; سنڌي شخصيتون: جمع خان غريب - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

جمع خان غريب - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


جمع خان غريب [1885ع – 1953ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ماستر جمع خان ”غريب“ ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو، ضلع دادوءَ، تعلقي ميهڙ ۾، سيتا اسٽيشن لڳ، ڳوٺ ”مريد خان لاکير“ ۾، 12 شوال 1303 هه مطابق 15 جنوري 1885ع تي ڄائو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. شروعات ۾ ئي کيس علمي ماحول مليو؛ جنهن ڪري ستت ئي پنهنجي ذهن ۾ ذڪاءَ ذريعي فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ خاصي دسترس حاصل ڪري ورتائين. ويتر سنڌ جي نامياري شاعر ؛ شمس الدين ”بلبل“ جي صحبت ملڻ سان سخن جي سلسلي ۾ ؛ شاعريءَ جي فن کان به واقف ٿيو. ورنيڪيولر سنڌي فائينل امتحان پاس هجڻ سببان، پرائمري ماستر هو.


شاعريءَ ۾ ”غريب“ تخلص سان، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ محمد صديق ”مسافر“ جون خدمتون حاصل ڪندي، سنڌي زبان ۾ ڪمال درجي تي وڃي پهتو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي زياده نظر اچي ٿي. پاڻ هڪ بهترين ۽ مثالي استاد ٿي گذريو آهي. کيس طب سان لڳاءُ هو؛ جنهن ڪري مشهور حاذق حڪيم، قاضي عبدالوهاب شڪارپوريءَ وٽان يوناني نسخن جي به پوري پوري واقفيت ڪيائين.
”غريب“، بزم مشاعرن توڙي ادبي ڪانفرنسن ۾ سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي مان ماهوار ”اديب سنڌ“ رسالي جو بنيادي ايڊيٽر (اپريل 1941ع کان مئي 1945ع تائين) ٿي رهيو؛ ان کان پوءِ ”مسلمان“ جو مدير ۽ ڪجهه وقت لاءِ ماهوار ”طالب الموليٰ“ به سيتا مان ڪڍيائين – 1940ع ۾ پينشن تي پهچڻ بعد، طب کي باقاعدي پنهنجو مشغلو بڻايائين. جمادي الثاني 14، 1372 هه مطابق 7 آگسٽ 1953ع تي هي جهان ڇڏيائين.
سندس قلمي ڪاوش حالانڪ ايتري زياده ڇڏيل نه آهي، تاهم به سندس ڪلام جو انتخاب ”گل نو بهار“ ۽ ”بنام رسومات تباهي“ سنڌي ادب کي لازوال تصنيفون ڏنل آهن. سندس ”بياض“ اڃا قلمي صورت ۾ سندس پٽ، رسول بخش ”دوست“ وٽ پيل آهي ؛ جنهن جي ڇپجڻ جي اشد ضرورت آهي.
(1) – مرحوم ”غريب“ هڪ بلند پايه شاعر هجڻ سان گڏوگڏ ”قطع تاريخ“ جي فن ۾ وڏي ڄاڻ رکندو هو. عموماً ”تاريخي مادا ڪڍڻ“ ، ٿوري علم واري ماڻهوءَ جي مجال نه آهي. هن فن جي ڄاڻ ٿورن کي ٿئي ٿي، جن مان ”غريب“ به هڪ آهي. پاڻ هزارين تاريخي مادا ڪڍيائين. ايتري تائين جو ”بابقا جان غريب“ الفاظن مان (1372 هه) ، پنهنجي جيئري ئي وفات جو سن ڪڍيو هئائين، جيڪو خدا جي قدرت سان سچو ثابت ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا