; سنڌي شخصيتون: ملڪ انوکو - سيد يار محمد شاهه

13 February, 2012

ملڪ انوکو - سيد يار محمد شاهه


ملڪ انوکو
پاڻ روئي ٻين کي کلائيندڙ اداڪار
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ مرحوم ملڪ انوکي جو نالو اڄ به هر ڪنهن کي چٽيءَ طرح ياد آهي. فلم ”مٺڙا شال ملن“ ۾ مٿس پڪچرائز ٿيل گانو ”مونکي قسمت مار کارائي الا ڙي گهوڙا ڙي بابا ڙي“ ان وقت به مشهور هو ته اڄ به بيحد مقبول آهي، ۽ خاص ڪري ان گاني تي جيڪا مزاحيه اداڪاري ملڪ انوکي ڪئي، اهي منظر اڄ به ڏسجن ٿا ته کل ڇڏائجي وڃي ٿي. حالانڪه سنڌي فلمن جي ابتدا، عروج ۽ زوال ۾ جيتريون به سنڌي فلمون ٺهيون، انهن جو مسخرو يعني مزاحيه اداڪار هوندو ئي ملڪ انوکو هو. جڏهن ته فلم ”عمر مارئي“ ۽ ”پرديسيءَ“ ۾ لطيف چارلي، جيڪو هندوستان جي فلم انڊسٽري ڇڏي پاڪستان آيو هو، تنهن مزاحيه ڪردارن جي ابتدا ڪئي. هو گجراتي هو پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندو هو. جڏهن ته سنڌي فلمن جو نمبر ون مزاحيه اداڪار ملڪ انوکو ته هئو ئي راجستاني ۽ سندس مادري زبان سنڌي نه هئي. سندس والد صاحب ذاڪر هو ۽ مجلسون سرائيڪي يا پنجابي ۾ ئي پڙهندو هو. پر ملڪ انوکي جي مرڻ تائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪو غير سنڌي فنڪار هو. جيئن ته سندس ڄمڻ  ۽ سندس ٻالڪپڻ جو واسطو ميرپورخاص سان رهيو، پاڻ اسٽيج تي مزاحيه خاڪا ۽ گانا ٻڌائڻ جو ماهر هو.


سندس فني سفر جي ابتدا اسٽيج تي ”ون مين شو“ ڪرڻ واري فنڪار جي حيثيت ۾ ٿي هئي. مرحوم شيخ حسن جي فلم ”شهرو فيروز“ کيس بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي جيڪا شهرت ڏني، اها اڄ به سڀني فلمي شوقينن کي ياد آهي. ان کان پوءِ هر سنڌي فلم ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ جي مزاحيه جوڙي بيحد مقبول ٿي هئي. اها جوڙي هر فلم جي ضرورت  بنجي ويئي هئي. جڏهن سنڌي فلمن جو زوال آيو ته، ملڪ انوکي وري وڃي اسٽيج شو شروع ڪيا. هڪڙي اينٽري جا پئسا ملي ويندا هئس. مرحوم معين اختر جتي ٻيا به ڪيترا فنڪار پاليا ۽ سنڀاليا اتي جڏهن ملڪ انوکو اسٽيج شو جو ڪامياب ۽ مهانگو فنڪار بنيل هو، ان زماني ۾ مرحوم معين اختر جيڪو اڃا مشهور ۽ مقبول فنڪار نه هو، ملڪ انوکو کيس پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو ۽ ڪوشش ڪري اهي ئي خاڪا معين به نقل ڪندو هو، جيڪي ملڪ انوکو اسٽيج تي ڪندو هو. ملڪ انوکو هندوستان مان آيل مزاحيه اداڪار ۽ موسيقار آغا سرور، ”مشهور اردو فلم ارمان ۽ احساس جو ڪاميڊين“ جيڪو پڻ اسٽيج تي خاڪا به پيش ڪندو هو، جا ئي خاڪا نقل ڪندو هو. حيدرآباد ۾ هڪ ڊراماٽڪ سوسائٽي ”المشرق ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جي نالي سان حميد ڪنڊيڪٽر  قائم ڪئي هئي، جنهن مان وڏا نالي وارا فنڪار ۽ موسيقار نڪتا، جنهن ۾ مون به ميمبرشپ حاصل ڪئي هئي ۽ آئون به ون مين شو ڪندو هوس ۽ مون به آغا سرور جا مشهور خاڪا ياد ڪيا هئا. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ”المشرق“ سوسائٽيءَ طرفان اسٽيج پروگرام پيش ٿي رهيو هو. ان وقت مون ان پروگرام ۾ هڪ مزاحيه خاڪو خانداني منصوبه بنديءَ بابت عورت، مرد ۽ ٻارن سميت ستن آوازن ۾ پيش ڪري بي پناهه داد حاصل ڪيو. ان وقت پبلڪ ونس مور، ونس مور جا نعرا هنيا ۽ مونکي مجبور ڪيو ته آئون اڃا به وڌيڪ ٻڌايان. مجبورن مون اهي مزاحيه آئٽم پيش ڪيا، جيڪي آغا سرور کان مون سکيا ۽ ياد ڪيا هئا. پبلڪ تمام گهڻي پذيرائي ڪئي. جڏهن آئون اسٽيج تان لهڻ لڳس ته ان وقت ملڪ انوکو مون سان وڙهي پيو. چيائين ته مون وارا سڀ خاڪا تو پيش ڪيا آئون ڪهڙي ڌوڙ پائيندس...؟ مون وراڻيو ته اهي ته آغا سرور وارا خاڪا هئا، تون وڃي پنهنجا پيش ڪر. ان وقت ۾ معين اختر ساڻس بطور ٻانهه ٻيلي بيٺو هو. ملڪ انوکي جا سگريٽ ۽ پرس وغيره معين کڻي هلندو هو. پر جڏهن معين اختر پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهتو ته، هو هر شو ۾ ملڪ انوکي کي پروگرام ڏياريندو هو ۽ هر طرح سان سندس عزت به ڪندو هو. اهڙي طرح ملڪ انوکو شوز ۽ فلمن کان فارغ ٿيو ته ٽيليويزن جو رخ ڪيائين. ابتدا ۾ هو لاهور وڃي سيٽل ٿيو هو، جت هن ڪجهه اردو فلمن ۾ ننڍا ننڍا رول ڪرڻ کانپوءِ لاهور ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ اتي وڏن وڏن پروڊيوسرن جي وڏن وڏن ڊراما سيريلن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ڪيائين. ان کانپوءِ هو وري ڪراچيءَ واپس آيو ۽ هتي جي شوبز مارڪيٽ يعني اسٽيج ۽ ٽي وي تي ڪم شروع ڪيائين.
انهن ڏينهن ۾ تقريبن سڀ اردو سنڌي اداڪار ۽ پروڊيوسر شام جو منهنجي فليٽ تي ايندا هئا، جيڪو اشرف اسڪوائر ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي سامهون ٽئين فلور تي هو. اسان سڀ دوست جن ۾ محمود صديقي، زاهد معصومي، مشتاق جسڪاڻي، اقبال سعيد انصاري، منظور مراد ۽ گلاب چانڊيو وغيره شام جو پهچي ويندا هئاسين ۽ اتي ملڪ انوکو به رات جو پهچي ويندو هو. هو اسانکي ايڏو کلائيندو هو جو دل چاهيندي هئي ته اها رات وڏي ٿي پئي. ان کانپوءِ اقبال انصاري جي اردو ڊرامي ”ڪارروان“ ۽ ”برزخ“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين ۽ سنڌيءَ ۾ منهنجي لکيل مزاحيه خاڪن جي پروگرام ”کل ڀوڳ“ جي 13 قسطن ۾ به ڏينهن رات مونسان گڏ رهيو، جيڪو اقبال سعيد انصاريءَ پروڊيوس ڪيو. جيئن ته اقبال سعيد انصاري به هر وقت طنز ۽ مزاحيه جملن سان محفلون مچايو ويٺو هوندو هو، هو اڪثر رات جو منهنجي شانتي نگر واري بنگلي تي به مون وٽ ايندو رهندو هو. سندس طنز ۽ مزاح مان مونکي تمام گهڻو سڪون ملندو هو، خوشي به ٿيندي هئي.
مرحوم ملڪ انوکي منهنجي لکيل ۽ منهنجي هدايت ۾ ڪي ٽي اين لاءِ تيار ٿيل هڪ عيد پروگرام ۾ ڪم ڪيو، جيڪو هن جو مون سان آخري ڊرامو ثابت ٿيو. مرحوم سگريٽ تمام گهڻا پيئندو هو. اسان سڀني دوستن جي محفل جو مور ۽ پيارو ساٿي دل جو دورو پوڻ سبب اسانکان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ سوين يادگيريون ۽ خوبصورت ڳالهيون اسان ۾ ڇڏي ويو.
ڪي ٽي اين جي ابتدائي ڊراما سيريلن ۾ تمام سٺا مرڪزي مزاحيه ڪردار ڪيائين. بھرحال اسان کي هن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي، بحيثيت سنڌي مزاحيه فلمي اداڪار جي هو هميشه سنڌي فلمن ۾ نمبر ون ليکيو ويندو. فن جي تاريخ ۾ هو پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ لکرائي ويو. اڄ هُو ڀلي ٽي وي، فلم انڊسٽري ۽ ثقافت وارن کي ياد نه هجي پر اسانکي ۽ سنڌي فن جي ڏسندڙن ۽ قدردانن کي هميشه ياد آهي ۽ ياد رهندو.




ملڪ انوکو
عبدالجبار آزاد منگي
ملڪ انوکو اصل ۾ گجرات (پنجاب) سان تعلق رکندڙ هو. پر سندس مائٽ، ميرپورخاص ۾ اچي آباد ٿيا. ميرپورخاص ۾ 1947ع ڌاري اک کوليندڙ ملڪ انوکو جو اصل نالو ملڪ اڪبر عباسي هو.
ملڪ انوکو شروعاتي تعليم پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر ميرپورخاص مان ئي حاصل ڪئي. ڪاليج واري زماني دوران اتي هڪ اسٽيج ڊرامو ٿي رهيو هو، جتي استاد قيصر زبيري کي هڪ انوکي ماڻهوءَ جي تلاش هئي. جڏهن ملڪ انوکو هن جي سامهون آيو ته چيائين ته بس انوکو ملي ويو. اهڙيءَ طرح استاد قيصر زبيريءَ، مٿس ملڪ اڪبر عباسي نالي مان ملڪ انوکو نالو رکي ڇڏيو. جيڪو مشهور ٿي ويو.
ملڪ انوکو کي ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. هن فن جي شروعات، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. جتي هن جو آڊيشن استاد نياز حسين ورتو.
ملڪ انوکو، تقريبًا 50 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾ مشهور فلمون آھن؛ مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت جا رشته، ڌرتي لال ڪنوار، البيلي، سوڍا پٽ سنڌ جا، پيار تان صدقي، بادل ۽ برسات، ڌرتي دل وارن جي، اچ ته ڀاڪر پايون، شهرو فيروز، گهونگٽ لاهه ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، اميد، حاڪم خان، طوفان، دشمن، مهراڻ جا موتي، بيوس، ميران جمالي، همت وغيرھ. ان کان علاوھ، ٻيون به کوڙ ساريون فلمون شامل آهن.
مرحوم ملڪ انوکي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. انهن ۾سنڌي ڊراما جيڪي مشھور ٿيا سي آھن؛ راڻيءَ جي ڪهاڻي، ديوارين، جنگل.  ٻيا وري اردو ڊراما به ھيا جن ۾ ڪم ڪيائين، تن ۾؛ جگ بيتي، وارث، ايڪ حقيقت سؤ فسانه ۽ چانن دا دريا وغيرھ شامل آهن.
پي ٽي وي هن کي 1996ع ۾ مهان اداڪار جو ايوارڊ ڏنو هو.
سال 1988ع ۾هن غوثيه بيگم سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي هڪ پٽ ۽ ٽي ڌيئر جو اولاد ٿيو.
ملڪ انوکو سون جي تعداد ۾ اردو، سنڌي ۽ پنجابي ۾ ڊراما ڪيا. هن هڪ سرائيڪي فلم ”سانجهه تيڏي پيار دي“ ۾ به ڪم ڪيو. هن کي هڪ ڀيري اداڪار لهري، هن جو ڪم ڏسي، سؤ رپيه ۽ معين اختر هن کي هڪ هزار انعام طور ڏنو.
اداڪار ملڪ انوکو 26 جولاءِ 2008ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هن جو مڙهه ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي.


(عبدالجبار آزاد منگيءَ جي فيس بوڪ جي وال تان کنيل)

1 comment:

  1. ملڪ انوکي جي پھرين سنڌي فلم ڪھڙي ھئي ؟

    ReplyDelete