; سنڌي شخصيتون: مفتي خان محمد رحماني - شبير احمد عباسي

31 January, 2012

مفتي خان محمد رحماني - شبير احمد عباسي


مفتي خان محمد رحماني
مشهور عالم ۽ سماجي اڳواڻ
شبير احمد عباسي / ٻانڌي
سنڌ ڌرتيءَ، زندگيءَ جي هر شعبي ۾، اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. جنهن سبب سندن نالو، ڪيل خدمتن عيوض، ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي ويو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ مفتي خان محمد رحماني به هڪ هو.


هن بزرگ جو جنم 1929ع ۾ ٿيو. ديني تعليم روهڙي شريف جي بزرگ مولانا عبدالحئي مهيسر کان حاصل ڪيائون. وڌيڪ علمن تي دسترس حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا سردار احمد صاحب آباد واري وٽ پڙهيائون. قرآن پاڪ جو تفسير علامه عبدالغفور هزاروي ۽ مولانا فيض احمد اويسي وٽ پڙهيائون. ان کان سواءِ مصلح الدين صديقي، مفتي شجاعت علي قادري، عبدالمصطفيٰ الازهري وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن صحبت ۾ رهيا، جنهن بعد پنهنجي اباڻي ڳوٺ فريد آباد ضلعي دادو ۾ فيض رحمانيه جي نالي سان دارالعلوم قائم ڪيائون.
ان سان گڏ پرائمري اسڪول، پوسٽ آفيس پڻ منظور ڪرايائون. شهر کي ٻوڏن کان محفوظ بنائڻ لاءِ اعليٰ انتظامي عملدارن سان ملاقاتون ڪري شهر کي چوڌاري بچاءُ بند ڏيارائون. شهر ۽ آسپاس جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جا مسئلا سامهون آيا ته کوهه کوٽرايائون.
کين نياڻين جي تعليم جو به گهڻو فڪر رهندو هو، جنهن لاءِ ڳوٺ سانول ڪرٽيو ۾ مسلم اسڪول جو بنياد وڌائون. 1965 ڌاري ٻانڌي جي شهرين جي اصرار تي فريدآباد کان لڏپلاڻ ڪري، ٻانڌي شهر ۾ رهڻ لڳا، جتي پڻ تعليمي خدمتن جو سلسلو جاري رکيائون. شهرين جي سهولت جي لاءِ خوبصورت پارڪ، عيدگاهه ۽ دارالعلوم اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم لاءِ پنهنجي نالي سان پرائمري اسڪول ۽ لائبريري قائم ڪرايائون.
سندن خيال هو ته اسلامي تعليم سان گڏ جديد تعليم ۽ ٻيا علم حاصل ڪرڻ بيحد ضروري آهي ۽ نياڻين جي تعليم تي ڪا به پابندي هئڻ نه گهرجي.
پاڻ سنڌ جي اديب، محقق، ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان گهڻو متاثر هوندا هئا. ڪيترا ڀيرا ساڻن ملاقاتون پڻ ڪيائون. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ هئا. کين ڪيترين ئي زبانن تي عبور حاصل هو. 2001 ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندن محنتن ۽ ڪاوشن سان قائم ڪيل ادارا اڄ به جاري آهن.

ھائيڊ پارڪ روزاني ڪاوش ۳۱/۰۱/۲۰۱۲ تان کنيل

No comments:

راءِ ڏيندا