; سنڌي شخصيتون: هيبت خان مري - مير حسن مري

18 January, 2014

هيبت خان مري - مير حسن مري

هيبت خان مري
تعليم جو ماهر ۽ هڪ آئيڊيل اُستاد
مير حسن مري/ ڀِٽ ڀائٽي
۱۹۳۵ع ڌاري، سانگهڙ ضلعي جي هڪ تمام پسمانده ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ هيبت خان مري جڏهن هوش سنڀاليو، ته کيس مال ۾ پهرايو ويو. پر سندس نصيب ان مهل پلٽو کاڌو، جڏهن مٿس تر جي مشهور زميندار حاجي محمد عثمان مري جي نظر پئي.


حاجي عثمان، انهن ماڻهن مان هو، جيڪي عام ماڻهن جي ڀلائي چاهيندا هئا. هن ڇوڪري کي به سندس شفقت نصيب ٿي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۾ حاصل ڪري، اتان جي هاءِ اسڪول مان فائنل جو امتحان پاس ڪري، جلد ئي پرائمري استاد طور سرڪاري نوڪري ورتائين.
هيبت خان، هڪ هاريءَ جو اولاد هو. ان ڪري کيس علم پرائڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. نوڪريءَ دوران ئي، سڪرنڊ جي ڪاليج مان گريجيوئيشن ڪيائين. اتان ترقي ڪري، هاءِ اسڪول ۾ انگريزيءَ جو اُستاد بڻيو.
انگريزي ۽ رياضي ۾ عبور رکندڙ هيبت خان کي، ڪجھه ئي عرصي دوران هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هڪ آئيڊيل اُستاد جي سُڃاڻپ رکندڙ هيبت خان، ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
ھو تمام سادو، نماڻو، هر ڪنهن سان کلي ڳالهائيندڙ، هڪ ئي وقت ۾ هڪ ذميوار استاد ۽ اولاد لاءِ هڪ شفقت ڀريو والد ھيو. سندس شخصيت جا تمام گهڻا پاسا هئا. پنهجي زندگيءَ جا سٺ سال تعليم کي ارپيندڙ هيبت خان مري، هڪ احساساتي شخص هو. غريب شاگردن جي علاج کان وٺي سندن ڊريس ۽ ڪتابن جو خرچ پنهجي کيسي مان ڀري کيس دلي سڪون ملندو هو.
سندس ڪيترا ئي شاگرد اڄ وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي مقرر آهن. سوين شاگرد استاد پڻ ٿيا آهن.

تاريخ ۴ جنوري ۲۰۱۰ تي اسان کان جسماني طور هميشه لاءِ جدا ٿيندڙ هِيءُ غير معمولي انسان، ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ روحاني طور زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو. جيڪڏهن اڄ جا استاد به هيبت خان جيان پنهجا فرض سر انجام ڏين ته شايد هِيءَ ڌرتي جنت بڻجي پوي.

No comments:

راءِ ڏيندا