; سنڌي شخصيتون: الحاج مير علي احمد خان ٽالپر

18 February, 2012

الحاج مير علي احمد خان ٽالپر

الحاج مير علي احمد خان ٽالپر

اڪبر درس



الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ۳۱ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ ٽنڊو مير محمود ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعيلم حيدرآباد شهر ۾ ورتائين، سياسي ۽ سماجي زندگي جو آغاز ۲۰ سالن جي عمر ۾ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ فضل احمد غزنوي سان ملي انجمن اهليائي ملت ٺاهيائون. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جا ميمبر رهيا. ساڳئي سال ۱۹۳۷ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا. پهرين صوبي بهار جي نائب حاڪم اعليٰ جي عهدي تي چونڊيو ويو. تنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جا حاڪم اعليٰ ٿي رهيا. ۱۹۴۶ع ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جيڪو دهلي ۾ ٿيو ان ۾ شريڪ ٿيا، ساڳئي سال سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ پاڻ مخالف ڌر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاکوڙ ڪندا رهيا. ۱۹۵۳ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ وزير خوراڪ ٿي رهيا. ايوب دور ۾ فاطمه جناح جو کلي ساٿ ڏنائون. هي اهو دور هو جيڪو ايوب آمر خلاف ڪوبه شخص بيهڻ جي لاءِ تيار نه هو پر مير علي احمد خان ٽالپر محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهيا ۽ نيٺ ايوب کي مجبور ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايائون. سنڌ جو ماڻهو گواهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ مير صاحب سرفهرست هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ٽنڊي مير محمود ۾ وڌائون ۽ سندن بنگلي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو، جتي جهنڊي ۽ تلوار جي نشان کي حتمي قرار ڏنو ويو.


ياد رهي ته جهنڊي جي جوڙجڪ ۾ مير صاحب علي احمد خان ٽالپر جي ننڍي فرزند مير حيدر علي خان ٽالپر جو اهم ڪردار هو.

۱۹۷۰ع جي عام اليڪشن ۾ بدين ضلعي مان قومي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا پر اصولن تي سودي بازي نه ڪندي ۱۹۷۳ع  جي آئين تي صحيح نه ڪيائون. جنهن جو مؤقف اهو ڏيندا هئا ته ۱۹۷۳ع جو آئين فرد واحد جي بقا جو آئين آهي. جنهن ۾ نه خودمختياري ۽ نه ئي خوداختياري آهي. هن پاداش ۾ سندن ڀاءُ مير رسول بخش خان ٽالپر کي سنڌ جي گورنري تان استعفيٰ ڏيڻي پئي ۽ محموداڻي مير بعد ۾ صعوبتن جي پاداش ۾ آيا ۽ سندن ٻچن کي جلاوطن ٿيڻو پيو.

اهو اعزاز به هنن ٻن ڀائرن کي حاصل آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي منزل تي  پڄائي متل ميلي کي خيرباد ڪري آيا.

اڄ ته شايد ڪو بي ڊي ميمبر بلديه جي ميمبري به نه ڇڏي پر اهي ٻه مرد مجاهد ڀائر هئا جن گورنري کي ٿڏن تي هڻي پنهنجي گهر موٽيا. الحاج مير علي احمد خان ٽالپر جي خداترسي، سچائي، اصول پسندي کي مد نظر رکندي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جنهن جو سربراهه جنرل ضياءِ الحق هو تنهن پاڻ حيدرآباد جي مير صاحب کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿين جي درخواست ڏني جيڪا مير صاحب سنڌ جي حقن خاطر قبول ڪئي ۽ پاڻ وفاقي وزير دفاع ٿيا، ان دوران سنڌ رجمنيٽ جو قيام عمل ۾ آندائون.

هزارين ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون. جنهن ۾ ڪسٽم، پي آءِ اي، اسٽيل مل، واپڊا، ريلوي،گئس، ڪي آئي ايس سي، پورٽ قاسم، وزارت دفاع، ايجوڪيشن ۽ ٻين متعدد ادارن ۾ اعليٰ ۽ ننڍيون نوڪريون ڏياريائون. ۱۹۸۵ع جي اليڪشن ۾ کٽي نه سگهيا ۽ عوام جو فيصلو دل سان قبول ڪيائون. بين حلقائي احباب ۾ فيض احمد فيض، احمد فراز، ابراهيم منشي ۽ حبيب جالب جهڙا عوامي شاعر ٽنڊو مير محمود ۾ مهينن جا مهينا ترسيل هوندا هئا.

پاڻ حافظ قرآن، بي باڪ سياستدان، مفڪر، دانش مند، دانشور ۽ بهترين مقرر هئا ۽ آخرڪار ۵ اپريل ۱۹۸۸ع تي هي مرد مجاهد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

سندس موت سان پاڪستان جي وقار کي ڇيهو رسيو، ها قومي بحرانن ۾ هميشه جرئت ۽ بلند بانگ مظاهرو ڪرڻ وارو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. ها پاڻ قومي  اثاثو هئا. ها علم ۽ ادب جي محفلن ۾ خال پئجي چڪو. ها هي ملڪ بلند پائي جي پارليامينٽرين  کان محروم ٿي چڪو آهي.

اڄ سندن اشد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته وري ڪي اهڙا مهمير جاڳن جو هن ڌرتي جا ڏک ونڊائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين. 


 

میر علی احمد خان ٹالپر

ڈاکٹر محمد علی محمدی

آج میر علی احمد خان ٹالپر کا یوم وفات ہے، میر صاحب۔ 

۳۱ آگسٹ ۱۹۱۵ع میں تولد ہوئے اور  ۵ اپریل ۱۹۸۷ع کو انتقال ہوا. ذوالفقار علی بھٹو سے اختلاف کے بعد جب دونوں میر برادران اقتدار سے الگ ہو کر ٹنڈو میر محمود حیدرآباد آکر بیٹھ گئے، وہاں مجلسیں جمتی تھیں.

ہوا یوں کہ ایک دن ایک پیارے دوست کے کسی کام کے سلسلے میں ڈاکٹر ایم ایم حسن ماہر امراض چشم سے واسطہ نکالنا تھا. سب نے کہا کہ میر رسول بخش ٹالپر اس کے لیئے تیر بر ہدف ہیں. میر رسول بخش عوامی آدمی تھے. میری ان سے کوئی ملاقات نہیں تھی. میں نے حامی بھر لی، اور ٹنڈو میر محمود چل پڑے، جیسے ہی بنگلہ میں داخل ہوئے تو برآمدے میں فرشی نشست جاری تھی سب ھمہ تن گوش بطرف میر علی احمد تالپر تھے. ہم بھی ایک گوشے میں بیٹھ گئے. میر رسول بخش ٹالپر اس محفل میں بڑے احترام سے بیٹھے تھے واقعی خاندانی لوگ بڑے بھائی کے ایسے ہی احترام کرتے ہیں. موضوع سخن اینٹی بھٹو ہی تھا. تھوڑی دیر کے بعد میری طرف متوجہ ہوئے تعارف کرایا ڈاکٹر محمد علی محمدی، پوچھا میرے دوست اللہ بخش محمدی کو جانتے ہو؟ جب ان کو بتایا کہ میں ان کا بیٹا ہوں، خوشی سے اچھل پڑے قریب بلا کر بٹھایا سامعین سے والد صاحب کا انتہائی محبت سے تعارف کروایا (یاد رہے چالیس کے اوائل میں والد صاحب خاکسار تحریک سے وابستہ تھے، میر صاحب صوبہ سندھ خاکسار کے اہم لیڈر تھے). پھر والد صاحب کی صحت اور سیاسی وابستگی کا پوچھا، جب میں نے بتایا کہ وہ تو بھٹو صاحب کے ہی ساتھ ہیں. تو مجھے پیغام دیا کہ ان کوکہنا کہ ھمارے حسینی قافلے میں شامل ہوں. اس کے بعد سندھ کے شاعر ابراهيم منشی کی شاعری برزبان کڑکدار آواز میں سنانے لگے، چائے کا دور چلا. اب  میرے دوست پریشان کہ میر رسول بخش ٹالپر سے کیسے بات کریں. تھوڑی دیر کے بعد میں نے کسی بہانے میر رسول بخش ٹالپر صاحب کے پہلو میں آکر کان میں کہا کہ تخلیہ میں بات کرنی ہے. میر صاحب مجھے لےکر ملحقہ کمرے میں آئے، مدعا بیان کیا، فوراً ٹیلی فون پر مذکورہ ڈاکٹر صاحب سے بات کی، احتیاطاً کہ دیا کہ ادا (میر صاحب علی احمد سے ذکرِ نہیں کرنا ) اس کے بعد بھی ہم بڑے میر صاحب کے ساتھ کچہری کی اور پھر واپس ہوئے.

_____________________

۱۹۸۶ع مارچ مہینے میں میری کراچی میں پوسٹنگ تھی، میرے والد صاحب پنوعاقل سے تشریف لائے تھے ایک دن مجھے ساتھ لیا اور اور میر علی احمد ٽالپر سے ملاقات کے لئے بغیر وقت لیے چل پڑے اس وقت میر صاحب وزیر دفاع تھے، بنگلہ پر پہنچ کر ملازم کے ہاتھوں اپنا وزیٹنگ کارڈ بھیجا، جلد ہی میں ملازم نے آکر لائبریری سے ملحقہ کمرے میں بٹھایا جو مرحوم کا اسٹڈی روم تھا، وہاں بھی کتابیں سلیقے سے شیلف میں تھیں ٹیبل پر مولانا آزاد کا تفسیر ترجمان القرآن پڑا ہوا تھا. ابھی دو منٹ ہی نہیں گذرے کہ میر صاحب تشریف لے آئے، ملازم کو ہدایت کی کہ آج میرا پرانا دوست آیا ہوا ہے، کسی کو اندر نہیں بھیجنا. رسمی سلام دعا کے بعد مولانا آزاد کے تفسیر پر بات چیت شروع کی، اور دونوں متفق تھے کہ اس تفسیر میں بین المذاہب ہم آہنگی کا تریاق ہے. اتنے میں والد صاحب نے میرا تعارف کرایا کہ یہ میرا بیٹا جماعت اسلامی اور سید مودودی رح کے فکر سے منسلک ہے. بڑا قہقہہ لگایا از راہ مذاق کہا کہ اس پارٹی کے جن کی بیگم برقعہ میں ڈرائیونگ کرتی ہیں (اشارہ سید منور حسن کی بیگم کی طرف تھا). احتراما خاموش رہا. فوری طور پر اٹھے اندر گھر کی طرف گئے، ہاتھ میں ایک پرانی کتاب جلد ساز کی تازہ جلد کی تھی. ابھی کتاب کا ٹائٹل ہی نہیں کھولا تو میں نے کتاب کا نام بتادیا، جو ہندوستان سے دارالعلوم دیوبند سے ایک شخص نے مولانا مودودی رح کے خلاف لکھی تھی ، مزید اضافہ یہ بھی کیا کہ یہ کتاب آپ نے آرام باغ مسجد کے فلاں صاحب سے خریدی ہے. میر صاحب بڑے محظوظ ہوئے. خود ہی نفیس طریقہ سے چائے بنائی، ہمیں پیش کی اور چائے میں شہد بھی ڈالا. یہ محفل تین گھنٹے تک جاری رہی، مولانا مناظرحسن گیلانی کی کتاب "امام ابو حنیفہ کی سیاسی زندگی" شاہ ولی اللہ پر مختصر کتاب "ارمغان شاہ ولی اللہ" پر تبصرہ کیا. جس میں میری اپنی تحقیق کے مطابق آباو اجداد  کا سندھ سے تعلق سندھی علماء وغیرہ پر میر صاحب میرے ہمخیال تھے. سندھی کلاسیکل شاعری میر صاحب کو ازبر تھی. میر صاحب نے خاندانی نوادرات پر بھی کافی معلومات بہم پہنچائی. اس وقت تین گھنٹے ہو چکے. والد صاحب نے دو دفعہ اجازت مانگی  بڑی مشکل  سے اجازت ملی، مجھے نصیحت کی کہا کہ شاعری پڑہا کریں، دل نرم ہوتا ہے. میری پذیرائی دیکھ کر والد صاحب مرحوم بہت ہی خوش ہو رہے تھے.

________________________

میر صاحب کا  مطالعہ وسیع تھا، اردو کے معروف ادباء و شعراء سے ذاتی تعلق. مزاجا جذباتی، ایک طرف کانگریس میں رہے متحدہ ہندوستان میں صوبہ بہار کے ۱۹۳۷ع میں نائب سالار اعلی بھی ، پھر خاکسار تحریک میں سندھ کے بڑے رہنما, سائيں جی ایم سید کے ساتھ مسلم لیگ، پھر آزاد، ون یونٹ کی حمایت میں ووٹ، فاطمہ جناح کی حمایت، بھٹو صاحب کو مشکل وقت میں اپنا بنگلہ سیاسی طور مضبوط کرنے کے لیے دینا، بھٹو سے اختلاف کر کے باہر آنا، سندھی مہاجر یگانگت کا مظہر، آخر میں جنرل ضیا الحق کی کیبنٹ میں شامل ہونا، اپنے پرانے دوستوں کو مجلس شوریٰ کا ممبر بنوانا. سب سوالیہ نشانات ہیں.

 میر صاحب دوستوں کے دوست چاہے غریب ہوں، سوچنے پر مجبور کرتے ہیں کہ وہ وسیع المشرب انسان اعلی اقدار کا نمونہ تھے. اللہ تعالیٰ ان کی مغفرت فرمائے آمین

 

(ڈاکٹر محمد علی محمدی پنوعاقل کی فیسبک ٹائیم وال سے ۳۱ آگسٹ ۲۰۲۱ع پہ نقل کیا گیا۔)



مير علي احمد خان ٽالپر

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

اڄ مير علي احمد خان ٽالپر جي ۳۵ھين ورسي آھي. مير صاحب ۱۹۱۵ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اڄوڪي تاريخ ۱۹۸۷ع ۾ گذاري ويو. ذولفقار علي ڀٽو سان اختلاف کان پوءِ جڏھن ٻيئي مير برادران اقتدار کان الڳ ٿي ٽنڊي مير محمود حيدرآباد ۾ اچي ويھي رھيا سندس بنگلي تي فرشي ڪچھريون ٿينديون ھيون.

 ٿيو ھيئن جو ھڪ ڏينھن ھڪ پياري دوست جي ڪنھن ڪم جي سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ايم ايم حسن سان لاڳاپو ڳولڻو ھو، سڀني يارن دوستن جي راءِ ھئي ته ان جي لاءِ مير رسول بخش خان تير بر ھدف آھي.

مون دوستن سان حامي ڀري ٽنڊي مير محمود ھلي پياسين، جيئن ئي بنگلي ۾ داخل ٿيا سون ته ورانڊي ۾ ھيٺ بلوچي انداز ۾ ڪچهري جاري ھئي سڀ محفل ۾ ويٺل مير علي احمد خان ٽالپر جي گفتن ڏانھن متوجه ھئا اسان به ھڪ ڪنڊ وڃي ويهي رهيا سون

مير رسول بخش خان ٽالپر به. ھن ڪچھري ۾ وڏي احترام سان ويٺل ھو، سچ پچ ته خانداني ماڻهو پنهنجي وڏي ڀاءُ جو ائين ئي احترام ڪندا آھن . . موضوع سخن ڀٽو مخالف ئي ھو، ڪجھ گھڙين کان پوءِ مون ڏانهن متوجه ٿيو تعارف ڪرايم ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پڇيائين ته منهنجي دوست الله بخش محمدي کي سڃاڻيو؟ جڏهن مان مير صاحب کي وراڻيو ته مان ان جو فرزند آھيان، ڏٺم ته مير سائين خوشي مان منھن تي مرڪ آڻي سڏي پنهنجي ويجھو وھڻ جو چيائين . . ڪچھري ۾ ويٺلن سان بابا سائين جو انتھائي محبت سان تعارف ڪرايو (ياد رھي ته چاليھ جي شروعاتي ڏھاڪي ۾ بابا سائين خاڪسار تحريڪ سان وابسته ھو، مير صاحب وري صوبي سنڌ خاڪسار تحريڪ جو اھم ليڊر هو). پوء والد صاحب جي صحت ۽ سياسي وابستگي جي باري ۾ پچيو . جڏهن مون ٻڌايو ته ھو ڀٽو صاحب سان ئي گڏ آهي، مون کي نياپو ڏنائين ته کيس چئجانءِ ته اسان جي حسيني قافلي ۾ شامل ٿي . ان کان پوءِ سنڌ جي مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي جي شاعري برزبان ڪڙڪيدار آواز ۾ ٻڌائڻ لڳو چانھن جو دور ھليو . ھاڻي مون سان آيل سنگتي پريشان ته مير رسول بخش خان ٽالپر سان ڪيئن ڳالھائجي. . ٿوري دير کان پوءِ مان ڪنهن بھاني سان مير رسول بخش خان ٽالپر جي پاسي ۾ اچي ويٺس، کيس چيم ته اوھان سان اڪيلائي ۾ عرض ڪرڻو آهي. مير صاحب مون کي وٺي ورانڊي سان گڏ لاڳاپيل ڪمري ۾ وٺي مدعا ٻڌائي. فوراً ٽيليفون تي پروفيسر حسن صاحب سان ڳالھائي، احتياطاً چيائين ته (مير صاحب علي احمد خان سان ذڪر نه ڪجو) ان کان پوءِ وري اچي وڏي مير صاحب سان ڪچھري ڪري، کائنس موڪلايو.

 ________________________________

 ۱۹۸۶ع مارچ مهيني ۾ منھنجي ڪراچي ۾ پوسٽنگ ھئي، منھنجو والد صاحب پنوعاقل کان ڪراچي آيل ھو، ھڪ ڏھاڙي مون کي ساڻ وٺي مير علي احمد خان ٽالپر سان بنا وقت وٺڻ جي ملاقات لاءِ سندس رھائش گاھ تي ھليو، ان وقت مير صاحب وزير دفاع ھو. ، سندس بنگلي تي پھچي سندس ملازم ھٿان پنھنجو وزيٽنگ ڪارڊ اندر موڪليو، ويرم ئي نه گذري ته ملازم اچي ڪري لائبريري سان لاڳاپيل ڪمري ۾ ويھاريو، جيڪو مرحوم جو اسٽڊي روم ھو، اتي به ڪتاب سليقي سان شيلف ۾ رکيل ھئا، مولانا ابوالڪلام آزاد جو تفسير ترجمان القرآن ٽيبل تي رکيل هو. ٻه منٽ ئي نه گذريا ته مير صاحب جن پاڻ به اچي نمودار ٿيا، ملازم کي ھدايت ڪيائون ته اڄ منھن جو پراڻو دوست آيو آهي، ڪنھن کي اندر نه موڪلجانء، رسمي سلام دعا کان پوءِ مولانا آزاد جي تفسير تي ڳالھ ٻولھ شروع ٿي، ان ڳالھ تي مير صاحب ۽ بابا سائين متفق ھئا ته ھي تفسير بين آلمذاھب ھم آھنگي کي ھٿي ڏئي ٿو. ايتري ۾ بابا سائين منھنجو تعارف ڪرايو ته ھي منھنجو فرزند آھي . ھي جماعت اسلامي ۽ سيد مودودي رح جي فڪر سان لاڳاپيل آهي. ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيئي از راه مذاق چيائين ته ان پارٽيءَ جو جنھن جي گھرواري برقعي ۾ ڊرائيونگ ڪندي آھي (اشارو سيد منور حسن جي بيگم طرف ھو ). احتراما خاموش رھيس. جھٽ پلڪ ۾ اٿيو ۽ اندر گھر ڏانھن ويو، ھٿ ۾ ھڪ پراڻو ڪتاب جلد ساز جو تازو جلد ڪيل سندس ھٿن ۾ ھو، اڃا ڪتاب جو ٽائيٽل ئي نه کوليائين ته مون ڪتاب جو نالو ٻڌايو، جيڪو ھندستان مان دارالعلوم ديوبند جي ھڪ مولوي . مولانا مودودي رح جي خلاف لکيل ھو. مون مير صاحب کي ھي به ٻڌايو ته ھي ڪتاب اوهان آرام باغ مسجد جي ٻرسان ھڪ دڪان تان فلاڻي شخص کان خريد ڪيو آهي، جتي ھڪ ھفتو اڳ ھندستان جو عالم مولانا اخلاق حسين قاسمي سآن ڪجھري ڪري آيو ھوس ۽ سندس ڪتاب مولانا آزاد جي تفسير جي ترجمي تي روويو لکيل آهي. مير صاحب جن ڏاڍا محظوظ ٿيا. پنھن جي ھٿن سان پاڻ نفيس انداز سان چانھ ٺاھي ان ۾ ماکي به وڌي. ھي محفل ٽي ڪلاڪ کان به وڌيڪ جاري رھي. مولانا مناظرحسن گيلاني جي ڪتاب “امام ابو حنيفه کي سياسي زندگي” شاه ولي الله تي مختصر ڪتاب “ارمغان شاه ولي الله” تي تبصرو ڪيو. جنھن ۾ منھنجي تحقيق مطابق شاه ولي الله جا آباء و اجداد جو سنڌ سان تعلق ھو. مير صاحب به مون سان ھم خيال ھو. سنڌي ڪلاسيڪل شاعري مير صاحب کي از بر ياد ھئي. مير صاحب پنھنجي خانداني نوادرات تي ڪافي معلومات فراهم ڪئي.

ڪافي وقت گذريو ته، والد صاحب ٻه ڀيرا کانئن موڪلائڻ جي اجازت گهري، وڏي مشڪل سان اجازت ملي. مون کي مير صاحب نصيحت ڪئي ته شاعري پڙھندا ڪريو، ان سان دل نرم ٿيندي آهي. منھن جي پذيرائي ڏسي والد صاحب مرحوم ڏاڍو خوش پيو ٿئي.

 - ________________________

 مير صاحب جو مطالعو وسيع ھو اردو جي مشهور و معروف اديبن ۽ شاعرن سان ذاتي تعلقات ھئا. . مزاجا جذباتي، ھڪ پاسي ڪانگريس ۾ رھيا گڏيل ھندستان ۾ صوبي بھار جي خاڪسار تحريڪ جو ۱۹۳۷ع ۾ نائب سالار اعليٰ پڻ، وري خاڪسار تحريڪ ۾ سنڌ جو رھنما. سائين جي ايم سيد سان گڏ مسلم ليگ، وري آزاد، ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ، فاطمه جناح جي حمايت، ذوالفقار علي ڀٽي کي مشڪل وقت ۾ پنھنجو بنگلو سياسي طور مضبوط ٿيڻ لاءِ ڏيڻ، ڀٽو صاحب سان اختلاف ڪرڻ ڪري حڪومت کان ٻاھر اچڻ، سنڌي مھاجر ٻڌي جو خواھان، آخر ۾ جنرل ضيا الحق جي ڪئبينيٽ ۾ شامل ٿيڻ، پنھنجن پراڻن دوستن کي مجلس شوريٰ جو ميمبر ٺھرائڻ سڀ منجھائيندڙ سوال آهن.

 مير صاحب دوستن جو دوست ھو توڙي غريب ھجي، اھي ڳالھيون سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته ھو وسيع المشرب انسان اعلي اقدار جو نمونو ھو، رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي آمين

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پنوعاقل ۵ اپريل ۲۰۲۲ع

 

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا