; سنڌي شخصيتون: پير تراب علي شاه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

پير تراب علي شاه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


پير تراب علي شاه [1857ع – 1938ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
پير تراب علي شاه ولد سيد عبدالله شاه جي ولادت لاڙڪاڻي ضلعي جي قمبر شهر لڳ، علي خان ڳوٺ ۾ • ذوالقعد 1274 هه مطابق 2 نومبر 1857ع تي ٿي. محمدي شريعت جو پابند ۽ اسلام جو سچو خادم هو. پيري مريديءَ سان گڏو گڏ، انگريزن جي کلم کلا مخالفت ۾ سر تريءَ تي رکي، ديسي تهذيب کي اوليت ڏيڻ پنهنجو فرض اولين سمجهيائين. آزاديءَ جي خاص علمبردارن ۾ هجڻ ڪري، وڌ ۾ وڌ اذيتون به سٺائين. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس ٻانهن ٻيلي، حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح، پير رشد الله شاه رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو، مولانا عبدالڪريم ”آزاد“ ، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالڪريم ”درس“ جهڙا مرد مجاهد هئا- 2 شوال 1357 هه مطابق 17 مارچ 1938ع تي راه رباني ورتائين.
پير صاحب جو ڪافي مطالعو هو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ”الرشد“ نالي رسالو به ڪڍيائين. مٿس سندس سهري ۽ استاد عمدت العلماءُ حضرت مولانا غلام صديقي ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح (1842ع – 1905ع)، سيد اختر علي شاه ساڪن ”ميمڻ محله“ لاڙڪاڻي واري ۽ مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جو وڏو اثر رهيو. سادو پهريندڙ سادو کائيندڙ ۽ غريبن جو يار هو. امير جي ڀيٽ ۾ غريب جي ضمير کي صاف ۽ اجرو سمجهي، سندس وفاداريءَ کي بي غرض ۽ پائدار ٿي ڄاتائين.

No comments:

راءِ ڏيندا