نيلوفر جويو
سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره
محسن علي جويو
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪاره سائين محمد ابراهيم جويي جي ڌِيءَ ۽ منهنجي
امان, نيلوفر جويو ۲۷
ورهين تائين درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهي ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين پنهنجون
ذميواريون نڀائيندي رهي. توڻي جو ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ تمام گهڻي اگهي
هئي، پر هن اسڪول وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائڻ وارو فرض باقاعدگيءَ سان نڀايو.
امان نيلوفر جويو، سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ۽ ايم ايڊ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون.
سائين ابراهيم جويي صاحب پنهنجن سڀني ٻارن کي پڙهايو. توڻي جو معاشي حالتون
بنهه خراب هيون پر پوءِ به پنهنجن ٻارن جي تعليم وڌائڻ لاءِ وس آهر ڪوششون ڪندا آيا.
جويي صاحب جي اولاد مان امان نيلوفر جويو، پنهنجي پِيءُ ڏسيل دڳن تي هلي. هن کي علم
سان وڏيءَ حد تائين لڳاءُ هو. کيس جويي صاحب جي لکڻين ۽ ڪتابن سان عشق هو. جويو صاحب
ئي سندس زندگيءَ جو رول ماڊل هو. جنهن جي ڪري هوءَ نئون ماڻهو بڻجي پئي هئي. هن پنهنجي
ڪتاب ”سامائي تان سک ويا“. ۱۹۸۰ع جي پيش لفظ ۾
لکيو آهي ته، ”جڏهن کان مان هوش واري ٿيس، تڏهن کان مون پنهنجي بابا کي پڙهندي
لکندي ڏٺو. جنهن ڳالهه مون کي لکڻ ڏانهن مائل ڪيو، اُهو ۱۹۷۲ع جو واقعو آهي. هڪ رات
عصر جو منهنجي اک کلي ته ڏٺم بابا جي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي ۽ بابا پنهنجي لکڻ ۾
محو هو. هو ايترو ته لکڻ ۾ محو هو، جو کيس اِها سُڌ به نه هئي ته رات اچي گذرڻ تي بيٺي
هئي، اُنهيءَ مهل مون دل ۾ اِهو عزم ڪيو ته، مان به لکنديس. صبح ٿيو، ۽ مون پنهنجي
اُنهي عزم کي صحيح ڪري ڏيکاريو. منهنجي پهرين ڪهاڻي ”۽ چنڊ اُجهامي ويو“، جيڪا مون
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ لکي پوري ڪئي هئي، ماهوار رسالي ”نئين زندگيءَ“ (۱۹۷۲) ۾ ڇپي. اُن
کان پوءِ مون ترت ئي ٻِي ڪهاڻي ”ڪنديس آءٌ ڪُڄاڙو“ لکي، جيڪا ٽه ماهي ”مهراڻ“ (۱۹۷۲)
۾ ڇپي. اهڙيءَ طرح همت وڌندي رهي ۽ آئون لکندي رهيس. مون مضمون پڻ لکيا آهن، جيڪي مختلف
موضوعن تي آهن. منهنجو پهريون مضمون ”فيشن ڇا آهي، ڇپيو. هڪ سٺي ليکڪ لاءِ، هڪ سٺي
استاد لاءِ پڙهڻ تمام ضروري آهي.....مون جيڪي ڪجهه پرايو آهي، سو پنهنجي بابا کان پرايو
آهي. ادب ۽ علم جي معاملي ۾ بابا منهنجي بهترين رهبري ڪئي آهي“.
اسان جون عورتون عام طرح وهم پرستي، تقدير پسنديءَ ۽ قدامت پسنديءَ جي
ور چڙهيل هونديون آهن ۽ ڪي ڪي عورتون روايتي سوچن جا زنجير ٽوڙي پنهنجي لاءِ عقل، فهم
۽ فراست جي رستي جي چونڊ ڪنديون آهن، امان نيلوفر جويو به اهڙين ئي عورتن منجهان هڪ
هئي. سندس تربيت ۾ جويي صاحب خاص دلچسپي ورتي ۽ هن به لکڻ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ڪَسُ کان
ڪم نه ورتو. جڏهن ون يونٽ دوران سرڪار جويي صاحب کي سنڌ بدر ڪيو، تڏهن پوئتان سندس
ڪٽنب جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبه نه هو، سندس اولاد سان جويو صاحب سرحد (پختونستان)
منجهان لکپڙهه ڪندو رهندو هو ۽ کين تعليم ۾ ڌيان ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪندو رهيو. ان نسبت
سان هي مختصر خط امان نيلوفر جويو پنهنجي بابا ڏانهن لکيو.
”پيارا بابا سائين.. بابا سائين ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، اوهان جو خط
نه آيو آهي. بابا سائين هتي ٿڌ گهڻي وڌي چڪي آهي ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ مونکي ۽ نرگس کي
پائڻ لاءِ سئيٽر ناهي، صبح جو گهڻو سِيءَ لڳندو آهي. ۽ نه ئي اسڪول جي فيس ادا ٿي سگهي
آهي، بابا مان اوهان کي پريشان نه ٿي ڪرڻ چاهيان، جي ٿي سگهي ته ڪجهه پئسا اُماڻيندا،
جيئن آئون ۽ نرگس سئيٽر وٺي سگهون ۽ اسڪول جي في به ادا ڪريون. فقط اوهان جي ڌِيءَ
نيلوفر جويو“.
نيلوفر جويو هڪ ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، سندس ڪهاڻيون ان دور
جي مشهور رسالن ”نئين زندگي“، ”مهراڻ“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”مارئي“ ۾ ڇپجنديون رهيون.
جنهن کي سهيڙي ڪتاب جي روپ ۾ آندو ويو، جنهن جو عنوان هو: ”سامائي تان سُک ويا“. انهيءَ
ڪتاب ۾ ڪل ۱۳ ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي عورتن جي آزاديءَ جي موضوع تي آهن.
انهن ڪهاڻين ۾ اسان جي سماج جي عورتن جي حالتن، ڏُکن ۽ سُورن جا احوال پيش ڪيا ويا
آهن. هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي جويي صاحب کي ڏيکارڻ کانسواءِ نه ڇپرائي. جڏهن به ڪا ڪهاڻي
لکندي هئي، ته جويي صاحب ڏانهن کڻي ايندي هئي ۽ ان جي صلاح مشوري سان، ڪهاڻيءَ ۾ نشاندهي
ڪيل نقطن وسيلي سُڌاري بهتر بڻائيندي هئي. هتي سندس جويي صاحب ڏانهن لکيل هڪ خط جو
متن پيش ڪجي ٿو. ”بابا سائين .. ٻه ڪهاڻيون لکيون اٿم، پڙهي دُرست ڪري ڏيندا. خبر ناهي
ڪيئن لکيون اٿم، بهرحال پنهنجي راءِ ڏجو.. اوهان جي ڌِيءَ نيلوفر جويو ۱۶-۱۰-۱۹۹۵ع“.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي وڏي ڌِيءَ ثريا سوز ڏيپلائي ۽ جِيجي زرينه بلوچ
سندس ويجهيون سَرتيون هيون پر سڀ کان ويجهي سَرتي جيجي زرينه بلوچ هئي. جِيجي پڻ هڪ
مشهور قومي ڳائڻيءَ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪاره پڻ هئي. مٿانئس ”جِيجي“ نالو به سندس ئي لکيل
هڪ ڪهاڻيءَ تان پيو، جنهن جو عنوان پڻ جِيجي هو. ٻئي ڄڻيون حيدرآباد جي ماڊل اسڪول
۾ پڙهائينديون به هيون، جنهن ڪري مون کي به پنهنجي ماءُ سان گڏ جيجي زرينه جو پيار
۽ شفقت پڻ نصيب ٿي، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، منهنجي امان نيلوفر جويو ۽ جِيجي زرينه
بلوچ اسڪول ۾ رهندي ماسترياڻين ۽ پنهنجي شاگردياڻين ۾ روايتي علم سان جديد علم جي روشني
پڻ پکيڙي ۽ سندن ذهني سطح کي اُڀارڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. نيلوفر جويو جي ڳڻپ اڄ به
سنڌ جي اهم ليکڪائن ۾ ٿئي ٿي، سندس ڪيتريون ئي لکڻيون اڻ ڇپيل صورت ۾ پيل آهن، جن کي
تمام جلد ڇپائي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو ويندو.
No comments:
راءِ ڏيندا