; سنڌي شخصيتون: آسورام ”آسو“ دادلاڻي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

آسورام ”آسو“ دادلاڻي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور ويدانتي شاعر، ديوان آسو رام ”آسو“ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾ 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو. سندس پتا ڀلاوڻي جي دوڪان تي منشي هو؛ جنهن پنهنجي پٽ (آسوءَ) کي ڌرمي سکيا سان گڏ ويدانيت جون واٽون به ٻڌايون. تصوف ۽ طب جي سلسلي ۾ سيد فقير علي شاه کي پنهنجو اڳواڻ تسيلم ڪيائين.


سيد مصري شاه نصرپوري رح (1828ع – 1906ع) جهڙن سڄاڻ صحبتن جي ڪچهرين مان شاعريءَ کي تقويت ڏنائين. طبيعت اهڙي ته ماٺيڻي هيس، جو هر ڳالهه کي ٻڌندو ئي رهندو هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مناسب موقعي مطابق مختصر جواب ڏيندو هو. هندو خواه مسلمانن سان شادين ۽ غميءَ جي موقعن تي سڏيءَ سڏ ڀريندو هو. ديوان آسورام، ٿوري تي خوش ۽ سدائين باغ بهار نظر ايندو هو. هر وقت کيس اهوئي خفت لڳل هو، ته ڪو سهڻو ۽ سانڍڻ جهڙو پستڪ هٿ اچي، ته يڪدم خريد ڪندو هو. قديم ۾ قديم دستخط قرآن شريف، بائيبل، شريمد ڀاڳوت گيتا ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب وٽس موجود هوندا هئا.
شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”آسو“ تخلص سان غزل، ڪافيون، ڀڄن، ڪنڍليون ۽ سلوڪ چيا اٿس. خاص ڪري غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي، جيڪو ”ديوان آسو“ جي نالي سان 1897ع ۾ ڇپيو هو. اهڙ:ءَ طرح ”رساله آسو“ ۽ ”پريم غنچه“ به ڀائي آسوءَ جي ڪلام جا مجموعا آهن.

هونئن ته سندس ڪلام ۾ يوگ وديا ۽ ويدانيت جي اپٽار نظر اچي ٿي، مگر سندس غزلن ۾ وري توحيد جي تنوار پئي بکي. زندگي جا ٽيهتر سال هن دنيا ۾ دم کڻي، 25 سيپٽمبر 1897ع تي پرلوڪ پڌاريائين. کيس هالن جي شهر ۾ ئي چتا تي چاڙهيو ويو.
(1)- سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪنڍلي“ اها صنف آهي؛ جنهن ۾ جملي ڇهه سٽون (مصرعون) ٿين ٿيون. سٽاءَ جي لحاظ کان شروعاتي سٽ ۽ آخري سٽ جو اڳيون پويون لفظ ساڳيو ئي ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح هر ٻي مصرع جو قافيو هم وزن ٿئي ٿو ۽ ٻي سٽ جو اڌ، ٽين سٽ جي شروعات ۾ ورجائڻ سان ”ڪنڍلي“ ٺهيو پوي. مختصراً هن صنف لاءِ ائين چوڻ به موزون ٿيندو، ته ڪنڍلي ٺاهڻ ۾ هڪ دوها ۽ ڇند ۽ هڪ رولا ڇند ملائبو آهي. موضوع جي لحاظ کان ويدانيت جا ويچار منجهس سمايل هوندا آهن.

2 comments:

  1. سائين اسلام عليڪم
    عرض ته توهان آسورام جي باري ۾ تمام غلط معلمومات فراهم ڪئي آهي، آئون آسورام جي خاندان مان آهيان، آسورام جو پڙپوٽو ۽ منهنجو ڏاڏو ليکراج مل اچا حياتي آهي. جيئن ته توهان مهرباني ڪري هن معلومات کي درست ڪريو.
    آئون اوهان کي لنڪ شيئر ڪريان پيو اوهان ان کي وزٽ ڪري آسورام جي معلومات کي درست ڪريو... مهرباني
    http://sindhisaints.blogspot.com/2013/04/sufi-assoram-sahib.html
    آڪاش ڪمار آسواني ولد کيمچند آسواني
    Mob: 0312-3760894

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا ! مھرباني جو اوھان منھنجي ھن بلاگ کيڏٺو. عرض ھيءُ آھي ته اھو مصمون منھنجو لکيل ناھي، بلڪ ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻي واي جو لکيل آھي، جنھن کي به ھيءَ دنيا ڇڏيي ڪيئي ورھيه ٿي ويا آھن. مضمون ۾ ڏنل معلومات ڪھڙي صحيح آھي ۽ ڪھڙي غلط آھي، ان لاءِ محقق حضرات پاڻ ئي جستجو ڪندا. اسان في الحال مليل معلومات خام مال طور يڪجاءِ ڪيون ٿا ته جيئن آئندي جي محقق کي ان جي ڪٺي ڪرڻ لاءِ وقت وڃائڻو نه پوي ۽ بس.

      Delete