حضرت مخدوم فاضل شاهه ملتاني رح
سنڌ ۾غوث پوٽن جي گاديءَ جو باني ۽ ڪامل ولي
مراد علي شاهه بڪيرائي
ملتان سان سنڌ جو تاريخي لاڳاپو رهيو آهي. جنهن جو هڪ مکيه ڪارڻ
ملتان جي بزرگن سان سنڌ واسين جي محبت ۽ عقيدت مندي به رهيو آهي. تاريخ جي ورقن ۾
ملتان کي آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو ئي هڪ ڀاڱو ڄاڻايو ويو آهي، پر سنڌين جي ملتان جي
بزرگن سان محبت جو ڪارڻ زمين جي حد بندي ڪڏهن به نه رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو
اڄ جڏهن ملتان سنڌ جي حدن کان ٻاهر آهي تڏهن به اهو سنڌين جي دلين جي حدن کان ٻاهر
نڪري نه سگهيو آهي. ملتان جي بزرگن سان سنڌين جي محبت ۽ سنڌين جي ملتان جي بزرگن
سان محبت ۽ عقيدت ئي اهو هڪ مکيه ڪارڻ هو. اهي ملتاني بزرگ نه رڳو پنهنجي وقت ۾
سنڌ جي وسندين ۾ دين جي تبليغ ۽ ماڻهن کي نئين واٽ تي هلڻ جون هدايتون ڪرڻ لاءِ
ڪهي ايندا رهيا، ته سنڌي به فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن هلي ويندا رهيا ۽ کانئن دعائون
وٺندا رهيا. ان ۾ نه رڳو سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا هزارين ماڻهو اڄ به حضرت غوث
بهاءُ الدين ذڪريا جا وڏا عقيدت مند ۽ مريد آهن، پر سنڌ جي تاريخي شهر بڪيرا شريف
۾ ان ئي غوثيه ڪٽنب جي گادي موجود آهي. جنهن ڪري ئي بڪيرا شريف کي ملتان ثاني يعني
ٻيو ملتان به ڪوٺيو وڃي ٿو. بڪيرا شريف ۾ غوثيه ڪٽنب جي اها گادي مخدوم فاضل شاهه
ملتانيءَ جي اچڻ کان پوءِ قائم ٿي.
حضرت مخدوم فاضل شاهه ملتاني، حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا جو پڙپوٽو،
صدرالدين شاهه جو پٽ ۽ حضرت رڪن الدين جو ڀاءُ هو. جيڪو پڻ پنهنجي وڏن وانگر صاحب
ڪرامت ۽ دين جو پکيڙيندڙ ۽ ماڻهن کي سنئين واٽ ڏسيندڙ بزرگ هو. اهو ئي بڪيرا شريف
۾ غوثيه ڪٽنب جي گادي قائم ڪندڙ پهريون بزرگ هو. هو پنهنجي وڏن وانگر سنڌ ۾ ايندو
رهندو هو پر هتي سندس هميشه لاءِ رهڻ جو سبب، آمريءَ جي هنڌ جو اهو وڻ ٿيو، جيڪو
پراڻ دريا جي ڪناري تي سندس ئي پڙ ڏاڏي حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا جو پوکيل هو.
آمريءَ وارو اهو هنڌ ٽنڊي جان محمد لڳ آهي. جيڪو آمريءَ وارو قبرستان سڏجي ٿو. ان
ئي قبرستان جي ڪنڊ ۾ حضرت شيخ بهاءُالدين ذڪريا اچي چلو ڪڍيو هو. اتي ئي هن آمريءَ
جو هڪ ٻوٽو پڻ پوکيو هو. اهو جڏهن وڌي وڻ ٿيو ته ان جي ٿڙ جي پاڙ واري حصي ۾ دريءَ
وانگر هڪ ويڪرو سوراخ ٺهي پيو هو، جنهن مان ماڻهو به لنگهي سگهندو هو. ان وڻ جي ان
دريءَ بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ اها ڳالهه روايت ٿيل آهي ته ان دريءَ مان رڳو صاف دل
ماڻهو ئي لنگهي سگهندو هو. ڪو به ڏوهي ماڻهو ان مان لنگهي نه سگهندو هو. آمريءَ
واري ان هنڌ کي، جتي غوث بهاءُ الدين ذڪريا چلو ڪڍيو هو، ”سمن صالحين“ به سڏيندا
آهن.
آمريءَ وارو اهو وڻ جيئن ته حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا جو پوکيل هو.
ان ڪري ان جي مريدن لاءِ اهو وڏي اهميت رکندڙ هو. جنهن ڪري اتي ڳڄ وقت کان مريدن
جي اچ وڃ رهندي هئي ۽ مخدوم غوث جا فقير اتي گڏ ٿي ميلو پڻ لڳائيندا هئا. پر پوءِ
ان هنڌ تي مخدوم نوح رح جي خادمن قبضو ڪري ورتو ۽ غوثيه مريدن ۽ فقيرن جو اتي اچڻ
وڃڻ بند ڪيو ويو. جنهن ڪري غوثيه خادمن جي هڪ جماعت، ملتان ۾ وڃي، ان بابت شڪايت
ڪئي. جنهن کان پوءِ اتان حضرت مخدوم فاضل شاهه ڪلان ملتانيءَ کي سنڌ ۾ اچڻ جو حڪم
ٿيو.
پاڻ مليل حڪم موجب ۹۵۱ هه ڌاري، پهرين ڪشمور ۽ پوءِ اتان کان بڪيرا شريف
۾ پهتو. حضرت پير فاضل شاهه ڪلان ملتاني جن جي بڪيرا شريف ۾ اچڻ بابت، سندن اچڻ
کان اڳ ڪجهه بزرگن اڳڪٿيون به ڪيو هيون. چون ٿا ته منادن مان هڪ ميمڻ ذات جي عورت،
بڪيرا شريف ۾ پرڻجي آئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ان جو مڙس مري ويو ۽ پوءِ هوءَ ساهرن
کي ڇڏي، پنهنجن مائٽن ڏانهن وڃڻ لاءِ بضد هئي. سندس ساهرن ڪيتريون ئي منٿون ڪيون
پر هوءَ پنهنجي ضد تان نه لٿي. آخر ان جي ساهرن هتي جي درويش کي اهو احوال ٻڌايو. جنهن
تي ان درويش هي بيت چيو؛
ٿيندي باغ بڪيراڻي، ميمڻ مَ وڃ رسي،
هت روضا ٿيندا شاهه رڪن جا، خلق ڪندي خوشي،
ايندءِ مائٽ مسي، پوندئي مار مناد ۾.
سخي شيخ ٻانهون، جيڪو پڻ هڪ بزرگ هو، (جنهن جو روضو بڪيرا شريف بس
اسٽاپ جي ڀرسان اتر طرف آهي، جتي قبرستان پڻ آهي) جڏهن ملتان ويو ته اتي ڪنهن بزرگ،
کيس چيو ته؛ ”تون سنڌ ۾ وڃي رهه! اتي اسان جو اولاد اچڻو آهي“.
شيخ ٻانهي پڇيو ته؛ ”سنڌ ۾ ڪهڙي جاءِ تي ايندا؟“
بزرگ چيو ته؛ ”تو کي جتي به مڇي ماني ملي، اتي رهي پئجان ۽ اسان جو
اولاد پڻ اتي ئي ايندو“.
شيخ ٻانهون جڏهن سنڌ ۾ سفر ڪندي بڪيرا ۾ ڪجهه ترسيو ته هن کي هتي ئي
مڇي ماني ملي. پوءِ هو مليل هدايت موجب هتي ئي رهي پيو. جنهن کان پوءِ هو هتي
روزانو هڪ ميدان ۾ ٻهاري ڏيندو هو. ان ميدان تي هن وقت مخدوم فاضل شاهه، قائم
الدين قلندر، مخدوم ولايت علي شاهه ۽ ٻين بزرگن جي گڏيل وڏي خوبصورت درگاهه شريف
آهي.
چون ٿا ته مخدوم فاضل شاهه جيئن ئي پنهنجي خادمن جي لشڪر سان گڏ
بڪيرا ۾ پهتو ته هتي موجود حسين سنگهار جيڪو حضرت مخدوم نوح رح جو خليفو ۽ وڏو
پهتل بزرگ پڻ ھو، سو ان جي هتي رهڻ ۾ راضي نه هو. مخدوم فاضل شاهه جي فقيرن جڏهن
تنبو هڻڻ لاءِ ڪلا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي سخت ٿي ويل زمين ۾ کپي نه پئي سگهيا.
نيٺ ناڪام ٿي هنن مخدوم فاضل شاهه کي معاملي جي ڄاڻ ڏني. جنهن کين چيو ته؛ ”هاڻ
وڃي پنهنجي جتين سان ڪلا ٺوڪيو ته پاڻ ئي زمين ۾ گهڙندا ويندا.“ پوءِ ايئن ئي ٿيو
ته جيڪي ڪلا مترڪن سان نه پئي کپي سگهيا سي جتين جي ٺوڪ سان ئي کُپي ويا. جنهن تي
پير فاضل شاهه پنهنجي فقيرن کي مخاطب ٿي چيو ته؛ ”غوثيه خاندان جا ڪلا، هاڻ هتي قيامت
تائين رهندا.“
مخدوم فاضل شاهه، وڏو بزرگ ۽ طريقت جو وڏو پير هو. بڪيرا شريف ۾ سندس
اچڻ کان پوءِ، سنڌ سان ملتان جو لاڳاپو وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو. ملتاني جماعتون
پهرين بڪيرن مان ٿي پوءِ ملتان وينديون هيون ۽ اتان واپسي تي به وري بڪيرا ۾ ضرور
حاضري ڀرينديون هيون. اها رسم ورهين تائين هلندي رهي. ان ڪري ئي اها چوڻي به مشهور
ٿي ته:
”جنهن بڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو.“
اهو ئي ڪارڻ هو جو ملتان جا پاڳارا جڏهن به سنڌ ۾ايندا هئا ته بڪيرن
۾ ضرور ايندا هئا.
مخدوم فاضل شاهه سان گڏ ملتان مان سندن ئي عزيز پير شهر الله شاهه به
بڪيرن ۾ اچي رهيو. جنهن آمري واري هنڌ تان مخدوم نوح رح جي فقيرن جو قبضو ختم
ڪرائي اهو غوثيه فقيرن کي واپس ڏياريو. مخدوم فاضل شاهه کي پٽ جو اولاد نه هو ۽ هن
پنهنجي نياڻيءَ کي پير شهرالله شاهه سان پرڻائي کيس پنهنجو ناٺي ڪيو. مخدوم فاضل
شاهه 14 رجب المرجب ۹۷۶ هه ۾ وفات ڪئي. سندس ئي وصيت موجب سندس جاءِ تي پير
شهرالله شاهه گادي نشين ٿيو. بڪيراشريف ۾ سندس عاليشان مقبرو موجود آهي.
مخدوم فاضل شاهه جي ڏهٽاڻي نسل مان مخدوم پير قائم الدين قلندر به
نالي وارو بزرگ ٿي رهيو آهي. جڏهن ته سندس هڪ ڏوهٽو شاهه سراج الدين جيڪو قائم
الدين قلندر جو ڏاڏو به ٿئي سو به پنهنجي وقت جي نالي وارين شخصيتن مان هو. دهليءَ
جي مغل حاڪم فرخ سير جي دربار ۾ وڏي عزت رکندڙ هو. هي اهو ئي شاه سراج الدين آهي
جنهن بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته جهوڪ واري شاهه عنايت خلاف جنگ ۾ پير سراج
الدين جو به هٿ هو جو اهو پڻ شاهه عنايت جو مخالف هو ۽ جڏهن سنڌ مان شاهه عنايت جا
مخالف شڪايت کڻي فرخ سير وٽ پهتا هئا ته شاهه سراج الدين پڻ ان وقت دهليءَ ۾ فرخ
سير وٽ موجو د هو ۽ هن شاهه عنايت خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به حمايت ڪئي.
مخدوم فاضل شاهه جي وفات جيتوڻيڪ ۱۴ رجب ٿي هئي پر هاڻ سندس عرس هر
سال ۱۴ شوال تي مخدوم پير ولايت شاهه سان گڏ ملهايو ويندو آهي. جيڪو پڻ ان ئي ڪٽنب
مان هڪ نالي واري شخصيت ۽ غوثيه ڪٽنب جو اهم گادي نشين پڻ ٿي گذريو آهي. سنڌ تي
برطانيا جي راڄ واري وقت سندس خدمتن ۽ حيثيت کي ڏسندي انگريز سرڪار کيس جسٽس آف
پيس جي خطاب سان به نوازيو هو. هن وقت ان جي جاءِ تي پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز
شاهه گادي نشين آهي. جيڪو پڻ غوثيه بزرگن
جي روايتن کي جيئن جو تيئن قائم رکندو پيو اچي.
ماشاءاللہ
ReplyDelete