آخوند عزيز الله ميمڻ [1746ع – 1824ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مٽياري آخوندن جي ڦريءَ مان، آخوند عزيز الله ولد آخوند
نورالله ميمڻ به هڪ ناميارو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 22 شوال 1160هه مطابق
14 جون 1746ع تي ٿي. سندس جد- امجد اصل ٺٽي جا رهاڪو هئا، جتان ڪجهه درس و تدريس
جي سلسلي ۾ لڏي، مٽيارين ۾ اچي رهيا.
آخوند عزيز الله ابتدائي تعليم ۾ عربيءَ جا ڪتاب مولوي
محمد عثمان وٽان پڙهيو. نهايت ئي ذهين هو؛ جنهن ڪري حديث، تفسير، فقہ، تصوف ۽
معقولات ۾ وڏي ڄاڻ حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿي، وڏن جيان درس و تدريس ڏيڻ شروع
ڪيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي جدا دڻي قائم ڪري، دين جي خدمت ڪندو رهيو.
ميمڻ صاحب، ميراڻو دور پوريءَ طرح پئي سنبريو. هي پهريون
خوش نصيب آهي؛ جنهن پراڻي عربي لپيءَ موجب قرآن پاڪ جو تحت الفظ، سنڌي نثر ۾ ترجمو
ڪيو آهي. حالانڪ ميمڻ صاحب جي هيءَ نثري عبارت (جملن جي جوڙ جڪ ۽ اکرن جو ميلاپ
وغيره) سنڌي گرامر موجب نه آهي؛ تاهم به سنڌي ٻوليءَ ۾ آخوند صاحب جو هي نثر،
بنيادي حيثيت جو حامل آهي- جيڪو اهڙي ته فني سٽاءِ (ڪاريگريءَ) سان پيوند ڪيو اٿس،
جو نثر مان نظم جو حظ پيو حاصل ٿئي، گويا موجوده وقت جي لحاظ کان ”نظماڻو نثر“ (Poetic Prose) لکي ويو آهي. ازانسواءِ ترجمي کان علاوه حاشين ۾ آيتن جو
شان - نزول به تفصيل سان ڏنو اٿس. نموني طور چند آيتن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
”اي مومنا! همراهي وٺو منجهه مشڪلن ساڻ صبر ۽ نماز تحقيق
خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهي- ۽ م چوءُ واسطي تن جي ڪسن ٿا منجهه واٽ خدا جي اوءِ مئل نه
آهين، بلڪ جيئرا آهن، پر نٿا ڄاڻي آءِ (اوهين) ۽ آزمايو ٿا ان (اوهان) کي ساڻ ٽولن
ڪنان خوف ۽ ڏکن ۽ بکن ۽ ٿورو ٿئڻ مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي ۽ نه ٿيڻ ميون جي (نه ڪ
ڪريون ٿا ڪ نٿا ڪريون) ۽ بشارت ڏي تن صابرن کي، او صابرين سي آهين، جڏهن رسي ان کي
سختي، چئون ”اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانہ موٽهون ٿا“ - اوءِ صابر، تن تي آهين
رحمتون ڪنان رب ان جي ۽ رحمت خاص ۽ اوءِ هدايت وارا آهن.“
پاڻ لواريءَ وارن بزرگن جو عقيدتمند هو. سندس شاگردن جو
تعداد اڻ کٽ هو. پاڻ 77 ورهين جي ڄمار ۾ 13 رمضان المبارڪ 1240 هه مطابق 7-
سيپٽمبر 1824ع تي راهه رباني ورتائين.
No comments:
راءِ ڏيندا