; سنڌي شخصيتون: رستم سنڌ شير ميربحر - پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني

21 November, 2011

رستم سنڌ شير ميربحر - پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني


رستم سنڌ شير ميربحر

پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني

رستمِ سنڌ شير مير بحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ڌاري ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسو ديرو ۾ هڪ فاريسٽ آفيسر، علي محمد مير بحر جي گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم، ڳوٺ ڀونئر ۾ حاصل ڪيائين. ٻارائپ (ننڍپڻ) واري عمر ۾ ئي، سندس ملھ ڏي لاڙو خوب رهيو. ايتريقدر جو ننڍن ٻارن سان سندري ٻڌڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڪندو هو. آس پاس (آسي پاسي) جي ميلن ملاکڙن ۾، ملھ جي ميدان اندر سڀني کان پھرين اچي حاضِر ٿيندو هو. ان شوقَ ۽ ذوقَ کي ڏسي، مائٽن به کيس ان ئي فن لاءِ تيار ڪيو.کير مکڻ کارائي، سندس شوقَ ۾ اِضافو ڪيائون. ننڍي ميدان کان وڏي ميدان تي پهچڻ ۾، هن به گھڻا ڏينهن ڪو نه لاتا. ڏسندي ڏسندي، هر ماڻهوءَ جي دِل جي ڌڙڪن بنجي ويو. شوق رکڻ وارا ماڻھو، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا وتن پيا ته؛ ‘يار اجهو اِهو نوجوان جيڪو سانوري رنگ جو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو اِهو اٿئي شير ميربحر. بابا هٿ وجھڻ ۽ گهمائڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿو ڪري! ماشاءَالله سندس صورت به سھڻي آهي ۽ قد آور جَوَانُ طاقت وارو ٿو ڏسجي. پر يار سندري ٻڌڻ سان ئي هٽي نه ٿو پر ڇڪي سوڙهو ڪري اهڙو ته جانٺو ٿو هڻي جو ڪو ملھ جند ئي نه ٿو ڇڏائي سگهيس. وڏا ڪي ملھ جا گُرَ اٿس. کَٻِي، اندرين، منڙي، ڪولابي تي کڻڻ، ڦيرائڻ پر ڇا ٻڌايانءِ وٺڻ ۽ دسڻ. ڀلا جوان! تنهنجي سچي راند! مطلب ته ڏاڍو ڪو دلير آهي.


شير جي پھلوانيءَ جي هاڪَ هلي ويئي. اُتَرَ ۽ لاڙ ۾ جيڪي به ملاکڙا ٿين پيا ته هر هڪ جي زبان تي اِهو آواز هو ته شير مير بحر به ملھ وڙهڻ ايندو. شير مير بحر لاءِ هيءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اَگَرُ (جيڪڏهن) ڪو پھلوان هن کي للڪاريندو هو ته کيس ائين (هيئن) چوندو هو ته؛ ‘تون سندرو ٻڌي ويھ! فلاڻي پھلوان کي دسي، پوءِ تو کي به ٿو ڏسان.’ واقعي هڪ ملھ کي دسي ۽ ٻئي سان اُتي جو اُتي شروع ٿي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو ته ماڻھو اُن ملاکڙي کي اڌورو (اڻپورو) سمجهندا هئا. مطلب ته ملاکڙي جو ميدان به شير جو انتظار ڪندو هو.

هن مايه ناز (عظيم) پھلوان، جيڪو ملھ جي فن ۾ پنھنجو نالو ڇڏيو آهي، سنڌ اُن کي صدين تائين وساري نه سگھندي.

رستمِ سنڌ پنھنجي سڄي عمر (ڄمار) هن شوق ۾ گذاري. ٻارائپ (ننڍپڻ ) کان جواني ۽ جوانيءَ کان پيريءَ تاءِ (تائين) هن ملڪي ۽ غير ملڪي جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو، اهو (انجو) احوال مختصر (وِچُور) هن ريت آهي.

شير مير بحر ملھ جي باقاعده شروعات لاڙڪاڻي ضلع جي نئين ديري شهر کان ڪئي هئي. ملاکڙو، ملھ پھلوان الھجڙيو سمون جي نگرانيءَ ۾، سنڌ سطح تي ٿيو. ان ميدان ۾ شير مير بحر ان وقت جي مشهور چئن وڏن پھلوانن؛ احمد لھر، لال محمد ڦل، اقبال جوڳي ۽ پنڃل مھر کي دسي ”سونو ٻلو“ (سون جو تمغو) حاصل ڪيو. ان بعد ۱۹۶۲ع ڌاري، ھالا سنڌ ۾ سَروَرِي جَمَاعَت جي روحاني پيشوا (رَهنُما) مخدوم طالب الموليٰ جي نگراني ۾ ٿيل ”هالا دنگل“ ۾ هن ”چيڪو سلاويه“ جي پھلوان ”جارج زيبسڪو“ کي ملھ ماري، مُلڪَ جو مان مٿانهون ڪيو. اهڙيءَ طرح ۱۹۶۳ع ۾ نياز اسٽيڊيئم حيدرآباد ۾ ٿيل، ھڪ بين الاقوامي ملاکڙي ۾ ھندوستان جي ناموَر (ناليواري) پھلوان ٽائيگ گرنام سنگھ کي لاڳيتو ٻئي ملھون ماري، خوب داد حاصل ڪيو. ھڪ يادگار ۽ تاريخي مقابلو ”لکي محل“ ۾ ٿيو. جنھن ۾ ”فيلڊ مارشل صدرِ پاڪستان ايوب خان، يحيٰ خان ۽ رياست خيرپور جي والي مير ”هز هائينس مير مراد علي خان“ شرڪت ڪئي. ان ملاکڙي ۾ شير مير بحر لاڳيتو ٽن وڏن پھلوانن کي ملھ ۾ ڏندڙائي (مُنهن ڀَر ڪيرائي) ڇڏيو. جنھن تي صدر ايوب ۽ مير صاحب، شير کي خوب داد ڏنو ۽ ايوب خان چيو ته؛ ‘شير واقعي ”شير“ هي’ (شير اَصُلي شينھن آهي). اهڙيءَ طرح نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچيءَ ۾ هڪ آسٽريليا جي پھلوان ”آسٽن“ کي ڦيرائي پٽ تي اهڙو ھنيائين جو آسٽن به اٿي نه پيو سگهي. آسٽريليا جو اھو پھلوان، شير مير بحر کان قد ۾ ٻيڻو هو. شير مير بحر اگر (جيڪڏهن ) پهرين ملھ مارجي پوندو هو ته ساھ پٽڻ کانسواءِ ئي ملھ لاءِ للڪاريندو ھو ۽ پوئين ملھ ۾ سرسي ڪڍي سگنت سان ملندو هو. انڪري ھيءَ چواڻي به مشهور ٿي ويئي ته؛ ‘پوئين ملھ شير جي آھي.’ لاڙ جا ملھ پھلوان، شير کان ڏاڍو ڪيٻائيندا هئا. خاص ڪري شيدي ملھ پھلوان؛ انب شيدي، بکر شيدي، انبڙي شيدي، اسماعيل شيدي به وڏا مقابلا ڪيا، آخر ڪار (نيٺ) آڻ مڃي ويٺا. ملھ جي خدمت ۾ راڻيپور جي سَيَّدَن شير مير بحر کي خوب تاتيو. سيّد احمد شاھ جيلاني ته کيس پنھنجي بنگلي ۾ رهائي، سچا گيھَ ، ڇيلا ۽ بادام جا گهوٽا کارائي پئي شوق ملهايو ۽ ملاکڙن جا وڏا مقابلا ڪرائي پئي روح ريجھايو.

بھر حال ملھ جي پھلواني ھڪ عزت مند فن آهي، جنھن سان انسان جي عظمت ۽ شان وڌي ٿو. 

No comments:

راءِ ڏيندا