روشن جي
سُريلو موسيقار ۽ ڪي بورڊ پليئر
ناصر قاضي
وقت جيڏو تيزيءَ سان گذري وڃي ٿو، ايڏي ئي تيزيءَ سان انسان جي اندر جا
گھاوَ ۽ درد به ڀرجي وڃن ٿا. وڇوڙا، جدايون ۽ الائي ڇا ڇا وقت جي وهڪري ۾ لڙهيو وڃن
ٿا. پر ڪي درد، ڪي وڇوڙا اهڙا به هوندا آهن، جن جو ازالو وقت به نه ڪري سگھندو آهي.
جيتوڻيڪ هيءَ دنيا فاني آهي. ڪو ئي به هن دنيا، هن سنسار ۾ هميشه ناهي رهڻو. پر پوءِ
به ڪي امر انسان، ڌرتيءَ واسين کان وڇڙي، اهڙو ته ڏک ڏئي ويندا آهن، جيڪو رهندي عمر
تائين پيو اندر ۾ دکندو رهندو آهي. هر ڏينهن، هر پل، هر ويل ۽ هر سال نه ڄاڻ ڪهڙيون
ڪهڙيون سگھاريون شخصيتون اسان کان وڇڙنديون رهن ٿيون. جيڏي وڏي دنيا آهي، جيڏو وسيع
سنسار آهي، ايڏا ئي وڏا ۽ وسيع انسانن جي جدائيءَ جا درد آهن.
سال ۲۰۱۳ع به پنهنجا پل ۽ ساعتون پوريون ڪري رهيو آهي ۽ ٻن
ڏينهن بعد ۲۰۱۳ع جو ڪئلينڊر پنهنجو پاسو ورائي ۲۰۱۴ع ۾ بدلجي ويندو. مطلب اڄ جيڪو حال، حال ۾ آهي، سو
سڀاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي ويندو. جتي ۲۰۱۳ع
جي سال ۾ ڪيئي خوشيون ۽ شادمانا اسان کي نصيب ٿيا، اتي ۲۰۱۳ع، ٻين امر انسانن سان گڏ بنهه سريلا ۽ پيارا گائيڪ به اسان کان کسي،
درد جي درياهه ۾ پڻ اڇلايو. ڪلا جي دنيا جا اهي خوبصورت نالا، پنهنجي هستيءَ ۾ نه صرف
عظيم انسان هئا، پر اهي بذاتِ خود وڏا ادارا به هئا. جن جي فن ۽ ڪلا سان موسيقيءَ جي
مالها نه صرف ڪڻ ڪڻ ڪري سرندي رهي، پر سهڻا سر ۽ آلاپ به سمرندا رهندا هئا. سندن ساهه
جي تند ڇا ٽٽي، ڄڻ ته سونهن ۽ ساز جون سموريون تارون ٽٽي پيون. پوءِ اهڙن ڪلا ڌڻين
۾ سنڌ جي سدا بهار سُريلي راڳي غلام علي سنديلي جو نالو ڳڻائجي، جنهن مارچ جي ڦولار
واري مند ۾ وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏئي، پاڻ کي اسان کان پري ڪيو، يا وري ننڍي کنڊ جو ناميارو
طبلا نواز خانصاحب استاد نذير خان. برصغير جي لوڪ توڙي فلمي موسيقيءَ جي نامياري ڪلاڪاره
ريشمان، سُريلو شهنائي نواز استاد نياز حسين سمون ۽ سنڌي موسيقيءَ سان سلهاڙيل ماڙيچا
گھراڻي جو چشم و چراغ ۽ سُريلو موسيقار `روشن جي` ڪلا جي کيتر ۾ اهڙا نالا آهن، جيڪي
هرگز نه وسارڻ جهڙا آهن، جن سال ۲۰۱۳ع
۾ سنڌ ڌرتيءَ کان هميشه لاءِ موڪلائي، سُر ۽ تال جي سنسار ۾ ڄڻ ته وڏو خال پيدا ڪري
ڇڏيو.
ملڪ جي تمام سريلي موسيقار ۽ ڪي بورڊ پليئر `روشن جي` جو تعلق سنڌ جي
اهم موسيقار گھراڻي ’ماڙيچا گھراڻي‘ سان هو. موسيقيءَ جي فن سان وابسته ٻين گھراڻن
سان گڏ ماڙيچا گھراڻي جون به موسيقيءَ جي ميدان ۾ سگھاريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن.
هن گھراڻي جا عظيم گائيڪ ۽ موسيقار استاد سومار خان، خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان،
مرحوم استاد رحيم بخش خان، استاد فيروز گل، استاد ببر علي خان، استاد امانت گل، استاد
امير علي خان ۽ نامياور موسيقار `روشن جي` سميت ٻيا ڪيترائي ماضي بعيد توڙي ماضي قريب
کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ اڳ کان اڳرا رهيا آهن.
روشن جي، حيدرآباد ۾ خانصاحب استاد ضامن علي خان المعروف استاد ببر علي
خان جي اڱڻ تي ۱۹۷۳ع ڌاري جنم ورتو. سندس اباڻو نالو روشن علي هو ۽ اڳتي
هلي هن پنهنجي عزيز ۽ سنڌ جي نامياري موسيقار ۽ ڪلاڪار استاد امير خان جي مشوري سان
پاڻ کي (روشن جي) جي نالي سان سڏرايو، جيڪو نالو بعد ۾ سندس سڃاڻپ بڻجي ويو.
جيئن ته سندس جنم هڪ اهڙي گھراڻي ۾ ٿيو، جتي راڳ جا آلاپ ۽ سريلن سازن
جا آواز اڳواٽ گونجي رهيا هئا، ان ڪري موسيقيءَ جو علم کيس ورثي ۾ مليو. ناميارو راڳي
۽ موسيقار استاد مرحوم فيروز گل سندس چاچو ۽ پنهنجي وقت جو ناميارو ڪلاسيڪل ڪلاڪار
مرحوم استاد رحيم بخش خان عرف رائو خان سندس ڏاڏو هو.
روشن جي جو والدِ محترم استاد ضامن علي خان المعروف استاد ببر علي سنڌ
جو تمام سريلو موسيقار هو، جنهن خاص طور تي سنڌي فلمن جي دنيا ۾ پنهنجون نه وسرندڙ
خدمتون سرانجام ڏنيون. جنهن سڀ کان پهريان ۱۹۷۶ع ۾ رليز ٿيندڙ سنڌي فلم ’ماروئڙا‘ جي موسيقي ترتيب ڏني. ان کانپوءِ پاڻ
فلم ’محبت ۽ مذهب‘جي موسيقي ترتيب ڏنائين، جنهن ۾ پهريون ڀيرو سجاد يوسف جي آواز ۾
گانو ريڪارڊ ٿيو هو. ان کانپوءِ پاڻ لاهور هليو ويو. اتي وجاهت عطري سان گڏ هڪ پنجابي
فلم ’دنالي‘ جي موسيقي ترتيب ڏنائين. استاد ببر عليءَ پهريون ڀيرو پنجاب جي ناليواري
لوڪ ڪلاڪار عنايت حسين ڀٽيءَ کي ڪئسٽ ذريعي متعارف ڪرايو. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي
مشهور فنڪارن، جن ۾ عذرا رياض، نگهت سليم، انجم آرا، سجاد يوسف، غفور گل، روشن عباس،
ڪرم عباس، ثميره رياض، عابده خانم ۽ انيتا رياض کي پنهنجي موسيقيءَ ۾ ڳارايو. استاد
ببر علي ۱۳ نومبر
۱۹۸۸ع تي وفات ڪئي.
روشن جي اڃا ۱۵
سالن جو ئي هو، جو سندس والد
هيءَ فاني دنيا ڇڏي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. روشن جي پنهنجي چاچي، سنڌي جي
نامياري راڳي ۽ موسيقار استاد فيروز گل جي رهنمائيءَ ۾ ۱۹۸۸ع ڌاري موسيقيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ هارمونيم جي تربيت وٺڻ شروع ڪيائين.
استاد فيروز گل سندس والدِ محترم استاد ضامن علي خان جو وڏو ڀاءُ هو، جنهنڪري استاد
فيروز گل تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوهه سان روشن جي کي راڳ جي سکيا سان گڏ اعلى آدرشي گڻن
جي سکيا سان پڻ نوازيندو رهيو. ڪجھه عرصي بعد جڏهن روشن جي کي هارمونيم وڄائڻ تي ڪافي
دسترس حاصل ٿي، تڏهن پاڻ پنهنجي چاچي استاد فيروز گل جي اجازت سان ملڪ جي مشهور ڪي
بورڊ پليئر استاد اظهر حسين کان ڪي بورڊ جي سکيا وٺڻ جو عمل شروع ڪيو.
روشن جي، پنهنجي فني سفر جي شروعات ۱۹۸۸ع ۾ پاڪ-آمريڪن ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ سان ڪئي.
جنهن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس پروڊيوسر نصير مرزا متعارف ڪرايو. روشن
جي ملڪ جي ناميارن فنڪارن جهڙوڪ: استاد حامد علي خان، عابده پروين، رئيس خان، بلقيس
خانم، مهناز، اختر چنال، استاد شرافت علي خان، ذاڪر حسين، نصيبو لال ۽ ٻين ڪيترن ئي
فنڪارن سان ڪي بورڊ تي سنگت ڪئي. هن سوين گيتن جي ڪمپوزيشن پڻ ترتيب ڏني. ان ڏس ۾ پاڻ
سنڌ توڙي ملڪ جي ناميارن ڪلاڪارن استاد امير علي، استاد شفيع فقير، صادق فقير، تاج
مستاني، شمن علي ميرالي، ممتاز لاشاري، اسلم اقبال، راشد جان، ديبا ڪنول، ثمينه ڪنول،
سونيا ڪنول، نرما ڪنول، مارئي سنڌو، جوڳي جلال، مختيار علي شيدي، فرزانه پروين، تنوير
وارثي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن جا ڳايل گيت ڪمپوز ڪيائين.
روشن جي سنڌ جو اهو پهريون موسيقار آهي، جنهن کي سندس زندگيءَ ۾ اقوام
متحده جي اداري يونيسڪو ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهو ايوارڊ ازبڪستان ۾ ۱۹۹۷ع ۾ ٿيل انٽرنيشنل ميوزڪ فيسٽيول جي موقعي تي کيس ڏنو
ويو. ان کان علاوه ٻه ڀيرا ۲۰۰۷ع
۽ ۲۰۱۰ع ۾ لعل شهباز قلندر ايوارڊ، ۲۰۰۲ع ۾ ايف ايم ۱۰۱ ايوارڊ، ۱۹۹۷ع ۾ پي بي سي ايوارڊ، ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۱۲ع ۾ سچل يادگار شيلڊ ۽ تاوز ۲۰۱۲ع ۾ مهراڻ آٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران گولڊ ميڊل پڻ حاصل
ڪيائين.
روشن جي پنهنجي حياتيءَ جي آخر تائين، حيدرآباد جي مهراڻ آرٽس ڪائونسل
جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو. هن ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏني ۽ خاص ڪري هارمونيم
توڙي ڪي بورڊ جي سکيا سان نوازيو.
روشن جي سنڌ توڙي پاڪستان کان علاوه آمريڪا، جرمني، فرانس، ڪئنيڊا، انگلينڊ،
روس، اردن، ازبڪستان، دبئي، ابو ظهبي، سريلنڪا، نيپال ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
هن پنهنجي زندگيءَ ۾ شاهه سائينءَ جي سرن تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪيو.
جنهن اوکي عمل سان پاڻ آخري ڏينهن تائين سلهاڙيل رهيو.
روشن جي جتي ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن ڪلاڪارن سان ڪي بورڊ تي سنگت ڪئي. اتي
مون کي پڻ اهو شرف حاصل آهي ۽ مان پاڻ کي ان حوالي سان خوشنصيب ٿو سمجھان ته پاڻ مون
سان منهنجي اڻپورن آلاپن ۽ منهنجي اڍنگي آواز تي ۲
ڀيرا ڪي بورڊ تي سنگت ڪئي
هئائين.
روشن جي جو والد محترم استاد ضامن علي المعروف استاد ببر علي ۴۰ سال حياتي ماڻي، ڌرتيءَ کي
الوداع چئي ويو. ساڳئي ريت روشن علي به پنهنجي والد جيان صرف ۴۰ سال حياتي ماڻي، ۱۱ ڊسمبر ۲۰۱۳ع تي ڦوهه جوانيءَ ۾ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو.
سنڌ جي هن سريلي ۽ نامياري موسيقار ابن موسيقار راڳ جو وکر ته پنهنجي والد محترم کان
ورثي ۾ ورتو هو، پر شايد هن ۴۰
سالن جي ڄمار ۾ وفات به پنهنجي
والد کان ميراث ۾ ورتي هئي. ۲۰۱۳ع
سال جڏهن پاسو ورائي ۲۰۱۴ع ۾ بدلجي ويندو، اتي ۲۰۱۳ع جي ڏنل هن گهري گھاوَ کي ڇٽڻ لاءِ شايد ڪي ورهيه
ئي لڳن.سرڪش سنڌي چواڻيءَ ته: ائين ڇڏائي هٿ مان هٿ ويا ڄڻ نه هئا منهنجا آلا ڪپڙا
وقت سُڪايا ڳل نه سُڪا منهنجا!
No comments:
راءِ ڏيندا