; سنڌي شخصيتون: ملڪ انوکو، سيد يار محمد شاھ، عبدالجبار منگي، ميرپورخاص، گجرات، ڪراچي، پنجاب، فلم، ڊرامو، ڪھاڻي،
Showing posts with label ملڪ انوکو، سيد يار محمد شاھ، عبدالجبار منگي، ميرپورخاص، گجرات، ڪراچي، پنجاب، فلم، ڊرامو، ڪھاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ملڪ انوکو، سيد يار محمد شاھ، عبدالجبار منگي، ميرپورخاص، گجرات، ڪراچي، پنجاب، فلم، ڊرامو، ڪھاڻي،. Show all posts

13 February, 2012

ملڪ انوکو - سيد يار محمد شاهه


ملڪ انوکو
پاڻ روئي ٻين کي کلائيندڙ اداڪار
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن جي تاريخ ۾ مرحوم ملڪ انوکي جو نالو اڄ به هر ڪنهن کي چٽيءَ طرح ياد آهي. فلم ”مٺڙا شال ملن“ ۾ مٿس پڪچرائز ٿيل گانو ”مونکي قسمت مار کارائي الا ڙي گهوڙا ڙي بابا ڙي“ ان وقت به مشهور هو ته اڄ به بيحد مقبول آهي، ۽ خاص ڪري ان گاني تي جيڪا مزاحيه اداڪاري ملڪ انوکي ڪئي، اهي منظر اڄ به ڏسجن ٿا ته کل ڇڏائجي وڃي ٿي. حالانڪه سنڌي فلمن جي ابتدا، عروج ۽ زوال ۾ جيتريون به سنڌي فلمون ٺهيون، انهن جو مسخرو يعني مزاحيه اداڪار هوندو ئي ملڪ انوکو هو. جڏهن ته فلم ”عمر مارئي“ ۽ ”پرديسيءَ“ ۾ لطيف چارلي، جيڪو هندوستان جي فلم انڊسٽري ڇڏي پاڪستان آيو هو، تنهن مزاحيه ڪردارن جي ابتدا ڪئي. هو گجراتي هو پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندو هو. جڏهن ته سنڌي فلمن جو نمبر ون مزاحيه اداڪار ملڪ انوکو ته هئو ئي راجستاني ۽ سندس مادري زبان سنڌي نه هئي. سندس والد صاحب ذاڪر هو ۽ مجلسون سرائيڪي يا پنجابي ۾ ئي پڙهندو هو. پر ملڪ انوکي جي مرڻ تائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪو غير سنڌي فنڪار هو. جيئن ته سندس ڄمڻ  ۽ سندس ٻالڪپڻ جو واسطو ميرپورخاص سان رهيو، پاڻ اسٽيج تي مزاحيه خاڪا ۽ گانا ٻڌائڻ جو ماهر هو.