; سنڌي شخصيتون: بينجو نواز غلام محمد - اعجاز لاشاري

02 February, 2012

بينجو نواز غلام محمد - اعجاز لاشاري


بينجو نواز غلام محمد
اعجاز لاشاري/سيهڙو وليج
سنڌ جو ڀلوڙ بينجو نواز غلام محمد عرف غلامون سال 1946ع ڌاري خيرپور ۾ ڄائو. هن فن جي سکيا، پنهنجي والد ليمون فقير ۽ استاد بلاول بيلجيم کان ورتي. پاڻ بلاول بيلجيم جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.


موسيقيءَ جي ميدان ۾ ايندڙ هر ماڻهو چاهيندو آهي ته هو پاڻ ڳائي، بجاءِ ان جي ته ويھي ڪو ساز وڄائي. غلام محمد جي بينجو وڄائڻ ۾، سندس ڳائڻ وارو شوق. نمايان هو. جڏهن هو ڪنهن به ڳائڻي سان ساز سنگت ڪندو هو ته ان ڳائڻي جي گائڪي جي هوبهو نقل، بينجو ذريعي ان ئي مهل پيش ڪري سگهندو هو. ائين ڪرڻ، موسيقيءَ جي عمل ۾ تمام ڏکي ڳالهه آهي. پر اها مهارت غلام محمد وٽ هوندي هئي. هي واحد بينجو نواز هو، جنهن سنڌ سميت پاڪستان جي تمام وڏن فنڪارن سان ساز سنگت ڪئي.
استاد منظور علي خان، عابده پروين، محمد يوسف، وحيد علي، شمن ميرالي، محمد جمن، ممتاز لاشاري، حميرا چنا ۽ حنيف لاشاري سان، هن جو جوڙ هو. ٽي ويءَ T.V تي به ڪيترن ئي پروگرامن جهڙوڪ: ”محفل“، ”سر جو سفر“، ”پرک“، ”گهڙيال“ ۽ ”همرچو“ ۾ بينجو وڄايائين.
هن پنهنجي ملڪ کان سواءِ لنڊن، دبئي ۽ انڊيا ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. کيس شاهه لطيف ايوارڊ کان علاوه ملڪي ۽ غير ملڪي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا.
هن ڪيسيٽن ۾ به پنهنجي فن جي جوت جاڳائي ۽ مختلف شاعرن جون اٽڪل هڪ سؤ ڌنون ٺاهيون، انهن ۾ راڳ سورٺ کي اهميت حاصل آهي.
استاد غلام محمد دل جي دوري سبب 28 جنوري 2011ع تي 47 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پويان، ٽي پٽ ۽ پنج نياڻيون سوڳوار طور ڇڏي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا