; سنڌي شخصيتون: ابوالفضل سيوهاڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

ابوالفضل سيوهاڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ابوالفضل سيوهاڻي [1551ع ــ 1605ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
هندستان جي نامور مغل بادشاهه اڪبر جي نون 9 رتنن (خاص درٻارين) مان، ملا فيضي جو ننڍو ڀاءُ ”ابوالفضل“ ولد شيخ مبارڪ به هڪ ٿي گذريو آهي . 957 هه مطابق 1551ع ۾ آگري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزر گوار وٽان ورتائين. ارڙهن ورهين جي عمر ۾ (1569ع ۾) پنهنجي وڏي ڀاءُ جي رفاقت سان اڪبر اعظم جي درٻار ۾ پهتو، جتي شروعات ۾ مير منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.


ابوالفضل، ڀاءُ جيان عربي ۽ فارسي زبانن ۽ علم تمدن جو وڏو ڄاڻو؛ بهادر، ذهين ۽ صاحب- طرز فنڪار هو. خاص ڪري جنگي ڪارنامن ۾ سندس مٽ نه هو. ازانسواءِ علمي صلاحيتن سببان نثر نويسيءَ ۽ تاريخ جي فن ۾ به بي مثال هو. انهن ئي خوبين سببان اڪبر بادشاهه وٽ زياده پيارو هو. اڪبر به کيس دوستن کان وڌيڪ ڀاءُ ڪري ڀائيندو هو. ايتري قربت حاصل ڪندي، پاڻ شهنشاهه اڪبر اعظم جي دور- حڪومت جي مڪمل قانوني ۽ مذهبي تاريخ، ٻن ضخيم جلدن ۾ ”اڪبر نامو“ ۽ ”آئين اڪبري“ - نالن سان لکي پوري ڪئي.
انهن کان سواءِ سندس فارسي مضامين ٽن جلدن ۾ به قلمبند ٿيل آهن. پاڻ ڀاءُ جيان قادر الڪلام شاعر هو. سندس فارسي شاعريءَ جو ”ڪشڪول“ نالي مڪمل بياض آهي؛ جنهن ۾ پنهنجي شعر کان سواءِ، ٻين شاعرن جي شعرن جو پڻ انتخاب ڏنو اٿس. اهڙيءَ طرح ”جامع لغات“ نالي سان به ڪتاب مرتب ڪيائين. انهن مڙني ڪتابن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب سندس قلم مان نڪتل آهن. سندس قلم ۾ رواني ۽ تيزي ايتري قدر ته هئي، جو عام طرح سان ائين چوڻ ۾ ايندو هو، ته ”اڪبر جي تلوار کان ابوالفضل جي قلم ۾ وڌيڪ تاثير آهي.
اڪبر بادشاهه وٽ عالمن ۽ فاضلن جو وڏو قدر هوندو هو. هو برک شخصيتن کي گهٽ نه ڀائيندو هو. اهو ئي سبب هو، جو ابوالفضل جهڙي وڏي علمي شخصيت جو وٽس قدر هو. 993هه (1585ع) ۾ شهنشاه طرفان ”هزاريءَ“ جو خطاب مليو. ستت ئي پنهنجي ذهانيت، عقلمندي ۽ ديانتداريءَ سببان ”ٻه هزاريءَ“ جو لقب به حاصل ڪري ورتائين.
ابوالفضل، قلم جي جوت سان گڏو گڏ هڪ سٺو جنگي جوڌو به هو. سندس بهادري ۽ شجاعت ايتري قدر ته مشهور هئي، جو ”اسير ڳڙهه“ (1053 هه = 1594ع) ۽ ”دکن“ (1006 هه = 1597ع) جي لڙاين ۾ به اڳواڻيءَ جا فرائض سر انجام ڏنائين. سندس طبيعت غريبن ۽ بي سهارن لاءِ آتي هوندي هئي. حالانڪ قدرت کيس وڏي درجي تي رسايو هو، مگر سندس سيني مان سکڻن، سڃن ۽ ستايلن جي سار نه وئي. پاڻ هر وقت هيڻن جو همراهه ۽ بي سهارن جو سهارو بڻيو رهيو.
درٻاري معاملن ۽ اميرن جي ڪچهرين مان فرصت وٺندي اڪثر وقت مطالع ۾ صرف ڪندو هو. بادشاهي مان ۽ مرتبي جي ويجهو رسندي به خلق جي خدمت جو اونو رکندو هو. اميراڻن ويس وڳن ۽ طعامن تي، درويشاڻي لباس ۽ فقيراڻي مانيءَ کي اڪثر ترجيح ڏيندو هو.
سندس آخري عمر سورن ۽ عذابن ۾ گذري جڏهن جهانگير جو الهه آباد تي حملو ٿيو، تڏهن اڪبر جي سپاه جي اڳواڻي ڪندي جهانگير جي فوجي اڳواڻ نرسنگهه ديو سان منهن مقابل ٿي، ميدان ۾ ڪڏي پيو. هوڏانهن ٽي هزار سپاه هيو، مگر ان جي مقابلي ۾ ابوالفضل کي بالڪل ٿورڙا ماڻهو هئا؛ تاهم به مڙس ٿي ميدان ملهايائين.
وڙهندي وڙهندي آخر بي وس ٿي پيو ۽ سندس بدن به زخمن سان چور ٿي پيو، جنهن ڪري زخمن جو تاب نه سهي 54 ورهين جي عمر ۾؛ جمع جي ڏينهن، پهرين ربيع الاول 1014 هه مطابق 1605 تي راه رباني ورتائين. ظالم نرسنگهه ديو سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، جهانگير ڏانهن موڪليو، باقي سندس ڌڙ گواليار کان ڇهه ميلن جي مفاصلي تي ”انتري“ نالي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.
(1)- شيخ مبارڪ بن شيخ خضر، اصل ايران جو رهاڪو هو، جيڪو ڪسابن کان سنڌ جي سيوهڻ (سيوستان) ۾ آباد هو.
(2)- ابوالفضل، ان وقت هنري سپہ سالار سان گڏوگڏ وزيراعظم جي عهدي تي پهتل هو. مذڪوره ”آئين اڪبري“ ، علم تمدن جو هڪ وڏو ڪتاب هو؛ جنهن ۾ اڪبر جي دور جا تمام قانون قاعدا، ڪچهري فيصلا، ڪاروباري سرشتا ۽ شهنشاهيت جو سمورو سماچار فارسي زبان ۾ قلمبند ڪيائين. سڄو هندستان انهيءَ ڪتاب جي پيروي ۽ متابعت ڪندو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ پاڻ ڄاڻايو اٿس، ته اسان اصل سيوهڻ (سنڌ) جا رهاڪو آهيون.
[بحواله: ”اخبار تعليم“ نمبر-5، آگسٽ 1962ع، صفحو 23]
(1) – دراصل ”آئين اڪبري“ ڪتاب، ابوالفضل جي موت جو پيغام آندو، ڇاڪاڻ جو پوري هندستان تي مذڪوره ڪتاب جي بالادستي قائم هئي؛ جنهن کان ڪافي ماڻهو مخالف بڻجي چڪا هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا