; سنڌي شخصيتون: آخوند فقير محمد ”عاجز“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

آخوند فقير محمد ”عاجز“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند فقير محمد ”عاجز“ [1846 – 1918ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
آخوند فقير محمد ”عاجز“ ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي صديقي جي ولادت 4 شوال 1363 هه مطابق 9 مارچ 1846ع تي حيدرآباد جي ”شيراڻي محلي“ ۾ ٿي. سندس وڏا اصل مسقط (عربستان) کان، عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. هن خاندان کي درس و تدريس ورثي ۾ مليو، اهوئي سبب آهي، جو هي خاندان ”آخوند“ جي لقب سان سڏجي ٿو.


آخوند ”عاجز“ صاحب پنهنجي وڏن وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وٺي، سنڌي زبان سکڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، جيڪو ماڻهو سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، ان کي سرڪاري ملازمت ملندي هئي. آخوند فقير محمد سان به پسڻ ٿي ويو؛ جنهن ڪري هز هائينس مير حسن علي خان، کيس تپيداري وٺي ڏني. حالانڪ آخوند صاحب جي مرضي نوڪري ڪرڻ تي نه هئي. ڇاڪاڻ جو هن، فرنگين (انگريزن) کي غاصبانه نموني سان حڪومت ڪندي ڏٺي هئي. جنهن ڪري سندن ساٿ ڏيڻ بدران، ٽالپرن سان پنهنجي نمڪ حلاليءَ جو ناتو نڀاهيندي، ملازمت کان استعفا ڏنائين.
هينئر آخوند صاحب آزاد زندگي بسر ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هوڏانهن مير صاحبان وٽان جيڪو دستوري وظيفو ملندو هوس، ان مان سانگ صرفي سان گذر سفر ڪندو هو. مير عبدالحسين ”سانگي“ جيڪو نيڪ سيرت، درويش صفت، فقيراڻي طبيعت ۽ علمي لياقت سان مشهور هو، تنهن سندن دلجوئي ڪندي، کيس خاصو ساليانو وظيفو وٺي پئي ڏنو. ان کان سواءِ اهل عيال جي پالنا لاءِ زمين جو ٽڪر به حوالي ڪيائينس.
آخوند صاحب جو خاص مشغلو ڪتاب لکڻ، مطالعو ڪرڻ فقيرن ۽ مستن سان محبت ونڊڻ ۾، ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذريو. ازانسواءِ خدا تعاليٰ جي ياد به کانئس وسريل نه هئي. سندس خاص محبتن ۾ مير عبدالحسين ”سانگي“ ؛ مرزا قليچ بيگ، سيد غلام محمد ”گدا“ ، حيدري ۽ حافظ حيات شاه جا نالا ورتا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح محمد بخش ”واصف“ ، محمد صديق ”مسافر“ ۽ ميان صلاح الدين ”احقر“ وغيره سندس خاص شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي کانئس شعر جي اصلاح وٺندا هئا.
پاڻ نقشبندي طريقي ۾، خواجه عبدالقيوم رح جو معتقد هو. آخري عمر ۾ به حج به ڪيائين. غالبا 72 ورهين جي ڄمار ۾ 28 ربيع الاول 1336 هه مطابق 16 جنوري 1918ع تي حيدرآباد ۾ ئي خدا کي پيارو ٿيو. سنڌي زبان ۾ هونئن ته ڪافي ڪجهه لکيائين، جن مان ”گلشن بهار“ سندس لازوال تصنف آهي؛ جنهن کي 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سمورو ڪتاب قصصي ادب آهي، جيڪو نثر خواه نظم ۾ رقمطراز آهي. سندس نثر ”مسمع“ ۽ ”مقفع“ آهي، جنهن جهڙو اڄ تائين ڪتاب اڃا ڪونه لکيو ويو آهي؛ غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان به مرتب ٿيل آهي. سندس نثر مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”در خزاني جا کوليو، فقير فقراءَ کي ڳولهيو. سون ۽ چانديءَ جو سڪو هليو، اهو هوڪو هليو ته ”نه ڪنهن کي جهليو نه پليو“ جواهر بيشمار ڏيو يا موتي آبدار ڏيو، جنهن کي جيڪي وڻي سو کڻي، ... اميرن وزيرن کي نئين سر عمديون خلعتون پهرايو، جڙا دار ڪرسيون امداد ڪريو. لشڪر ۽ فوج نئين سر درست ڪرايائين. آفيسون ۽ سپهه سالارن کي ڪرچون سونيون جڙا دار جوهر دار ٻڌايائين، اهل قلم جي تعظيم ۽ مرتبو وڌايائين، عزيزن قريبن کي پشت به پشت جاگيرون انعام ڏنائين. هر خاص ۽ عام تي اڪرام ڪيائين. قيدي ڇٽي ويا، قيد خانا ڦٽي ويا. گهر گهر شادي خانه آبادي هئي. رعيت تي هڪ سال جو محصول معاف ٿيو. سخا ۾ اڳيون پويون خزانو صاف ٿيو!!“

No comments:

راءِ ڏيندا