عبدالغفور ڀرڳڙي
سنڌ جي نامياري
شخصيت
لياقت راڄپر
سنڌ جي سينيئر شخصيتن ۾ هڪ شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي آهي، جنهن زندگيءَ
جا تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ اهو تجربو ۽ مشاهدو هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍو ڪم
آيو. هن پنهنجي زندگيءَ جو محور سڄي عمر پڙهڻ جي چوڌاري رکيو آهي، پوءِ اهو قانون جي
ڪتابن سان جڙيل هجي يا ادب سان. هو مزاج ۾ ماٺيڻو آهي، پر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪندو
آهي ته پوءِ ان کي پورو ڪري پوءِ ئي ڇڏيندو آهي.
عبدالغفور ڀرڳڙي ۶ جنوري ۱۹۵۳ع تي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪميٽيءَ تي صدر طور ڪم شروع ڪيو. ان لاءِ هو اليڪشن
ذريعي چونڊجي آيو، هيءَ اليڪشن ڊسمبر ۱۹۵۲ع
تي پهريون ڀيرو آزاديءَ کان پوءِ ٿي هئي، هن قاضي فضل الله جي مدد سان ميونسپل ڪميٽيءَ
۾ ڪافي سڌارا آندا. محمد ايوب کهڙو هن جو مخالف هيو، هن کي صدر ٺاهڻ ۾ مسز عطيق الزمان
جو وڏو ساٿ رهيو، جيڪا پڻ ميونسپل ڪميٽيءَ جي ميبر هئي. ان کان علاوه بيگم خير النساءِ
جيڪا هڪ سوشل ورڪر هئي، ان به قاضي فضل الله کي ڀرڳڙي لاءِ سفارس ڪئي هئي.
ڀرڳڙيءَ صاحب ۱۹۴۶ع
۾ ايم اي ۽ پوءِ ايل ايل بي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪئي. جنهن جي ڊگري هن کي ۱۴ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي ملي، جنهن کانپوءِ هن سنڌ جي مشهور وڪيل عبدالفتاح
ميمڻ جي استاديءَ ۾ پريڪٽس شروع ڪئي. شروع ۾ هن سول ۽ ڪرمنل ڪيس وڙهڻ شروع ڪيا، پر
پوءِ قاضي فضل الله جي صلاح تي هن ڪرمنل ڪيس وٺڻ شروع ڪيا. ان وقت هندو مسلمانن کي
اڻ پڙهيل ۽ جاهل سمجهندا هيا ۽ چوندا هيا ته مسلمان سول ڪيس نٿا وڙهي سگهن، ڇو جو مسلمانن
کي ڄاڻ نه آهي ۽ نه وري هو هوشيار آهن، جنهن لاءِ هن وري سول ڪيس کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڪرمنل
ڪيس بلڪل ڇڏي ڏنا. جڏهن کان هن ميونسپل ڪميٽيءَ جي چارج سنڀالي ته هن گهڻو ڌيان شهر
جي مسئلن تي ڏيڻ لڳو ته جيئن شهر کي خوبصورت ٺاهجي ۽ گهربل سهولتون ڏجن ۽ اهو ڪمال
آهي جو هن ڪڏهن به ميونسپل لاءِ حڪومت کان فنڊ نه ورتا ۽ ميونپل جي ذريعن تي ڪم هلايو.
ڀرڳڙي هڪ دفعو ٻڌايو هيو ته ان وقت ميونسپل ڪميٽيءَ طرفان شهر ۾ هڪ هاءِ
اسڪول، هڪ اسپتال ۽ ڊسپينسري هلندي هئي، صفائي ڪرڻ وارو عملو صبح جو سوير گهرن جا پائخانه
به صاف ڪندا هيا جنهن لاءِ هر گهر کان ۱۲
آنا ورتا ويندا هيا، جيڪي
سالانه چارجز هيا. جو بحيثيت ميونسپل ڪميٽيءَ جي صدر بنا پگهار جي ڪم ڪندو هيو ۽ ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪندو هيو. ميونسپل ڪميٽيءَ کي هلائڻ لاءِ آڪٽراءِ ٽيڪس
خاص مالياتي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هيو. ان کان علاوه ڊرينيج ٽيڪس به وٺبي هئي. هر روز
صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ڀنگي هر روڊ ۽ گهٽيءَ کي ٻهارو ڏئي صاف ڪندا هيا ۽ گندي پاڻي
جي نالين کي صاف ڪرڻ لاءِ پکالي نالين تي پاڻي هاريندو هيو ۽ ڀنگي ٻهاري سان صاف ڪندو
هيو. ڪڏهن به مينهن جو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي نه بيهڻ ڏنو ويو. ڀرڳريءَ جي دور ۾ جيڪي
ڳالهيون هيون ان ۾ اهو به ڏٺوي ويو ته جج تمام گهڻا ايماندار، سخت ۽ انصاف پسند هوندا
هيا ۽ وڏي ۾ وڏي جج جي پگهار ۲۲
سون کان مٿي نه هئي. هو اڪثر
پنڌ يا وري ٽانگي تي ڪورٽ ايندا هيا. هو ڪنهن سان به ميل جول نه رکندا هيا. عدالتون
پنهنجي ذميداريءَ کان واقف هيا ۽ ڊيوٽي عبادت سمجهي ڪندا هيا. ان ٽائيم تي ڏوهه تمام
گهٽ هيا، ان ڪري وڪيلن جو تعداد به گهٽ هيو. آبادي به ٿوري هئي، مهانگائي ڪونه هئي،
ماڻهو سچا ۽ ايماندار ۽ خدا ترس هيا.
ان دوران پوليس جي ڀرتيءَ ۾ خاص ڪري فيملي جي بيڪ گرائونڊ کي نظر ۾ رکيو
ويندو هيو. جيئن جيئن پوليس جي نفري وڌندي وئي تيئن تيئن ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو رهيو
۽ رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ به وڌي وئي آهي. سنڌ بمبئي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ سڄي سنڌ لاءِ هڪ
ڊي آءِ جي هوندو هيو. ان کانسواءِ ان دور ۾ سياسي مداخلت نه هئي ۽ آفيسر آزاديءَ سان
۽ انصاف سان ڪم ڪندا هيا. پر پوءِ آهستي آهستي سنڌ جا سياسي اڳواڻ پاور حاصل ڪرڻ لاءِ
ويڙهه شروع ڪئي ۽ سنڌ اندر سياسي، انتقامي ۽ اقتصادي گڙ ٻڙ شروع ٿي وئي. جنهن جو وڏو
مثال ان وقت اهو هيو ته سنڌ جو گورنر هيو غلام حسين هدايت الله ۽ وزير اعليٰ هيو محمد
ايوب کهڙو جيڪي هميشه هڪ ٻئي سان وڙهندا هيا ۽ بجاءِ سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ
جي هو هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ رڌل رهيا. ان جي نتيجي ۾ ترقي نه ٿي سگهي ۽ نه وري ادارا
ڪو خاص ڪم ڪري سگهيا. ان مقابلي ۾ سرحد ۾ خان عبدالقيوم خان پاور ۾ هيو ۽ جنهن لاءِ
چوندا هيا ته هو ڊڪٽيٽر آهي، پر ان ڪيترائي تعميراتي ڪم ڪيا ۽ اهي ڪم ڪري ڏيکاريا جن
سان عوام کي فائدو مليو، جڏهن ته سر سڪندر حيات به پنهنجي صوبي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.
محمد ايوب کهڙو سنڌ جو وزير اعليٰ هيو هن وفاق کي سنڌ جي خزاني مان ۳۲ ڪروڙ روپيا ڏنا جڏهن ته ٻئي
ڪنهن به صوبي ڪجهه نه ڏنو. ان مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي لاءِ مشهور آهي ته هڪ دفعو
هن وٽ رتوديرو سان تعلق رکندڙ عبدالوهاب سومرو هن وٽ آيو ۽ چيائينس ته توهان جي هڪ
همدرد منهنجي خلاف ڪيس ڪرايو آهي ته مان هن کي چاقو هنيا آهن، جنهن تي قاضي ڊي ايس
پي کي فون ڪئي ته اهو ڪيس خارج ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو عبدالوهاب سومرو ائين نٿو ڪري سگهي.
محمد ايوب کهڙو به پاڻ اهڙو ماڻهو نه هيو جو هن هرو ڀرو ڪنهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا هجن،
پر ان جا پٺو پنهنجي مخالفن خلاف غلط ڪم ڪندا رهندا هيا.
سر شاهنواز ڀٽو جڏهن ڏٺو ته قاضي فضل الله کي پنهنجي ڪا اولاد نه آهي
ته هن پنهنجي پٽ ذوالفقار علي ڀٽي جو هٿ هن کي ڏنو ته هن جي تربيت ڪريو. جڏهن ته ڀٽو
پاڻ ئي هوشيار ۽ تيز هيو، جنهن لاءِ سڀني اڳواڻن اها راءِ ڏني هئي ته هو تمام جلد پاڪستان
جي نقشي تي اڀري ايندو. ان دوران ڀٽو ٻه ڀيرا ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جي نوجوانن جي
وفد جي اڳواڻي ڪري چڪو هيو، جڏهن EBDO قانون لاڳو ٿيو ته ان سان ۹۰ کان وڌيڪ پراڻا سياستدان ميدان
مان ٻاهر نڪري ويا، جيڪو سياست ۾ هڪ وڏو نقصان هيو. آرميءَ جي جنرل ۱۹۵۳ کان سياست ۾ مداخلت ڪرڻ شروع
ڪئي پر ۱۹۵۸ ۾ اهي کلي طرح ظاهر ٿي آيا ۽ جنرل ايوب خان اقتدار
تي قبضو ڪيو. هن ڳالهه مان مشرقي پاڪستان جا سياستدان به خوش نه هيا ۽ ملڪ جي گاديءَ
جو هنڌ ڪراچيءَ مان اسلام آباد شفٽ ڪيو ويو. جسٽس منير پنهنجي ڪتاب ”جناح ٽو ضياء“
۾ لکيو آهي ته ايوب خان ذهني طور تيار هيو ته مشرقي پاڪستان اسان سان گڏ نه هلي سگهندو،
ان لاءِ ان کي الڳ ٿيڻ ڏنو وڃي. اها سوچ تڏهن پوري ٿي جڏهن جنرل يحيٰ خان اقتدار ۾
آيو ۽ ۹۰ هزار
پاڪساني فوجين هٿيار ڦٽا ڪيا، جيڪو دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو داغ آهي. مشرقي
پاڪستان جي عليحدگيءَ جو الزام وري ڀٽي تي لڳايو ويو، جيڪو غلط آهي، جنرل يحيٰ جيڪو
عورتن ۽ شراب جي لت ۾ پورو هيو، شيخ مجيب اهو الزام هنيو هيو ته مشرقي پاڪستان ۾ ۳۰ لک ماڻهو ماريا ويا ۽ ٻه لک
عورتن ۽ ڇوڪرين جي عزت لٽي وئي. هن صورتحال کي ڪوبه ماڻهو منهن نه پئي ڏئي سگهيو، ان
لاءِ ڀٽي کي گهرايو ويو ته هو اچي باقي رهيل ملڪ جي حصي کي بچائي.
عبدالغفور ڀرڳڙي ۱۹۸۴
۾ سنڌ ڪيبنيٽ ۾ روينيو جو وزير ٿيو. هن کي جڏهن خبر پئي ته ٺٽي، بدين ۽ دادوءَ ۾ هاءِ
وي جي ڀرسان تقريباً ۴ لک ايڪڙ سرڪاري زمين ڪجهه ماڻهن کي ليز تي ڏني وئي
آهي، جيڪا غلط آهي. جيڪا ڳالهه هن عام ماڻهن جي ڌيان تي آڻڻ لاءِ ميڊيا ذريعي ٻڌايو
ته اها زمين رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ ڪارخانيدارن کي ڏني وئي آهي. جن جو تعلق سنڌ سان
نه آهي. هن ڳالهه تي ان وقت جي گورنر جنرل جهانداد خان ڀرڳڙيءَ کي گهرائي چيو ته تو
اهو سياسي بيان ڇو ڏنو آهي. هن کان علاوه ڊپارتمينٽ ۾ ٻيا به اهڙا مسئلا هيا جيڪي ان
وقت جهڳڙن ۾ هيا جنهن تي به هن ڪافي ڳالهايو، اهڙين شين کي روڪڻ لاءِ هن هڪدم حڪم نامو
جاري ڪيو ته روينيو رڪارڊ کي ڪمپوٽرائزڊ ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي ريڪارڊ سان
هٿ چراند نه ٿي سگهي. ان کان علاوه ٻيا به اهڙا قدم کنيا ته جيئن حقدارن جا حق ڪوئي
کائي نه سگهي، ڇو جو ڪيترن ماڻهن جون ملڪيتون ٻين جي نالن تي ڪيون ويون هيون، رڪارڊ
۾ گهوٻيون، غلط داخلائون وغيره ڏٺيون ويون هيون، جن کي روڪڻ ضروري هيو.
هن ۱۹۸۵ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي، ڏوڪري واري تڪ تان ايم اين
اي جي سيٽ تي فارم ڀرايو هيو، جنهن تي حڪومت، وڏيرا ۽ آفيسر هن جي مخالفت ڪري رهيا
هئا، ڇاڪاڻ جو هو پ پ پ جي مدد ڪري رهيو هيو. اهي اليڪشن غير سياسي هيون ۽ هن سان مقابلي
۾ هيو محمد پاشا کهڙو جيڪو محمد ايوب کهڙي جو پٽ هيو. بهرحال هن کي اليڪشن ۾ هارايو
ويو.
ڀرڳڙيءَ ۱۹۸۳ع ۾ ۱۹۹۵ع ۾ ٻه ڀيرا گڏيل قومن جي اداري (United Nations) ۾ هڪ وفد سان وڃي چڪو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ هو گورننگ باڊي
سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ۵ سال رهيو. هڪ ڀيرو ڀرڳڙيءَ ڀٽي صاحب کي چيو هيو ته
هو محترمه فاطمه جناح جي مخالفت ۾ ايوب خان جي مدد نه ڪري ها، جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ ڀٽي صاحب ڀرڳڙيءَ کي پ پ پ ۾ آندو ۽ عيد ڏهاري
گهرائي چيو ته هو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو ۽ هن کي باقاعده اختيار
ڏنا ويا ۽ ڪنهن کي به جرئت نه ٿي ته هن جي ڪيل فيصلي خلاف وڃي.
ڀرڳڙي جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح تي هڪ مڪمل ۽ جامع ڪتاب لکيو آهي،
ان لاءِ بينظير هن کي چيو هيو ته ان جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري حڪومت طرفان ڇپايو
وڃي، پر بي بي جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ان لاءِ پئسا نه ڏنا ۽ اهو
ڪم رهجي ويو، ڀرڳڙيءَ هڪ ٻيو ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تصوف ۽ مذهب تي آهي، جنهن کي سٺي
موٽ ملي آهي. هن قانوني ڪمن مان به وقت ڪڍي ادبي ڪم کي وقت ڏنو آهي. حالانڪه وڪالت
جهڙي پيشي مان وقت ڪڍڻ ڏاڍيو ڏکيو هيو، ڇو جو اهو هڪ خشڪ ڪم آهي. هن جو چوڻ آهي ته
جناح تي ڪتاب ان ڪري لکيو هيو ڇو جو هن کي جناح سان عقيدت ۽ محبت هئي. ۽ ان کان اڳ
جناح تي سنڌيءَ ۾ ڪوبه ايڏو جامع ڪتاب نه هيو، قائد اعظم سنڌ جو هيو، اتي ئي پليو
۽ جوان ٿيو ۽ هو سنڌي هيو ۽ هن جو مزار به ڪراچي ۾ آهي، جناح جي پيدائش واري هنڌ تي
ڪوبه جهڳڙو نه آهي، ڀل اهو جهرڪ يا ڪراچي مينشن، هجي ٻئي سنڌ ۾ آهن.
ڀرڳڙيءَ جو موقف آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان اندر جيڪا تخريبڪاري لساني جهڳڙا
۽ مذهبي فرقيواريت جيڪا هڪدم اڀري آئي آهي ان جو سبب ڪمزور ۽ نااهل انتظاميه ۽ حڪومتون
آهن ۽ ان کان علاوه اسان جناح جي ڳالهين ۽ اصولن کي ڇڏي ڏنو آهي. جناح جي ڳالهين ۽
اصولن کي ڇڏي ڏنو آهي. جناح جون تقريرون اسان جي لاءِ صلاحون آهن. قائد اعظم پاڪستان
جي آئين لاءِ چوندو رهيو پر ۱۹۴۷ع
کان ۱۹۵۱ع تائين اهو ڪونه ٺاهيو ويو، جنهن جي ڪري مشرقي ۽ مغربي
پاڪستان ۾ هڪ خال پيدا ٿيندو رهيو. جڏهن ته هندستان ۾ ۱۹۴۹۾ ئي آئين تيار ڪيو ويو. ۱۹۵۰ ۾ اليڪشن ڪرائي وئي ۽ اتي باقاعدي اليڪشن بنا ڪنهن روڪ جي پنهنجي وقت
تي ٿئي ٿي، جتي آزاديءَ کان وٺي هن محل تائين جمهوريت هلي رهي آهي. بعد ۾ وجود ۾ آيل
بنگلا ديش ۾ به اليڪشن باقاعده ٿي رهيون آهن، پر پاڪستان ۾ مارشل لا جو وقت جمهوريت
کان وڌيڪ رهيو آهي ۽ هتي ريفرينڊم جو رواج پئجي چڪو آهي. ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز
مشرف ريفرنڊم ڪرائي چڪا آهن. ملڪ جا بيورو ڪريٽس ۽ وڏيرا مارشل لا مان خوش هوندا آهن.
ڀرڳڙي جو خيال آهي ته ٻين شهرن جي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي ۽ هئي
ته لاڙڪاڻو پئرس ٿي ويو آهي، پر ائين نه آهي لاڙڪاڻي کي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ان کان
پوءِ بينظير ڀٽو ڪجهه ترقي وٺرائي جنهن لاءِ لاڙڪاڻي وارا هنن جا ٿورائتا آهن. باقي
ٻين ليڊرن لاڙڪاڻي لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي. ڀٽي صاحب کي وقت ئي نه مليو ته هو ملڪ ۽ لاڙڪاڻو
ٺاهي پر پوءِ به جس اٿس. بينظير کي به ڪڏهن سک سان ويهڻ نه ڏنو ويو. ڀٽو خاندان خود
ڪم ڪرڻ ۽ عوام سان محبت ۽ خدمت ڪرڻ وارا هيا، پر ان جي ويجهو رهڻ وارا سچا نه هيا.
ڀٽي خاندان جون خدمتون ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ لازوال آهن. ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏني
وئي، بينظير ماري وئي ۽ ڀٽي جا ٻه شينهن ڪونڌر پٽ ماريا ويا. ڀٽي خاندان جي قربانين
کي تاريخ ۽ عوام نه وساري سگهندو. ڀٽي جنهن ملڪ کي نيو ڪليئر پاور ٺاهيو، او آءِ سي
ٺاهي، ۹۰ هزار
جنگي قيدي واپس ڪرايا، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جي عزت ۽ ساک ٻيهر بحال ڪرائي، ان کي
ئي ڦاهي چاڙهيو ويو.
عبدالغفور ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ تعلقو شهدادڪوٽ ۾ ۱۹۲۱ ۾ ڄائو هيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل
ڪئي ۽ ڪجهه شهدادڪوٽ شهر مان، ان کانپوءِ هو لاڙڪاڻي شهر لڏي آيا ۽ انگريزي ۳ کان ميٽرڪ تائين مدرسو، هاءِ
اسڪول ڪارڪاڻي مان پس ڪئي. اهو سن هيو ۱۹۳۹. F.C جهونا ڳڙهه مان پاس ڪيائين ۽ بي.اَي جو امتحان سي
اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيو. ان کانپوءِ ايم اي، ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان ڪئي،
ڀرڳڙي صاحب ڊي جي ڪاليج جو ماحول ڏسي عليڳڙهه ويو جڏهن ته ٻيا مسلمان
شاگرد جهونا ڳڙهه جو رخ ڪيو، جتي نواب مسلمانن شاگردن کي مفت تعليم ڏياري رهيا هيا.
ڀرڳڙي پاڪستان تحريڪ ۾ به شريڪ هيو ۽ ان ۾ هڪ اهم رول ادا ڪيو هيو ۽ خاص ڪري جڏهن ۱۹۳۸ع ۾ محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو ان جو استقبال ڪيو.
۱۹۳۸ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جا زميندار ۽ اهم شخصيتون حصو نه
وٺي رهيا هيا، جن کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ لاءِ چيو ويو هيو. هن صورتحال
جي ڪري جي ايم سيد، سر عبدالله هارون، محمد ايوب کهڙو، محمد علي جناح کي دعوت ڏني ته
هو اچي هنن کي سمجهائي. ان موقعي تي هڪ وڏي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد پاڪستان
جي قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي متفقه طور تي پاس ڪيو ويو.
عبدالغفور ڀرڳڙي
سنڌ جو تاريخ ساز ڪردار (ورسي ڀيٽا)
آصف رضا موريو
عبدالغفور ڀرڳڙي جي وجهه شهرت وڪيل ۽
سياستدان جي هئي پر هو هڪ بهترين لکاري ۽ شعله بيان مقرر هئڻ سان گڏ شهر پاڪستان
جو هڪ تاريخي، محنت ڪش، مدبر، صاحبِ علم ۽ ايماندا ڪردار رهيو آهي جيڪو پنهنجي شهر
لاڙڪاڻو ۾ ادبي، قومي ۽ سماجي خدمت جي ڪمن ۾ به اڳئين صف ۾ بهرو وٺندو هيو. عبدالغفور
ڀرڳڙي جو جنم ۱ جنوري ۱۹۲۱ع ڌاري، شهدادڪوٽ جي ڀرسان واقع ڳوٺ غلام النبي ڀرڳڙي ۾ ٿيو.
ڀرڳڙي صاحب هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان منجهان هيو سندس والد عبدالجليل ڀرڳڙي کي سرڪاري
نوڪري سان گڏ پنهنجي تر ۾ ٿورو گهڻو ٻني ٻارو هجڻ ڪري گهر ٻار جو گذران چڱي چوکي نموني
ٿيندو هيو ان لاءِ مرحوم پنهنجي ٻارٻچن کي به سٺي تعلي ڏياري. عبدالغفور ڀرڳڙي جو
هڪ ڀاءُ عنايت الله تعليم کاتي ۾ افسر هيو.
خانداني روايتن کي برقرار رکندي ڀرڳڙي صاحب
به پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي تمام گهڻي محنت ڪئي سندس هڪ پٽ عدليه کاتي ايڊووڪيٽ
جنرل آهي ته وڏو پٽ عبدالماجد ڀرڳڙي موجوده دور جو سڀ کان وڏو ليجنڊ آهي، جيڪو سي
ايس ايس جو امتحان ڏئي، انڪم ٽيڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. پر پوءِ استعيفا ڏئي
امريڪا هليو هيو جتي ڪيترن سالن جي محنت کان پوءِ سنڌي ٻولي کي سائيبر دنيا جو حصو
بڻايو. هاڻي جيڪڏهن اسان ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻولي لکون ٿا ته اهو ڪارنامو ڀرڳڙي صاحب
جي فرزند عبدالماجد (ايم بي سنڌي) جو ڪارنامو آهي.
ڀرڳڙي صاحب پنجين جماعت شهدادڪوٽ جي پرائمري
اسڪول مان پرائي لاڙڪاڻو اسٽيشن روڊ تي واقع مدرسه هاءِ اسڪول مان ڏهين جماعت پاس ڪئي.
ان دور جا زميندار ۽ سڻڀا لوڪ عوامي ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳڀرا هوندا هيا. ان مدرسي اسڪول
جو بنياد به ۱۹۰۷ع ۾ شهر جي زميندارن وڌو هيو.
بمبئي يونيورسٽي سان سلهاڙيل ”سي اينڊ ايس ڪاليج
شڪارپور“ مان گريجويشن ڪئي. شڪارپور ضلعو ورهاڱي کان اڳ تعليمي پسمنظر رکڻ لاءِ
پوري بريصغير ۾ مشهور هوندو هيو. هندڪي دور ۾ هن شهر اندر بيشمار اسڪول، ڪاليج ۽
سکيا گهر هوندا هيا جيڪي پنهنجي شاندار تعليمات جي ڪري مشهور هيا. سنڌ جي ڪجهه
پهرئين سنڌي ڪاليجن مان هڪ (C & S) ڪاليج شڪارپور ۾ چيلارام ۽ سيتل داس نالي ٻن سنڌي هندو تاجرن
کوليو جن هن جي عمارت لاءِ هڪ لک روپيا ۽ ٻئي پنجاهه هزار روپيا دان ڏنو هيو. اهو ڪاليج
۱۹۲۷ع کان ۱۹۳۲ع واري عرصي ۾ جڙي تيار ٿيو ۽ ان جو افتتاح ان دور جي بمبئي صوبي جي
گورنر ڪيو هيو جو سنڌ ان دور ۾ بمبئي صوبي ۾ شامل هوندي هئي. سنڌ ۾ شڪارپور پهريون
شهر هوندو هيو جنهن ۾ انٽرميڊئيٽ ڪاليج به هوندي هئي.
اهڙي ريت ڀرڳڙي صاحب ۱۹۴۲ع ۾ علي ڳڙهه
يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ پوءِ اتان ئي ۴۶-۱۹۴۵ع ۾ فارسي زبان ۾ ماسٽرز پڻ ڪئي.
شڪارپور۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ پڙهائي دوران
مسلم ليگ جي ذيلي ونگ مسلم اسٽوڊنٽس سان فيڊريشن سان سياسي يوجنا واري شروعات ڪئي
جنهن جو بعد ازان صدر پڻ چونڊيو ويو. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ به هن جون ساٿاريون
شهر جي مسلم ليگي ڌڙي جي اڳواڻ قاضي فضل الله سان رهيون. ڪجهه وقت محمد ايوب کهڙو
سان پڻ سياسي ۽ ذاتي همنوائي رهي. سنڌ جي سياست جو اهو دور هيو جو سياسي ماڻهن جا
پير زمين تي جڙيل هوندا هيا. انهن ۾ خود نمائي، چور بازاري، منافع خوري ۽ عيش
پسندي بجاءِ انساني همدردي ۽ اخلاقي پاسداري هوندي هئي. اهڙي بي داغ ليڊرن جي نيت
به شڪ شبھن کان بالا تر هوندي هئي ته ملڪ، قوم ۽ شهرن سان محبت بي مثال هوندي هئي.
لاڙڪاڻو ميونسپل ڪاميٽيءَ جو بڻياد ۱۸۵۲ع ۾
پيو هيو جنهن جو پهريون چونڊيل صدر شاهه محمد لاهوري ٿيو جنهن جي هڪ سال کان پوءِ
وفات کان پوءِ جون ۱۹۱۸ع ۾ نواب امير علي لاهوري صدربڻيوجيڪو ٻه ڏهاڪن کان مٿي ان
منصب تي رهيو. ان کان پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ سيتل داس ميونسپل ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو
جنهن کان پوءِ ساڳي ڪرسيءَ تي پرڀداس تولاڻي آيو.
آزادي جو سج نروار ٿيو ته ٽين دنيا جي گهڻي
تڻي ملڪن جيان پاڪستاني عوام به سمجهيو ته هاڻي سندن ڪٺنائيون ختم ٿيون پر "مری
تعمیر میں مضمر ہے اک صورت خرابی کی" مطابق آزادي کي ڇومنتر سمجهڻ وارن لاءِ هي
انگور ايترو مٺو ڪو نه نڪتو جيتري کين توقع هئي جو اڳ اهي گورن ۽ ڪارن جا غلام هيا،
جڏهن هاڻي هو مجموعي طور تي ڪارن جي ڪڌيءَ غلامي هيٺ وڃي رهيا هيا.
ورهاڱي وقت لاڙڪاڻو شهر جي سياسي وهنوار ۾
مسلم ليگ، ڪانگريس، هاري تحريڪ ۽ خاڪسار تحريڪ گهڻيون تڻيون سرگرم هونديون هيون. ان
دور ۾ مسلم ليگ جا رهنما قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، عبدالفتاح ميمڻ، ميان
غلام عباس قادري، قلندربخش بلوچ، آغا نظر علي پٺاڻ ۽ عبدالغفور ڀرڳڙي وغيره هوندا
هيا جڏهن ته ڪانگريس جا ڪرتا ڌرتا ريجهومل لاهوري، هوندراج دکايل، بلرام موٽواڻي،
وڪيل سيرومل، رام پنجواڻي، رام موٽواڻي، واڌو ڪيسواڻي هوندا هيا. اهڙي طرح هاري
تحريڪ سان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد علي جوهر، مولوي نظيراحمد جتوئي، جمال
الدين بخاري وغيره ۽ خاڪسار تحريڪ سان حافظ عبدالڪريم پهوڙ ۽ پير الاهي بخش سلهاڙيل
هوندا هيا.
متحده هندستان جي ورهاڱي کان پنج سال پوءِ
نئين ملڪ پاڪستان ۾ لوڪل باڊيز جي پهرين چونڊ ۱۹۵۲ع جي آخر ۾ ٿي جنهن ۾قاضي فضل
الله جي جٿي کي سرسي حاصل ٿي هئي ۽ ڪنهن دور ۾ سندس تمام گهاٽي دوست ايوب کهڙو جي
گروپ هارايو جيڪي ٻئي هاڻي سخت سياسي مخالف هيا. کهڙو جي گروپ ۾ عبدالفتاح ميمڻ،
عبدالحق زيب ۽ مولوي محمد اسماعيل هيا جڏهن ته شهر جو انتهائي طاقتور زميندار امير
علي لاهوري به سندس مددگار هيو جڏهن ته قاضي فضل الله جا خاص ساٿي عبدالغفور ڀرڳڙي،
غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ، سيد وريل شاهه، جمال الدين بخاري وغيره هيا. عبدالغفور
ڀرڳڙي چونڊ مهم کي وڌيڪ مظبوط بڻائڻ لاءِ ”ميونسپل اصلاح جماعت“ ٺاهي قاضي فضل
الله جي گروپ کي کٽائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ورتي.
قاضي صاحب ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو جي صدر
لاءِ ٻٽيهن سالن جي جوان عبدالغفور ڀرڳڙي جو ۲۶ جنوري ۱۹۵۳ع تي انتخاب ڪيو جيڪو ان
منصب تي ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين نڀائيندو رهيو. لاڙڪاڻو شهر ۾ پنهنجي چار ساله
صدارتي ڪيريئر دوران ڀرڳڙي صاحب تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا. شهر جا مختلف روڊ
رستا پڪا ڪرايا جڏهن ته ڪچن رستن تي صبوح سويري ئي ڇڻڪار ڪيو ويندوهيو. شهر جي
تعليمي ادارن تي سندس خاص ڌيان هوندو هيو جتي مخلص استادن کي توجهه ڏئي مقرر ڪندوهيو
۽ ميونسپل جي عهديدارن کي پڻ اسڪولن جي ”انسپيڪشن“ لاءِ موڪليندو رهندو هيو. ڀرڳڙي
صاحب خاص طورتي ميونسپل هاءِ اسڪول جي پڙهائي سڌارڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنوجتي هڪ رٽائرڊ
ماهرتعليم فتح محمد قريشي کي گهرائي هيڊماسٽر مقرر ڪيو.
لاڙڪاڻوجناح باغ ۾ موجود قاضي فضل الله ٽائون
هال ٺهرائڻ پڻ سندس ڪارنامو هيو جتي شهرين توڙي شاگردن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ تجر بلڊنگ
واري لائيبرري اوڏانهن منتقل ڪري ان کي تمام گهڻو وڌاءُ آندائين. شهر جي باغن کي
بهتر بڻايو ويو، نوان وڻ گهرائي پوکياويا ۽ سنڌ جي مختلف وڏن شهرن مان مالهي
گهرائي انهن جون خدمتون پڻ وٺندو هيو. سندس دور ۾ لاهوري محلي، گجڻ پور، شيوامنڊلي،
باقراڻي روڊ، وي آئي پي روڊ، ايمپائر سئنيما اڳيان، پاور هائوس وارا روڊ پڪا ڪرايا
ويا. شهر کي گهڻي حد تائين ترقي وٺرائي تجاوزات کان به پاڪ ڪرائڻ جا قدم کنيا.
سياست ان دور ۾ عبادت ۽ عوامي خدمت ليکي
ويندي هئي بدعنواني ۽ پيسي پٺيان ڊوڙ جوتصور به ڪونه هيو ۽ نالو ۽ مقام پائڻ لاءِ
پنهنجي گهران ۽ ذاتي ڪمائي مان شهر ۽ ماڻهن جي خدمت ڪئي ويندي هئي. سندن مٿان اهڙو
وقت ايندو هيو ته پنهنجي مخالفن کي چيلنج ڪندا هيا ته ”مٿن ڪو بدعنواني جو الزام
ثابت ڪري ڏيکارين“.
اها پڻ تاريخ جي سچائي ۽ ايماندار سنڌ جو عڪس
آهي ته ڀرڳڙي صاحب جيترو ”هاءِ پروفائيل“ ۽ وڏو ماڻهو جيڪو هڪ وڏي شهر جي ميونسپالٽي
جو صدر ۽ زيرڪ وڪيل آهي سو ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ڪراچي جناح اسپتال مان اپينڊڪس جوآپريشن ڪرائڻ
لاءِ ويوته شهر جي هڪ سيٺ کان قرض کڻي ويو هيو.
ايوب خان جي حڪم تي وزيرِ اعظم محمد محمدعلي
بوگره ۲۲ ڊسمبر ۱۹۵۴ع تي ”ون يونٽ اسڪيم“ کي متعارف ڪرائي ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۵۵ع تي پاس
ڪرايو جنهن کي سنڌ ۽ سنڌين کي هاڃيڪار ڀائيندي لاڙڪاڻو ۾ ڀرڳڙي صاحب سرگرم بهرو
ورتو توڙي جو سندس دوست ڊپٽي ڪمشنر انور عادل گهرائي کيس نه رڳو سمجهايو پر
گرفتاريءَ کان به ڊيڄاريو پر هي همراهه ڪو نه مڙيو. قاضي فيض محمد جڏهن ڪراچي کان
ون يونٽ خلاف تحريڪ کڻي لاڙڪاڻو پڳو ته ڀرڳڙي صاحب پنهنجا ٻار سکرپنهنجي ڀاءُ غلام
صديق ڏانهن موڪلي خالي گهر ڪرائي قاضي صاحب کي ات رهايو جتي هڪ ڏينهن پوءِ شهر جي
ايس پي بهادرعلي قاضي فيض محمد کي فوجي حڪومت خلاف تحريڪ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري جيل
موڪليو.
جنرل يحيا خان ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۲ع ۾ پاڪستان جي ڀرندڙ،
جهرندڙ ۽ ڪرندڙ عمارت ذوالفقارعلي ڀٽو جي حوالي ڪئي جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو
پهريون چيف ڪماندار ۽ پهريون چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. تنهن کانپوءِ ۱۴
آگسٽ ۱۹۷۳ع تي ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جي ۱۴۶ ميمبرن مان ۱۰۸ ووٽ کڻي وزيرِ اعظم ٿيو
جنهن ٿورڙي اقتداري عرصي ۾ ملڪ ۽ قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪنڌي لائڻ ۽ بين الاقوامي
دنيا ۾ پاڪستان جي ساک بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائي
پارليماني نظام نافذ ڪيو، اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ بين الاقوامي سيرت ڪانفرنس پڻ
منعقد ڪرائي. اهڙي ريت هڪ پوئتي پيل ملڪ کي پنهنجي سياسي بصيرت ۽ محنت سان ۾ دنيا
جي ٻين قومن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪيو.
سال ۱۹۷۶ع ۾جناب ذوالفقارعلي ڀٽو جي چوڻ تي
عبدالغفور ڀرڳڙي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي پنهنجي علمي ۽
سياسي سمجهه آڌار جلد ئي پارٽي لاءِ سنڌ صوبي جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بڻيو. سال
۱۹۷۷ع ۾ هن شهدادڪوٽ جي ۳۱ ڪانسٽيٽيوئنسي مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ کٽي. جڏهن ته ۱۹۷۸ع
۾ هو سنڌ جي ڇهين ڪيمبنيٽ ۾ روينيو جوصوبائي وزير پڻ بڻيو. ڏهاڪو سالن تائين ڀرڳڙي
صاحب پاڪستان کي اقوام متحده جي مندوبين جي حيثيت سان نمائندگي پڻ ڪندو رهيو.
سال ۱۹۷۷ع ۾ ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري
جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع
ڌاري سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏني وئي. تنهن کان پوءِ ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۸ع تي جنرل
ضياءُ الحق پاڪستان ڇهون صدر ٿيو جيڪو ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾پنهنجي جهاز ڪريش ٿيڻ واري
موت ملڪ جو اڇي ڪاري جو مالڪ رهندو آيو. ان سموري عرصي دوران عبدالغفور ڀرڳڙي پڻ
فوجي حڪومت طرفان جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت ۽ فوجي آمريتن خلاف تحريڪن جو
حصو بڻجڻ سبب پنج ڀيرا جيل ياترائون پڻ ڪيون. ڪجهه وقت لاءِ هو مجلس شوريٰ جو
ميمبر ۽ جنرل ضيا جي دور ۾ به صوبائي اسيمبلي ۾ وزارت ورتي هئي.
ڀرڳڙي صاحب اکنڊ ڀارت ۽ ورهاڱي کان پوءِ هڪ
صدي جي سياست، سماجيت، ادب ۽ جمالياتون پنهنجي اکين سان ڏٺيون، غلام ملڪ کي ڌارين
کان آزاد ٿيندي ۽ پوءِ وري پنهنجن هٿان غلام ٿيندي ڏٺو، نئون ملڪ به سندس اڳيان ٻه
ٽڪڙا ٿيو، ڊهاڪا ٻڏندي ڏٺو، سياسي، زميني، جاگرافيائي محبتون، اتحاد ۽ يڪجهتون
بدلجندي ڏٺيون. ڀرڳڙي صاحب سنڌ جي پرامن شهرن ۾ فوجي لانگ بوٽن جا ڏهڪاو، انارڪي ۽
افراتفري به ڏٺي ته تخريب ڪار سياستڪارن هٿان پنهنجي ساٿين کي پريشان ٿيندي ڏٺو.
سياستدان عوام ۽ ڌرتي دوست نه رهيا انهن
پنهن جي مٿان داخلي انائن جا خود غرضانه خول چاڙهي ڇڏيا. اداره ساز رهنماءَ نه
رهيا ۽ پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن و امان تباهه ٿيو ته تخريب ڪاري ۽ دهشت گردي، ڏوهه،
تشدد هٿاران عام ماڻهو مرڻ شروع ٿيو. ملڪ جي تمام ادارن ۾ عوام جي کل لاهڻ جا رواج
پوندي ڏٺا جي اڄ تائين پنهنجا پر پکيڙيندي رڳو فساد، بيگانگي، ناانصافي ۽ تشدد کي
فروغ ڏئي رهيا آهن.
ڀرڳڙي صاحب پنهنجي پسنديده رهنما ذوالفقار علي
ڀٽو جو شاندار دورِ حڪومت به ڏٺو ته سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو جي افواهن ڀري، صوبائي ۽
لساني ڪشاڪش واري حڪومت به ڏٺي جڏهن صوبائي خودمختياريءَ جا آئيني تقاضا لتاڙيا
ويا. ۽ جڏهن ملڪ ۾ بدعنواني ۽ نااهلي ايتري ته وڌي جو ملڪي ادارن ۾اخلاقي، اقتصادي
۽ انتظامي پاڙون به لڏي ويون. جڏهن سندس ور آصف زرداري ملڪ جي هر وڏي ڪاروبار ۾ پنهنجو
حصو ڦريو ۽ ”علي بابا چاليهه چور“ واري ڪلب جو بڻياد پيو جنهن جا ميمبر پوري ملڪ ۾
عوام کي سهولتون ۽ مراعتون ڏيڻ بجاءِ يا جمهوري طرز ذريعي سندس مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ
انهن جي وات ڏينهن ويندڙ گرهه به ڦٻائڻ جي ڪڍ پئجي ويا.
عبدالغفور ڀرڳڙي کي ۱۴ جولائي ۱۹۴۷ع تي وڪالت
جي سند ملي ۽ باقاعده وڪالت جي شروعات هڪ سال کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ شروع ڪيائين. کيس
سول جي مقدمن لاءِ تمام برجستووڪيل ڀانئيوويندو هيو. لاڙڪاڻو جي چند نامچين ۽ ڪامياب
وڪيلن منجهان هوندو هيو جڏهن ته موهن داس ۽ محمدبچل تنيو جهڙا ٻيا انيڪ وڪيل به
سندس شاگرد هوندا هيا. اڳوڻو چيف جسٽس راڻا ڀڳوان داس چاوله پڻ ڪنهن دور ۾سندس
چيمبر ۾ کائنس سکيا وٺندو هيو. ان دور ۾ ڀرڳڙي صاحب ڪورٽ کان گهر ۽ گهر کان
ميونسپالٽي آفيس ٽانگي تي چڙهي ويندو هيو.
ڀرڳڙي صاحب مونکي ٻڌايو هيو ته کيس ”سٺيون
صاف سٿريون ڪتابون، ناول ۽ رسالا جمع ڪرڻ جو به شوق هوندو هيو، جن کي هو دل جمعي
سان پڙهندو رهندو هيوـ هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”مذهب، تاريخ، تصوف ۽ قانون سازي سندس
پسنديده موضوع آهن. هو شهر جي بيشمار ادبي ادارن جو سرپرست هئڻ سان گڏ شهر ۾ ٿيندڙ
ادبي ڪانفرنسن ۽ ميڙاڪن کي سدائين سهڪار ڪندي ڪامياب ڪرائيندو رهندو هيو. هو ڪجهه
وقت لاءِ هفتيوار سنڌي اخبار ”انصاف“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ان ۾ باقاعدگي سان مضمون
پڻ لکندو رهندو هيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبررهيو.
سال ۲۰۰۰ع ۾عبدالغفور ڀرڳڙي ”زندگيءَ جو
سفر“ نالي ڪتاب پڌرو ڪيوجنهن ۾ هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي، مؤلانا جلال الدين رومي ۽
علامه اقبال جي تصنيفن ۽ تعليمات ۾ هڪ جهڙائي ڳوليندي ڀرپور تقابلي جائزو پڻ ورتو
آهي. هن ڪتاب۾مصنف ادبي تلاش ۽ جستجوجا نوان ماخذ ڳوليندي جيڪي رفرنس سندس دسترس ۾
آهن تن مان ڀرپور فائدو ورتو آهي.
قائدِاعظم محمد علي جناح سندس پسنديده سياسي
رهنما هيو جنهن جي جدوجهد، سوانح عمري ۽ سياسي سوجهه بوجهه تي هن ”ساٿ ڌڻي سرواڻ“
نالي ڪتاب لکيو. هن ڪتاب ۾ پاڪستانين لاءِ عبرت جامقام به اجاگرآهن ته نصيحت جا
سبق پڻ ملن ٿا. هن ڪتاب کي زبان جي سادگي، بيان جي رواني، ترتيب جو سليقو ۽ مضمونن
جي نفاست خوبصورت ۽ پڙهڻ جي لائق بڻائي ٿي.
جناب ذوالفقار علي ڀٽو سياسي ۽ ذاتي زندگي
تي پڻ انگريزي زبان ۾ “The Falcon of Pakistan” نالي هڪ بهترين ۽ جامع ڪتاب لکيو هين. ذوالفقارعلي ڀٽو سان کين
بي انتها محبت ۽ عقيدت هئي جنهن جي ذاتي زندگي ۽ سياسي جدوجهد جاخدوخال،منظر،
واقعا، ملڪي ۽ بين الاقوامي سازشون ۽ وارداتون وضاحت سان اجاگر ڪيون آهن. کين زبان
۽ اظهار تي پڪڙ مظبوط آهي پر ڪٿي ڪٿي گهڻي لفاظيت جو ورجاءُ به ملي ٿو. ڪتاب پڙهندي
سادي ۽ سليس لهجي ۾ ملڪ جي تاريخ جا لڪل راز پنهان ٿيندي ملن ٿا.
عبدالغفور ڀرڳڙي ”گذري جي ويا، سي زمانه ياد
پيا“ جي عنوان سان پنهنجي سوانح عمري لکين جنهن ۾ سندن زندگي جا نادر تجربه،
داستان ۽ ڪهاڻين جي ڊگهي تاريخ آهي جنهن ۾سندس لب لهجومنفرد ۽ عام روش کان هٽيل
آهي جتي هو پنهنجي ماضي جي تذڪرن کي ورائيندي اسان جي سامهون آڻي ٿو. هي ڪتاب خالص
تحقيقي رنگ سان ٽمٽارآهي.
ڀرڳڙي صاحب جي گذري ويل زمانن ۾ لاڙڪاڻو شهر
اندر لاڙڪاڻو جو پراڻو شهر هن گندي ۽ ڌپيري شهر کان گهڻو سهڻو، سلجهيل ۽ مختلف
هوندو هيو جتي شغل، شادمانا، رنگ رليون، ناٽڪ رنگ، ناٽڪ سڀائون، اسٽيج، پنگهٽ، دوڪانداريون،
فلاحي ادارا ۽ تجارتي سهولتون وڌايون ويون ايتري تائين جو روزانو شهر جا رستا ۽ گهٽين
کي ٻهاري صاف ڪيوويندو هيون. تهذيب جا ڌڻي لاڙڪاڻو واسي ڪلاسيقي موسيقي جا ڄاڻونگر
۽ شوقين هوندا هيا. هندڪي دور ۾ لاڙڪاڻو شهر اندر موسيقي ۽ رقص سکڻ جا ڪيترائي اسڪول
هوندا هيا جتي ٻالڪ ۽ ٻالڪيون گيان سکندا هئا. ان دور ۾ موسيقي ۽ رقص تفريح،
مستقبل، آرٽ، وندر، لاءِ سکيا ويندا هيا. هولي تهوار جا ست ئي ڏينهن شهر جا هندو گڏجي
هولي جو هاندو منعقد ڪندا هيا. ان موقعي تي سنڌ ۽ انڊيا مان بهترين فنڪارن کي خاص
طور تي گهرايو ويندو هيو. تمام آيل مهمانن کي وڏي پاٻوهه سان بنگلن ۾ رهائش ڏني
ويندي هئي، جتي هنن کي مان مرياده سان گڏ محبت ۽ قيمتي تحائف پڻ ڏنا ويندا هيا. ان
دور ۾ شهر اندر ڪيترائي پاڻي پيئڻ وارا کوهه هئڻ سان گڏ آبادي جي ضرورتن پٽاندر
شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا حوض ٺهرايل هوندا هيا ته جانورن جي
پيئڻ لاءِ الڳ هود ٺهرايل هوندا هيا. شهرن ۾ مسافرن لاءِ خاص مسافر خانا ٺهرايا
ويندا هيا ۽ شاگردن لاءِ هاسٽلون پڻ هونديون هيون.
هڪ ملاقات ۾ڀرڳڙي صاحب مون کي ٻڌايو هيو ته
هو ته ”هر ماڻهو جي زندگي ۾ هڪ اهڙو وقت به ايندوآهي جو آرام دهه بسترا ڇڏي ڪنڊن
جي چادرن تي سمهڻو پوندو آهي“ تنهن کان پوءِ جون ڳالهيون ورجائيندي ٻڌايائين ته
”جيل جي بي رحم پٿريلي ڀتين، لوهي سلاخن واري ماحول ۽ ڏينهن راتين تي جيل ڊائري
ياداستانِ قيد و بند پڻ ڪتابي صورت ۾ لکڻ جو ارادو رکي ٿو“.
ڀرڳڙي صاحب سان منهنجون چار ملاقاتون ٿيون
جن مان آخري ملاقات سندس وفات کان هڪ سال اڳ مارچ ۲۰۱۴ع ڌاري شام جو ڇهين وڳي ڌاري
شهر جي پوسٽ آفيس جي سامهون واري مرڪزي ۽ ڪمرشل حصي پوسٽ آفيس اڳيان واقع سندس گهر
”ڀرڳڙي پلازه“ جي پهرين ماڙ تي ٿي هئي. مان شروع کان تاريخي ۽ تهذيبي روايتن جي
امين اهڙي ڪردارن جو پرستار رهيو آهيان ۽ انهن سان ملڻ سکڻ ۽ پنهنجي اصلاح جي پوري
ڪوشش ڪندو آهيان. سائين سان ملڻ ويم ته هڪ همراهه آڌرڀاءُ ڪندي مٿي هڪ ڪشادي ڪمري
۾ ويهاريو. منهنجي سامهون وڏي ٽيبل جي اترئين پاسي هڪ ريڪ ۾ قانون جا ڪافي ڪتاب
رکيل هيا. اڳيان رکيل ٽيبل جي شيشي هيٺان ٽن وڏي ڪاغذن مان هڪ تي ابوالقاسم محمد
جوفارسي غزل جنهن جا ٻه منڍ واراشعر هن ريت هيا ته "اگر
دانی کہ عالی خاندانم ۔نظر بر خاندان مصطفیٰ ﷺ
کن"
جو پرنٽ پيل هيو، ٻئي ڪاغذ تي هڪ سنڌي بيت جو چو سٽو ۽ ٽئين ڪاغذ تي هڪ آيت لکيل
هئي جنهن تي ”الله“ نالو وڏو ٿيل هيو. اترئين ڀت جي بجلي واري بورڊ تي هڪ ڳاڙهي
رنگ جي ننڍڙي هٿ واري بيٽري چارج لاءِ رکيل هئي. مان اڃان جائزو وٺي رهيو هيم ته ٻه
اڍائي منٽن کان پوءِ ڀرڳڙي صاحب اچي سلام ڪيو. کيس هلڪي ناسي رنگ جي جناح ڪيپ،
نيراڻ مائل خاڪستري سويٽر ۽ اڇا ڪپڙا پاتل هيا ته کٻي هٿ ۾ ڪاري رنگ جو ننڍڙو پرس
پڻ هيو.
ان ڏينهن لاڙڪاڻو جي تاريخ ۽ سندن زندگي
متعلق قريبن منو ڪلاڪ ڪچهري ڪئي سون. سندس شخصيت جي سادگي، اندازِ فڪر، مستعد
اسلوب، دانشمند گفتگو، رواداري ۽ خلوص مجموعي طور تي سنڌي تهذيب ۽ روايتن جو مڪمل ڇاپو
هيون. سندس چهري تي انسانيت ۽ پنهنجائپ، ذهني سڪون ڄڻ ته ٻهڪي پيو. 93 سال يعني هڪ
صدي جي اڏول ۽ مشقت ڀري زندگي گذاريندڙ هن ڀلي مانس وٽ ياداشت،حواسن جي پختگي،
مشاهدا ۽ محسوسات ايتري ته شاندار ۽ حيرت انگيز هئي. مان ساڻس ڳالهائيندي محسوس ڪيو
ته ڀرڳڙي صاحب وقت سان گڏ بس پوڙهو ٿيو آهي پر پنهنجي صحتمند سياسي زندگي ۽ سماجي
سوچ ڏانهن مٽيا ڪونه آهن جون پيري ۾ به هو ”وڪيل جيان گفتگو ۾ مدلل هيو“. ڪنهن ڪنهن
وقت منهنجي سوال تي جواب ڏيندي ”خيالي نقشي ۾ ليئو پڻ پئي پاتائين“.
مون سندس وڏي پروفائيل تي ڳالهائيندي سندس
ساده طبعتي ۽ طرزِ زندگي متعلق حيرت جو اظهار ڪيو ته هن خوبصورتي سان مرڪندي جواب ڏنو
”پٽ مان خاڪ نشين آهيان ۽ منهنجا خواب به عام، سادا ۽ معمولي آهن ۽ جڏهن مالڪ
پنهنجي اوقات کان وڌيڪ عزت ڏياري ته وڏائي ڪهڙي ڪجي“.
مون کانئس پڇيو ته سائين ڪهڙو سبب آهي جو هاڻي
”وڪالت سياست کان وڌيڪ پاتال ۾ ڪري پئي آهي ۽ تن جو ڪعبو قبلو پيسو وڃي بچيو آهي
ته عدالتن ۾ به رڳو تعلق، ناڻو ۽ مقام انصاف ڏياري ٿو؟“. وراڻيائين ”ادا آصف اسان
جي دور ۾ گهر، اسڪول، عدالتون، اوطاقون، چيمبر، ادارا، ڪچهريون اهڙيون تربيت گاهون
هونديون هيون جتي شعوري مشاهدن ۽ شخصي تجربن متعلق اعلا حساسيت جي پرورش ٿيندي
رهندي هئي“. ڪجهه ساهي پٽيندي ٻيهر وراڻيائين ”جج ۽ وڪيل ٽانگن تي گهمڻ تي به
معتبرائپ محسوس ڪندا هيا. اهو دور هيوجڏهن اطاعت جا رشتا هوندا هيا ۽ تڏهن انساني
ضمير کي ايتري امتحانن مان گذرڻو ڪونه پوندو هيو“.ڳالهائڻ ۾ ايترو احتياط جو
پنهنجي ڳالهه به ڪري ۽ سمجهائي پيو وڃي ۽ ڪنهن کي موردِ الزام به ڪونه پيو بڻائي.
ڀرڳڙي صاحب جوخيال هيو ته ”قائدِاعظم بي
پناهه قومي بصيرت وارو دردمند، دلسوز ۽ بالغ نظر وارو رهنما هيو جيڪو تاريخي،
تعليمي ۽ انتظامي تقاضا ۽ نزاڪتون پڻ ڄاڻندو هيو“. جنهن کان پوءِ هن جي بقول
”ذوالفقارعلي ڀٽوواحد سياسي مدبر هيوجنهن ملڪ جي ٻڏندڙ ٻيڙي ڪنڌيءَ لائڻ جي ڪوشش ڪئي“.
ان ڏينهن ڀرڳڙي صاحب مون گهڻيون دعائون ڏيندي
۽ خوشي جو اظهارڪندي ”مهذب جوان“ سڏيو هيو ۽ واپسي تي مون کي اڪبر اي پيرڀائي جو
لکيل ڪتاب“Jinnah
faces an Assassin” پڙهڻ لاءِ ڏنو هيو جيڪو هن وقت به منهنجي لائيبرري ۾موجود آهي.
ان ملاقات کان هڪ سال پوءِ سنڌ جي ڏاهي پٽ جي وفات ۱۰ فيبروري ۲۰۱۵ع تي سندن لاڙڪاڻو
واري گهر ۾ ٿي،منهنجي دعا آهي ته مالڪِ ڪائنات سندس درجات بلند ڪري کيس جنت
الفردوس ۾ عمده مقام عطا فرمائي.
(فيسبڪ پوسٽ ۱ جنوري ۲۰۲۶ع)

No comments:
راءِ ڏيندا