; سنڌي شخصيتون: علي، خان، جوڻيجو، سانگهڙ، پرنس، وڇوڙو، دور جي پڄاڻي، نواز، ڪنڀر،
Showing posts with label علي، خان، جوڻيجو، سانگهڙ، پرنس، وڇوڙو، دور جي پڄاڻي، نواز، ڪنڀر،. Show all posts
Showing posts with label علي، خان، جوڻيجو، سانگهڙ، پرنس، وڇوڙو، دور جي پڄاڻي، نواز، ڪنڀر،. Show all posts

18 January, 2014

علي خان جوڻيجو - نواز ڪنڀر

علي خان جوڻيجو
سانگهڙ جي ”پرنس“ جو وڇوڙو - هڪ دور جي پڄاڻي!
نواز ڪنڀر
هونئن ته سانگھڙ جا جوڻيجا، مختلف حوالن سان، سڄي سنڌ بلڪ ملڪ ۾ مشهور آهن پر انهن ۾ بڪار جا جوڻيجا، سياست ۽ زراعت کان علاوه خاص طور تي، اعلى تعليم يافته هجڻ ڪري، سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. جن ۾ خان بهادر محمد حيات ولد ڪريم داد جوڻيجي جي خاندان جو تعليم جي لحاظ سان، شروع کان وٺي اڄ تائين پوري ضلعي ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگھي،  جنهن جو سبب خود خان بهادر محمد حيات جوڻيجي جو تعليم جي اهميت کان ان وقت واقف هجڻ هو، جڏهن عام ماڻهن جو انهيءَ پاسي ڌيان ئي نه هو. خان بهادر انگريزن واري مارشل لا دوران ۱۹۴۲ع ڌاري نه صرف بڪار ۾ بلڪ ٻين به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايا، انهن اسڪولن جي شاگردن کي اسڪول ۽ تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ کين همٿائڻ لاءِ شاگردن ۽ استادن لاءِ پنهنجي زرعي اپت مان ’وِرو‘ به مقرر ڪيو. ان مارشل لا دؤر ۾ جڏهن هي علائقو ٻوڙيو ويو، تڏهن  تمام گھڻو آڳاٽو، چوپائي مال جي سانگي، ٺٽي واري پاسي کان هتي لڏي آيل جوڻيجا، مختلف پاسن ڏانهن لڏي ويا. ان وقت خان بهادر جو خاندان لڏي، لٽڪي موري ڀرسان، نئين ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. انهيءَ خاندان جي هڪ نهايت ئي تعليم يافته فرد، علي خان جوڻيجي، جڏهن ۱۱.۱۲.۱۳ تي (اها تاريخ به خود ڪيتري عجيب آهي) ڪراچيءَ ۾ آخري ساهه کنيا ته ڄڻ ضلعي سانگهڙ جي سياسي تاريخ سان گڏ، هن خاندان جي تاريخ جو به هڪ اهم باب پڄاڻيءَ تي پهتو.