; سنڌي شخصيتون: امام بخش ”خادم“ بدوي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

امام بخش ”خادم“ بدوي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


امام بخش ”خادم“ بدوي [1861ع – 1918ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ڊرامي جو پهريون ليکڪ، امام بخش ”خادم“ ولد محمد بچل بدوي، اعليٰ پايي جو شاعر ۽ بهترين نثر نويس ٿي گذريو آهي. سندس ولادت شڪارپور جي مردم خيز سر زمين تي 1278 هه مطابق 1861ع ۾ ٿي. پاڻ سنڌي ماستر هو. آخوند محمد قاسم ”قاسم“ هالائي (1816ع – 1881ع) جي نظر فيض اثر هيٺ شعر چوڻ شروع ڪيائين. سيد فاضل شاه ”فاضل“ ۽ فضل محمد ”ماتم“ سندس همعصر ۽ گهرا دوست هئا.
نثر جي سلسلي ۾ ”هير رانجهو“ نالي ڊرامو 1879ع ۾ قلمبند ڪيائين، جيڪو سنڌي زبان ۾ پهريون ڊرامو سڏيو وڃي ٿو. سندس نثر جو مڪمل مجموعو به آهي، جيڪو ”ڪليات خادم“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو آهي؛ جنهن کي سندس لائق فرزند لطف الله بدوي مرحوم مرتب ڪيو هو.
”خادم“ زندگيءَ جون ستونجاه بهارون ڏسي، 1337 هه مطابق 1918ع ۾ هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا