پير ناصر الدين شاه رح [1878ع – 1913ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
صاحب- ڪرامت صوفي درويش؛ سيد پير ناصرالدين شاه ولد سيد
عبدالرسول شاه، انگريزن جي دور - حڪومت ۾، 12 ربيع الاول 1295 هه مطابق 2 مئي
1878ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي قديم ڳوٺ دودائيءَ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم قرآن پاڪ
ناضران کان حفظ ڪرڻ تائين، آخوند عبدالرحمان ميمڻ (1839ع – 1904ع) جون خدمتون حاصل
ڪيائين. بعد ۾ همايوني بزرگ ۽ اهل - دل انسان، مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني
رح (1844ع – 1918ع)، قاضي عبدالعزيز ٿريچاڻي ۽ وليدن ۾ مقيم سيد احمد مدني عرف
”عرب صاحب“ جن وٽان فيضياب ٿيو. جوانيءَ ۾ خوب عبادتون ۽ مجاهدا ڪيائين. نهايت با
شريعت رهندي، تهجد ۽ اشراق کي به ڪڏهن ترڪ ڪين ڪيائين. هر مهيني ”ڏهاڪو“ ۽ هر سال
”چلو“ ڪڍندو هو. درگاه پير ڳوٺ جو به پانڌيئڙو هو.
35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾، 21 صفرالمظفر 1332 هه مطابق
27 آڪٽوبر 1913ع تي ڳوٺ دودائي شريف ۾ ئي رب کي وڃي پيارو ٿيو. سندس همعصر ۽
صحبتين ۾ ناميارو شاعر، شينو شمس الدين ”بلبل“ ميهڙائي (1857ع – 1919ع) ۽ ميان خدا
بخش بروهي (دفن، ميمڻ محله لاڙڪاڻو) ۽ محمد سومر ميمڻ جا نالا قابل - ذڪر آهن. سيد
صاحب شاعريءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ڪافيون ۽ بيت به جهجها چيا آهن. سندس ڪافيون، سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فقير ڳائن ٿا. ڳوٺ دودائي شريف ۾ مٿس هڪ عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جيڪو
آندل خان ڪورينجو نالي مشهور خيرپوري ڪاريگر جو جڙيل آهي. سوين سوالي روزانو درگاه
جي زيارت لاءِ اچن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا