; سنڌي شخصيتون: پير غلام رسول شاهه جيلاني - مدثر نظر بلوچ

09 February, 2012

پير غلام رسول شاهه جيلاني - مدثر نظر بلوچ


پير غلام رسول شاهه جيلاني
مدثر نظر بلوچ
سائين غلام رسول شاهه مرحوم جو جد امجد حضرت سائين پير عنايت شاهه رح بغداد مان سنڌ ۾ آيا ۽ نصرپور کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻايو، جتان هنن روحاني فيض جو سلسلو شروع ڪيو. سندن برقعي مٽائڻ کانپوءِ، سندن فرزند حضرت شاهه غوث رح جن درگاهه نشين ٿيا. کانئن پوءِ سائين عظيم شاهه رح گادي وسائي. سائين عظيم شاهه رح جي وصال کانپوءِ، سائين حضرت سهندل شاهه عرف حضرت تاج ڌڻي رح جن نصرپور مان لڏي اچي ميرپور وسائي. جتي بنيادي مريدن کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ هتي سندن مريد ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح هتي درگاهه جو پايو پيو.


حضرت تاج ڌڻي رح کانپوءِ سندس فرزند حضرت سائين حيدر شاهه رح گادي ڌڻي ٿيا. حضرت حيدر شاهه کي ڪو به نرينو اولاد نه ٿيو. سندس نياڻي جي شادي ٿاڻي بولا خان جي درگاهه حضرت باقر شاهه اول جيلاني جي گادي نشين حضرت باقر شاهه دوئم جي ڀاءُ ۽ پير غلام رسول شاهه جي والد بزرگوار پير جهان شاهه سان ٿي. جيئن ته درگاهه حضرت تاج ڌڻي رح جي گادي سنڀالڻ لاءِ سندن خاندان ۾ ڪو به مرد نه هو. تنهن ڪري پير سائين غلام رسول شاهه جن پنهنجي ناناڻي گادي جا مسند نشين ٿيا. پير غلام رسول شاهه جيلاني مرحوم گهڻ پاسائين شخصيت هيا. روحاني گادي جا سجاده نشين، سياستدان، راڄن جا ڇپر ڇانو، ترقي پسند زميندار، ڪلاسيڪي موسيقي جا بهترين ڄاڻو، غريبن جا همدرد، دشمنن جا به گهڻگهرا، وضع داري ۽ مهمان نوازي جا امين ۽ نڀائڻ وارا مڙس هيا. سندن وصفن جو ڳاڻيٽو ئي ڪونهي، اهو اهڙو فيض جو درياهه هيا جنهن تاريو ته هر ڪنهن کي، ٻوڙيو ڪنهن کي به ڪو نه.
پير غلام رسول شاهه جيلاني مرحوم جي ڄمڻ جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، تنهن هوندي به روايتن موجب پاڻ ٿاڻي بولا خان ۾1918 ۾ ڄائو ۽ هو مائٽن جو اڪيلو اولاد هو. پير غلام رسول شاهه جيلاني، مرحوم سماجي ڪمن سان گڏو گڏ سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستان کان اڳ پاڻ تحريڪ پاڪستان جو سرگرم رڪن هو ۽ کين آل انڊيا مسلم ليگ جو رڪن به بنايو ويو هو.
پاڪستان بڻجڻ کانپوءِ پير صاحب ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر چونڊيا ويا، 1953ع ۾ ايم پي اي چونڊيا، ان کان علاوه پاڻ ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جا نائب صدر به رهيا. ڪيترو ئي عرصو سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽڊ جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته پير غلام رسول شاهه جيلاني ساڻس گڏ هو ۽ سندن شمار پ پ  جي بنيادي ميمبرن ۾ ٿئي ٿو ۽ سندن پ پ سان تعلق هميشه قائم رهيو. پاڻ 7 فيبروري 1991ع تي هن فاني جهان  مان برقعو مٽايو.
انهي حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته پير غلام رسول شاهه جيلاني جي همه گير شخصيت عام و خاص لاءِ قابل احترام هئي. سندن طبعيت ۾ ملائميت هوندي هئي ۽ پاڻ بي حد همدرد ۽ خوش اخلاق هئا. جيتوڻيڪ پير صاحب جن اڄ اسان وٽ موجود نه آهن پر سندن ڳالهيون ۽ قربائتا قول هر ڪنهن زبان تي آهن اسان سڀني کي گهرجي ته اسان پنهنجي بزرگن جي مثالي زندگي کي مشعل راهه بڻايو.

No comments:

راءِ ڏيندا