; سنڌي شخصيتون: جمن جتي ستي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

جمن جتي ستي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


جمن جتي ستي [1258ع – 1239ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد جمن شاه ولد سيد امام علي شاه، عراق جي بخارا هر ۾ غالباً 657 هه مطابق 1258ع ڌاري ڄائو هو. پاڻ بخاري سيد هو؛ جنهن ڪري قادري طريقت اختيار ڪئي هئائين. سندس جد امجد خدا رسيده بزرگ هئا، جن جي خدا پاڪ وٽ دعا مستجاب هئي.
سيد جمن شاهه، پنهنجي والد جي وفات بعد، سيرو سياحت جي خيال کان سنڌ ۾ اچي نڪتو. پهريائين ٺٽي پهتو ۽ پوءِ سيوهڻ شريف ۾ باقاعده سڪونت اختيار ڪئيائين.


تاريخي تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته سيد جمن شاه، لعل شهباز قلندر کان ست سال اڳ (688 هه = 1289ع ڌاري) سيوهڻ ۾ آيو هو؛ ان وقت سندس ڦوهه جواني هئي. سيد عثمان مرونديءَ جي آمد تي جڏهن کيس کڙڪ پيئي، تڏهن ڊوڙي وڃي سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته لعل شهباز پهرين رات سيد جمن شاه جو مهمان ٿيو هو.
سيد جمن شاه، سيد عثمان مروندي رح کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتو هئائين. پوءِ کانئس ٻين منزلن سان گڏ ”جلالت“ به حاصل ڪيائين. پوءِ ته لعل سائين رح جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. هينئر ماڳ موٽڻ جو ارادو ترڪ ڪري، باقي حياتيءَ جا ڏينهن، سيوهڻ ۾ ئي گهاريائين، جتي 72 ورهين جي عمر ۾ غالباً 731 هه مطابق 1330ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس شهر جي اوڀارين طرف، درياه جي ڪنڌيءَ تي دفنايائونس. سندس مقبرو مغليه دور ۾، نامياري بادشاه شاه جهان جي ڏينهن ۾ جڙيو آهي.
چون ٿا، ته قلندر سائينءَ جي هن پياري طالب. سيد جمن شاه جو خواجه خضر سان ٽڪر هو ؛ انهيءَ ڪري ٽي دفعا درياه سندس مقبري تان واپس وريو آهي. مقبري جي ڇت، اڌ ڍڪيل آهي. وڏا وس ڪيا اٿن، مگر پوري ڇت هڪ رات کان وڌيڪ نه ٿي ٽڪي. خدا ڄاڻي! ڪهڙو اسرار آهي !! سندس طالب ”قلندري طريقو“ رکن ٿا. پاڻ مرشد (لعل سائينءَ) جي محنت ۾، سڄيءَ عمر ۾ شادي ڪانه ڪيائين، انهيءَ ڪري کيس ”جمن جتي ستي“ ڪري سڏين ٿا.
(1)– سندس اصل نالو سيد جمال شاه هو؛ جنهن کي حضرت لعل سائين رح پيار وچان ”جمن شاه“ سڏيو هو.

1 comment:

  1. ماشاء الله سائين۔۔ ٻين اولياء الله جا تعارف موڪليو جيئن مان وائيس اوور ڪري سگهان

    ReplyDelete