; سنڌي شخصيتون: ليکراج ڪشنچند ”عزيز“- ڊاڪٽر اياز قادري

23 January, 2012

ليکراج ڪشنچند ”عزيز“- ڊاڪٽر اياز قادري


ليکراج ڪشنچند ”عزيز“
۱۹ ڊسمبر ۱۸۹۷ع- ۱۹ آگسٽ ۱۹۷۱ع
ڊاڪٽر اياز قادري
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي تخلص ”عزيز“ جا وڏا زميندار هئا. هن جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. ٽيون انگريزي پڙهندو هو ته هن کي شاعري سان چاهه پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي امام بخش ۽ عبدالحي کان حاصل ڪئي.


عزيز ننڍي لاءِ ميرچنداڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هو. جنهن جي ويجهو نانهين جو پڙ ۽ ٿورو پرڀرو واڍن جو پڙ هو. نانهين ۽ واڍن جي پڙن جي مسجدن ۾ شعر و سخن جو چرچو جاري هو. مرحوم قاسم، مرحوم فاضل شاهه، مرحوم عاجز، مرحوم حافظ سڀ صاحبِ ديوان شاعر ۽ ٻيا گهڻا شاعر اتيئي مقيم هئا. عزيز جيتوڻيڪ ننڍو هو پر شعر جي شوق سبب سندن مجلسن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو.

عزيز اين.ايڇ اڪيڊمي هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪري بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي داخل ٿيو. بمبئي ۾ هن کي عشق جي چوٽ لڳي ۽ عشق ۾ ناڪاميابي سبب تعليم ڇڏي حيدرآباد ۾ پيءُ جي جواهرات جي دڪان تي ويٺو ۽ مرندي دم تائين شادي نه ڪيائين.

عزيز حيدرآباد جي مشاعرن خاص طرح سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن ۾ وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندو هو. هڪ مشاعري ۾ جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي، سندس غزل ٻڌي مرزا قليچ بيگ چيو هو، ”جي عزيز مشق ڪندو آيو ته هڪ ڏينهن سندس جهڙو شاعر سنڌ ۾ ڳوليو مشڪل لڀندو“.
هڪڙي سالياني مشاعري ۾ جنهن جي مصرعه طرح هئي:
”تنهنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو“
عزيز شريڪ هو. ٻين شاعرن کان پوءِ عزيز هي مطلع جهونگاريو:

نه نڪتو دل مان اڄ تائين وڏو ئي شرمگين نڪتو،
تنهنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو.
سندس مطلع پڙهڻ سان مشاعري ۾ بهار ڇانئجي ويو.
ورهاڱي کان پوءِ عزيز پهريان احمد آباد پوءِ بمبئي ۾ اچي رهيو هو، جتي هن کي ڪي.سي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن زندگي جا پويان ڏينهن سنڌ کي ساريندي اُتي ئي پورا ڪيا.

سندس وفات تي واسديو ”نرمل“ هڪ مرثيو لکيو هو جنهن جا ڪجهه اشعار هي آهن:

مالهيءَ جان پنهنجو وارو ڄمائي ويو عزيز،
گلشن سڄو اُداس بڻائي ويو عزيز.

ڇا نظم باڪمال، ۽ ڇا نثر بي نظير،
هر ڏس ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ويو عزيز.

”نرمل“، هو بي مثال ڪا لفظن جي کاڻ هو.
هيرا انهيءَ منجهان ڪي لٽائي ويو عزيز.
عزيز نه فقط شاعر هو پر هڪ سٺو ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد هو. هن جا ٽي ناٽڪ ”ڪمار اجيت سنگهه“، ”مسٽر مجنون“، ۽ ”غريبان مار“ پنهنجي وقت جا مقبول ناٽڪ هئا. غريبان مار جي ادبي لياقت سڃاڻي سرڪاري (سنڌي ادبي) صلاحڪار بورڊ (سنڌ) وٽان عزيز صاحب کي انعام مليو هو.

عزيز جي شايع ٿيل ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن:

۱. ڪليات عزيز (1938ع نظم)
۲. ادبي آئينو (1941ع مضمون، سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ طرفان    ڪتاب تي انعام ڏنو ويو هو).
۳. مصر جي راڻي (مثنوي).
۴. صراحي (ساهتيه اڪادميءَ جو انعام حاصل ڪيل).
۵. آبشار.
۶. پيغامِ عزيز.
۷. گل و خار (ڀارت جي سنڌي شاعرن جي ڪلام جو تنقيدي جائزو ورتل آهي).
عزيز انهن شخصن مان هڪ هو جن ڀارت ۾ عربي سنڌي لپي قائم رکڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪئي هئي.

عزيز هڪ استاد شاعر هو. هن جو شعر فني لحاظ کان پختو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان پارسي آميز هو. جيئن ته هن کي پارسي شعر جو وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن جي شاعري ۾ پارسي لفظن جي آميزش ۽ خيالن جو اثر هو. ايل. ايڇ اجواڻي چوي ٿو؛ ”هن کي پارسي ۽ عربي ساڳئي وقت سنسڪرت لفظن جي ڄاڻ هئي. هن جي ڏينهن ۾ اهڙو ميل مشڪل هو“.

سنڌ جا هندو سندس اهو قدر نه ڪري سگهيا جيڪو هنن کي ڪرڻ کپندو هو. عزيز جي ڀيٽ ۾ هندو ڪشنچند بيوس کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

عزيز جو غزل نازڪ خيالي ۽ معنيٰ آفريني جو آئينه دار آهي. هن جي ڪلام ۾ رواني، فصاحت، بلاغت سڀ موجود آهن. هو پنهنجن غزلن کي جتي حسنِ تخيل سان بلندي بخشي ٿو، اتي اُنهن ۾ تشبيهن ۽ استعارن سان سونهن ۽ سوڀيا پيدا ڪري ٿو. هڪ معمولي خيال ۾ به شوخي ۽ اثر پيدا ڪري ڇڏي ٿو. نه فقط قدرتي شعر ۾ سندس قوتِ متخيله قابلِ تحسين آهي، پر غزل توڙي ڪنهن به موضوع تي شعر بي بها لکي ٿو. منجهس رواني ۽ جدت جهجهي آهي.
ڪلام جو نمونو

ڪهڙا حسين نه زيرِ زمين خاڪ ٿي پيا،
ڪهڙا نه گل نشانئه افلاڪ ٿي پيا.

جوشِ جنون جو شور رسيو اڄ عروج تي،
چرچا اسان جا تا سرِ افلاڪ ٿي پيا.

دامانِ صبر دستِ زليخا کان ويو هليو،
هٿ جڏهن شوق وصل کان بيباڪ ٿي پيا.

منهنجي روئڻ تي آهه ٿيو خندان گل جيان،
ڳوڙها به منهنجا هن جي ڪري ماڪ ٿي پيا.

داغِ گناهه آبِ ندامت ڌوئي ڇڏيو،
ڏوهي وهائي پنهنجون هنجون پاڪ ٿي پيا.

طوفان غم جي آهه طلاطم ڪيو عزيز،
لڙڪن ۾ دل جگر وهي خاشاڪ ٿي پيا.
-
دم سيني ۾، دل پهلو ۾ ۽ روح بدن ۾،
آهن هي ڏکيا تنهنجا سدائين ته ڏکن ۾.

لوڪن کان لڪايم ٿي اڳي، هاڻ ڪيان ڇا،
هڪ هڪ ٿي کليو درد بڻجي داغ بدن ۾.
اکڙين ڪيو رسوا، ڇا ڪيو دل نه پريشان،
پنهنجن هي ڪيو، آس رکون ڪهڙي ٻين ۾.

ويندي سان وڃين مونکي ٿو بيچين ڪري دوست،
وئين ڪهڙي کڻي شي جو پيس رنج و محن ۾.

موليٰ تون ڍڪج، چئني ڪلهن تي کڄيو بيوس،
ڍڪجيو ٿو اچان شرم گناهن کان ڪفن ۾.

ناهي ڪي گريبان ۾ عزيز ان ۾ اٿئي سڀ،
ديوانا، هينئر ويهه جهلي پاند هٿن ۾.

(سنڌي غزل جي اوسر، ڀاڱو ٻيو تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا