرپور موٽ ملي، پر ان سان گڏ ۱۹۹۹ع ۾ لطيف سرڪار جي ميلي جي موقعي تي ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، فلم ’جلال چانديو‘ ۾اداڪاريءَ جي موٽ ۾ ايوارڊ کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ کيس مليا ۽ سندس مان ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس تاجپوشيءَ جا پروگرام پڻ منعقد ڪرايا ويا.    جلال چانڊيو هڪ راڳي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ زميندار ۽ مالوند ماڻهو پڻ هو، وٽس سٺي نسل جون ڪيتريون ئي مينهون موجود هونديون هيون، جلال چانڊيو سٺا گھوڙا پڻ پاليندو هو، جن کي ميل جي مقابلن ۾ لاهڻ جو پڻ ذوق رکندو هو. انهن مڙني خصلتن سان گڏوگڏ جلال چانڊيو هڪ رڄ راڄوڻي مڙس، اوطاقي جوان، مهمان نواز، آئي وئي جو آڌرڀاءُ ڪندڙ ۽ غريبن جو همدرد ۽ هڏڏوکي پڻ هوندو هو. سندس سخاوت جو هڪ واقعو مشهور آهي ته ڪنهن ميلي جي موقعي تي جلال چانديو ٿئٽر ۾ ٽڪيٽ وارو راڳ ڳائي رهيو هو، ان محفل دؤران هڪ ڪراڙي بيواهه عورت اسٽيج طرف اچي جلال کي چيو ته: ”منهنجي مينهن چوري ٿي وئي اهي، ان جو مائيڪ تي اعلان ڪريو“، ان ڏينهن جلال چانڊئي محفل دؤران اعلان ڪيو، ميلي جي ٻئي ڏينهن  تي به ساڳئيءَ طرح اها عورت آئي ۽ اعلان ڪرايائين، ساڳئيءَ ريت ٽئين ڏينهن به ائين ٿيو. آخر ڪار ٽئين ڏينهن تي جلال وچ محفل ۾ ان بيواهه عورت کي مٿي تي هٿ رکندي دلجاءِ ڏني ته: ”امان! هڪ هفتو ڳولا ڪريو! جيڪڏهن مينهن جو پتو نه ٿو پوي ته منهنجي واڙي مان جهڙي مينهن پسند اچي، اها کڻي وڃجو.“
سنڌ جي هن عوامي فنڪار ۽ انيڪ صفتن جي مالڪ جلال چاندئي گڙدن جي تڪليف سبب ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ۾ آهي.



جلال چانڊيو
يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه
حاڪم علي جسڪاڻي/ راڻيپور
سنڌ ۾ پنجابي ۽ اردو موسيقيءَ جو عروج گهٽ ڪرڻ واري مرحوم جلال چانڊئي متعلق اُستاد الهه جڙيو سمون ڍولڪ نواز، جيڪو گهڻو وقت جلال چانڊئي سان گڏ رهيو، ان ٻڌايو ته جلال چانڊئي سن ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ هوت خان نزد ڏيپارجا، تعلقو مورو جي هڪ غريب گھراڻي فيض محمد چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو. پر ڪجهه ڪتاب سندس جنم جو هنڌ، ڦل شهر به لکن ٿا. مٿس ان وقت نالو جلال الدين رکيو ويو. بعد ۾ جلال چانڊيو جي نالي سان مشهور ٿيو. ان وقت ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته، اهو نينگر اڳتي هلي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه فنڪار ٿيندو.
جلال چانڊيو جو تعلق مالوند گهراڻي سان هو. انڪري سندس تعليم ڏانهن خيال ئي نه هو. ٻڪرين چارڻ دوران هو گيت پيو جُھونگاريندو هو. ڪجھه وقت درزڪو ڪم به ڪيائين. پر درزڪي ڪم ۾ به مزو نه آيس. ائين ڳائڻ طرف راغب ٿي ويو ۽ راڳ جي باقاعده سکيا ورتائين.
جلال چانڊئي ڳائڻ جي شروعات ان وقت ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ميڊم نورجهان ۽ عنايت حسين ڀٽي جو عروج هو. ڳوٺن ۽ شهرن، جتي ڪٿي انهن کي گھڻو ٻڌو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ ۾ وري استاد منظور علي خان، محمد يوسف ۽ رونا ليلى کي ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ جي انوکي انداز ماڻهن جون دليون موهي ڇڏيون. ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ جلال چانڊئي ٿوري ئي وقت ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو پيو ٻڌجي.
جلال چانڊئي يڪتاري تي ڳائيندڙ فنڪار عام ڪيا. جن ۾ ۱۰۰ کان وڌيڪ، جلال چانڊئي جا ئي شاگرد، وري شاگردن جا شاگرد آهن. جنهن ڪري اڄ به ڪو آخري جلال، ڪو سهڻو جلال ته ڪو وري صفا جلال آهن.
جلال چانڊئي ۱۰ هزار کان مٿي آڊيو ڪيسٽون ڏنيون. انهن ۾ سوين ڪلام تمام گھڻا مشهور آهن. پر ڪجهه هي آهن:
·      ”جتن لاءِ جيڏيون ڏونگر ٿي ڏوري (شاهه)“،
·      ”چيم آخر ٻڌي هٿڙا (سچل سرمست رحه)“،
·      ”ڪندي ياد تو کي (مخدوم طالب الموليٰ)“،
·      ”هلڪي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ (راشد مورائي)“،
·      ”اڄوڪي رات رهي پئو (نياز محمد پتافي)،
·      ”ڪيڏي دير ڪري پوءِ ٿا يار اچو (استاد بخاري)“
جلال چانڊئي جو آواز، اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.
مرحوم جلال چانڊئي پاڪستان کان علاوه دبئي، شام، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
جلال چانڊئي کي ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ به مليا.
تاريخ ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي سنڌ جو هِي ناميارو فنڪار، بڪين جي بيماريءَ سبب، سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



جلال چانڊيو
جلالي انداز جو راڳي
حميد ڀٽو
سال ۱۹۴۷ع کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ پنجابي ڪلچر کي سنڌ اندر وڌائڻ جي سازش سٽي وئي، سڄي سنڌ ۾ چانهه جي هوٽلن ۽ ميلن ملاکڙن توڙي جهرجهنگ ۾ پنجابي ڪلامن جا واڄٽ پيا وڄندا هئا. هزارين پنجابي فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ڪرائي سنڌي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو پئي ويو ته ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ننڍڙي شهر مورو سان تعلق رکندڙ فنڪار جلال چانڊيو ٽوپي نرڙ تي رکي هٿ ۾ چپڙي يڪتارو کڻي نروار ٿي ويو، جنهن پنهنجي سادي سودي شاعري سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ڇڏيو، جهر جهنگ ٽريڪٽر ٽرالين، هوٽلن، ميخانن، توڙي گهرن کان حويلين تائين جلال چانڊيو جا گيت گونجڻ لڳا. جلال چانڊيو پنهنجي جلالي انداز ۾ سنڌ اندر سنگيت جي دنيا ۾ نوان لاڙا ڏيندي پنجابي ۽ ٻين غير سنڌي فنڪارن کي پنهَنجي سنگيت وسيلي ڊوڙائي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو جو نالو روشن ٿي ويو پر هي سنڌ جو انوکوَ ڪردار رکندڙ جلال چانڊيو جي زندگي ڏانهن ڏسبو ته به سندس زندگي جا انوکا پاسا نروار ٿين ٿا.
جلال چانڊيو ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جو درزڪو ڪم ۾ دل نه لڳو، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس دهيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مار-ڪٽ سبب، اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کئي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به دل نه لڳي جنهن سبب کسي پيادڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس کي سنگيت سان عشق ٿي ويو هو، سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس گائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ گائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ گائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري ۱۹۷۰ع ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت مائي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ عير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. سال ۱۹۸۵ع ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلال ته اڳ ئي حسن پرست ۽ سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، ميهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪو ئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو ۲ شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻي شادي پنهنجي پسند سان ڪئي.
فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين انتهائي مقبول فنڪار رهيو.
سنڌ جي هن عوامي فنڪار جي حياتي جا ڏينهن ڏهين جنوري ۲۰۰۱ تي رات جو ساڍين ڏهين وڳي پورا ٿي ويا. هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پچڻ لاءِ روزانو اسپتال وڃي عيادت ڪندو هيم. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT وارڊ جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان موجود هيم ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيو لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهيءَ وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيو جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيو پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 5 وڳي صبح جو جلال چانڊيو جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جلال چانڊيو جي وچوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهنجو مثال سنڌ جي ٻئين ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي.
اڄوڪي تاريخ ۱۰ جنوري تي هن عوامي فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ ۱۵ سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙ سارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويو. جلال چانڊيو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي.



جلال چانڊيو
يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
عوامي راڳي جلال چانڊئي کان اڳ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سڃاڻپ صرف فقيراڻي سڃاڻپ هئي. يعني يڪتارو ۽ چپڙي، صوفي بزرگن جي درگاهن تائين محدود هو. پر جلال چانڊئي، هن کي سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو. هو نه صرف يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه هو پر سنڌي ڪيسٽ جي دنيا جو به بادشاهه هو.
جلال کان اڳ، سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا تي پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي گانن جو راڄ هو. هر هنڌ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، عنايت حسين ڀٽي ۽ ٻين فنڪارن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي ڳائڻ سان نه صرف سنڌي ڪيسٽ ڪلچر سگهارو ٿيو، پر سنڌ مان پنجابي گانن جي جاءِ سنڌي گانن والاري ورتي. گاڏين، هوٽلن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ جلال جو آواز گونجڻ لڳو.
هن راڳ جي شروعات ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. شروعات ۾ هن جا گيت؛ ”اڄوڪي رات رهي پئو، منهنجي دل ٿي چوي ۽ هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا.
ڪيسٽ جي دنيا ۾ هن جي مقبوليت ڏسندي تڏهوڪي پروڊيوسر شيخ غلام حسين، کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. تنهن بعد هو پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان پي ٽي وي تي متعارف ٿيو. جتي هن نيون ڌنون تخليق ڪري موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام ٺاهيو.
هن پاڪستان کان علاوه دبئي ۽ سعودي عرب کان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
جلال چانڊئي جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي. پر هن سرائيڪيءَ کان علاوه براهوي، پنجابي، بلوچي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڳايو. هن سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست ۽ استاد بخاريءَ سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي پنهنجو نرالو آواز ۽ انداز ڏئي لازوال بڻائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيا. اڄ به جلال جي نالي جو کٽيو کائيندڙ فنڪار جوڳي جلال، پتڪڙو جلال، سهڻو جلال، صفا جلال، ننڍو جلال، وڏو جلال ۽ آخري جلال جي نالن سان مشهور آهن، جن نه صرف جلال جي آواز ۽ انداز کي اپنايو پر جلال جي شهپرن ۽ ٽوپي واري فيشن کي به پاڻ مٿان طاري ڪري ڇڏيو.
جلال چانڊيي جي اچڻ سان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ نج ٻهراڙي جي فطرتي ٻولي وارو اصلوڪو فنڪار نصيب ٿيو. جنهن ڪري اڄ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو جلال وانگر ٽوپي نرڙ تي سجائڻ ۽ مڇن جي بيهڪ، جلال وانگر ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن.
جلال چانڊئي کي سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ به مليا.
جلال چانڊئي ٽي شاديون ڪيون.
گردن جي بيماري سبب، ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي، ۵۷ سالن جي عمر ۾، ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.



جلال چانڊيو
يڪتاري ۽ چپڙي جو منفرد راڳي
مسافر محبوب ڪلهوڙو
۱۰ جنوري اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هزارين سنڌ واسين کان جلال چانڊيي جهڙو محبوب فنڪار کسي ورتو جنهن جي وڇوڙي کي اڄ ۱۵ سال گذري چڪا آهن پر پوءِ به هو يگانو راڳي پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ اڄ به موجود آهي اڄ به سندس هزارين چاهيندڙ کيس وساري ناهن سگهيا جلال چانڊيو جيڪو پنهنجي بهترين اخلاق سٺي طبعيت ۽ ڳائڻ جي نرالي  انداز سبب سنڌ توڙي ٻين صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ ٿورڙي عرصي ۾ وڏي جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جنهن ڪري کيس عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، جلال چانڊيو جنهن ڦل شهر ۽ مصرجي واهه جي ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۾ هڪ پورهيت ڳوٺاڻي فقيرفيض محمد چانڊيي جي ڪکائين گهر ۾ جنم ورتو سندس اک کلڻ کان پوءِ جڏهن جلال چانڊيو اڃا پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو هو ته سندس والد کيس پڙهائڻ بدران جهنگ ۾ ٻڪريون ڇوڙي چارڻ جو چيو جيڪا عمر پڙهڻ ۽ هڪ جيڏن سان راند کيڏڻ جي هوندي آهي، ان وقت جلال چانڊيو ائين پنهنجون ٻڪريون ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۽ ان جي آسپاس چاريندو هو ۽ جهنگ ۾ هڪ جيڏن کي اُتي ويهي ڪلام ٻڌائيندو هو جيڪي کيس هميشه اهو چوندا هئا ته جلال تون هڪ ڏينهن سنڌ جو وڏو فنڪار ٿي اُڀرندين ۽ سندس امڙ به کيس روزانو رات جو ڳائڻ وقت دعائون ڏيندي چوندي هئي جلال ڪو وقت ايندو ماڻهو ۽ پئسا تنهنجي پويان ڊوڙندا، امڙ جي ان دعا ۽ دوستن جي دعائن ان ڏينهن کي اڀاريو ۽  جلال چانڊئي جي ڀاڳ ڪر کنيوسندس ڳوٺ جي ڀرسان سيد امام علي شاهه بادشاهه جي درگاهه تي هر سال لڳندڙ ميلي ۾ جلال به پنهنجن هڪ جيڏن يارن سان گڏ ميلو گهمڻ لاءِ آيو جتي سمورن دوستن جي ميڙن منٿن تي راضي ٿي جلال پهريون دفعو سازن تي ميلي ۾ ڪلام چيا، جنهن جو منفرد انداز ڏسي ۽ آواز ٻڌي جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ ميلي سمورين هوٽلن تي ويٺل ماڻهو اٿي اچي ان هوٽل تي جمع ٿيا، جتي جلال چانڊيو ڪلام ڳائي رهيو هو. ان دوران گهوٽڪي ضلعي سان واسطو رکندڙ فنڪار علي گل مهر جلال چانڊيي کي پنهنجو شاگرد بڻائي سندس ٻانهه۾ ڳانو ٻڌو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وستي ڳوٺ، شهر جهر جهنگ ۾ جلال چانڊيي جي راڳ جي ڌم مچي وئي  اهو زمانو سنڌ ۾ ماڻهن کي خاص ڪري سفر ڪرڻ وقت ڊرائيور نورجهان، عنايت حسين ڀٽي، عطاءُالله نيازي جو راڳ ٻڌرائيندا هئا پر جنهن ڏينهن کان جلال چانڊيي پنهنجي آواز ۽ نرالي انداز سان راڳ جي دنيا ۾ مضبوطي سان پير پاتو ته اهي بسن ٽريڪٽر ٽرالين ۽ شهرن ۾ ٻڌجندڙ راڳي اتان تڙجي نڪتا ۽ انهن فنڪارن جي جاءِ تي جلال چانڊيي جا ڪلام ٻڌجڻ لڳا  جلال چانڊيو اڻپڙهيل ۽ ٻهراڙي جو سادو ۽ سچو ماڻهو هوندو هو اهو ئي سبب هو جو هن وٽ منافقت واري سوچ نه هوندي هئي پر سندس مشاهدو مطالعي کان به ان ڪري وڌيڪ هو جو هزارين ڪلام جلال چانڊيي کي ياد هوندا هئا جڏهن ته جلال چانڊيي جي سخاوت جا واقعا به عام جام آهن هن ڪيترن مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وٿاڻ تان کير پيئڻ لاءِ سُئا مينهون کولي ڏنيون ۽ مسڪين، غريب، بي پهچ نياڻين ۽ نوجوانن کي شادي ڪرائڻ لاءِ سندن مائٽن جي مالي مدد ڪري پنهنجو ڪردار ٺاهيو. جڏهن جلال چانڊيي جي ڳائڻ وارو عروج جو وقت هو ته ان وقت هن جي آسپاس گهمندڙ اهي مفاد پرست ڪجهه فرد ۽ ڪيسٽ ڪمپنين جا مالڪ جيڪي چوندا هئا ته جلال چانڊيي کان سواءِ هنن کي ماني به نه ٿي وڻي ۽ هو ان کان سواءِ ڪنهن کي سڃاڻن نه ٿا پر جڏهن جلال چانڊيي جي وڇوڙي کان پوءِ وقت انهن نام نهاد ڪمپنين جي مالڪن جن جلال جي ڪيسٽن مان نالو ڪمايو انهن جي دعوائن کي ڌوڙ ڪندي انهن جي منافقت واري لڪل چهري کي نروار ڪري ڇڏيو آهي جلال چانڊيو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ ڇلي وارن چانڊين ۾ سيد ڇتل شاهه جو ميلو لڳرائيندو هو جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو جنهن ۾ جلال چانڊيو سنڌ، پنجاب، خيبر پختون خواهه، بلوچستان جي ملهه پهلوانن کي ڀلوڙ سُئا مينهون، بوسڪي جا وڳا، پٽڪا ۽ ۱۰ کان ۲۰ هزار تائين روڪ انعام ڏيندو هو، هن ميلي ۾ ڀلا اُٺ، گهوڙا، ڏاند آڻيندڙ شوقينن کي به دل کولي انعام ڏنا ويندا هئا جلال جي جيئري ئي اهو لڳندڙ  ميلو بند ٿي ويو.
جلال جو آواز جهرجهنگ گونجندو رهيو ۽ هن وقت تائين جلال جا هزارين چاهيندڙ جن ۾ اڪثريت ٽريڪٽر ڊرائيورن، ٽرڪ ڊرائيورن توڙي ٻهراڙي جي هوٽلن تي ويهندڙ ماڻهن جي آهي، اهي اڄ به جلال چانڊيي جا ڪلام وڏي آواز ۾ ٻڌندا رهن ٿا ۽ رات جي وقت جڏهن جلال جي آواز ۾ جڏهن ٽريڪٽرن ۾ ڊرائيور ٻنين ۾ هر ڪاهيندي راڻو وڃائيندا هئا ته سندس آواز ٿڌڙي رات ۾ ايڏو ته سرور ڏيندو هو جو سيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي گهر کان ٻاهر اچڻ تي مجبور ٿي ويندا هيا سين، جلال چانڊيي جو سنڌ جي ثقافت ٽوپي پائڻ ،وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پائڻ سميت منهن تي وڏا شهپر وارو انوکو انداز جنهن کي اڄ به سنڌ جو ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ طبقو جاري رکيو پيو اچي، جلال جڏهن يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اتان جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جلال چانڊيي جي ڳائڻ واري انداز سان گڏ يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ واري انداز ۽ ٽوپي پائڻ واري انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو، سنڌ جي هن ڀلوڙ فنڪار کي پنهنجي زندگي ۾ ڀليون مينهون، ڀلا گهوڙا، ڪڪڙ ،ٽيڊيون ٻڪريون ،وڏي قد جا ڪتا پالڻ جو به گهڻو شوق هوندو هو جيڪي اڄ به سندس ڦل شهر ۾ آخري آرامگاهه ۽ اوطاق تي بيٺل آهن جلال يارن جو يار ۽ غريب مسڪينن جو مدد گار به بڻجندو رهيو، اگر ڪو دوست يار يا وري ڪو به سندس چاهيندڙ سندس اوطاق تي ايندو هو ته سندس دل باغ بهار ٿي پوندي هئي ۽ هو کيس ڳل لائي سندس هٿ چمي آڌر ڀاءُ ڪندو هو سندس وٽان ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو، جلال جي زندگي توڙي ان جي فوتگي کان پوءِ جلال جا کوڙ سارا شاگرد ظاهر ٿيا جن ۾ جوڳي جلال ،پتڪڙو جلال ،گرم جلال ۽ ٻين جلال جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي ناڪامي حاصل ٿي ۽ اڄ تائين جلال جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيل خال ڀرجي ناهي سگهيو ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي جسماني طور تي گڙدن جي بيماري سبب سنڌ ڌرتيءَ جو هي يگانو فنڪار هميشه جي لاءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سنڌ جي ثقافت کاتي هن عوامي فنڪار کي وساري ڇڏيو آهي پر سچ اهو آهي ته اڄ به هزارين جلال چانڊيي جا چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ کيس دل ۾ سانڍيو رکيو اچن ٿا ۽ اڄ به هر سال جيئان ڦل شهر ۾ ۱۰ جنوري تي جلال چانڊيي جي ورسي ملهائجي رهي آهي.



جلال چانڊيو
لوڪ راڳي
گل مورو
ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڌنارن سان ڌنار بڻجي ٻهراڙين جي ٻارڙن سان مال چاريندڙ جلال کي اهڙو ته جلال اچي ويندو جو هڪ ڏينهن هو سڄي سنڌ جو جلال بڻجي ويندو. ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي غريب پيءُ جو مال چاريندڙ ٻار وڏو ٿي، هند سنڌ ۾ راڳ ذريعي اهڙو ته دردن جو داستان ڪنهن راڻي جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪوهياريءَ جي روپ ۾ ڀيروي۴ ڀيرن سان سڄي ڀونءِ ۾ باهه جا ڀنڀٽ مچائي ڇڏيندو ۽ ٿيو به ائين ننڍي هوندي مال چارڻ کان پوءِ ٿورڙو جوان ٿيو ۽ جوڀن جا ڏينهن آيس ته، ٻنين توڙي ٻارن ۾ مائٽن سان هارپي ڪرڻ وقت به ڳائيندو وتندو هو عشق مان رڙيون ڪندو هو ته “ڪونه بچسان درد تيڏي وچ رو رو مرويسان” اچي جو اهڙو ته عشق لڳس جو، مال ٻنين ۾ ڇڏي، ڪرڪا ڪارڪتڻ جي، يعني درزڪي ڪم جي لاءِ ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ميدان ۾ نڪري پيو. پوءِ ڪيتري وقت تائين مورو نوان جتوئي ڦل ۾ سنهيءَ سئي سبيو ۽ ڏينهن رات ڪپڙا سبندو رهيو ۽ سلائي مشين واري رڌم تي جهونگاريندو به رهيو. اچي جو اوچتو عشق چوٽ لڳس پوءِ ته بس سندس زبان تي “يار سانون ڏاڍي عشق آتش لائي هي” جي تنوار هئي، پنهنجي جلويدار آواز کي يڪتاري ۽ چپڙي جي تارن سان ملائڻ لاءِ، باقائدي راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد علي گل مهر کي پنهنجو استاد بڻايائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. جلال چانڊيي ۱۹۴۸ع ڌاري نوشهروفيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال ۾ جنم ورتو. سُرن جي سکيا وٺڻ کان پوءِ جلال کي عشق جو جلال اهڙو ته آيو جو سڄي سنڌ جي وستين واهڻن، شهرن، ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين، اوطاقن، هوٽلن، بسن، ٽريڪٽرن توڙي ٽرينن ۾ به جلال جي آواز جو جادو جو چرچو هو، ڪيسٽ ڪمپنين وارا قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا ته اسان جي ڪمپني ۾ ڳائي، پر جنهن سان به نيهن لاتائين، ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيائين، ڀل کڻي پوءِ کيس لکين روپيا ڇو نه آڇين اهي به ٺڪرائي ڇڏيندو هو. ايڏو ته نالو روشن ڪيائين جو پنهنجو ته نالو روشن ڪيائين، پر پنهنجي خاندان کي سکيو ستابو بڻايائين، نه رڳي ايترو پر جلال ايتري شهرت ماڻي جو ڊزن کن ملڪن ۾ وڃي هن اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جتي سندس گونجندڙ آواز تي پرڏيهي توڙي ڏيهي ماڻهو جهومڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا. جڏهن به سنڌ جو هي مشهور فنڪار ڪنهن شادي يا فنڪشن ۾ ويندو هو ته اتي هزارين ماڻهو سندس استقبال لاءِ اٿي پوندا هئا. ايتري قدر ته رش ٿي ويندي هئي جو ماڻهن جي رش هئڻ سبب وڏي مشڪل سان اسٽيج تي پهچندو هو. راڳ ٻڌڻ وقت ماڻهو نوٽ گهورڻ مهل بيهوش ٿي پوندا هئا، مٿس نوٽن جي برسات هوندي هئي سندس نوٽ ميڙڻ وارا ساٿي ٿڪجي پوندا هئا، جلال پنهنجي دور جو بي تاج بادشاهه راڳي به سڏجڻ لڳو، سندس مشهوريءَ جو عالم اهو هو، جو نه رڳي مرد پر عورتون، ۽ ٻار به سندس راڳ جا مداح بڻجي ويا.
ويهين صديءَ ۾ ڀڳت ڪنول رام، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائيءَ کان پوءِ جلال چانڊيو سنڌ ۾ اهڙو عوامي فنڪار پيدا ٿيو جنهن ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي اوج ڏياريو. هن ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ کي وڌايو ۽ سنڌ مان عنايت حسين ڀٽي ۽ نورجهان کي نيڪالي ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. سندس فني خدمتن تي کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. سنڌ سرڪار پاران ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ، شامل آهي. ان کان سواءِ قلندر شهباز، سچل سرمست ڄام ڏاتار، مهدي شاهه ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ موجود صوفي شاعرن جي آڳنڌ تي هن ڳاتو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا کيس مڃتا طور ماڻهن سونا تاج پارايا. سنڌ کان علاوه دبئي، مسقط ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي محفلون مچايون ۽ هن کي بي تاج بادشاهه چيو ويندو هو.
هونئن به سنڌ هردور ۾ هر مڪتب فڪر ۽ فن جا وڏي ڪمال وارن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي پوءِ اهو هنر هجي ادب هجي يا عزم هجي يا نظم هجي، جمال هجي يا جلال هجي، جنهن طرف به نظر ڪبي ته موتين مالهائون ئي نظر اينديون، جلال به موتين جي مالها ۾ اهڙو ته انمول موتي ٿي اڀريو، جو هن جو ڀاڳ اڻ کٽ هو، سنڌ ۾ ٻيا به پنهنجي پنهنجي وقت ۾ عظيم ڪلاڪار / فنڪار پيدا ٿيا پر جيتري شهرت ۽ عزت هن کي ملي ايتري شايد ڪنهن کي مشڪل سان نصيب ٿي هجي، سنڌ ۾ وڏن راڳ جي ڄاڻو راڳين گوئين ۽ ڪلاسيڪل گائڻن هوندي به هر ماڻهوءَ جي وات تي جلال جي جادو جو ئي اثر هو، نه رڳي راڳ وسيلي غريب مان شاهوڪار بڻيو پر ٻني ٻاري وارو به ٿيو پر هن ۾ وڏائي ڪڏهن به نه  رهي. اوطاقي مڙس به اهڙو جو چارئي پهر سندس اوطاق تي ميلو متل هوندو هو. ڀلن گهوڙن، ڪارين ڪنڍين مينهن، ٻوليون ٻوليندڙ تترن، ڀلن ڏاندن، اٺن توڙي ڪامورين ٻڪرين جون قطارون سندس اوطاق تي وڏي تعداد ۾ هونديون هيون. ملهه راند جو به اهڙو ته شوقين جو، نوشهري فيروز ٻاهران سيد ڇتن شاهه جي ميلي ۾ ويهي ملهه کٽيندڙ ملهه پهلوانن کي انعام ۾ بوسڪيءَ جا پٽڪا، نوٽن جا هار ۽ کين کير پيئڻ لاءِ ڀلوڙ مينهون پڻ ڏئي ڇڏيندو هو، ڏٺو وڃي ته جلال جي چاهيندڙن جو دائرو وسيع هو، ايترو وري سخاوت ۾ به وڏو ماڻهو هو، چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن شاديءَ جي محفل ۾ هڪڙو همراهه قرآن پاڪ کڻي آيو ته منهنجي ميهن چوري ٿي وئي آهي، ته جلال راڳ بند ڪرائي، کيس چيو ته هي پاڪ ڪتاب آهي ته مون خبر ناهي، پر مسلمانن ۾ ايمان ناهي رهيو، ان ڪري سڀاڻي منهنجي اوطاق تان چونڊ مينهن اچي ڪاهي وڃجان. کيس ائين مينهن ڏئي ڇڏيائين، ٻيو واقعو به عجيب ۽ غريب هو جو اسان جي ڳوٺ ڀرسان هڪڙو هٿن پيرن کان معذور نوجوان جلال چانڊيي جي مينهن چوري ڪري ويو هو. جڏهن جلال کي خبر پئي ته سندس مينهن جو چور عمر مبيجو آهي ان کي گهرائي پنهنجي هٿن جو سلام ڪري کيس چيائين ته تون معذور هوندي منهنجي مينهن ڪاهي وئين تون واقعي مڙس ماڻهو آهين، هاڻ اها مينهن توکي معاف. پر انعام ۾ منهنجي هيءَ ٻي مينهن به ڪاهي وڃ. پر چوري نه ڪجان!
جلال جي زندگيءَ جا کوڙ سارا واقعا اڄ به ڪيترن ماڻهن کي ياد آهن، ايتري قدر جو لاڙڪاڻي جو هڪ غريب نوجوان وٽس آيو ته سهرو چوي ٿو ته جلال جو راڳ ڪراءِ ته پوءِ توکي سڱ ڏيندس. ان ڪري جو پئسا ڪونهن منهنجو هي ڳهو کڻ! جلال به دير ئي نه ڪئي ان کي چيائين وڃي شادي جي تياري ڪر مان ضرور ايندس، ان راڳ جي فيس ته ڪونه وتائين، رهندو اتي ڇني دوران پيل سمورا گهور وارا پئسا گهوٽ جي جهوليءَ ۾ وڌائين.
سنڌ جي هن بي تاج بادشاهه راڳيءَ جلال چانڊيي جي شاگردن جو تعداد به سڄي سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ پکڙيل آهي گل شير تيوڻي، کان وٺي ننڍي جلال، گرم جلال، ۽ ٻيا کوڙ سارا اڄ به راڳ جي دنيا ۾ جلال ڇانيل آهن، حالانڪه جلال جيڪو نج ٻهراڙيءَ جو سادو ماڻهو هو جنهن وٽ تعليم به نه هئي، گهڻو پڙهيل ته ڇا صفا اڻ پڙهيل هو، ان جي حافظي دل ۽ دماغ کي شاباس هجي، جو هن ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪيون هيون، جيڪڏهن هر ڪيسٽ ۾ ڇهه ڪلام هن ڳايا هجن، ته به سندس ڪلامن جو تعداد ۶۰ هزار کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ان ڳالهه تي هر ڪو ماڻهو متفق آهي ته سڄي دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ڳائڻو نه هوندو. جنهن هزارين ڪلام ياد ڪري ڳايا هجن. اهو سندس وڏو ڪمال هو.
جلال پنهنجي پاڻ کي ته يادگار بڻايو پر سنڌ جي ناليواري شاعرن ۽ ٻهراڙيءَ جي گمنام شاعرن جي شاعري ڳائي انهن کي به شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي غلام حيدر گجو ، انور قمبراڻي ۽ ٻين شاعرن کي هن ڳايو، چون ٿا ته جلال کي هڪ سيد، سيد نور محمد شاهه بودلائي جي دعا ٿيل هئي، حالانڪه راڳداريءَ مان ڪو گهڻو واقف ڪار به نه هو. پر سندس ڀاڳ کي ضرور مڃڻو پوندو. جنهن اڌ صديءَ تائين عوام جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ وڇوڙي وقت به هزارين ماڻهو سندس مڙهه مٿان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. افسوس جو هي سنڌ جو وڏو راڳي ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي اسان کان وڇڙي ويو سندس آواز اڄ به ڳوٺن توڙي شهرن ۾ گونجي پيو.


جلال چانڊيو
جنهن کي سنڌ اڄ به ساري ٿي
مظهر خاصخيلي
اڄ وري ۱۰ جنوري جو ڏينهن ڦري  آيو آهي اڄوڪوڏينهن سنڌ ۾ لکين جلال چانڊيو جي چاهيندڙن کان نه وسرندڙ ڏينهن آهي هن ڏينهن تي  ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ تي جلال چانڊيو جيڪو پنهنجي طبيعت ۽ ڳائڻ جي منفرد انداز سبب سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو اهو جسماني طور تي سنڌ ڌرتيءَ ۽ چاهيندڙن کان گڙدن جي بيماري سبب الڳ ٿي ويو هو ۽ اهو ئي سبب آهي ته سياري جي هن ٿڌڙي هوائن ۾ جلال چانڊيو جا چاهيندڙ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ خاص ڪري بلوچستان خيبر پختون خواهه ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ سان واسطو رکندڙن جو هڪ وڏو انگ جلال جي آخري آرامگاهه تي اچي گڏ ٿيندو آهي ۽ هو پنهنجي محبوب فنڪار کي ياد ڪري پنهنجي اکين مان لڙڪ هارڻ سان گڏ هر سال کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ايندا رهندا آهن  پر اهو به سچ آهي ته جڏهن جلال چانڊيو جي ڳائڻ وارو اوج جو وقت هو ته ان وقت هن جي آسپاس گهمندڙ اهي مفاد پرست ڪجهه فرد ۽ ڪيسيٽ ڪمپنين جا مالڪ جيڪي چوندا هئا ته جلال چانڊيو کان سواءِ هو ڪنهن کي سڃاڻن نه ٿا هو جلال چانڊيو سان پيار ڪن ٿا پر انهن جو پيار به جلال چانڊيو سان ان جي زندهه هجڻ تائين هو ڇو ته دنيا جي ڏاهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماڻهو جنهن سان پيار ۽ عشق جون حاميون ڀريندو آهي ان جو اصل امتحان ان جي هن دنيا مان جسماني طور موڪلائي وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيندو آهي  ۽ خبر پوندي آهي ته ان جي وڃڻ کان پوءِ اهي لالچي ماڻهو ياد رکن ٿا يا وري کيس وساري ڇڏين ٿا ۽ اهي ئي جلال چانڊيو کي به انهن دوستي جون ڪوڙيون حاميون ڀريندڙن ۽ ڪجهه مفاد پرست ڪيسيٽ ڪمپنين جي مالڪن وساري ڇڏيو آهي اهو جلال چانڊيو جنهن ڦل شهر ۽ مصرجي واهه جي وچ تي قائم ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۾ هڪ مسڪين ڳوٺاڻي فيض محمد چانڊيو جي ڪکائن ۽ ڪچي گهر ۾ جڏهن اکيون کوليون هيون ته ان وقت سندس والد فيض محمد چانڊيو پنهنجي گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ به سخت پريشان هوندو هو ۽ جلال چانڊيو اڃا پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو هو ته سندس والد کيس جهنگ ۾ ٻڪريون ڇوڙي ڪاهي وڃي چارڻ جو چيو جيڪا عمر پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ جي هوندي آهي ان وقت جلال چانڊيو ائين پنهنجون ٻڪريون مصرجي واهه ۽ ڦل شهر جي ڀرسان ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۽ ان جي آسپاس چاريندو هو ۽ جهنگ ۾ پنهنجي هڪ جيڏن کي اُتي ويهي ڪلام ٻڌائيندو هو جيڪي کيس سدائين اهو چوندا هئا ته جلال تون هڪ ڏينهن سنڌ جو وڏو فنڪار ٿي اُڀرندي ۽ سندس امڙ به کيس روزانو رات جو ڳائڻ وقت اهي دعائون ڏيندي چوندي هئي جلال ڪو وقت ايندو ماڻهو ۽ پئسا تنهنجي پويان ڊوڙندا ۽ اهو ئي ٿيو سندس امڙ ۽ دوستن جي دعائن پنهنجو رنگ ڏيکاريو يا وري جلال چانڊئي جو ڀاڳ کليو جو سندس ڳوٺ جي ڀرسان سيد امام علي شاهه جي درگاهه تي هر سال وارو ميلو لڳو ۽ جلال به پنهنجن هڪ جيڏن دوستن سان گڏ ميلو گهمڻ لاءِ آيو جتي سمورن دوستن کيس چيو ته اڄ جلال توکي اسان کي پنهنجي آواز ۾ ڪلام ٻڌائڻا پوندا ۽ ان کان پوءِ جلال پهريون دفعو سازن تي سيد امام علي شاهه جي ميلي ۾ ڪلام چيا جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ ميلي ۾ سمورين هوٽلن تي ويٺل ماڻهو اٿي اچي ان هوٽل تي جمع ٿيا جتي جلال چانڊيو ڪلام ڳائي رهيو هو. ان دوران گهوٽڪي ضلعي سان واسطو رکندڙ فنڪار علي گل مهر جلال چانڊيو کي پنهنجو شاگرد بڻائي سندس ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي واهڻ وسطي ڳوٺ، شهر جهر جهنگ ۾ جلال چانڊيو جي راڳ جي ڌوم مچي وئي ۽ اهو زمانو سنڌ ۾ ماڻهن کي خاص ڪري سفر ڪرڻ وقت ڊرائيور نورجهان، عنايت حسين ڀٽي، عطاءُالله نيازي جو راڳ ٻڌرائيندا هئا پر جلال چانڊيو انهن فنڪارن کي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ تان تڙي ڪڍڻ وارو ڪم ڪيو جنهن کي جيترو ساراهجي اهو گهٽ آهي باقي ڪجهه دوستن جي اها ڳالهه واقعي صحيح آهي ته جلال چانڊيو اڻپڙهيل ۽ ٻهراڙي جو سادو ۽ سچو ماڻهو هوندو هو اهو ئي سبب هو جو هن وٽ منافقت ۽ ڊپلوميسي واري سوچ به نه هوندي هئي پر سندس مشاهدو مطالعي کان به ان ڪري وڌيڪ هو جو هزارين ڪلام جلال چانڊيو کي ياد هوندا هئا جڏهن ته جلال چانڊيو جي سخاوت جا واقعا به عام جام آهن هن ڪيترن مسڪين ماڻهن کي پنهنجن قلعن تان کير پيئڻ لاءِ سُئا مينهون کولي ڏنيون ۽ مسڪين، غريب، بي پهچ نياڻين ۽ نوجوانن کي شادي ڪرائڻ لاءِ سندن مائٽن جي مالي مدد ڪئي. اهڙو هڪ واقعو سنڌ جو مزاحمتي ۽ مرحوم شاعر سائين راشد مورائي ڪافي دفعا ڳالهه ڪندي بار بار ٻدائيندو هو ته هڪ دفعو هو جلال چانڊيو وٽ ويٺو هو ته لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوان آيو ۽ کيس پيرن تي ڪري چيائين ته جلال چانڊيا مان تنهنجو نالو ٻڌي آيو آهيان منهنجو چاچو مون کي پنهنجي مڱيندي ان شرط تي ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿيو آهي ته تون منهنجي ڀت ۾ اچي ڳائيندي ان نوجوان کيس روئيندي چيوته منهنجو چاچو لالچي آهي ۽ هن ٻڌو آهي ته تون لکين روپيا وٺي پوءِ ڳائڻ ايندو آهين ان دوران جلال چانڊئي نوجوان کي ڀاڪر پائيندي چيو ته تون وڃ ۽ پنهنجي تاريخ ٻڌ مان ان ڏهاڙي تي تو وٽ ڳائڻ ضرور ايندس ۽ پوءِ جلال ان تاريخ تي ان نوجوان جي ڀت ۾ ڳائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي ويو جتي کيس ٻن کٽن جيترا پئسا پيا جنهن مان هڪ کٽ جيترا پئسا ان نوجوان کي سڏ ڪري چيائين ته هي مان توکي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ پنهنجو وڃي ڪاروبار ڪر اهو نوجوان اڄ ڏينهن تائين جلال جي ورسي تي لاڙڪاڻي مان ايندو آهي ان ڳالهه جو مان شاهد آهيان مون جڏهن هيءَ ڳالهه جلال چانڊيو جي ورسي ۾ تقرير ۾ چئي هئي ته هزارن جي  ميڙ ۾ اهو نوجوان اٿي ٻئي هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳو ته اهو سچ آهي اهو مان ئي آهيان ۽ ان کان سواءِ مون کي ان ڳالهه جي چٽي سانڀر آهي ته نوشهروفيروز کان ۴ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ڇلي وارن چانڊين ۾ سيد ڇتل شاهه جو ميلوجلال لڳرائيندو هو جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو جنهن ۾ جلال چانڊيو سنڌ، پنجاب، خيبر پختون خواهه، بلوچستان جي ملهه پهلوانن کي ڀلوڙ سُئا مينهون، بوسڪي جا وڳا، پٽڪا ۽ ۱۰ کان ۲۰ هزار تائين روڪ انعام ڏيندو هو هن ميلي ۾ ڀلا اُٺ، گهوڙا، ڏاند آڻيندڙ شوقينن کي به دل کولي انعام ڏنا ويندا هئا ۽ ان سان گڏ جيڪو دوڪاندار ڀلو دوڪان سينگاريندو هو ان کي به جلال چانڊيو روڪ ۲۰ هزار انعام ڏيندو هو ان جي ڪري هي ميلو سڄي ملڪ ۾ مشهوري ماڻي چڪو هو پر افسوس جو پيار ۽ محبت جي ويرين هن ميلي کي نه سٺو ۽ جلال جي جيئري ئي هي ميلو بند ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين وري سائين ڇتل شاهه جو ميلو ضلعي نوشهروفيروز جي رهواسين لڳندي ناهي ڏٺو ۽ هڪڙي ڳالهه سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾  ڪندو هو ته هو علاج جي حوالي سان دبئي ويو اتي اسپتال جي ڀرسان هڪ بنگلو هوندو هو ان بنگلي مان روزانو صبح جو سوير ۽ شام جو سج لهڻ کان پهريان جلال چانڊيو جي آواز ۾ سندس شاعري جو هي ڪلام هلندو هو.
ايڏي دير ڪري ٿا يار اچو
نه ٿا سار لهو ته ڪو مُئو يا بچو
۽ جڏهن مون ان جي جاچ ڪرائي ته ان گهر ۾ هڪ دادو ضلعي سان واسطو رکندڙ سنڌي عورت رهندي هئي جنهن پنهنجي سئوٽ سان عشق جي شادي ڪئي پر اهو کيس هڪ يورپي عورت جي ڪري ڇڏي هليو ويو ان کان پوءِ هوءَ روزانو اهو ڪلام ٻڌندي آهي. پر مون ان عورت کي اسپتال ۾ گهرائي جڏهن چيو ته تون جيڪو ڪلام ٻڌندي آهين ان ڪلام جو شاعر مان ئي استاد بخاري آهيان ان عورت مون کي مسڪرائيندي جواب ڏيندي چيو ته ڀلي تون استاد بخاري هج پر مان توکي هڪڙي ڳالهه چوان. توکي جهرجهنگ جلال چانڊيي ئي پهچايو آهي ۽ استاد بخاري به چوندو هو ته ٻهراڙي جي ماڻهن تائين سندس شاعري ۽ نالي کي جلال چانڊيي ئي پهچايو آهي اها ڳالهه سچ آهي ته اڄ به جلال چانڊئي جون هزارن جي تعداد ۾ ڪيسٽون سندس لکين چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ پنهنجي ساهه جيان سانڍيو رکيو ٿا اچن ۽ سنڌ ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن جيڪي جلال چانڊيو کان پوءِ يڪتارو ۽ چپڙي جو راڳ ڳائين ٿا انهن مان گهڻائي جلال چانڊيو کي پنهنجو استاد ڪري مڃي ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين ۱۰ جنوري جي شام ٿيندي ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سمورا فنڪار ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڦل اچي گڏ ٿي سندس قبر تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي واري ملڻ تي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. جلال چانڊيو جو سنڌ جي ثقافت ٽوپي پائڻ وارو انوکو انداز به سنڌ جا رهواسي اپنائيندا اچن ٿا جلال جڏهن ٻاهرن ملڪن خاص ڪري يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اتان جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جلال چانڊيو جي ڳائڻ واري انداز سان گڏ يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ واري انداز ۽ ٽوپي پائڻ واري انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو هو هن سنڌ جي اربيلي فنڪار کي پنهنجي زندگي ۾ ڀليون مينهون، ڀلا گهوڙا، ڪڪڙ ڌارڻ جو به گهڻو شوق هوندو هو جيڪي اڄ به سندس ڦل شهر ۾ آخري آرامگاهه ۽ اوطاق تي بيٺل آهن جلال جي هڪ وڏي ۽ خاص اها خوبي هوندي هئي ته هن ڀلي سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ دولت پر جڏهن به کيس پنهنجي ننڍپڻ جو يار ۽ دوست رستي ويندي يا ڪنهن شهر ۾ ملي ويندو هو ته کيس ڀاڪر پائي ملندوهو هن ننڍڙي لائي جون يادون ڪڏهن به نه وساريو اسان کان  اهڙو محبوب فنڪار ۽ ماڻهو ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ تي جسماني طور گڙدن جي بيماري سبب سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهندڙ سنڌي ماڻهن کي هميشهه لاءِ ڇڏي جسماني طور تي موڪلائي هليو ويو پر ان ڳالهه جو ڏک ضرور آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي هن عوامي فنڪار کي وساري ڇڏيو آهي ڪافي دفعا ثقافت کاتي اهو اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هر سال جلال چانڊيو جي ورثي هو ملهائيندا پر اهو اعلان اعلان رهجي ٿو وڃي ۽ ان ڳالهه مان ثابت ٿو ٿئي ته ثقافت کاتي وٽ سنڌ جي محبوب فنڪارن جو قدر ناهي پر سچ اهو آهي ته اڄ به لکين جلال چانڊيو جا چاهيندڙ ۽ ٻڌندڙ کيس دل ۾ سانڍيو رکيو اچن ٿا ۽ اڄ به هر سال جيئان ڦل شهر ۾ ۱۰ جنوري تي جلال چانڊيو جي۱۷ هين ورسي ملهائجي رهي آهي ۽ سياري جي ٿڌڙي هوائن ۾ هزارين ماڻهو سندس ورسي ۾ شامل ٿي ساڻس محبت جو ثبوت ڏئي رهيا آهن.



جلال چانڊيو
ساهتيءَ جو ثقافتي آواز
اسلم عباسي
سنڌ جي ساهتيءَ پرڳڻي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، اوترو سماج جي هر شعبي ۾ هتان جي رهواسين پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ علم، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ موسيقي جهڙا شعبه اچي وڃن ٿا. موسيقي جي دنيا ۾ ساهتيءَ پرڳڻي جا تمام وڏا نالا جن فنون لطيفه ۾ هڪ بهترين تاريخ رقم ڪئي آهي. جن ۾ سونا خان بلوچ، ماسٽر چندر، محمد يوسف ماڇي، استاد غلام قيوم وسطڙو ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا فنڪار جن ساهتيءَ ۾ موسيقي جي بنيادي سکيا ۽ تربيت ڏني، انهيءَ دور کان پوءِ ۷۰ جي ڏهاڪي کان پوءِ جن فنڪارن نالو ڪمايو انهن ۾ انور حسين وسطڙو، فوٽو زرداري، امام بخش زرداري، الهھ داد زرداري، بخشل ماڇي ۽ جلال چانڊيو اچي وڃن ٿا.
راڳي فنڪار جلال چانڊئي جو جنم سال ۱۹۴۴ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو سندس ڪابه تعليم نه هئي، پر قدرتي طرح سندس حافظو تمام بهترين هو، سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو، جو ڪنهن به ڪلام کي ٻه دفعا ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس ياد ٿي ويندو هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. لڙي لنگهجان متان نظر لڳئي، تون ٿو لڇڪين اڳئي.
هن راڳ سرلئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني گبول گهوٽڪي جو رهواسي هو. ان کي سندور پياريو ويو هو جنهن سبب گلو خراب هئس پر راڳ جو ڄاڻون هو. جلال چانڊيو ۽ سندس والدين درگاھ نانگو شاھ غلام شاھ جا مريد هئا، پاڻ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ مصر جي واءِ ڀرسان اچي لڏي ويٺا چون ٿا ته دشمنيءَ سبب سندن گهر کي باھ لڳي ۽ الهھ تلهه سڙي ويو. ان بعد موري شهر ۾ ٻانڌي روڊ تي مسواڙي جڳھه وٺي رهائش اختيار ڪيائين. راڳ جي شوق سبب پاڻ شاهي بازار ۾ محمد پريل حجم جي سيلون تي ڪلام جهونگاريندو هو، ان دور ۾ ٽيپ رڪارڊر نئون نئون آيو هو ۽ پاڻ آهستي آهستي ميلن، ملاکڙن، شادين ۾ ڳائيندو هو ۽ سندس راڳ جا ٻڌندڙ ٽيپ رڪارڊ ۾ ڪيسٽون ڀريندا هئا ۽ هوٽلن تي پڻ سندس رڪارڊ هلندا هئا. جلال چانڊئي جي سنڌي راڳ ٻڌندڙن ۾ خاص طرح سنڌ جو پورهيت ڪلاس هاري ناري، مزدور بسن، ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن جا ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ عام ماڻهون وڌيڪ رهيا آهن
عوامي انداز ۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق جي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهن جلال کي بيحد ٻڌڻ پسند ڪيو  ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت جو سبب اهو آهي جو مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو، ان ڪري ماڻهون پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو.
جلال چانڊيو ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ڪيترن ئي ماڻهن خط لکي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد وارن کي سندس رڪارڊ وڄائڻ کان منع ڪيو. سنڌ ۾ ڀٽائي جي فقيرن کانپوءِ يڪتاري کي عوامي ساز جلال بنايو، جلال سينگاريل يڪتارو، سنڌي ٽوپي، شهپر، کليل گلي جو نمونو اڳتي هلي هڪ نمونو عرف ڪٽ سڃاڻپ طور مشهور بڻجي ويا.
جلال ڪٽ يڪتارو، جلال ڪٽ شهپر، جلال ڪٽ ٽوپي جيڪا سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي فنڪار پائين ٿا. سندس نالي پٺيان ڪيترائي فنڪار ننڍو جلال، وڏو جلال، صفا جلال، جوڳي جلال ۽ پٽ جلال سڏرائڻ لڳا. جڏهن ته روبينه حيدري، تاج مستاني عورتون پڻ جلال وانگر راڳ ڳايو، جڏهن جلال کان تاريخ پئدائش جو پڇيو ويو ته هن سنڌي مولودن جي وڏي شاعر غلام نبي مهيسر مرحوم وارو جواب ڏنو هو “منهنجي مارو اباڻن کي منهنجي ڄم وقت تاريخ لکڻ جو شعور نه هو” کانئس جڏهن ڳايل ڪلامن جو تعداد پڇيو ويو ته هن ملڪ ترنم نور جهان وارو جواب ڏنو هو ته “مون پنهنجي ڳايل گيتن ۽ ڪيل عشقن جو ڪڏهن به حساب نه ڪيو آهي. ڏھ هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيائين ۽ ڪيترائي هزار ڳايائين،
۱۹۹۹ع ڌاري اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائود پوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين، ۱۹۸۵ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاھ اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. جلال جي عام ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترن ئي ڪيسٽ ڪمپنين مالڪن فائدو ورتو ۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائي وڃڻ بعد انهن سندس اولاد جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي. سڌي پڌري راڻي ڳائندو هو. جيترو ٿلهو آواز اوترو مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تلنگ، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين. قدرت جي مڻيا رکيل هئس. استاد منظور علي خان چيو ته جلال جو راڳ نه پر ڀاڳ ٿو ڳائي، راڻو جهڙو هن ڳايو اهڙو ڪنهن به نه ڳايو. ڪوهياري ڳائيندو هو ته صفا خون ڪري ڇڏيندو هو.
سچ پچ ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ننڍي وڏي شهر، واهڻ وستين، ڳوٺن ٿرن برن ۾ ڄڻ ته ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. ڪيترن ئي عاشقن، البيلن جڏهن محبت ڀريو ميار وارو ڪلام ٻڌو ته جلال ڄڻ سندن سيني ۾ دفن ٿيل عشق کي وري جاڳايو ۽ سندن ترجماني ڪئي. نه رڳو ايترو پر مريضن ۽ موت جي بستري تي پيل لاوارث ماڻهن جا ڇَههَ ڇڄي پيا. جلال چانڊيو ڪيترائي دفعا بيماريءَ جي سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، پر هن بيماري جو ڄمي مقابلو ڪيو، بعد ۾ هن جي بيماري ڏانهن بي توجهي سبب سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخر ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ۾ سول اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙي طرح سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد گائڪي جي هڪ انداز جي پڄاڻي ٿي پر ان جي باوجود جلال جي وڇوڙي سان گڏ سنڌي راڳ جي هڪ منفرد انداز جو بنياد ٿيو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن جلال جي ڇڏيل ورثي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون ڪري سندس انداز واري راڳ کي وڌيڪ هٿي ڏني جن ۾ گل شير تيوڻو، محمد يوسف پنهور، نورل ماڇي، دلشير تيوڻو، جڏهن ته سندس اولاد مان قلندر بخش چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو ڳائي سنڌي موسيقيءَ جي هن انداز کي زنده رکيو پيا اچن.

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۱۰ جنوري ۲۰۲۰ع)

جلال چانڊيو
ايڏي دير ڪري، ڇو ٿا يار اچو
علي رضا قاضي
مٺياڻي شهر جو ڪامريڊ گوهر ملاح هاڻي حيات ناهي، پر هو جڏهن به استاد بخاريءَ جو ڪلام “ايڏي دير ڪري، ڇو ٿا يار اچو۔۔۔” جيڪو ان وقت جلال چانڊيي جي آواز ۾ اڪثر ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿيندو رهندو هو، ڳائيندو هو ته هن جي اکين مان لڙڪ نار ڪري وهندا هئا. منهنجو بابا، جيڪو ان وقت مٺياڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ پاڻ به راڳ جو تمام گهڻو شوقين هو. گوهر ملاح کان پڇندو هو: “گوهر، ان ڪلام سان تنهنجي اکين مان نير ڇو ٿا وهن؟” گوهر جواب ڏيندو هو ته؛ ”سائين، جڏهن جلال جو آواز ۽ بخاريءَ جي شاعري پاڻ ۾ جوڙ ڪن ته اکين جا بند بي اختيار ٽُٽي پوندا آهن!” هاڻي نه گوهر رهيو نه ئي منهنجو بابا نه ئي جلال چانڊيو۔۔۔ جي رهيو آهي ته جلال جو لافاني آواز، جيڪو اڄ به گونجي رهيو آهي. بيشڪ هو زندگيءَ ۾ ڀاڳ وارو فنڪار هو. ان ڪري ئي ته هڪ محفل ۾ استاد منظور علي خان سندس مٿان هڪ رپئي جو نوٽ اهو چئي گهوريو هو: “جلال! هي انعام تنهنجي فن نه پر ڀاڳ کي آهي!”
جلال چانڊيي اهو ڀاڳ ڦلن جي واهه تان ٻڪريون چاريندي لڌو هو، جيڪو مرڻ گهڙي تائين هن ساڻ رهيو. ڪمال جو فنڪار هو. هن جي ڳلي مان نڪرندڙ هر سرُ، محبت ۽ زندگيءَ جي علامت بڻجي ويا. اهي به ڏينهن هئا، جڏهن وهانءَ جي تٿ پوءِ ٻڌبي هئي، پهريائين جلال چانڊيي کان محفل جي تاريخ وٺبي هئي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو چوندو آهي: “جلال فقط هڪ فنڪار جو نالو نه هو، پر پوري هڪ ڪلچر جو نالو هو. جلال جي ٽوپي، جلال جا ڪپڙا، جلال جي ڳالهائڻ جو انداز، جلال جو هلڻ، مطلب ته ستر کان نوي تائين جا ٽئي ڏهاڪا جلال چانڊيي جا سال هئا، جنهن ۾ هو نه صرف موسيقي پر پنهنجي شخصيت جي ڪري سنڌ جي مٿان ڇانيل رهيو.”
راشد مورائي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو: “گرميءَ جي موسم ۾ هڪ ڀيرو استاد بخاري سندس در تي آيو، پگهر ۾ شل لڳو پيو هو. نٽهڻ اس، ٽاڪ منجهند ۽ استاد بخاري... راشد مورائي چيو: حيران ٿي پڇيومانس “سائين، خير ته آهي؟ جواب ڏنائين: ڦلن ڏانهن ويو هئس جلال کي هڪ اسم ڏيڻو هو. ٻيهر حيرت ۾ اچي ويس، ڪٿي جلال چانڊيو، ڪٿي استاد بخاري!؟ اهڙي اظهار جي جواب ۾ استاد بخاري چوڻ لڳو: جلال کي گهٽ نه سمجهو، هن جو ڳايل هڪ ڪلام اسان کي سماج ۾ جهڙي مڃتا ڏياري ٿو، تنهن کي ڪنهن سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي.”
شايد اهو ئي سبب هو جو بخاري پنهنجي محفلن ۾ ٻڌائيندو هو: “جڏهن بيماري سبب لنڊن علاج لاءِ ويس، ڪافي ڏينهن هڪ اسپتال ۾ داخل هجڻ ڪري بور ٿي ٻاهر ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ سان ملڻ جي خيال سان نڪتم ته خبر پئي اسپتال جي ڀر ۾ ئي پاڪستاني سنڌي ماڻهن جو گهر آهي. در کڙڪايم ته هڪ عورت نڪري آئي، ٻڌايومانس ته هتي علاج لاءِ سنڌ کان آيو آهيان، شاعر آهيان، استاد بخاري نالو آهي. عورت حيرت ۾ تڪيندي چوڻ لڳي، اهو استاد بخاري جنهن کي جلال چانڊيي ڳايو آهي!”
ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو،
نه ٿا سار لهو ڪو مئو يا بچو.
جلال چانڊيو عوامي فنڪار هو، نه فقط عوامي پر فن تي هن کي مڪمل گرفت حاصل هئي، هن کي اها پڻ خبر هئي ته فن جي ذريعي ۽ سرن جي معرفت ڪهڙي ريت ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪبو آهي.
جلال چانڊيي جي بايوگرافيءَ ۾ لکيل آهي؛ “هو ڦلن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سال ۱۹۴۴ع ڌاري حاجي فيض محمد چانڊيي جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيي هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو. ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جو والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ نوان جتوئي ۾ هڪ درزيءَ وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيي جو درزڪي ڪم ۾ دل نه لڳي، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس ڌيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پراوا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو! استاد جي مارڪٽ سبب اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو!” پاڻ مٿي لکي آيا آهيون ته جلال تي قسمت سدائين مهربان رهي، سمجهي سگهجي ٿو ته اها قسمت ڪڏهن هن مال چاريندي ڳولهي لڌي هوندي. مقدر هن جي اڳيان غلام جيان هٿ ٻڌي بيٺل رهيو.
چڱي ريت ياد آهي ته هڪ ڀيرو جڏهن هو اسان جي ڳوٺ آيو ته ڳوٺ جي وڏيري حجت ۾ هن سان شروع ۾ ئي هڪ ڪلام جي فرمائش ڪئي، جنهن تي جلال چانڊيي وراڻيو: “وڏيرا! برابر ڳوٺ جو وڏيرو تون ئي هوندين، پر فن جو وڏيرو مان آهيان، سو ڳائڻ ۾ منهنجي مرضي هلندي..” اها ڳالهه بظاهر ته ڀوڳ ۾ ڪيل هئي پر سچ ته هو فن جي دنيا جو سردار هو، خاص ڪري سنڌي موسيقيءَ کي هن جيڪي نوان رنگ ڏنا، انهن جو ڪو ثاني نه آهي.
جلال چانڊيو جي فن جا جتي ڪيترائي نوان رنگ آهن، پر اتي جڏهن هو درد ۽ سوز مان “راڻو” ڳائيندو هو ته لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. اڄ به جڏهن جلال جي آواز ۾ راڻو ٻڌجي ٿو ته من جي عجيب ڪيفيت ٿيو وڃي:
راڻا تنهنجي راڄ ۾ مون چوڏھون چنڊ ڏٺو،
نڪي داڻو پيٽ ۾ نڪي اکين ان ڏٺو،
هاڻي راڻي کي چئجو، مومل رات مري وئي.
----
وَيٺِي نِتُ نِهارِيان, راڻا! تُنهنجي راهُه،
موٽائَي ماڳنِ تَي، آڻِيندَوءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساهُه, نه تَه راڻا گهڻا راڄَ ۾.
سنڌ جو اهو جادوگر فنڪار، جنهن ٽي ڏهاڪا، فن جي آسمان تي حڪومت ڪئي، اهو ۱۰ فيروري ۲۰۰۱ع تي اسان کان موڪلائي ڪنهن ڏور جڳهه ڏانهن روانو ٿيو. ليکڪ حميد ڀٽو لکي ٿو: “هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پڇڻ لاءِ اسپتال وڃي عيادت ڪندو هئس. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان به موجود هيس، ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيي لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهي وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيي جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيي پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ۵ وڳي صبح جو جلال چانڊيي جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد ايڌي ايمبولينس ۾ مڙهه جلال چانڊيي جي اباڻي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو ويو. صبح جو سوير کان منجهند جو جلال چانڊيي جي ڳوٺ، مڙهه پهچڻ تائين سوين ماڻهن جي گاڏين جلال چانڊيي جي مڙهه جو ائين استقبال ڪيو، جئين سندس حياتي ۾ سندس آجيان ڪئي ويندي هئي.
جلال چانڊيي جي وڇوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهن جو مثال سنڌ جي ٻئي ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي.”

جلال چانڊيو
جنھن کان سواءِ سنڌي لوڪ راڳ جي تاريخ اڌوري آھي
زاھد راڄپر
جيتوڻيڪ، جلال چانڊيو کي اسان کان وڇڙئي اڄ ۱۹ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به سندس شهر ۾ سندس نالي سان ميڙاڪو ٿئي ٿو ته چاهيندڙن جا انبوهه پهچي وڃن ٿا، هن جو اولاد ۽ ڦل جا محبتي ماڻهو خالد ميمڻ، بخش علي چانڊيو کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ سماج سڌارڪن کي به گڏ ڪندا آهن پر سندس چاهيندڙن کي اها ڳالهه اصل ناهي وڻندي ته اهي سندن وقت وڃائين ۽ اهي ته فقط جلال چانڊيي جي راڳ جي انداز تي فدا هوندا آهن.
جلال چانديو ساهتي پرڳڻي جي ڦل شهر کان ٿورو ٻاهران سندس ئي نالي سان آباد ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو، اڄ ان ڳوٺ جو ڪوبه نانءَ نشان باقي ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سم ان ڳوٺ سميت سڄي علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، پر جلال چانڊيي جو نالو اڄ به لوڪ راڳ جي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيئن جرڪي رهيو آهي. اڄ ۱۰ جنوري تي سنڌ جي هن منفرد عوامي فنڪار جي ۱۹ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ جي اديباڻا ۽ دانشوراڻا خيال رکندڙ يا وري انڊين ۽ ڪلاسيڪل راڳ کان متاثر توڙي ڊسڪو موسيقي جي دنيا سان واسطو رکندڙ نوجوانن توڙي ماڻهن کي ڀلي جلال چانڊيو نه وڻي پر جڏهن به سنڌ ۾ لوڪ راڳ جي تاريخ لکي ويندي ته اها جلال چانڊيي جي نالي کانسواءِ اڻ پوري هوندي، ڇاڪاڻ ته جلال سنڌ جي ٻهراڙي جا اهي نوجوان جيڪي ڇاپرا هوٽلن تي ويهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي يا سڄي رات زمينون کيڙيندڙ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن سميت ٻهراڙي جي اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي پسنديده فنڪار آهي. هو يڪتاري ۽ چپڙي تي جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان سر ڇيڙيندو هو ته ماڻهن کي محفل ۾ مست ڪري ڇڏيندو هو. هزارين چاهيندڙ هوندي به هو ماڻهو مڻياندار هو، سادو ماڻهو ۽ ماڻهن سان گڏ جانورن سان پيار ڪندڙ انسان هو، هن جي اوطاق تي ڀلن گهوڙن، ڪڪڙن جون قطارون لڳل هونديون هيون. تتر پالڻ ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو به شوقين هو. سندس اوطاق ٻارهو ئي مهمانن سان ٽمٽار هوندي هئي، سڀني کي هڪجهڙي ماني ملندي هئي ۽ سڀني سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملڻ، چرچا، کل ڀوڳ ۽ ٽهڪ هن جي اندر جي سچائي جي شاهدي ڏيندا هئا.
جلال هڪ اڻ پڙهيو انسان هو، هڪ هاريءَ فيض محمد جو پٽ جنهن جهنگ ۾ مال چاريندي پنهنجي منهن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هن کي راڳ سان الستي عشق ٿي ويو، مال چارڻ کانپوءِ هن پنهنجي پيءَ جي صلاح سان نوان جتوئي ۾ هڪ درزي وٽ درزڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو ۽ درزي ٿيو، پر راڳ جي اڻ تڻ کيس اتي به سک سان ويهڻ سان نه ڏنو ۽ نيٺ درزڪو ڪم ڇڏي راڳ جي دنيا وسايائين ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس هاڪ پکڙجي وئي. وڏا شهپر، نرڙ تي سنڌي ٽوپي، يڪتارو، چپڙي، سڀني سان محبت ۽ نوڙت سان ملڻ سندس سڃاڻپ هئي.
جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، نور جهان، زبيده بيگم (يعني) پنجابي ڪلچر (موسيقي) ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، هوٽلن تي اهي ڪيسٽون ٻڌبيون هيون پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو، جيتوڻيڪ، شروع شروع ۾ ريڊيو، ٽي وي يا ڪيسٽ ڪمپنين وارا جلال چانڊيي جي راڳ کي ڪابه اهميت نه ڏيندا هئا، ان وقت جلال جا چاهيندڙ سندس محفلن، پروگرامن ۾ وڃي ڪيسٽون ڀري (رڪارڊ) ڪري ايندا هئا، جيڪي جهر جهنگ، هوٽلن ۽ گهرن ۾ وڄنديون هيون. جلال جي اهڙي مڃتا، چاهت ڏسڻ کانپوءِ نيٺ ڪمپنين پاران ڪيسٽون رڪارڊ ٿيڻ لڳيون ۽ کيس ريڊيو، ٽي وي تي گهرائي پڻ رڪارڊنگ ڪئي وئي، جلال جي آواز کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون جن اڳتي هلي نه صرف نالو ڪمايو، پر خوب ناڻو پڻ ڪمايو، جلال جي ميدان تي اچڻ تي يڪتاري وارو سنڌي راڳ ڄڻ ته زندهه ٿي پيو. اڄ به جلال جي انداز سان ڳائڻ وارن فنڪارن جي گهڻائي آهي پر اهو جلال ناهي ۽ جلال جي نالي تي کائڻ وارا گهڻائي فنڪار موجود آهن.
جلال چانڊيو غريب چاهيندڙن سان پيار ڪندڙ فنڪار هو، جنهن به غريب سندس در تي اچي صدا پهچي جلال ان جي ڪاڄ ۾ بنا پئسي جي ويندو هو ۽ پوندڙ پئسا به ان غريب کي ڏئي ايندو هو. هن شاهه لطيف جي شاعري کان وٺي استاد بخاري ۽ راشد مورائي سميت سنڌ جي خوبصورت شاعرن سان گڏ ولگر شاعرن کي به ڳايو ته هڪ فقير صفت انسان غلام حيدر گجو کي به تمام گهڻو ڳايو، غلام حيدر جنهن عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏيو انتهائي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي ان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي گهمائڻ ۽ سندس شاعري ڳائڻ سان گڏ ان کان ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرائيندو هو ۽ ان جي ڌنن ئي جلال کي شهرت جي چوٽي تائين پهچايو. جلال ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جو تعليمي خرچ به برداشت ڪندو هو، هو ميلا لڳائڻ جو شوق رکندو هو، جتي ملاکڙا ڪرائيندو هو ۽ کٽيندڙن کي مينهون انعام ڏئي همت افزائي ڪندو هو. جلال چانڊيو جي زندگي تي سن ۱۹۸۵ع ۾ مشهور ڊائريڪٽر شاهه اسد فلم “جلال چانڊيي” به ٺاهي، ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هيرو طور کنيو. ان فلم مقبوليت سان گڏ سٺو ناڻو پڻ ڪمايو.
جلال ڪافي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، مڃتا ماڻڻ سان گڏ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گڙدا ختم ٿي وڃڻ ڪري هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.



جلال چانڊيو

جنھن کان سواءِ سنڌي لوڪ راڳ جي تاريخ اڌوري آھي

زاھد راڄپر

جيتوڻيڪ، جلال چانڊيو کي اسان کان وڇڙئي اڄ ۱۹ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به سندس شهر ۾ سندس نالي سان ميڙاڪو ٿئي ٿو ته چاهيندڙن جا انبوهه پهچي وڃن ٿا، هن جو اولاد ۽ ڦل جا محبتي ماڻهو خالد ميمڻ، بخش علي چانڊيو کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ سماج سڌارڪن کي به گڏ ڪندا آهن پر سندس چاهيندڙن کي اها ڳالهه اصل ناهي وڻندي ته اهي سندن وقت وڃائين ۽ اهي ته فقط جلال چانڊيي جي راڳ جي انداز تي فدا هوندا آهن.

جلال چانديو ساهتي پرڳڻي جي ڦل شهر کان ٿورو ٻاهران سندس ئي نالي سان آباد ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو، اڄ ان ڳوٺ جو ڪوبه نانءَ نشان باقي ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سم ان ڳوٺ سميت سڄي علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، پر جلال چانڊيي جو نالو اڄ به لوڪ راڳ جي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيئن جرڪي رهيو آهي. اڄ ۱۰ جنوري تي سنڌ جي هن منفرد عوامي فنڪار جي ۱۹ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ جي اديباڻا ۽ دانشوراڻا خيال رکندڙ يا وري انڊين ۽ ڪلاسيڪل راڳ کان متاثر توڙي ڊسڪو موسيقي جي دنيا سان واسطو رکندڙ نوجوانن توڙي ماڻهن کي ڀلي جلال چانڊيو نه وڻي پر جڏهن به سنڌ ۾ لوڪ راڳ جي تاريخ لکي ويندي ته اها جلال چانڊيي جي نالي کانسواءِ اڻ پوري هوندي، ڇاڪاڻ ته جلال سنڌ جي ٻهراڙي جا اهي نوجوان جيڪي ڇاپرا هوٽلن تي ويهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي يا سڄي رات زمينون کيڙيندڙ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن سميت ٻهراڙي جي اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي پسنديده فنڪار آهي. هو يڪتاري ۽ چپڙي تي جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان سر ڇيڙيندو هو ته ماڻهن کي محفل ۾ مست ڪري ڇڏيندو هو. هزارين چاهيندڙ هوندي به هو ماڻهو مڻياندار هو، سادو ماڻهو ۽ ماڻهن سان گڏ جانورن سان پيار ڪندڙ انسان هو، هن جي اوطاق تي ڀلن گهوڙن، ڪڪڙن جون قطارون لڳل هونديون هيون. تتر پالڻ ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو به شوقين هو. سندس اوطاق ٻارهو ئي مهمانن سان ٽمٽار هوندي هئي، سڀني کي هڪجهڙي ماني ملندي هئي ۽ سڀني سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملڻ، چرچا، کل ڀوڳ ۽ ٽهڪ هن جي اندر جي سچائي جي شاهدي ڏيندا هئا.

جلال هڪ اڻ پڙهيو انسان هو، هڪ هاريءَ فيض محمد جو پٽ جنهن جهنگ ۾ مال چاريندي پنهنجي منهن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هن کي راڳ سان الستي عشق ٿي ويو، مال چارڻ کانپوءِ هن پنهنجي پيءَ جي صلاح سان نوان جتوئي ۾ هڪ درزي وٽ درزڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو ۽ درزي ٿيو، پر راڳ جي اڻ تڻ کيس اتي به سک سان ويهڻ سان نه ڏنو ۽ نيٺ درزڪو ڪم ڇڏي راڳ جي دنيا وسايائين ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس هاڪ پکڙجي وئي. وڏا شهپر، نرڙ تي سنڌي ٽوپي، يڪتارو، چپڙي، سڀني سان محبت ۽ نوڙت سان ملڻ سندس سڃاڻپ هئي.

جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، نور جهان، زبيده بيگم (يعني) پنجابي ڪلچر (موسيقي) ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، هوٽلن تي اهي ڪيسٽون ٻڌبيون هيون پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو، جيتوڻيڪ، شروع شروع ۾ ريڊيو، ٽي وي يا ڪيسٽ ڪمپنين وارا جلال چانڊيي جي راڳ کي ڪابه اهميت نه ڏيندا هئا، ان وقت جلال جا چاهيندڙ سندس محفلن، پروگرامن ۾ وڃي ڪيسٽون ڀري (رڪارڊ) ڪري ايندا هئا، جيڪي جهر جهنگ، هوٽلن ۽ گهرن ۾ وڄنديون هيون. جلال جي اهڙي مڃتا، چاهت ڏسڻ کانپوءِ نيٺ ڪمپنين پاران ڪيسٽون رڪارڊ ٿيڻ لڳيون ۽ کيس ريڊيو، ٽي وي تي گهرائي پڻ رڪارڊنگ ڪئي وئي، جلال جي آواز کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون جن اڳتي هلي نه صرف نالو ڪمايو، پر خوب ناڻو پڻ ڪمايو، جلال جي ميدان تي اچڻ تي يڪتاري وارو سنڌي راڳ ڄڻ ته زندهه ٿي پيو. اڄ به جلال جي انداز سان ڳائڻ وارن فنڪارن جي گهڻائي آهي پر اهو جلال ناهي ۽ جلال جي نالي تي کائڻ وارا گهڻائي فنڪار موجود آهن.

جلال چانڊيو غريب چاهيندڙن سان پيار ڪندڙ فنڪار هو، جنهن به غريب سندس در تي اچي صدا پهچي جلال ان جي ڪاڄ ۾ بنا پئسي جي ويندو هو ۽ پوندڙ پئسا به ان غريب کي ڏئي ايندو هو. هن شاهه لطيف جي شاعري کان وٺي استاد بخاري ۽ راشد مورائي سميت سنڌ جي خوبصورت شاعرن سان گڏ ولگر شاعرن کي به ڳايو ته هڪ فقير صفت انسان غلام حيدر گجو کي به تمام گهڻو ڳايو، غلام حيدر جنهن عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏيو انتهائي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي ان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي گهمائڻ ۽ سندس شاعري ڳائڻ سان گڏ ان کان ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرائيندو هو ۽ ان جي ڌنن ئي جلال کي شهرت جي چوٽي تائين پهچايو. جلال ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جو تعليمي خرچ به برداشت ڪندو هو، هو ميلا لڳائڻ جو شوق رکندو هو، جتي ملاکڙا ڪرائيندو هو ۽ کٽيندڙن کي مينهون انعام ڏئي همت افزائي ڪندو هو. جلال چانڊيو جي زندگي تي سن ۱۹۸۵ع ۾ مشهور ڊائريڪٽر شاهه اسد فلم “جلال چانڊيي” به ٺاهي، ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هيرو طور کنيو. ان فلم مقبوليت سان گڏ سٺو ناڻو پڻ ڪمايو.

جلال ڪافي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، مڃتا ماڻڻ سان گڏ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گڙدا ختم ٿي وڃڻ ڪري هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.


 

جلال چانڊيو

سنڌيانا

جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو ۱۹۴۸ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو. پاڻ مشهور عوامي راڳي هو. جلال چانڊيو نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. سندس مائٽ مالوند ماڻهو هئا، جنهن ڪري هن ننڍي هوندي مال چاريو. شروع کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو ۽ مال چاريندي پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو هو. جڏهن ٿورو وڏو ٿيو ته مائٽن کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو. جنهن کان پوءِ کيس اوچتو عشق جي چوٽ لڳي ويئي ۽ هن درزڪو ڌنڌو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو.

راڳ جي باقاعدي سکيا ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائيندڙن کي تمام گهڻي مقبوليت هئي. جلال جي انوکي انداز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهرجهنگ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاھ سڏيو ويو. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسيٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪو نه ٿا، پاڪستان جي چئني صوبن کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا اتي کيس ٻڌو وڃي ٿو.

ويهين صديءَ ۾ ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي کان پوءِ جلال چانڊيو سنڌ ۾ اهڙو عوامي فنڪار پيدا ٿيو، جنهن ٻهراڙيءَ توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي اوج ڏياريو. پاڻ سنڌ جو پهريون فنڪار آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس حياتي تي فلم “جلال چانڊيو” ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس اوارڊ به مليو.

اڄ جا ڪيترا ئي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال، آخري جلال، گرم جلال، سهڻو جلال وغيره سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري، سندس ڳايل ڪافيون ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا. هن جي هر ڪيسيٽ هٿوهٿ کپي ويندي هئي. کيس جيڪڏهن ڪو شادي وغيره جي تقريب ۾ راڳ ڳائڻ لاءِ گهرائيندو هو ته ان لاءِ شادي جي تاريخ اڳواٽ جلال کان مقرر ڪرائڻي پوندي هئي. جڏهن شادي مرادي جي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ پهچندو هو ته جلال جو ٻڌي ٻيڻا ٽيڻا غير دعوتي ماڻهو اچي نڪرندا هئا ۽ ميزبان لاءِ ماني کارائڻ به ڏکيو ٿي پوندو هو. جلال چانڊيي جو حافظو به تمام سٺو هو. اڻ پڙهيل هوندي به کيس نون پراڻن سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، گيت، غزل، وايون، بيت، ڏوهيڙا وغيره ياد رهندا هئس.

اڄ جا اڪثر راڳي ڳائڻ مهل پنهنجي سامهون شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا ڪاپي کولي ويهندا آهن، پر جلال جڏهن ڳائيندو هو ته دل جو دفتر کولي ويهندو هو، ڪلام ۽ ڏوهيڙا چوندو ويندو هو. سندس ڳائڻ ۽ يڪتاري چپڙي وڄائڻ جو انداز پڻ من موهيندڙ هوندو هو. سندس آواز لچڪدار ۽ وڻندڙ هو. سندس آواز جو اهو جادو آخر تائين قائم ر هيو.

قداور جسم، بت ۾ ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارا ڀنڀور ۽ وڏا شهپر. مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ وڏي پتلي سان سوني زنجير، ٻانهن ۾ گهڙي پاتل، سنڌي پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هڪ هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون کڻي اسٽيج تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهو جهومي پوندا هئا. هو ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ جو راڳي هو. جلال چانڊيي جي پيرن فقيرن سان به وڏي عقيدتمندي هئي. شاهپور جهانيان جي مهدي شاھ کي پنهنجو مرشد ڪيائين. ان کانسواءِ پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو درگاھ نور شاھ سميت شاھ لطيف، قلندر شهباز، سچل سرمست، ڄام ڏاتار ۽ ٻين بزرگن جي درگاهن تي حاضر ٿي وڏي چاھ سان ڳائيندو هو. پاڻ نهايت يار ويس، مهمان نواز، خوش مزاج جوان هو، ڀلا گهوڙا ۽ مينهون ڌارڻ سندس مشغلو هو.

سندس فني خدمتن عيوض کيس ڪيترا ئي انعام اعزاز پڻ مليا، جن ۾ سنڌ سرڪار پاران ۱۹۹۹ع ۾ کيس مليل ’لطيف اوارڊ’به شامل آهي، عوام طرفان به سندس ڪافي قدرداني ٿي هئي. لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادريءَ پاران کيس سونو تاج پارايو ويو. ڪيترا ئي ڀيرا دبئي، مسقط ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن خاص طرح سان اتي گهرائي، ساڻس محفلون مچائي کيس وڏن انعامن اڪرامن سان نوازيو. گڙدن جي بيماريءَ سبب ۲۰۰۱ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جو هيءُ واحد فنڪار هو، جنهن جي جنازي تي چار هزار اجرڪ پيا.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تي رکيل)


 

جلال چانڊيو

جلال جو جلوو ۽ جمال

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

ايڪويھ سال اڳ جلال چانڊئي جي موت سان ڪلا جي ڪائنات جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي هئي سندس موت کيس هميشه جي لاءِ جوان جماڻ تصور سان امر ڪري ويو. جلال چانڊيو سنڌ جو اهڙو فنڪار جنهن پوري هڪ صديءَ جي چوٿين حصي جيترو وقت سنڌي ماڻهن جي دلين تي نه صرف راڄ ڪيو پر کين يڪتاري چپڙي جي سحر ۾ اهڙو قابو ڪيو جو سنڌي ماڻهن نه صرف غيرسنڌي فنڪارن مان هٿ ڪڍيا پر وڏي عرصي وقت جلال کي پنهنجي دلين جو بادشاھ بڻائي رکيو. اهو جلال ئي هو جنهن جون محفلون ٻڌندڙن کي اهو احساس ئي نه ڏيارينديون هيون ته رات کٽي ۽ پرھ ڦٽي وئي آهي جنهن جي آڊيو ڪيسٽن مارڪيٽ ۾ ڪيسٽن جي ڪاروبار کي زندھ رهڻ جا جواز فراهم ڪري ڏنا.

ھو جڏهن يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي پنهنجي لچڪ دار آواز ۾ سر راڻي کي ڳائيندو ھو ته سندس آواز اڀ کي ڇھندو هو. ھن جي آواز تي پنڊال ۾ موجود سوين هزارين ماڻهن جي دلين کي ڌوڏي وجھندو ھو. جڏهن جلال پنهنجي مخصوص انداز ۾ مومل راڻي جا گيت قصا ڳائيندو سنڌ جي واھڻ ۽ وستين ۾ ڪنهن للڪار جيان لھرائيندو ھو ته ان وقت ٻهراڙي ۾ عشق جو ماريل ڪومايل دليون ٻھڪي اٿنديون ھيون ۽ محبتن جو انوکو جھان جڙي پوندو ھو. ھن جي لچڪدار آواز ۾ تلوارن جو تيج ھو. سنڌ جڏهن پنهنجي گائيڪيءَ جا پراڻا ورق ورائيندي ته سنڌي راڳ جو هڪ نانءُ آسمان تي صدا روشن ستاري جيان جرڪندو رھندو. جلال جي مداحن جو انگ لکن ۾ هو جن کي راڳ جي الف بي جي به خبر نه هئي پر هو جلال جي هر نئين ايندڙ البم جو انتظار ايئن ڪندا هئا جيئن اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڳوٺاڻا ڳڀرو عاشق محبوبا جي نياپي جو انتظار ڪندا آهن.

جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي، عنايت حسين ڀٽي، ميڊم نور جهان، ڌاڪو ڄمائي رکيو هو، پر جلال جي منفرد انداز ۽ سريلي آواز انهن سڀني غير مقامي ٻولين کي هوٽلن ۽ محفلن مان تڙي ڪڍيو ۽ اتي بعد ۾ جلال جون ڪيسٽون وڄڻ لڳيون. ۸۵-۱۹۹۰ واري دور ۾ انگريزي مهينن جي پهرين تاريخن ۾ جلال جا البم ايندا هئا جيڪي هٿو هٿ وڪامجي ويندا هئا هر ماڻهو خاص ڪري سڀ هوٽلن وارا جلال جو نئون البم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جلال جو البم حاصل ڪندڙ هوٽل مالڪ جي گراهڪي وڌي ويندي هئي ماڻهو پاڻ کي ايئن خوش نصيب سمجهندا هئا جيئن ڪڻي ۾ ڪنهن جي وي سي نڪري پئي، نه صرف ايترو پر جلال جا مداح پهرين تاريخن ۾ جلال جي نئين البم جو انتظار ايئن ڪندا هئا جيئن سرڪاري ملازم پوئين تاريخن ۾ پگهار جو ڪندا آهن.

جلال چانڊيو ولد حاجي فيض محمد چانڊيو ۱۹۴۸ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ ڄائو جلال چانڊيو نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. نصرت ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي ٻڪريون چاريندي جلال کي ان عمر عشق جي لوري لڳي جنهن عمر سنڌي ٻارن کي نڪ هيٺان مڇن جي ساول لهڻ شروع ٿيندي آهي منهن تي ڦٽندڙ موهيڙا جوانيءَ اچڻ جو اعلان ڪندا آهن جلال به ان عمر ۾ ٻڪريون چاريندي پنهنجي منهن جهونگارڻ شروع ڪيو ۽ ست ئي کيس شاهپور جهانيا جي هڪ صوفي آستان تان کيس راڳ جو نئون گس مليو ۽ سندس آواز لهجي سنڌ ۾ مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتر کان لاڙ تائين سنڌ جي هزارين ڳڀرن نوجوانن جي شادين جون تاريخ راڄن جي چڱن مڙسن بدران جلال پاڻ ٻڌندو هو. سنڌ ۾ سوين اهڙا گهوٽ هوندا جن شادي ته پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي پر سندن شاديءَ جي تاريخ جلال جي مرضي سان مقرر ٿي.

راڳ جي باقاعدي سکيا گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو ۽ پوءِ استاد جي اجازت سان ۱۹۷۳ع کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي هن جي ڳائڻ واري نرالي انداز ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهرجهنگ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاھ سڏيو ويو. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا. جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسيٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪو نه ٿا، پاڪستان جي چئني صوبن کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي رهن ٿا اتي کيس ٻڌو وڃي ٿو. سنڌ جو پهريون فنڪار آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ئي سندس حياتي تي فلم “جلال چانڊيو” ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس ايوارڊ به مليو.

اڄ جا ڪيترا ئي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي اوچتو جلال، ننڍو جلال، آخري جلال، سرڪش جلال، سهڻو جلال وغيره سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري، سندس ڳايل ڪافيون ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار آهي، جنهن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا جلال نهايت يار ويس مهمان نواز، خوش مزاج انسان هو، ڀلا گهوڙا ۽ ڪنڍيون مينهون ڌارڻ سندس شوق هو. گڙدن جي بيماريءَ سبب ۲۰۰۱ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ جو هيءُ واحد فنڪار هو، جنهن جي جنازي تي ۵ هزار اجرڪ پيا هزارين سوڳوار ماڻهن جي حفاظت لاءِ پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. اڄ جلال چانڊيو ته ناهي پر اڄ ٻهراڙيءَ جي ٻنيءَ تي هر هلائيندڙ ٽريڪٽر ۾ جڏهن سندس آواز ۾ ڪو ڪلام گونجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو جلال جي آواز کي ڪڏهن به پوڙهائپ جو گگهو آواز ميساري نٿو سگهي. اسانجي ذهنن ۽ سوچ ۾ سمايل جلال جي چهري کي ڪڏهن به وڌندڙ عمر جا گُھنجَ ڌُنڌلو نٿا ڪري سگهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

جلال چانڊيو

(راڳ ۽ ورچوئل ميلو - ايڪويهين ورسيءَ جي مناسبت سان)

صاحب خان ڀنڊ

ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي گڏجي ڪري ڪنهن علائقي اندر رنگا رنگي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وجهن ٿيون، جنهن ذريعي ان مخصوص جاگرافي رکندڙ خطي جي قوم انهي حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. سنڌ اندر موسيقي پڻ موهن جي دڙي جي دور کان وٺي هن خطي جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اُهڃاڻ رهي آهي. جيئن عام طور تي ڪتابن ۾ سياسي، حڪومتي ۽ ادبي دور پڙهيا ۽ پڙهايا ويندا آهن، تئين ئي موسيقي جا به اهڙا دور ٿين ٿا جو ڪٿي ڪو سريلو ساز ۽ آوز ڪنن تي پوي ٿو ته فوري طور تي ان دور جو نمايان فنڪار ياد اچي وڃي ٿو. جيئن جوڳي، جگر يا آخري جلال جو ڪو ڪلام ٻُڌجي ٿو ته ازخود زبان مان اهو نڪري وڃي ٿو ته ”ڇا ته جلال چانڊئي جو به دور هو. “

سنڌ اندر سنگيت ۾ به ڪي اهڙا ناليوارا فنڪار ٿي گُذريا آهن جن راڳ جي دنيا تي راڄ ڪيو. اهڙي طرح ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ موسيقي جي دنيا ۾ باقاعدگي سان پير پائيندڙ جلال چانڊيو ۳ ڏهاڪن کان وڌيڪ سنڌ جي سنگيت جي دنيا جو بي تاج بادشاھ رهيو. سندس آواز سنڌ جي سرحدن کان ٽپي ڪري نه صرف بلوچستان جي ڊيرا مُراد جمالي (ٽيپل)، مڪران ۽ لس ٻيلي جي ماڻهن تائين پهتو پر ڪيتري عرصي تائين ڏکڻ پنجاب جي صادق آباد ۽ ملتان جا ماڻهو به سندس راڳ ۽ خاص طور تي سرائيڪي ڪلامن جا شوقين ۽ عاشق رهيا.

جلال چانڊئي جو جنم ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري تعلقي موري، ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”هڙپال جي هٽ”۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو، ۱۰ مارچ ۲۰۰۱ع ۾ جلال پڄاڻان هاڻي اهو ڳوٺ جلال چانڊئي جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي هُن جي ابدي آرام گاھ آهي.

جيڪڏهن سنڌي ادب جيان موسيقي جا دور به پڙهيا، لکيا يا پڙهايا وڃن ها ته يقينن جلال چانڊئي واري دور کي ”چپڙي ۽ يڪتاري”واري دور سان ياد ڪيو وڃي ها، پر بدقسمتي سان اسان وٽ مزاح ۽ موسيقي کي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ ڪافي حد تائين پڙهيو ته وڃي ٿو پر ان بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. راڳ رنگ جي دنيا ۾ جلال جي اچڻ کان اڳ ٻهراڙي جي ڳوٺن، هوٽلن توڙي زرعي زمينن کي کيڙيندڙ ٽريڪٽرن ۾سنڌي فنڪارن جي ڀيٽ ۾ اڪثر عطاءُ الله نيازي، مئڊم نورجهان، رفيع توڙي ڪٿي ڪٿي عنايت ڀٽي کي ٻُڌو ويندو هو پر جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ هڪ ڪيسٽ ڪمپني پاران تيار ٿيل ”هل نه مِٺو ايڏي لوڏ ڪري”جي ٽائيٽل سانگ سان جڏهن جلال چانڊئي سنڌ اندر موسيقي جي دنيا ۾ باقاعده انٽري ڏني ته ان جي مقبوليت اڄ جي ڪنهن بالي ووڊ جي فلمي ائٽم سانگ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. اهڙي طرح جلال سنڌي موسيقي جو هڪ نئون دور رقم ڪري چپڙي ۽ يڪتاري تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائي سنڌي جديد ۽ نج راڳ کي نه صرف جهر جهنگ عام ڪيو پر سنڌ جي ميوزڪ انڊسٽري ۾ هڪ نئون معاشي روح ڦُوڪيو. جلال چانڊئي جو خانداني پس منظر راڳ رنگ کان ڪوهين دور هو ۽ سندس والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مشهور مالوند هئا تنهنڪري جلال جي ٻاراڻي وهي ۾ ابي ڏاڏي وري ڪرت مال چارڻ ۾ گُذاري، بعد ۾ سندس والد درزڪو ڪم سکڻ لاءِ مورو شهر موڪليو، جتي جلال ڪجھ عرصو ماڻهن جا ابتا سُبتا ڪپڙا سبي وري واپس ٻيهر چوپائي مال جو ڌنار ٿيو. جلال کي راڳ رنگ جو شوق درزڪي ڪم جي سکڻ دوران ريڊيو ۽ ٽيپ تي مختلف فنڪارن جي ٻُڌڻ سان ٿيو هو، جڏهن ٻيهر ڳوٺ مال چارڻ ويو ته اتي جهر جهنگ ۾ پنهنجي مست آواز ۾ ڳائيندو رهيو. پهريون دفعو پنهنجي علائقي جي پير جي ميلي تي جڏهن جلال محفل مچائي ته اصل جاڏي تاڏي واھ واه ٿي وئي ۽ علائقي واسين سندس والد کي به جلال پاران ميلي تي محفل لُٽڻ جو قصو ٻڌايو ته پوءِ والد کيس ڳائڻ جي اجازت ڏني، ان کان اڳ والد سندس ڳائڻ جو سخت مخالف هو. جلال چانڊئي راڳ ۽ ساز جي ميلاپ کي باقاعدگي سان سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ گهوٽڪي واسي استاد علي گُل مهر کان ڌاڳو ٻڌائي شاگرد ٿيو، پوءِ جلال چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ميلن ۽ شادين جي محفلن کي پنهنجي مخصوص آواز ۽ انداز سان ڳائي ڪري محفلون لُٽيندو رهيو. ڪيترن ئي وڏن وڏن ميلن تي وڏن فنڪارن جي محفل ۾ مفت انٽري هوندي به ماڻهو پئسا ڀري جلال چانڊئي کي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ايندا هئا. جلال چانڊيو راڳ سکڻ بعد پهريون دفعو سمن سرڪار جي ميلي تي ”اڄ سُڃاڻي ڇو نٿو ڪو ڏهاڙو ياد ڪر، دل سڙي وئي يار جاني دل سڙي جو داد ڪر”ڳايو ته جلال سڄي سنڌ اندر مشهور ٿي ويو. هن ملڪ کان ٻاهر لنڊن، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به محفلون مچائي ڀرپور داد وصول ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف درگاهن تي سالياني ميلن تي سندس راڳ کي بيحد ساراهيو ويو. جلال چانڊيو کي لطيف ايوارڊ توڙي ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ مليا.

چپڙي ۽ يڪتاري جو بي تاج بادشاھ جلال چانڊيو نه صرف راڳ پنهنجي مخصوص ۽ نئين انداز ۾ ڳائيندو هو پر سندس شخصيت به منفرد هئي، سندس جسماني بناوٽ ۾ هُو وڏو قد بُت رکندڙ هو ۽ جڏهن نراڙ تي ٽوپي، ڳچي ۾ سونو لاڪيٽ، ٻانهن ۾ راڊو واچ پائيندو هو ته سندس شخصيت هڪ ملھ پهلوان جو ڏيک ڏيندي هئي ۽ پرستارن پاران کيس دلين جو ڌاڙيل طور پڻ سڏيو ويندو هو. ڄامشورو ۾ پڙهائي ۽ ڪڙهائي واري دور ۾ جڏهن اسانجو هڪ ٻيو دوست ڪئبن تان سگريٽ وٺي پوءِ ان ساڳي ڪئبن تان جلال جو فرمائشي ڪلام “او ڳنڍي نيهن ناتو نڀائڻ نه آئين، او رئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آئين ” هلرائيندو هو ته ساڳي يونيورسٽي ۾ پنهنجي ان ڳوٺاڻي محبوبه کي ياد ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندو هو، جيڪا يونيورسٽي جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ وڃي مائٽن جي زور تي هڪ ڌنار سان شادي رچائي. جلال چانڊيو ته ان منهنجي هم ڪلاسي خيرپور ناٿن (ڪي اين) شاھ ۽ اتي ئي هڪ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد حفيظ گاڏهي اڃان به هن جديد دور ۾ پنهنجي سمارٽ فون تي يوٽيوب تي اهو ساڳو ڪلام “گج گج گوڙ ڪاڇا ٻُوڙ، يار وطن ول آوي. . ” سرچ ڪري ٻڌي ٿو جنهن جي ٻڌڻ سان هو يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ڏينهن ۽ هاسٽلن جي راتن واري ان پراڻي يادن (ناسٽلجيا) واري دور ۾ گم ٿي وڃي ان دور جي پنهنجي ان جيڪب آباد واسي عاشق مزاج دوست راجا سليم کرل کي پڻ ياد ڪريٿو جيڪو هاڻي خضدار، بلوچستان جي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جو پروفيسر مقرر ٿيل آهي. اسانجي عاشقي ۽ اُداسي واري دور جو هڪ ٻيو دوست به جلال کي اصل ڏينهن رات ٻڌندو هو جيڪو اڪثر يونيورسٽي جي ان دور ۾ پنهنجي هاسٽل جي روم ۾ به ساڳو ڪلام “سڄڻ ٻئي گڏ هوندا هئاسين هل اهي ڏينهن به هوندا هئا، سڏيندو هئين پاڳل اهي ڏينهن به هوندا هئا. ” وڏي آواز ۾ لڳائي پاڻ ڪمري جي سامهو لان ۾ واڪ ڪرڻ بعد هڪ بينچ تي بيچيني ۽ اُداسي واري ڪيفيت ۾ سگريٽ جا ڪش هڻندي بار بار ٻڌندو هو. اڪثر دوستن جي عشق ۽ معشوقي جي قصن ۽ ڪهاڻين جو آئون همراز هوندي به هن دوست جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي ته اصل قصو ڪهڙو هو. فوجي ڇاوڻين ۾ رهندڙ اسانجي علائقي جا اهي فوجي جوان اڄ به جلال جا ڪلام ٻُڌن ۽ گونجارين ٿا جن پنهنجي اسڪول واري دور ۾ جڏهن جهر جهنگ وڃي گاھ پٺو ڪندي “ڳنڍي نينهن ناتو نڀائڻ نه آئين، روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آئين” ڳائيندا هئا ته پري پري تائين سندن آواز پهچندو هو. هڪ ڏينهن به اسڪول نه ويندڙ جلال چانڊيو راڳ جي دنيا ۾ مختلف ميلن، شادي تقريبن توڙي ڪئسيٽن ۾ ۱۰ هزار گانا ياد ڪري يڪتاري ۽ چپڙي جي جديد ۽ انوکي انداز ۾ ڳايا، هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندڙ شاگرد پڻ پيدا ڪيا، جن ۾ دلبر جلال، جوڳي جلال، جگر جلال، آخري جلال، گرم ۽ مست جلال ۽ ٻيا پڻ شامل آهن. جهڙي ٿئي مست جواني يا اڄوڪي رات رهي پئو جهڙا هاٽ ۽ فاسٽ ٽريڪ ڏيندڙ جلال چانڊئي کِلڻ تي ڪو به خوش ناهي، روئڻ تي آهي پابندي، جهڙا ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل راڳ سان گڏ شاھ لطيف جي شاعري پڻ ڳائي. جلال چانڊيو پنهنجي حياتي جي آخري حصي ۾ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ اسپتالن اندر سرڪاري دوائن کان بيزار ۽ مايوس ٿي ڪري دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ گاجي شاھ جي مشهور درگاھ تي ڌاڳي ۽ ڦيڻي واري عام رواجي علاج تي ڀائنڻ لڳو پر سندس ئي ڪلام ”ڪنهن ته نڀاڳي نظر ماري، ٽُٽ ڳئي تيڏي ميڏي ياري”جيان حياتي ساٿ ڪونه ڏنو ۽ ۱۰ جنوري تي هن فاني دنيا مان موڪلائڻ سان گڏ سندس راڳ سان پڻ ياري ٽُٽي وئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي، عبرت ۽ ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


 

جلال چانڊيو

يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاج بادشاهه

محمد خالد ميمڻ

جلال چانڊئي جو جنم ۱۰ آگسٽ ۱۹۴۴ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جو هٽ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو، سندس ڪابه تعليم نه هئي، پر سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو، ڪنهن به ڪلام کي هڪ دفعو ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس بر زبان ياد ٿي ويندو هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. هن راڳ سر لئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني گبول گهوٽڪيءَ جو رهواسي هو. جلال چانڊيو ۽ سندس والدين درگاهه نانگو شاهه غلام شاهه جا مريد هئا، پاڻ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ مصر جي واءِ ڀرسان لڏي ويٺا. چون ٿا ته دشمنيءَ سبب گهر کي باهه لڳي ۽ الهه تلهه سڙي ويو. ان بعد موري شهر ۾ ٻانڌي روڊ تي مسواڙي جڳهه وٺي رهائش اختيار ڪيائين.

موري ۾ رهائش بعد ڊراما نگار استاد محمد صديق پرهياڙ ڊراما ڪرائيندو هو، جن ۾ پڻ جلال راڳ ڳائيندو هو. جلال چانڊئي پنهنجو راڳ چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائڻ شروع ڪيو. سنڌي موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ چپڙي ۽ يڪتاري جو استعمال اڪثر ڪري سنڌ جي صوفي درگاهن تي صوفي راڳي ڪندا هئا. ان دور ۾ فقير خادم حسين، ڍول فقير، فقير عبدالغفور ۽ ٻيا يڪتاري تي ڳائي محفلن ۾ رونقون بخشيندا هئا. اهڙيءَ طرح ٻيا به ان ئي دور ۾ درگاهن، خانقاهن ۽ اوتارن تي چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندا وڄائيندا هئا. جلال جي راڳ جي پهرين ڪيسٽ پارس ڪمپنيءَ طرفان ۱۹۷۰ع ڌاري جاري ٿي، جنهن جي شاعري افضل سولنگي جي هئي.

عوامي انداز ۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق کي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته انهن ئي ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهو جلال کي بيحد پسند ڪيو ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت جو سبب اهو آهي جو مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو، ان ڪري ماڻهو پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو.

جلال چانڊيو ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا. جلال چانڊيو ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيون ۽ ۳۰ کان ۴۰ هزار ڪلام ڳايائين.

۱۹۹۹ع ڌاري کيس اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائودپوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين. ۱۹۸۵ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاهه اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيس.

جلال جي عام ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترين ئي ڪيسٽ ڪمپني مالڪن فائدو ورتو ۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائيءَ وڃڻ بعد انهن ڪابه سار سنڀال نه لڌي. هو سڌي پڌري راڳ ڳائيندو هو. جيترو ڳرو آواز اوترو مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تل، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي، راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين. استاد منظور علي خان هڪ ڀيري کيس چيو ته جلال راڳ نه پر ڀاڳ ٿو ڳائي. راڻو جهڙو هن ڳايو اهڙو اهڙو ڪنهن نه ڳايو.

جلال چانڊيو جي وڇوڙي کان وٺي سگا ڦل شاخ جلال چانڊيو يادگار ڪاميٽي ۽ سندس اولاد هر سال ۱۰ جنوري تي سندس آخري آرام گاهه ڦل شهر ۾ سندس ورسي تقريب ملهائيندا آهن، پر هاڻي ڪجهه سالن کان اهي به ورسي سادگيءَ سان صرف سندس مزار تي چادر چاڙهي ملهائين ٿا. جلال جي مداحن جو مطالبو آهي ته ثقافت کاتو جلال چانڊيو جي ورسي سندس جي وڇوڙي جي تاريخ تي ڦل شهر ۾ ملهائي. ڇوته ان تاريخ تي سندس مداح ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان بنا ڪنهن دعوت جي پهچي ويندا آهن ۽ ان تاريخ تي ڦل شهر ۾ ميلي جو سمان هوندو آهي. جيڪڏهن ثقافت کاتو ان تاريخ تي ورسي ملهائي ته بهتر ٿيندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



جلال چانڊيو

يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاهه فنڪار

پرويز علي ڪليار

هن سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي املهه ماڻڪ موتين جو جنم ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهي ٿو. اهڙن ماڻڪ موتين مان يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو به هڪ هو. جلال چانڊيي جو جنم ۱۹۴۸ع ۾ نوشهروفيروز جي علائقي ڦل ڀرسان ڳوٺ هرپال جو هٿ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي فيض محمد چانڊيو هو. جلال چانڊيو سنڌ جو مشهور عوامي راڳي هو. جلال چانڊئي کي ننڍپڻ کان وٺي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. پاڻ مال چارڻ دوران مختلف ڪلام پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو رهندو هو. جلال چانڊيونوان جتوئي جي شهر ۾ درزڪو ڪم سکڻ جي لاءِ پڻ ويو هو. جتي کيس اهڙي ته چاهت جي چوٽ لڳي جو هو راڳ جي دنيا ۾ پاڻ کي اڙائي ويٺو. جلال چانڊئي شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي استاد فقير علي گل مهر ميرپورماٿيلو واري کان ورتي جنهن بعد هن ۱۹۷۳ع کان باقاعده نرالي انداز سان يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ شروع ڪيو. سندس آواز ۾  اهڙي ته درديلي گجگوڙ هئي جو هو ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندو هو. جڏهن جلال چانڊئي، ۱۹۸۳ع ڌاري راڳ جي شروعات ڪئي هئي. تنهن وقت سنڌ جي هر وستي واهڻ ۾ ان وقت جي مشهور اردو ۽ پنجابي فنڪارن ميڊم نورجهان، عطاءَ الله خان عيسوي خيلوي، ريشمان، شوڪت علي ۽ ٻين جو وڏو اثر هو پر جلال چانڊيو جي راڳ اهڙي ته عوامي مقبوليت حاصل ڪئي جو سنڌ مان اردو ۽ پنجابي راڳين کي مڪمل طور تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ جهر جهنگ ۾ جلال جلال لڳي مقوليت هوندي هئي. جلال چانڊيو جي مٿان عزت شهرت ۽ دولت جي ديوي ايتري ته مهربان ٿي وئي جو کيس فرش کان کڻي عرش تي پڄائي ڇڏيو ۽ سندس مقبوليت جي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ هاڪ هلي رهي هئي. مرحوم جلال چانڊئي کي سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه جو لقب مليل آهي. مرحوم جلال چانڊئي کي راڳ جي ته ايتري ڄاڻ نه هئي پر سندس آواز ۾ اهڙو انوکو درد سمايل هو جو کيس ايتري ته شهرت نصيب ٿي جيڪا وقت جي وڏن وڏن راڳين کي نه ملي سگهي. جلال چانڊيو جون رڪارڊ ڪيل هزارين ڪيسٽون سڄي سنڌ سميت پنجاب سرحد ۽ بلوچستان ۾ اڄ به وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ ويهين صدي ڌاري ماسٽر چندر، ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي ۽ ٻين راڳين کي وڏي عوامي مقبوليت حاصل هئي جنهن کان پوءِ جلال چانڊيو اهو واحد فنڪار هو جنهن کي وڏي عوامي مقبوليت ملي ۽ هن سنڌي راڳ کي جهر جهنگ ۾ ڪري ڇڏيو جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد عوامي مقبوليت رکندڙ راڳي هو سندس حياتي ۾ ئي سندس حياتيءَ تي  هڪ فلم ٺاهي وئي ۽ ان فلم جو نالو پڻ جلال چانڊيو رکيو ويو. ان فلم ۾ جلال چانڊيو پنهنجو رول پڻ  پاڻ ادا ڪيو ۽ ان فلم تي کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو. جلال چانڊيو جون رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون. جلال چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، قلندر لال شهباز، سخي ڄام ڏاتار ۽ ٻين درگاهن تي وڏي عقيدت جوش ۽ جذبي سان فن جو مظاهرو ڪندو هو. جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن ۾ پڻ ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين ماڻهن جا ميِڙ مٿس وري پوندا هئا.

جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو پر ان جي باوجود کيس هزارين ڪلام ۽ ڏوهيڙا ياد  هوندا هئا. جڏهن محفل ۾ ڳائيندو هو ته ڪلام جي لکيل ڊائري يا ڪتاب بجاءِ پنهنجي دل جي ڊائري کولي ويهندو هو. جلال چانڊيو جو يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ وارو انداز ايڏو ته اثر انداز هوندو هو جو هزارين منن کي موهي ڇڏيندو هو. جلال چانڊئي جي سڃاڻپ مٿي تي سنڌي ٽوپي وڏا ۽ ٿلها شهپر ۽ سنڌي لباس هوندي هئي. جلال چانڊئي جو راڳ کان علاوه ڀلا گهوڙا ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جو کيس شوق هوندو هو. کيس فن جي دنيا ۾ ڪيل خدمتن تي سنڌ سرڪار طرفان ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن ۽ سوني تاج سان نوازيو ويو. مرحوم جلال چانڊئي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن دبئي، هانگ ڪانگ، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو ويو هو. سندس زندگي جي باري ۾ ريڊيو پاڪستان جي سينئير ڪمپيئر محمد موسيٰ چانڊيو جو چوڻ آهي ته هُو سنڌ جو اهو عوامي ۽ البيلو فنڪار هو، جيڪو ايڏي ته شهرت جي بلنديءَ تي پهتو، جيڪا شايد ٻئي ڪنهن به فنڪار کي نه ملي سگهي هوندي.

هن چيو ته؛ مرحوم جلال چانڊئي جي بقول هو ننڍپڻ کان ئي رڳ جو شوقين هوندو هو ۽ سندس زندگي ڪيترن ئي ڏکن ۽ سکن وارن مرحلن مان گذري آهي. هن چيو ته مرحوم جلال چانڊئي جا ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿيل آهن جيڪي اڄ تائين به ٻڌندڙ وڏي شوق ۽ چاهه سان هلائڻ جي فرمائش ڪن ٿا.

مرحوم جلال چانڊئي کي گڙدن جي بيماري هئي. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ کيس علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. جنهن بعد، کيس وڌيڪ تڪليف هجڻ ڪري، ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هن ۱۰ جنوري ۲۰۰۱ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

مرحوم جلال چانڊيو پنهنجي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. سندس ڳالھيون، راڳ جي دنيا ۾ ياد رهنديون.

 

No comments:

راءِ ڏيندا