; سنڌي شخصيتون: علي خان جوڻيجو - نواز ڪنڀر

18 January, 2014

علي خان جوڻيجو - نواز ڪنڀر

علي خان جوڻيجو
سانگهڙ جي ”پرنس“ جو وڇوڙو - هڪ دور جي پڄاڻي!
نواز ڪنڀر
هونئن ته سانگھڙ جا جوڻيجا، مختلف حوالن سان، سڄي سنڌ بلڪ ملڪ ۾ مشهور آهن پر انهن ۾ بڪار جا جوڻيجا، سياست ۽ زراعت کان علاوه خاص طور تي، اعلى تعليم يافته هجڻ ڪري، سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. جن ۾ خان بهادر محمد حيات ولد ڪريم داد جوڻيجي جي خاندان جو تعليم جي لحاظ سان، شروع کان وٺي اڄ تائين پوري ضلعي ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگھي،  جنهن جو سبب خود خان بهادر محمد حيات جوڻيجي جو تعليم جي اهميت کان ان وقت واقف هجڻ هو، جڏهن عام ماڻهن جو انهيءَ پاسي ڌيان ئي نه هو. خان بهادر انگريزن واري مارشل لا دوران ۱۹۴۲ع ڌاري نه صرف بڪار ۾ بلڪ ٻين به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايا، انهن اسڪولن جي شاگردن کي اسڪول ۽ تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ کين همٿائڻ لاءِ شاگردن ۽ استادن لاءِ پنهنجي زرعي اپت مان ’وِرو‘ به مقرر ڪيو. ان مارشل لا دؤر ۾ جڏهن هي علائقو ٻوڙيو ويو، تڏهن  تمام گھڻو آڳاٽو، چوپائي مال جي سانگي، ٺٽي واري پاسي کان هتي لڏي آيل جوڻيجا، مختلف پاسن ڏانهن لڏي ويا. ان وقت خان بهادر جو خاندان لڏي، لٽڪي موري ڀرسان، نئين ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. انهيءَ خاندان جي هڪ نهايت ئي تعليم يافته فرد، علي خان جوڻيجي، جڏهن ۱۱.۱۲.۱۳ تي (اها تاريخ به خود ڪيتري عجيب آهي) ڪراچيءَ ۾ آخري ساهه کنيا ته ڄڻ ضلعي سانگهڙ جي سياسي تاريخ سان گڏ، هن خاندان جي تاريخ جو به هڪ اهم باب پڄاڻيءَ تي پهتو.


علي خان جوڻيجو ۲۳ جولاءِ ۱۹۳۱ع تي مشهور ڍنڍ بڪار (موجوده چوٽياري ڊيم ڀرسان) لڳ، پنهنجي آبائي ڳوٺ تاجر (جوڻيجن جي تاجر) ۾ پئدا ٿيو. سندس خاندان جي عزت، آسودگي ۽ شان شوڪت جي گواهي، چوٽياري ڊيم ۾ آيل ماڙيون به ڀرين ٿيون. علي خان پرائمري بڪار مان پاس ڪري، وڌيڪ تعليم ڪراچي جي مشنري اسڪول سينٽ پيٽرڪ مان حاصل ڪئي. ان بعد هن ۴ سال آمريڪا ۾ رهي برڪلن ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد هو ون يونٽ واري وقت ۱۹۶۲ع ۾ ويسٽ پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ ۱۹۶۵ع تائين ميمبر رهيو. ملڪ جو هي نالي وارو پڙهيو لکيو آبادگار، ۱۹۹۳ع ڌاري معين قريشي جي دور حڪومت ۾، ۳ مهينا زراعت ۽ خوراڪ جو وفاقي وزير به رهيو. شهيد ڀُٽي جي خاندان سان سندس ڪافي ويجھا تعلقات رهيا. شهيد ڀُٽي تي، سانگھڙ ۾ ٿيل قاتلاڻو حملو، سندن پئٽرول پمپ جي سامهون ٿيو هو. ان بعد ڀٽو صاحب ٻئي ڀيري جڏهن سانگھڙ  اسٽيڊيم ۾ جلسو ڪرڻ آيو ته تقرير ڪندي سڀني کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. پ پ پ جي جهونن جيالن جي بقول ته ڀٽو صاحب ٻه ڀيرا هن خاندان جو مهمان ٿيو، هڪ ڀيري امداد الله انڙ جي ڊي سي هجڻ واري وقت، سانگھڙ ريسٽ هائوس ۾ ٿيل ماني جي دعوت به چون ٿا ته هن ئي خاندان جي هئي. جھونا اهو به چون ٿا ته ۱۹۸۸ع ۾ پي پي پاران ظهور عالم رند کي مليل قومي اسميبلي جي سيٽ، اڳ ۾ وڏيري علي خان کي ئي مليل هئي، جنهن سيٽ سان ظهور عالم رند پير صاحب پاڳاري جي فرزند سائين علي گوهر شاهه جو مقابلو ڪري ملڪ گير شهريت حاصل ڪئي. ان بعد ۱۹۸۸ع  ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرئين دؤر ۾ حڪومت ۾ علي خان صاحب TCP ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جو، پي پي حڪومت جي پڄاڻيءَ تائين  چيئرمين رهيو. ڀٽو خاندان سان سندن ويجھڙائي جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون  ٻڌجن ٿيون. اهو به ٻڌجي ٿو ته هن خاندان کي ملڪ جي اهم ترين خاندان سان مائٽيءَ جي آڇ به ٿي هئي. اهو به چئجي ٿو ته علي خان جوڻيجي جي هڪ فرزند جي شادي جيڪا ملڪ جي هڪ وڏي ڪاروباري خاندان مان ٿي هئي، ان ۾ محترمه بينظير صاحبه جو به وڏو هٿ هو. اهڙي طرح علي خان صاحب جا ٻئي پٽ، سانگھڙ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ اليڪشن ۾ به بيٺا. جن مان هڪ پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي چوڻ تي هٿ کڻي ويو.
علي خان جوڻيجو ذهين هجڻ سان گڏ ننڍي هوندي ڏاڍو خوبصورت به هوندو هو، جنهن ڪري پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه (جيڪو سورهيه بادشاهه جي هڪ شادي جوڻيجن ۾ ٿيڻ سبب سندن عزيز به هو) کيس سڏيندو ئي پرنس جي نالي سان هو. خانبهادر محمد حيات جوڻيجي جي حر تحريڪ ۾ ڪردار ۽ سورهيه بادشاهه سان ويجھڙائي هئي. خانبهادر صاحب کي چئن پٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾ مرحوم ڪريم داد (جنهن جو نالو وائلڊ لائف جي تحفظ جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ اڄ به وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو) علي خان جوڻيجو، خير محمد جوڻيجو (جيڪو پڻ وفاقي وزير رهيو) ۽ غلام مصطفى جوڻيجو.

علي خان جوڻيجو جتي سياست ۽ ڪاروبار ۾ رهيو، اتي سندس نالو سانگھڙ ۾ پراسرار نموني مارجي ويل مشهور حر ڪردار شهيد امين فقير مڱريو (جنهن جي نالي سان سانگھڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، جيم خانه ۽ پوليس لائين وارو چوڪ منسوب ٿيل آهي) ڪيس ۾ به شامل هو ۽ هو ’ادارن‘ جي پڇا ڳاڇا هيٺ به رهيو. پير صاحب پاڳاري سان صفا ويجھو رهندڙ هي خاندان، سانگھڙ شهر ۾، ڏينهن ڏٺي جو  قتل ٿيل خان بهادر محمد حيات جوڻيجي جي ويجھي عزيز، علي بخش جوڻيجي جي قتل بعد، سياسي طرح ڪجهه پري ٿي ويو. (حالانڪ ان جا ڪجھه ٻيا سبب بيان ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ هڪ نالو سندن ذات ڀائي ۽ اهم شخصيت جو به کنيو وڃي ٿو). هي خاندان پاڙي جي غريب غربي کي نه ڏکوئيندڙ، هارين سان ليکي چوکي ۾ صاف، سٺي آبادگار هجڻ سان گڏ ضلعي ۾ هڪ اعلى تعليم يافته ۽ مٿئين سطح تي با اثر خاندان طور مشهور آهي. هن ٻين ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ پنهنجن وڏن پاران هن تَر ۾ آندل ’مليري‘ ڍڳي جي نسل کي به آخر تائين بچائي رکيو. اڄ به سندس ’لُٽڪي‘ واري ٻنيءَ تي صديون اڳ ۾ هتي آندل، انهيءَ نسل جو ڏس ملي ٿو. انتهائي ايماندار، با اصول، بي ڊپو، جذباتي، خوشامد کان پري، سچي ۽ کري هن ماڻھوءَ نه ڪنهن اڳيان ڪڏهن ڪنڌ جھڪايو ۽ نه ئي جتي لاٿي! تنهن جي وڃڻ سان مقامي سطح تي تبصرن جو سلسلو يقيناً ڪافي ڏينهن تائين هلندو رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا