; سنڌي شخصيتون: ڇتو ڪوري

25 November, 2011

ڇتو ڪوري


ڇتو ڪوري
[۱۵۴۸ع – ۱۵۹۸ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
دنيا ۾ ڪي انسان پنهنجي ڪارنامن کان مشهور هوندا آهن، ته ڪي وري فطري لحاظ کان، مخصوص عادتن، طور طريقن ۽ فڪري صلاحيتن سببان پري پري تائين اهڙا ته پڌرا هوندا آهن، جو پنهنجي وقت ۾ ته وارو وڄائي ويندا آهن، پر مرڻ کان پوءِ به هو پنهنجا ڪرتب عام ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشہ هميشہ لاءِ نقش ڪري ويندا آهن. اهڙن نامورن مان محمد ڇتل ولد محمد صابن ڪوري[1] به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت خيرپور رياست جي ڳوٺ ”کهڙا“ ۾ ۲۲ صفر المظفر ۹۵۵ هه مطابق ۳ اپريل ۱۵۴۵ع تي ٿي آهي. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ کان علاوه زمين جو ٽڪرو به آباد ڪندا هئا.


ڇتو، نهايت گهڻ ڳالهائو هو، ايتري قدر جو منٽن جي ڳالهه کي خواه مخواه وڌائي ، ڪلاڪن ۾ وڃي پوري ڪندو هو. سندس والد، کيس ڪپڙي جي اڻت لاءِ، گامڻ ڪوريءَ جي ڪار خاني تي ڇڏيو هو، جتي ڪپڙي اڻڻ جو ڪم سکڻ لڳو.
هڪ دفعي سندس استادن جيئن ئي پنهنجو پٽڪو لاهي آڏاڻي جي ڀرسان رکي ويٺو اڻڻ ؛ مڄاڻ ڪو سندس ڇڪڻ واري حقي مان چڻنگ وڃي پٽڪي تي پيئي. ڇتي ڏٺو، ته استاد جو پٽڪو ٿو سڙندو وڃي، سو پنهنجي اصلي عادت جيان استاد کي خطاب ٿي ڳالهه جي انداز ۾ ٻڌائيندي چيو، ته ”استاد سائين، جيئن سدائين ! خوب کائين ۽ اوبارين – شل جڳ تنهنجو محتاج هجي. اوهان جي پياري حقي مان ڪنهن ساعت چڻنگ چمڪي اٿي، اچي پٽ تي پيل پٽڪي مٿان پيئي....“ ڇتو، حيسين مقصد تي اچڻ لاءِ اڃا ٺاهي ٺاهي تلفظ ڪڍي ئي ڪڍي، تيسين گامڻ جو پٽڪو ڳپل سڙي ويو. پوءِ ته استاد جيسين ڳالهه پوريءَ طرح سمجهي ئي سمجهي، تيسين پٽڪي به وڃي پڄاڻي ڪئي.
مٿين ڳالهه مان حاصل مطلب اهو نڪتو؛ ته جيڪڏهن ڇتو اهڙي نازڪ موقعي تي مختصر بيانيءَ کان ڪم وٺي ها؛ ته هوند سندس جائي واڌ نه ڪرڻ مان هڪ طرف مطلب به آسانيءَ سان نڪري وڃي ها ۽ ٻئي طرف پٽڪو به سڙڻ کان بچي وڃي ها!!
چون ٿا ته؛ جڏهن ڪم سکي پورو ڪيائين؛ ته جوڙيون (ٿان) کڻي بازار ۾ وڪري لاءِ نيندو هو. ٻيا ڪوري روزانو ٽي – چار تاڪيا کپائي پيا اچن، مگر ڇتو پنهنجي دستور موجب هڪ جوڙي به مس وڪڻي ٿي آيو. انهيءَ جو خاص سبب اهو هو، جو ڪپڙي جي تعريف ڪندي چوندو هو، ته: ”منهنجي هيءَ جوڙي سڀني کان مضبوط آهي – سٽ تي رنگ عيسي نيروليءَ جو پڪو چڙهيل اٿس، ڌاڳو به بالڪل مضبوط ۽ تازو ٺهيل آهي – وڏي ڳالهه اها، ته منهنجي اڄت (اڻت) اهڙي ته سنهي ۽ گهاٽي آهي، جو وار جي وٿي به نه ڇڏي اٿم.... خوب چوڙيندي – اگهه سستو....“ وغيره وغيره.
مطلب ته خريد ڪرڻ واري جا ته ڪن ئي پچائي ڇڏيندو هو. پوءِ وٺڻ واري کي وڻي ته وٺيس يا وري واپس موٽائي اچي گهر رکي.
ظاهر آهي، ته ڇتو جيڪڏهن هر ڳالهه ۾ ايتري ڊيگهه ڪندو ته ڪم جو وري ڪهڙو نبيرو هوندس؛ انهيءَ ڪري ڳوٺ ته ٺهيو، پر پوريءَ پسگردائيءَ ۾ به مشهور ٿي ويو؛ جنهن ڪري مٿس ”ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه“ وارو پهاڪو جڙي ويو. جيڪو اڄ تائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته، ۵۲ ورهين جي عمر ۾ مغز جي ڪمزوريءَ سببان، غالباً ۱۰۰۷ هه مطابق ۱۵۹۸ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو.


ڇَتو ڪوري
دادا سنڌي
سنڌ سونھاريءَ ۾، ڇتي ڪوريءَ جو ڪردار عجيب ۽ غريب آھي، جيڪو پنھنجي معصوميت، اندازِ بيان، گفتگو ۽ سادي طبيعت ڪري، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ايڏو ته مشھور آھي، جو “ڇتي ڪوري واري ڊيگھ” ھڪ ضرب المثل بڻجي، ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اچي ويئي آھي. ھي خاص محاورو، ان وقت استعمال ڪبو آھي، جڏھن ڪو ماڻھو ٿوري ڳالھ کي وڌائي ڊگھو ڪندو آھي ۽ اجايو لڙ ماريندو آھي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “ڳالھ ڪرڻ وقت اجائي، اينگھ ڪرڻ، بيجا ڳالھائڻ، اجائي بَڪ ڪرڻ.” (پھاڪن جي پاڙ- ٻي ايڊيشن ص نمبر ۶۸)
ڇتي ڪوريءَ جو اصل نالو محمد ڇَتل ولد محمد صابر ڪوري ھو، جيڪو خيرپور ضلعي جي ڳوٺ، کھڙا ۾ ۳ اپريل ۱۵۴۵ع ۾ ڄائو. سندس اباڻو ڌنڌو، ڪپڙو اُڻڻ ھو، جيڪا سنڌ جي قديم ۽ پراڻي صنعت آھي. ھن فن جو ثبوت “موھن جي دڙي” مان به ملي ٿو. ڪوري سنڌ جي اھا ذات آھي، جنھن انسان ذات تي، اھو عظيم احسان ڪيو، جو ان جي اوگھڙ ڍڪي ۽ سندس ھٿ جي ھنر کي، اُھو مقام مليو، جو قرآن شريف ۾ “سندس”  ذڪر ڪري، سنڌڻ ململ، جيڪا ڪورين جي صنعت جو اعليٰ مثال آھي، کي لازوال اھميت بخشي. (ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي- ڪوري ۽ سندس ڪم. ماھوار نئين زندگي نومبر ۱۹۷۰ع) ڇتو به ان ذات جو اھم فرد ھو، جيڪو ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم ڪندو ھو.
چون ٿا ته، ڇَتو ننڍپڻ کان ئي، ڳالھين جو ڳھير ۽ گھڻ-ڳالھائو ھوندو ھو، ايتريقدر جو منٽ جي ڳالھ کي وڌائي ڪلاڪن ۾ پورو ڪندو ھو، ان ڪري مڪتب ۾ ھو پڙھي نه سگھيو ۽ استادن خواھ ھڪجيڏن ۾، ھو پوري حيثيت حاصل ڪري نه سگھيو. اھا حالت ڏسي، سندس والد، پڙھائي ڇڏرائي، کيس گامڻ ڪوريءَ جي آڏاڻي تي ويھاريو، جتي ھو اباڻي ڪرت ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم سکڻ لڳو. ھت به ھو پنھنجي فطرت مطابق، ڳالھيون ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجي سادگيءَ سبب، استاد کي به تنگ ڪندو ھو، پر ھو ھڪ، مھربان۽ شفيق استاد وانگر، کيس ڪم جا گُر سيکارڻ لڳو.
ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته ڇتي جي استاد گامڻ ڪوريءَ پنھنجو پَٽڪو لاھي، آڏاڻي جي ڀرسان رکيو ۽ پاسو ڏيئي، آڏاڻي تي ويھي ڪپڙو به اُڻڻ لڳو ۽ جھٽ جھٽ ۾ حُقي مان به ڦوڪ ڀرڻ لڳو. ڇتي ويٺي، پوڻيون پِسايون. نه ڄاڻ ڪا چڻنگ حُقي مان اُڏي، استاد جي پٽڪي ۾ وڃي پيئي. استاد ته پنھنجي ڪِرت ۾ رڌل ۽ حُقي ۾ مگن. پٽڪي تي ته سندس نظر به ڪا نه ھئي. بس سائين! پٽڪو سڙڻ لڳو. ڇتي ڏٺو ته، استاد جو پٽڪو ٿو سڙي، سو پنھنجي مخصوص انداز موجب، چوڻ لڳو ته؛ “قبلا استاد سائين! جيئين سدائين، خوب کائين پيئين- شل جڳ تنھنجو محتاج ھجي. اوھان جي پياري حقي شريف مان، چڻنگ اٿي، اوھان صاحبن جي پڳ مبارڪ تي پيئي آھي.“ ظاھر آھي ته، ڇتو جيستائين پڳ جي لفظ تي پھچي ۽ استاد ڳالھ سمجھي تيستائين “ڪپڙا بوءِ” به تيز ٿي ويئي ۽ گامڻ اٿي، پڳ جو کڻي ڏسي ته، اھا اڌ چٽ ٿي چڪي ھئي. بھرحال، ڇتي اجائي ڊيگھ ڪري، استاد جي پڳ جو کنڌو کڻائي ڇڏيو. جيڪڏھن ھو، ھن نازڪ موقعي تي، مختصر بيانيءَ کان ڪم وٺي ھا ته، جيڪر پٽڪو سڙڻ کان بچي پوي ھا.
ڇتي جي ھيءَ سادگي ۽ شرافت، نقصان دھ ھئي. اسان کي ايترو مومن به بڻجڻ نه گھرجي، جو پنھنجي گھر کي باھ پئي لڳي ۽ اسان سادا بڻيا بيٺا ڏسون. اسان جي ان شرافت، تاريخ ۾ اسان کي گھڻائي نقصان پھچايا آھن ۽ “سنڌي سماج” ان تاريخي زبان جي سزا، اڃا لوڙي رھيو آھي. ڇتي جو عوامي ڪردار، جتي اسان جي سنڌي قوم جي، سادگي جي نمائندگي ڪري ٿو اتي، ان “تاريخي زبان” ڏانھن به اشارو ڪري ٿو ته، موقعي جي نزاڪت کي ڏسي، ان موجب قدم کڻڻ گھرجي ۽ قيمتي املھ وقت جو قدر ڪجي.
ڇتو ڪوري، استاد کان ڪم سکي پنھنجو ذاتي دڪان کولي، جوڙيون ٺاھي، روزاني معاشرتي زندگيءَ ۾ پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر  مخصوص ڪردار ۽ عادت، ھت به نه ڇڏيائين. ٻيا ڪوري روزانو ٽي چار تاڪيا وڪڻي ايندا ھئا پر ڇتو ھڪ جوڙي به مس نيڪال ڪري سگھندو ھو. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ ھو ته ھو پنھنجي ڪپڙي جي ساراھ، حد کان وڌيڪ ڪندو ھو. چوندو ھو ته “او سائين! منھنجي ھيءَ جوڙي سڀ کان مضبوط آھي. سُت تي رنگ، عيسي نيروليءَ جو پڪو چڙھيل اٿس. ڌاڳو به بلڪل مضبوط ۽ تازو آھي، وڏي ڳالھ ته منھنجي اُڻت اھڙي ته سنھي ۽ گھاٽي آھي، جو وار به وِٿي نه ڇڏي اٿم، خوب چوڙيندي، اگھ به سستو! وغيره وغيره!” ايڏي ڊگھيڙ ته ڪو واندو ماڻھو، بيھي ٻڌي، ان ڪري خريدار، ٻين کان جوڙيون وٺي رمندا رھندا ھئا ۽ ھو ويچارو واٽ تڪيندو رھندو ھو. ھا! البت، جيڪي سندس طبيعت، شرافت، سادگي ۽ ايمانداريءَ کان واقف ھئا، سي کانئس پھرئين جوڙي وٺي ڇڏيندا ھئا ۽ ھو اھڙي طرح، پيٽ گذران ڪندو رھندو ھو.
ڇتو ڪوري، جيتوڻيڪ گھڻ ڳالھائو ۽ ڳالھين جو ڳھير ھو، پر ھو شرارت ۽ پرائي شيءِ کان پري، پنھنجي ڌنڌي ۾ ايماندار ۽ فن سان سچو ھو. سندس ڪپڙو به، ھر ملاوت ۽ مصنوعي بناوت کان پاڪ ھو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “ھو چوندو ھو ته؛ ھي جوڙي مضبوط آھي، سندس ٺڪري پڪي آھي، ڌاڳو به پڪو اٿس, گھاٽي اُڻيل آھي. تمام گھڻو چوڙ ڏيندي، ڏاڍي سَستي آھي، بر به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سَڳو نه ڳرندس.” (پھاڪن جي پاڙ- ص نمبر ۶۹) سندس اھي لفظ حقيقت تي مبني ھئا ۽ سندس ديانتداريءَ جي گواھي ڏيندا ھئا.
ڇتي ڪوريءَ جو اھو ڪردار، اسان کي جيتوڻيڪ مزاحيه لڳي ٿو، پر ان ۾ سبق ۽ نصيحت آھي ته ايمانداري ۽ شرافت جو دامن، ٿوري ۽ عارضي نفعي ۽ ذاتي مفاد لاءِ نه ڇڏجي. ڇتو ايماندار، سچار ۽ پنھنجي حلال جي پورھئي ۽ مزدوريءَ سان پيٽ پاليندو ھو، پر ٺڳي، منافقت، ٻه چاپڙائي ۽ بي ايمانيءَ کان ڪوھين ڏور ھو ۽ پنھنجي انھيءَ، مخصوص عادت ۽ روايت ڪري، ھو اڄ به سنڌي عوام ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ مقبول آھي.
سنڌ جو ھيءُ عجيب ۽ غريب عوامي ڪردار، ۵۲ ورھين جي ڄمار ۾، مغز جي ڪمزوري سبب ۱۵۹۸ع ۾ گذاري ويو.

(’سنڌ جا عوامي ڪردار‘ تان کنيل)


[1] ڪورڪي ڪرت (ڪپڙي اڻڻ) سببان، ”ڪوري“ سڏبا آهن. سندن اصل ذات ”ميمڻ“ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا