ويرومل بيگراج
سنڌ جو خدمتگار
جي ايم سيد
هن جو والد، ڀائي بيگراج،
سوامي هرنامداس جي چوڻ مطابق، ساڌ ٻيلي ۾ پاڻيءَ جا مٽ ڀرڻ جي شيوا ڪندو هو. ماني
به گهران کائي ايندو هو ۽ پاڻي دريا مان پيئندو هو. چي؛ پنهنجي ڀريل انهن مَٽن مان،
پاڻي پيئڻ جي معنيٰ ٿيندي اُجورو وٺڻ!
سمربيت ويرومل، 24 جنوري
1874ع تي رات جو نائين بجي، ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي جي ڀر واري پنهنجي گهر ۾ جنم
ورتو.
سنڌيءَ جا ٽي درجا
شڪارپور ۾ ماستر ڄيٺانند وٽ، ۽ چوٿون درجو سکر ۾ ماستر هريسنگهه وٽ پڙهيو. انگريزي
پنج درجا سکر ۾ پڙهيائين ۽ ڇهون ستون درجو شڪارپور ۾ پڙهيائين. پوءِ سيڪنڊ گريڊ
پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 18- مئي 1893ع تي، سکر اَلبرٽ پريس ۾ نوڪريءَ تي
چڙهيو، جتي ٽن ورهين کان پوءِ جڏهن پنجويهه رپين پگهار تي پهتو، ته روينيو کاتي ۾
کيس چوڏهن رپين جي پگهار سان نوڪري ملي. اهو آرڊر کڻي، شري گوڪلداس وٽ آيو، جنهن
اهو آرڊر ڦاڙي، کيس چيو ته؛ تو کي ماڻهو بنائبو، نه غلام! انهيءَ واقعي سندس
حياتيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو. پوءِ هو شري گوڪلداس جي صحبت ۾، 1895ع ۾ شروع ڪيل ”سڌار
سڀا“ ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽ ”ڪنيا پاٺشالا“ ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. شراب جي بهشڪار جو
پرچار ڪندو، راڳ ڳائيندو رهيو. 1897ع ۾ پليگ جي بيماري پيئي. سکر شهر جا ماڻهو لڏڻ
لڳا. ان وقت، سماجي خدمت ڪندي، شري ويرومل چڱو پاڻ موکيو.
ساڌو گوڪلداس شيوا ڪندي
بيماريءَ جو شڪار ٿيو، ۽ 2 اپريل 1897ع تي وفات ڪيائين. پوءِ ”سڌار سڀا“ جو سمورو
ڪم شري ويورمل کي سنڀالڻو پيو. سندس ڪوشش سان، ”سڌار سڀا“ جي عاليشان جاءِ تيار
ٿي، جتي رام- ليلا ۽ پرهلاد - ليلا جا ناٽڪ ٿيندا رهيا، جن ۾ خود به پارٽ وٺندو
هو.
1901ع ۾ شري ويرومل
پنهنجي پريس چالو ڪئي. ابتدا ۾ ان جو نالو ”ايڊورڊ پريس“ رکيائين، جو پوءِ بدلائي
”تلڪ پريس“ ڪيائين. اتان ”سنڌي“ بالي هفتيوار اخبار ڪڍندو رهيو، جا قريبًا چاليهه
سال کن هلندي رهي. صحافت جي دنيا ۾ به سندس نالو مشهور هو. سکر ۾ پهرين راڄنيتي
ڪانفرنس، آنربل سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ، 1908ع ۾ ڪٺي ٿي، ٻي پنگتي
ڪانفرنس راءِ بهادر ڪوڙيمل جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. شري ويرومل ٻنهي ڪانفرنسن جي
سڏائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين.
ٻئي سال، 1909ع ۾ ساڳئي
قسم جي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي سوديشي لاءِ شري ويرومل جو ڇپايل
ڪتاب شايع ڪيو ويو. ان تي شري ويرومل ۽ سيٺ ڄيٺومل کي ٽي ٽي سال شهر کان جلاوطني ۽
پنجاهه رپيا ڏنڊ پيو، ۽ مهراج گورڌنداس کي پنج سال جيل جي سزا ملي. سنڌ ۾ سياسي
ڏوهن ۾ سزائن ڪاٽڻ جو اهو پهريون دفعو هو. ان ڪري شري ويرومل کي ملڪ خاطر سزا ڪاٽڻ
وارن قومي ڪارڪنن جي صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
شري ويرومل 30 جون 1912ع
تي آزاد ٿيو، ته سيٺ هيرانند مينڊي کيس ٻه لک رپيا ڏيئي، ولايت وڃي واپار ڪرڻ جي
آڇ ڪئي پر هن جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان کي ڇڏي نه سگهيو. شري ويرومل صوفي منش ماڻهو
هو. سن 1917ع ۾، حيدرآباد ۾، صوفي سميلن ڪانفرنس ڪٺي ٿي هئي، تنهن جو کيس صدر
چونڊيو ويو هو. سکر ۾ ”سرو سڀا منڊل“، مسٽر اُڌارام ميرچنداڻيءَ جي ڪوشش سان برپا
ٿيو: مهاشيه ويرومل کي ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ سندس اهڙو
اثر هو جو جڏهن ”تلڪ سوراج فند“ لاءِ اپيل ڪيائين، ته سکر جي شهر مان پنجن ڏينهن ۾
پنجٽيهه هزار رپيا ڪٺا ٿي ويا! ان وقت سکر جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ماهيانو خرچ
سورهن سؤ رپيا هو، جنهن ۾ قومي ڪورٽ تي چار سؤ رپيا، قومي اسڪول تي چار سؤ رپيا، ۽
باقي چار سؤ رپيا ريزڪي خرچ ٿيندو هو.
سکر ان وقت راڄنيتي هلچل
جو مکيه مرڪز هوندو هو. ٽڪريءَ تي، ليوڪس پارڪ واريءَ جاءِ تي، پبلڪ ميٽنگون
ٿينديون هيون، جن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو
دفتر انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ هوندو هو. شري ويرومل ان جو صدر هوندو هو. 1916ع ۾ مهاتما
گانڌي سکر آيو، ته مهاشيه ويرومل جي ڪوشس سان سندس وڏو پروگرام رٿيو ويو هو. لوڪمانيه تلڪ سکر ۾ آيو، ته سندس وڏي آجيان ڪئي ويئي. ان کان پوءِ ڀائي هيمنداس جي
ٽڪاڻي تي ”تلڪ هال“ نالو رکيو ويو.
1922ع ۾، مٽيءَ مٽڪ واري
ڪيس ۾، مهاشيا ويرومل کي ٻه سال سزا ملي، اتان آزاد ٿيڻ تي سکر واسين سندس نهايت
وڏي آجيان ڪئي. سکر ضلعي ۾، 1930ع ۾، فرقيوار فساد ٿيا ۽ ٻوڏون ٿيون. ان وقت هن
سهائتا-ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي، 88 هزار رپيا ڪٺا ڪري ضلعي ۾ ورهايا. شري ويرومل
سکر ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين مکيه ميمبر رهندو آيو. ان جي جدا جدا
ڪاميٽين جو چيئرمين به رهيو. سدائين پهرئين تڪ مان چونڊبو ايندو هو ۽ کيس اڪثري
”ميمبر ميڪر“ ڪري سڏيو ويندو هو.
1931ع ۾ جڏهن آل انڊيا
ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو، ته ان وقت هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ
خلاف ڪانگريس ليڊرن سان بحث ڪيو. جڏهن الهه آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪٺي ٿي، ته
ان ۾ مهاشيه ويرومل سنڌ جي جدائيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪانگريس کان
جدا ٿي، سنڌ ۾ ”هندو مها سڀا“ قائم ڪئي، جنهن جو ورهين جا ورهيه هو صوبائي
پريزيڊنٽ رهندو آيو. حيدرآباد دکن ۾ جڏهن هندن طرفان ستياگرهه شروع ٿيو ته مهاشيه
ويرومل اتي ڪيترا ئي والنٽيئر موڪليا هئا. سکر ۾ گوديءَ جي مزدورن جي اسٽرائيڪ ۽
مساڻن واري ستياگرهه ۾ هن ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ورتي. تعليم جي واڌاري جي ڏس
۾ به هن چڱي خدمت ڪئي. خاص ڪري ڇوڪرين ۽ مزدورن جي تعليم لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيائين. واڌو مل اڪيڊمي ۽ اپر سنڌ ڪاليج شڪارپور جي ترقيءَ لاءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي. ”سڌار
سڀا“ طرفان، وڌوا عورتن جي لاءِ هڪ ڪارخانو کليو، ان جي کولائڻ ۾ به هن جو هٿ هو.
1939ع ڌاري سکر ۾، منزل
گاهه مسجد جي سلسلي ۾ هندو- مسلم فسادن وقت سرڪار کيس سکر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو ۽
وڏيءَ ٻوڏ ڀيري، هن چندو ڪٺو ڪري غريبن ۾ ورهايو. هي سنڌي قوم پرستن ۾ مکيه ماڻهو
هو، ۽ سندس وسيلي ڪيترا ئي نوجوان ڪم ڪندڙ پيدا ٿيا. ساريءَ سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙن
۾ هن لاءِ وڏي عزت هئي.
مون کيس پهرين 1920ع ۾،
سنڌ پراونشنل ڪانگريس جي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏٺو، جا حاجي عبدالله هارون جي صدارت
هيٺ ٿي هئي ۽ هيءُ ان جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. پوءِ اهڙو دور آيو،
جنهنڪري مڪاني ردعمل جي چڪر ۾ اچي، هي فرقيوار ذهنيت واريءَ سياسي وهڪ ۾ لڙهي ويو. اها حالت گهڻن ئي قومي ڪارڪنن تان گذري آهي. ان ڪري هن ڪانگريس کي ڇڏي، ”هندو سڀا“
ٺاهي، ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪرڻ لڳو؛ ليڪن سندس دل سالم هئي. سکر ۾ هندو-مسلم
فساد ٿيا، ۽ جنهن وقت سڀ ڌريون جوش ۾ هيون، هن صاحب جو دماغ توازن ۾ هو. سندس ڪوشش
سان مسلم ليگ ۽ هندن جي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ مير بنده علي خان جي هٿ
هيٺ وزارت ٺهي. شيخ عبدالمجيد ۽ آءٌ وزارت ۾ داخل ٿيڻ جي خلاف هئاسون، پر هن ۽
دادا ڄيٺمل زوريءَ اسان کي وزارت قبول ڪرائي.
جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو
ته سڀ هندو لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪانگريس جا مکيه ڪارڪن ملڪ ڇڏي ويا، پر هي محڪم
ارادي جو ٿي بيٺو. چي؛ ”وطن کي ڪيئن ڇڏبو! ڄاوا وطن ۾ آهيون، ته مربو به وطن ۾!“
سکر مان جڏهن سڀ هندو لڏي ويا ۽ ٻاهران آيل مهاجرن جي وچ ۾ رهڻ هندن لاءِ دشوار
پئي نظر آيو، ته به هن جي دل لوڏو ئي نه کاڌو. چي؛ ”ملڪن ۽ قومن تي عارضي مشڪلاتون
اينديون آهن، انهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو. ڀڄي جان ڇڏائڻ، ڪانئرن جو ڪم آهي.“ پنهنجي
انهيءَ ارادي تي، باوجود بيماريءَ ۽ ڪيترين تڪليفن جي، پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو.
1945ع ۾، جڏهن اسان جا
مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف پيدا ٿي پيا، ته سندس فرزند رامچند جي اخبار ”قرباني“،
پريس سميت خريد ڪري، اسان ڪراچيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪئي، جا ڪجهه سال هلڻ بعد سرڪاري
بندش پوڻ ڪري بند ڪئي ويئي. ويرومل جي رهڻي ڪرڻي سادي، ۽ خيال اوچا هوندا هئا.
ٻياسي ورهين جي عمر تائين سندس ڏند ۽ اکيون سالم رهيا. هميشه کاڌي پائيندو هو ۽
سادو پائيندو هو. سندس دل سالم، ارادو مضبوط، ۽ ذهن صاف هو. هن سنڌ جي روشن مستقبل
مان ڪڏهن به اميد نه لاٿي. 1941ع ۾ کيس اڌرنگ جي بيماريءَ جي چپيٽ آئي، پر وري چاڪ
ٿي ويو. 16 جولاءِ 1956ع تي، شام جو، شڪارپور ۾، پنهنجي فرزند مسٽر رامچند جي
ڪوهنور پريس مٿان جڳهه ۾، ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڀاءُ ڄيٺمل پرسرام ۽
مهاشيه ويرومل بيگراج، پنهنجو مَٽ پاڻ هئا. شري ويرومل جو فرزند، مسٽر رامچند، اڃا
تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا