; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالقدير قادرداد افغان - خضر حيات قاضي

02 November, 2011

ڊاڪٽر عبدالقدير قادرداد افغان - خضر حيات قاضي


ڊاڪٽر عبدالقدير قادرداد افغان
خضر حيات قاضي
ڊاڪٽر افغان صاحب، سنڌ جو سچو سپوت ثابت ٿي، پنهنجي امڙ جي ٿڃ مڃائي، هڪ ننڍڙي ڳوٺ قاضي واهڻ لکي جي سنڌي استاد جي گهر ۾، اکيون کوليون. سول انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري انگلينڊ سرڪار ۽ بعد ۾ لاتعداد انجيئرنگ يونيورسٽين جو پروفيسر ۽ گورنمينٽ جو ائڊوائيزر رهيو. (کيس عرف عام ۾ اي ڪيو ڪي افغان پڻ ڪوٺيندا ھيا.)
 
۱۹۶۳ع ۾سنڌ يونيورسٽي انجيئرنگ ڪاليج ٺاهڻ کان پوءِ، اچڻ جي آڇ ٿيس. پاڻ سنڌ واسين لاءِ فرشتو ٿي آيو. سالن جا سال اداره جي خدمت ڪيائين. ٻين شخصيتن جي سهڪار سان، انجيئرنگ ڪاليج  ۾ داخلا پاليسي ۾ڪوٽا ذريعي هر هڪ ضلع لاءِ مخصوص سيٽون ڪرائي، نهايت محنت، حفاڪشي ۽ ايمانداريءَ سان هر هڪ ضلع جي مستحق شاگردن کي داخلا ڏئي، سنڌ جي جهر جهنگ ۾ علم جي روشنائي ڦهلائي نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ پاڪستان خواهه ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي داخلائون مليون.  ۱۹۶۷ع جي پهرين بئچ کان وٺي ۱۹۷۲ع تائين قابل ۽ هوشيار انجنيئر پيدا ڪري، هر فيلڊ ۾ نوڪرين لاءِ مهيا ڪيائين. نه صرف پڙهائي پر انهن کي روزگار وٺي ڏيڻ ۾ به اعليٰ ادارن جي دروازن تي دستڪ ڏئي، حق وٺرائي ڏيڻ ۾ معاون ۽ مددگار رهيو.
سندس ان اصول ۽ انداز، چئن طرفن کان ڊاڪٽر صاحب تڪليفون ڏنيون. ايستائين جو ڪوڙن ڪيسن ذريعي جيل جو منهن ڏسڻو پيس. پر هر طرح مقابلو ڪري، وري ڪاليج جي ساڳي ڪرسي تي براجمان ٿيو. ان دوران موٽ ۾ سنڌ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين، ايستائين جو عرب ۽ فلسطين جي شاگردن به بک هڙتالون ڪري جيل ڀريا. حقيقت ۾سنڌي نوجوان کي پهريون ڀيرو محنت ۽ اورچائي سان همت ۽ حوصلي سان حق وٺڻ جو درس ڏنو. ٿوري وقت کان پوءِ وري ٻيو وار ڪري وري پنهنجن هٿان ڪوڙي استعفا ذريعي نوڪري ختم ڪئي وئي. ڪافي صدمي، نيڪين ۽ چڱائين جي مليل موٽ تي حيران رهجي ويو. هڪ ڀيرو وري، سندس شاگرد مجيب پيرزادي صاحب جي ذريعي حفيظ پيرزادي معرفت ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿيس. کيس او ايس ڊي ڪري رکيوويو. جلد ئي سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ٿيو. پر ان دوران اسلام آباد جي ايوانن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي آمد ڀونچال ۾ وجهي ڇڏيو. ڇو ته هو پنهجي مقصد حيات ماڻڻ لاءِ، ڀڳت ڪنور رام وانگر، سنڌ جي بيروزگار نوجوان کي ساڻ کڻي نوڪري جي بندوبست لاءِ سرگردان رهندو هو.
اتان وري جلد ئي کيس سنڌ حڪومت واپس ڪيو ويو. جتي کيس حڪومت ختم ٿيڻ تائين ڪا به چارج نه ڏني وئي. اڳتي هلي ضياءَ الحق مرحوم، ڊاڪٽر صاحب جي قومي خدمت کي ساراهيندي، کيس سروس ٽريبيونل جو سينيئر ميمبر مقرر ڪيو. کيس خاص هدايتون هيون ته هنن هنن ماڻهن کي انصاف ڏيڻ کان وانجهيو رکڻو آهي. پر ٿيو اهو جيڪو قدرت کي منظور هو. ڊاڪٽر افغان ان دوران انصاف جو بول بالا ڪندي، تن ماڻهن کي نوڪرين ۾ واپس اچڻ جا آرڊر ڪيا. جنهن ان وقت جي حڪومت کي سخت ناراض ڪيو. ايئن ڊاڪٽر صاحب کي الزام هڻي نوڪرين کان ڊسمس ڪيو ۽ ڪا به سيشن وغيره نه ڏني. ان جي باوجود ڊاڪٽر افغان چڱن کان چڱو، شان مان ۽ دٻدٻي سان وقت گذاريو، بعد ۾ ۱۰ سال سنڌ واسين کي روزگار ڏيڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي.
آخرڪار ۹ اپريل ۱۹۹۱ع تي اکيون ٻوٽي اسان جي هستي تي هلڪو هلڪو مسڪرائيندو هليو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا