; سنڌي شخصيتون: رئيس آچار خان بجير - نند لال لهاڻو

01 November, 2011

رئيس آچار خان بجير - نند لال لهاڻو


رئيس آچار خان بجير
ٿر جي بجير برادريءَ جي مهان شخصيت
نند لال لهاڻو
ٿر جي بجير برادري جي مهان ۽ تاريخي ڪردار جي مالڪ شخصيت، مرحوم رئيس آچار خان بجير پڻ، ٿر جي قديم تاريخ جو هڪ سنهري باب ٿي گذريو آهي. هن مٺيءَ جهڙي، ان وقت جي هڪ ننڍڙي ڳوٺاڻي ٽائيپ، شهر ۾ جنم ورتو. جڏھن ته اڳتي هلي سياست توڙي سماج ۾ اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ هڪ راڄوڻي شخصيت جو مالڪ هو ۽ اڪثر ڪري گهوڙي سواري ڪندو هو. ترڪي ٽوپي پاتل هوندي هئس ۽ قد آوار شخص هو. مٺي شهر ۾ ڪڏهن به سواري استعمال نه ڪندو هو. غريبن جو ھيءُ سپهه سالار، اڪثر ڪري، هر هنڌ پيرين پنڌ پهچي ويندو هو. 

سندس ٻين ڪردارن مان هڪ تاريخي ڪردار اهو آهي ته جڏهن ۱۹۷۱ع جي جنگ هلي رهي هئي ۽ ڪافي هندو پنهنجي خاندانن سميت هتان لڏي هندستان وڃي رهيا هئا ته هن شخصيت مٺي جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي کين انڊيا وڃڻ کان روڪيو. کين هر طرح جو تحفظ ۽ اعتماد ڏياري، ترسڻ ۽ پنهنجو وطن نه ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيائين. هن سموري طبقن جي، هندو مسلم جي فرق کانسواءِ، خدمت ڪئي. جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هن هميشه عوام کي جهيڙا ڪرڻ ۽ وڙهڻ کان پاسو ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ همٿايو.
هو ٻه ڀيرا يونين ڪائونسل مٺي جو ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۸ع تائين چيئرمين پڻ رهيو. جنهن دوران عوام جي بي لوث خدمت ڪيائين.
راڄوڻي فيصلا ڪرڻ جو ماهر هو. غير جانبدارانه فيصلا ڪري، وڙهيل ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. سندس اوطاق تي هر وقت خلق جي وڏي رش هوندي هئي. انهن جي مهمان نوازي پاڻ ڪندو هو. جنهنڪري کيس رئيس جو لقب ڏنو ويو هو. عوام کي پنهنجي سيمن، زمينن، جهنگلي جيوت توڙي وڻن جي حفاظت ۽ تحفظ ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو هو.
سندس سياسي وابستي ارباب خاندان سان رهي ۽ هو مرحوم ارباب امير حسن جي ويجهن ۽ اعتماد جوڳن ساٿين ۾ شمار ڪيو ويندو هو. ان دور ۾ پاٻوهر جو کينراج ٺڪر، اکيراج جو چهن سنگهه ٺڪر پڻ سندس جوڙ جا ماڻهو هوندا هئا.
ڪجهه عرصو گلي جي ڪينسر ۾ مبتلا رهيو. پر آخري دم تائين همٿ نه هاريائين. وفات کان چند ڪلاڪ پهرين، سائين صاحبڏنو ميمڻ ۽ سائين پريم شيواڻي سان آخري ڪچهري ڪندي پنهنجي دلي خيالن جو اظهار ڪيو هيائين. کيس اها خبر نه هئي ته سندس هيءَ ڪچهري، دوستن سان آخري ڪچهري هوندي.
اهڙيءَ طرح هن ۲۲ اپريل ۱۹۷۷ع تي، صبح جو نئين سج جا ڪرڻا نڪرڻ کان اڳ ئي، رات جي پوئين پهر ۾، فاني دنيا کي الوداع چيو. اھا گهڙي، مٺيءَ واسين توڙي ٿر واسين ۽ سندس هڏ-ڏوکين لاءِ انتهائي صدمي جي گهڙي هئي.
مرحوم آچار خان بجير جهڙي ڪردار جي، ٿر ۾ اڄ به کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي. سندس ڪردار، تاريخ جي عظيم بابن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اهڙيون شخصيتون ۽ مرد مجاهد، تاريخ جي صفحن ۾ هميشه امر رهندا آهن، جن کي وسارڻ جو تصور به ڪري  نه ٿو سگهجي.

No comments:

راءِ ڏيندا