; سنڌي شخصيتون: آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي [1869ع- 1935ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي زبان ۾ انشا پرداريءَ جو ناميارو ليکڪ، آخوند هدايت الله ”مشتاق“ ولد عبدالله ميمڻ جو نالو سنڌي ادب ۾ وسارڻ سراسر بي انصافي ٿيندي. آخوند صاحب 1286 هه مطابق 1869ع ۾ تعلقي هالا جي هڪ واهڻ ۾ ڄائو هو. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ ۽ ٽوپين ٺاهڻ سان گڏوگڏ ديني درس به ڏيندا هئا.


آخوند ”مشتاق“ صاحب ابتدا ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي، علامه محمد حسن دادويءَ جي مدرسي مان دستار- فضيلت ٻڌائين سندس ذهن تيز هو، جنهن ڪري هر خيال سندس حفظ کان خالي نه هو. سنڌي زبان ۾ شعر و شاعريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف جو ڪم به ڪثرت سان ڪندو رهيو. سندس اکر موتين مثال هئا، جنهنڪري ڪتابت به پاڻ ئي ڪندو هو. 1312 هه مطابق 1894ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ”هدايت الانشا“، ظاهري طرح تي خطن تي مشتمل نظر اچي ٿو، مگر منجهس طرز- تحرير اهڙي ته عجيب نموني جي رقمطراز ٿيل آهي، جو پڙهندڙن کي معلومات سان گڏوگڏ رس، رچاءَ ۽ رواني به جهجهي حاصل ٿئي ٿي.
لائق مصنف، وري منجهس ٻولي اهڙي ته مقفع ۽ مسجع نموني جي استعمال ڪئي آهي؛ جنهن جي پڙهڻ سان ويتر لطف وڌي ٿو. ڇا! منجهس لفظن جي پيوند ۽ تڪبندي آهي!! ۽ ساڳئي وقت سلاست ڏانهن پورو پورو توجہ ڏنو اٿس، جنهن ڪري ٿوري علم واري ماڻهوءَ کي به آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. مطلب ته آخوند ”مشتاق“ صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ جنهن دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺي، انشا پردازيءَ جا جيڪي جواهر پاره ڪٺا ڪيا آهن، سي سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکن ٿا. هڪ خط مان نموني طور ”عبارت“ هيٺ ڏجي ٿي:
”سيادت ۽ سعادت جو سردار، شرافت ۽ نجابت جو سالار، خدا جو پيارو، ڀلارن کان ڀلارن، سڳورن جو ساراهيل وڏي شرف وارن جو واکاڻيل، چڱي ارشاد وارو، ڀلي بنياد وارو، آل عبا جي فخر جو سبب، عالي نسب، والا حسب، جناب شاه صاحب دام اشفاقہ! سلامن ۽ نياز ۽ شوق بي انداز جي کان پوءِ، غرض اصلي ۽ مطلب دلي هيءُ ته نواز شنامي جي رسڻ کان نياز مند جي نياز جي چوٽي خاڪ تان کڄي افلاڪ تي پهتي ۽ ان ۾ ارشاد ڪيل امر کي هن هوا- خواه، هميشگيءَ جي سعادت جي واڳ سمجهي، شخص معلوم جي فقر ۽ فاقي جي سڄي صفت معلوم ٿي.“
آخوند صاحب جيئن ته پاڻ هڪ وڏو عالم هو. ساڳئي وقت هڪ بهترين اديب ۽ يگانو شاعر به هو. سندس لاڏاڻو 66 ورهين جي عمر ۾، پهرين ربيع الثاني 1354 هه مطابق 21 جون 1935ع نه ٿيو. سندس صحبتي سيد اسدالله شاه ”فدا“ ٽکڙائي ۽ سيد فاضل شاهه ”فاضل“ هئا.
(1) – ’تحفته الطاهرين‘ ، ص 61 ۽ ’تحفته الڪرام‘ ، ص 549

No comments:

راءِ ڏيندا