; سنڌي شخصيتون: آپا مريم سلطانا نوحاڻي - اعجاز لغاري

01 November, 2011

آپا مريم سلطانا نوحاڻي - اعجاز لغاري


آپا مريم سلطانا نوحاڻي
هڪ شفيق استاد ۽ مثالي عورت
 اعجاز لغاري
سنڌ ڌرتيءَ جتي شمس العلماءَ علامه دائودپوٽو، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، استاد بخاريءَ جهڙن باصلاحيت مثالي مردن جنم ورتو آهي، اتي مائي بختاور، شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جهڙن مثالي ۽ جدوجهد سان ڀرپور ڪردارن کي پڻ جنم ڏنو آهي. ائين سنڌو درياءَ جي ڪپ تي واقع، حيدرآباد شهر جي ٿڌي مٽي تي علم، ادب، تعليم، صوفياڻي طرز جي مالڪ، ام الڪلام جو لقب حاصل ڪندڙ شخصيت، آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي پڻ جنم ڏنو آهي. پيار ۽ محبت جي علامت بڻيل، ان شخصيت ۱۹ جون ۱۹۳۲ع ۾ سنڌ جي روايتي بلوچ قبيلي جي فرد، رئيس غلام قادر خان نوحاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. رئيس غلام قادر خان نوحاڻي، نه فقط هڪ ذميوار شخص هو پر ان سان گڏ صحافي پڻ هو. جنهن بطور صحافي، پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه حصو ان شعبي کي ڏنو. 

بلوچ خاندان ۾ جنم وٺڻ ۽ ان فرد جي گھر ۾ جيڪو بظاهر ته ذميوار هو پر علم، ادب ۽ صحافت سان پڻ لڳاءُ ھئس، آپا مريم نوحاڻيءَ لاءِ وڏي خوشنصيبي هئي.
سندس شادي به هڪ ماهر ۽ باصلاحيت، زرعي تعليم يافته ۽ ۱۹۶۲ع ۾ صدارتي ايوارڊ يافته شخصيت عبدالرحمان نوحاڻي سان ٿي.
آپا وارا پاڻ ۾ ٻه ڀيڻ ڀاءُ هئا؛ ھڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس ڀاءُ عبدالستار نوحاڻي. پر پنھنجي والد رئيس غلام قادر نوحاڻي طرفان پنهنجي ڀاءُ، نواز بلوچ جا ٻه پٽ؛ فريد نواز بلوچ ۽ نظير نواز بلوچ، پنهنجي سرپرستي ۾ وٺڻ سبب هميشه چار ڀيڻ ڀاءُ يعني هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر سڏيا ويندا آهن.
پرائمري تعليم، نيو ماڊل گرلز اسڪول گاڏي کاتو مان حاصل ڪيائين. ان بعد مدرسة البنات مان ميٽرڪ ڪيائين. بي اي (آنرس) مسلم هسٽري، ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ رليجن مولانا محمد هاشم فاضل شمسي کان ۸ سال قرآن پاڪ، حديث پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين.
پاڻ ۱۹۵۳ع ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ اسلامڪ هسٽري جي مضمون جي ليڪچرار مقرر ٿي. ۱۹۵۸ع ۾ ترقي ماڻي اسٽنٽ پروفيسر ٿي. ۲۴ اپريل ۱۹۷۰ع کان ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تائين گورنمنيٽ گرلز ڪاليج سکر جي پرنسپال رهي. مئي ۱۹۷۱ع کان آڪٽوبر ۱۹۷۲ع تائين بيورو آف ڪريڪيولم ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور رهي. آڪٽوبر ۱۹۷۲ع کان آڪٽوبر ۱۹۷۳ع تائين گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ پروفيسر طور درس ۽ تدريس سان وابسته رهي. وري هڪ ڀيرو گرلز ڪاليج سکر ۾ پرنسپل مقرر ٿي. ۸ مئي ۱۹۷۴ع کان ۳ مئي ۱۹۸۳ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن مقرر ٿي. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپل رهي. ۲۵ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن رهي.
اسلامڪ هسٽري ۾ ثقافت تي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي تعليم جي زيور کان آراستا ڪيائين. سندس چوڻ آهي ته؛ اسلام اعتدال پسند مذهب آهي. اسلام ۾ انتها پسندي جو ڪٿي به ذڪر نه آهي.
سال ۱۹۶۲ع ڌاري حضرت خديجة الڪبره ايوارڊ حاصل ڪيائين. پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏنل درس مطابق عورتن ۾ اسلام جي اهميت ۽ عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي. سندس اهڙن مذهبي درسن ۾ نه فقط مسلمان پر غير مسلمان نياڻيون به ويهي اسلام ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي عظمت بابت معلومات حاصل ڪنديون هنيون ۽ اهڙن مذهبي محفلن جو مقصد ڪنهن کي به زيردستي اسلام قبول ڪرائڻ نه پر اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ هو.
آپا مريم نوحاڻي ان دور جي هڪ تعليم يافته ۽ باشعور استاد هئي جنهن وقت هندستان جو ورهاڱو ٿي رهيو هو. انهي دور ۾ هڪ طرف اسان جون قبيلائي رسمون ۽ رواج هئا ته ٻئي طرف ملڪ جو ورهاڱو. انهيءَ ڪشمڪش واري دور ۾ نوحاڻي قبيلي جي چشم و چراغ صحافي ۽  ذميوار غلام قادر خان نوحاڻيءَ پنهنجي نياڻي آپا مريم کي پنهنجي خانداني مخالفت باوجود، تعليم ڏياري اعليٰ مقام تي پهچايو. جتي نوحاڻي قبيلي جي واحد نياڻي پھتي ۽ ام الڪلام جو لقب پڻ حاصل ڪيو. آپا مريم نوحاڻي جتي وڏي تعداد ۾ ايوارڊ حاصل ڪيا، اتي انسانيت جي بنياد تي پنهنجي هم عصر ۽ باشعور بيگم عزيزان قاضي محمد اڪبر، مسز فاطمه شيخ حاجياڻي ۽ ٻين، پاڪستان ٺهڻ دوران هندستان ڇڏي پاڪستان ۾ داخل ٿي حيدرآباد ۾ آيل مهاجرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. انهن لاءِ امدادي ڪئمپ لڳايا ۽ انهن جي تعليم تربيت ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ بندوبست ڪيا.
هن ٻڌايو ته؛ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيرت ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهڻ، حضرت خديجة الڪبرا ايوارڊ هڪ ذميوار ۽ ايماندار شخصيت جو ايوارڊ بهترين مقالا نگاري جا ايوارڊ سميت سوين ايوارڊ حاصل ڪيائين. هن ٻڌايو ته؛ ضياءُ دور، سيرت ڪانفرنس دوران اسلامي معاشري ۾ ماءُ جي ڪردار جي عنوان تي مقالو پڙهڻ جو موقعو مليو. انهيءَ مقالي ۾ مان حضرت بي بي فاطمہ ۽ بي بي زينب رضوان اللھ عليھم اجمعين جي سيرت پاڪ کي سامهون رکي ان وقت جي يزيدي دور جي ڪردار کي بيان ڪيو ته هڪ مقام تي ان وقت جي صدر پاڪستان ۽ وقت جي آمر ضياءُ الحق منهنجي مقالي جي جملن کي پنهنجي دور سان ڳنڍيندو ڏسي، تقرير اڌ ۾ پوري ڪرڻ لاءِ چٺي موڪلي ۽ تقرير روڪرائي ڇڏي. ڇو جو جنرل ضياءَ جا ڀٽو خاندان ۽ ملڪ جي عوام سان ورتاءَ ۽ يزيدي دور جا واقعا، هڪ ٻي سان مناسبت رکن پيا. شايد کيس ڊپ هو ته متان مقرر، يزيدي دور کي منهنجي دور تي آڻي، مناسبت نه پيش ڪري. حالانڪ منهنجو اهڙو ڪو به ارادو نه هو. کيس پنهنجي اندر جو خوف هو. جنهنڪري منهنجي تقرير کي اڌ ۾ روڪرائي ڇڏيائين.
آپا مريم نوحاڻي نه فقط هڪ سٺو استاد، بلڪ هڪ شفيق ماءُ، دعائون ڏيندڙ ۽ معاشري لاءِ همت آور با ڪردار شخصيت ثابت ٿي آهي. جنهن جي قديم ۽ جديد قول ۽ فعل کي سامهون رکي ڪو به انسان هڪ متوازن زندگي کي گذاري سگهي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا