آخوند محمد قاسم هالائي [1818ع- 1891ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
آخوند محمد قاسم ”قاسم“ ولد آخوند نعمت الله ميمڻ، ضلعي
حيدرآباد جي هالا تعلقي جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت پراڻن هالن ۾
12 صفرالمظفر 1234 هه = 23 سيپٽرمبر 1818ع تي ٿي. پهريائين. تپيدار ٿيو، پر پوءِ سرڪاري ملازمت
ترڪ ڪيائين. سندس شمار سنڌي زبان جي اوائلي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ علم عروض جو
باڪمال شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عالم به هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان تي مهارت حاصل
هيس. درس و تدريس ورثي ۾ مليل هيس؛ انهيءَ ڪري ”آخوند“ سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي انهيءَ
لقب ”ذات“ جي جاءِ ورتي.
”قاسم“ صاحب جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته کيس
آخوند گل محمد ”گل“ هالائي (1808ع – 1855ع) کان به وڌيڪ عروض جي ڄاڻ هئي. پاڻ
عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ زبانن تي عبور رکندڙ هو، مگر مادري زبان سنڌيءَ سان ته سندس
والهانه محبت هئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي زبان ۾ غزلن تي مشتمل سندس ”ديوان“ به
مرتب ٿيل آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1875ع ۾ منظر عام تي آيو هو. سندس ٻيو ڇاپو، ليٿو
جي غلطين کان صاف ڪري سنڌ جي مشهور عالم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ (1855ع –
1929ع) نئين سر شرح جي واڌاري سان ترتيب ڏيئي 1936ع ۾، مشهور ڪتب فروش پوڪرداس
هٿان ڇپرائي عام ڪيو.
آخوند صاحب جو سمورو ڪلام ناصحانو ۽ عشقيه انداز ۾ آهي.
درس و تدريس جي سلسلي ۾ وٽس ڪيترائي طالب ۽ کتابي هوندا هئا. پاڻ پهريائين فارسي
زبان ۾ شعر و شاعري ڪندو هو؛ پر پوءِ پنهنجي صحبتي ۽ همعصر دوست سيد فاضل شاهه
(1836ع – 1900ع) جي ترغيب بعد، سنڌي شاعريءَ ۾، مشهور سنڌي مثنوي (سنڌ جو شاهنامو)
جو مصنف، مير علي حسن خان به کانئس رهبري حاصل ڪندو رهيو. 1872ع ۾ مير حسن علي خان
وٽ آخوند صاحب 40 روپين ۾ ملازم هو، پر پوءِ کيس گهر ويٺي 20 روپيه ماهيانه پينشن
ملڻ لڳي. سندس اکر سٺا هئا؛ جنهنڪر دوڪاندار ۽ ٻيا عام ماڻهو کانئس بورڊ ۽ تختيون
به لکرائيندا هئا.
”قاسم“ صاحب آخري وقت حيدرآباد ۾ ڪورين جي پڙ ۾ باقبائل
رهيو. پاڻ مروت جو صاحب، بلند اخلاق، باتحمل، باعلم ۽ با تهذيب انسان هو. جنهن وڙ
جو هي مرد هو ۽ جنهن وڙهيءَ ۾ ٿي گذريو آهي؛ انهيءَ وڙهيءَ کي جن ڏٺو هوندو، انهن
کي ئي خبر هوندي. ان زماني ۾ ثواب زياده، روحانيت عام، چڱائي جام ۽ نيڪ نيتي زياده
هئي. سندس دوستن ۽ شاگردن جو حلقو وسيع هوندو هو؛ جن مان ميان عبداللطيف ٺٽوي رح،
عبدالقادر شڪارپوري، محمد امين شڪارپوري ۽ منشي لڇيرام حيدرآباديءَ جا نالا قابل
ذڪر آهن.
سندس شعر قصيدن، غزلن ۽ ترجيح بندن کان علاوه بيتن ۽
ڪافين تي به قلمبند ٿيل آهي. خدا جي هن نيڪ ٻانهي 75 ورهين جي ڄمار ۾، 2 ذوالحج
1309 هه = 14 اپريل 1891ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي نئين مقام ۾
آرامي ڪيو ويو. مرحوم صوم صلوات جو پابند ۽ متقي مسلمان هو.
No comments:
راءِ ڏيندا