; سنڌي شخصيتون: استاد ببر علي - روشن جي

14 November, 2011

استاد ببر علي - روشن جي


استاد ببر علي
سندس23 هين ورسي جي مناسبت سان
روشن جي
سنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيئي نامور شخصيتون آهن جن پنهنجي فني صلاحيتن سان پنهنجي ڌرتي جو نانءُ مٿانهون ڪيو آهي. انهن شخصيتن ۾ مرحوم استاد ببر علي به هڪ آهي. استاد ببر علي هڪ موسيقي جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ پنهنجي فن سان سنڌ جي خدمت ڪيائين. استاد مرحوم ببر علي جو تعلق راجستان جي جيسلمير گهراڻي سان آهي. استاد مرحوم ببر علي ملڪ جي صدارتي ايوارڊ يافته موسيقار مرحوم استاد فيروز گل جا ننڍا ڀاءٌ هئا. استار ببر علي هڪ موسيقار جي حوالي سان سنڌي موسيقي جي بي انتها خدمت ڪئي. استاد مرحوم ببر علي جي ڪريڊٽ تي جيڪي  مشهور سنڌي فلمون آهن، جنهن جو پاڻ ميوزڪ ڪمپوز ڪيائين انهن مشهور فلمن ۾ پرو چانڊيو، پڪار، پلاند، دونالي ۽ پوٽي ۽ پڳ شامل آهن. سنڌي فلم پرو چانڊيو پڪار ۽ پلاند ۾ استاد مرحوم ببر علي استاد فيروز گل مرحوم سان گڏ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سنڌي فلم پوتي ۽ پڳ لاءِ استاد مرحوم ببر علي ملڪ جي نامور موسيقا وجاهت عطري سان گڏجي موسيقا جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ فلم دونالي ۾ استاد مرحوم ببر علي سولو موسيقار جي حيثيت ۾ ميوزڪ ڪمپوز ڪيو. استاد مرحوم  ببر علي سنڌي موسيقي لاءِ ڪيترن ئي گلوڪارن کي پنهنجي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو، انهن ۾ عنايت حسين ڀٽي، سجاد يوسف، ثمينه ڪنول، حميره چنا، انجم آرا، نگهت سليم، غلام نبي وارثي، گلوڪاره مونه سردار، انيتا رياض، تبسم وارثي، عزره سلامت، عابده خانم، غلام نبي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي نامور موسيقار استاد فيروز گل جي فرزند مرحوم امانت گل کي به متعارف ڪرايو. استاد ببر علي ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن جي آڊيو ڪيسٽن ۾ موسيقي ڏني. انهن فنڪارن ۾ سجاد يوسف، عابده خانم، مختيار بيگم، عنايت حسين ڀٽي مشهور آهن. استاد مرحوم ببرعلي هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي نامور گلوڪارن سان گڏ هارمونيم تي ساٿ ڏنو، انهن ۾ خان صاحب خان، استاد فتح علي خان، استاد حميد علي خان، استاد رجب علي، ملڪ جي ناليواري فنڪارا حميرا چنا، امانت گل، نگهت سليم، راشد جان، محمد علي ۽ ٻيا شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي موسيقار سان گڏوگڏ بهترين رڌهم پليئر هوندا هئا. پاڻ طبلو تمام سٺو وڃائيندا هئا ۽ طبلي جي ساز تي به پاڻ ڪيترن ئي گويين گلوڪارن سان ساٿ ۾ ساٿ ڏنو. پاڻ طبلي ۾ استاد ماني خان ۽ الله بخش خان صاحب جا شاگرد هئا. موسيقي جي شعبي ۾ موسيقاري ۾ پاڻ ملڪ جي نامور موسيقار ماسٽر صفدر حسين جا شاگرد هئا. استاد مرحوم ببر علي پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي گيتن جي ميوزڪ ڏنائين ۽ انهن مان ڪجهه مشهور گيتن جا ٻول هي آهن.

”اسين ماروئڙا مال چاريون الا“ مشهور سنڌي فلم پرو چانڊيو ۾ سجاد يوسف ۽ ثمينه ڪنول ڳايو، جڏهن ته مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ قصيدو ڄاڻي يا علي مون سارا زمانا مشهور گلوڪارا نگهت سليم جي آواز ۾ جڏهن ته ”قلندر ڪي سر پي سايا پنجتن ڪا“ مشهور خان صاحب فنڪار استاد امير علي خان جي آواز ۾ ڳايو ويو. انهن مشهور گيتن  کان علاوه استاد ببر علي جي ڪمپوز ڪيل آڊيو ڪيسٽس عنايت حسني ڀٽي لاهور ملڪ جي ناليواري اداڪاره نيلي جي امڙ مختيار بيگم سجاد يوسف، عابده خانم، ثمينه ڪنول، مونه سردار  ۽ ٻين گلوڪارن جون ڪيسٽون شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اي ڪيٽيگري جا گلوڪار پڻ هئا ۽ ان کان علاوه استاد مرحوم ببر علي خان صاحب پي ٽي وي لاءِ سنڌي ۾ ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ غزل پڻ رڪارڊ ڪرايا. استاد مرحوم ببرعلي نوحه خواني ۽ مولا مشڪل ڪشا جي مداحن لاءِ به ڪيترا نوحه ۽ قصيده ڪمپوز ڪيا. استاد مرحوم ببرعلي کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته مشهور نوحه خوان پارٽي هاءِ شبير جي به پهرين آڊيو ڪيسٽ استاد مرحوم ببر علي ڪمپوز ڪئي. ان کان علاوه استاد ببرعلي جون نوحن ۽ قصيدن جون ڪمپوز ڪيل آڊيو ڪيسٽون عنايت حسين ڀٽي، مونا سردار، حيدرآباد پارٽي جون ڪيسٽون ڪمپوز ڪيون استاد محروم ببر علي پنهنجي فني سفر دوران مختلف ملڪن جو دورو ڪيو انهن ملڪن ۾ متحده عرب امارات، هندستان ۽ ترڪي شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي کي پنهنجي حياتي ۾ ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ڪراچي آرٽ ڪائونسل ايوارڊ، پاڪستان علم ايوارڊ ۽ ترڪي جي سفارتخاني پاران ايوارڊ ۽ ٻيا به ساراهه جوڳا ايوارڊ شامل آهن. استاد محروم ببر علي کي 3 فرزند آهن جيڪي پڻ سنڌي موسيقي جي خدمت ۾ اڳ ڀرا آهن. جيڪي مرحوم استاد ببر علي جي ورثي کي تمام سهڻي نموني اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ سنڌي موسيقي جي خدمت ڪري رهيا آهن. استاد ببر علي 1950ع ۾ حيدرآباد جي علائقي جمال شاهه جي پڙ ۾ پيدا ٿيا ۽13  نومبر 1988ع ۾ اوچتو دل بيهجي وڃڻ ڪري، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويا. حيدرآباد جي مقامي قبرستان ٽنڊو يوسف ۾ سندن وڏي ڀاءُ مرحوم استاد فيروز گل جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهن. گذريل 22 سالن کان 13 نومبر تي هر سال مرحوم استاد ببر علي جي ورسي حيدرآباد ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ استاد جا شاگرد ۽ عزيز پڻ شرڪت ڪري استاد جي فن و فڪر تي روشني وجهندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا