; سنڌي شخصيتون: اياز حسين ”اياز“ قادري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

اياز حسين ”اياز“ قادري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


اياز حسين ”اياز“ قادري [ولادت ــ 1924ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
قادري خاندان جو هي روشن چراغ، جناب اياز حسين ”اياز“ ولد فقير غلام سرور قادري، 1343 هه مطابق 19 جنوري 1924ع تي ”ميان جي ڳڙهي“ محلي، لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان وٺي، ڪراچيءَ ڏانهن اعليٰ تعليم لاءِ ويو، جتان ايم- اي ۽ ايل ايل- بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ملازمت دوران ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان آغاز ڪيائين. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر آهي.


سنڌي علم ادب سان کيس والهانه محبت رهي آهي. خاص ڪري شاعري ته کيس ورثي ۾ ملي آهي. ”اياز“ تخلص سان پنهنجو شروعاتي شعر ”اديب سنڌ“ ۾ ڇپرائيندو رهيو. هينئر ته سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن، محققن، اعليٰ اديبن، بهترين شاعرن سٺن افسانه نگارن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو.
نظم کان علاوه نثر ۾ به قادري صاحب جا ڪافي ڪتاب قلمبند ٿيل آهن، خاص ڪري افسانا ۽ ڪهاڻيون، سنڌي زبان ۾ لافاني حيثيت رکن ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بلو دادا، الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاه، ساٿي، مٽيءَ لڌو مان ۽ مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (ٽن جلدن ۾) آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به آهي اڄ ڪالهه پي ايڇ- ڊي لاءِ تحقيقي مقابلي لکڻ ۾ رڌل آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري.
(1)- ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“ ، لاڙڪاڻي مان اپريل 1941ع کان ڊسمبر 1952ع تائين باقاعدگيءَ سان ”الحقيقت“ پريس مان ڇپجندو رهيو؛ جنهن جو روح- روان مخدوم الشعراءُ حاجي محمود ”خادم“ مرحوم هو. رسالي جا جملي چار ايڊيٽر ٿي رهيا: ماستر جمع خان ”غريب“ ، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، ميمڻ غلام محمد ”نظامي“ ۽ رئيس ضياءُ الدين- ايس بلبل

No comments:

راءِ ڏيندا