; سنڌي شخصيتون: استاد، ببر علي، روشن جي،
Showing posts with label استاد، ببر علي، روشن جي،. Show all posts
Showing posts with label استاد، ببر علي، روشن جي،. Show all posts

14 November, 2011

استاد ببر علي - روشن جي


استاد ببر علي
سندس23 هين ورسي جي مناسبت سان
روشن جي
سنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيئي نامور شخصيتون آهن جن پنهنجي فني صلاحيتن سان پنهنجي ڌرتي جو نانءُ مٿانهون ڪيو آهي. انهن شخصيتن ۾ مرحوم استاد ببر علي به هڪ آهي. استاد ببر علي هڪ موسيقي جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ پنهنجي فن سان سنڌ جي خدمت ڪيائين. استاد مرحوم ببر علي جو تعلق راجستان جي جيسلمير گهراڻي سان آهي. استاد مرحوم ببر علي ملڪ جي صدارتي ايوارڊ يافته موسيقار مرحوم استاد فيروز گل جا ننڍا ڀاءٌ هئا. استار ببر علي هڪ موسيقار جي حوالي سان سنڌي موسيقي جي بي انتها خدمت ڪئي. استاد مرحوم ببر علي جي ڪريڊٽ تي جيڪي  مشهور سنڌي فلمون آهن، جنهن جو پاڻ ميوزڪ ڪمپوز ڪيائين انهن مشهور فلمن ۾ پرو چانڊيو، پڪار، پلاند، دونالي ۽ پوٽي ۽ پڳ شامل آهن. سنڌي فلم پرو چانڊيو پڪار ۽ پلاند ۾ استاد مرحوم ببر علي استاد فيروز گل مرحوم سان گڏ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سنڌي فلم پوتي ۽ پڳ لاءِ استاد مرحوم ببر علي ملڪ جي نامور موسيقا وجاهت عطري سان گڏجي موسيقا جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ فلم دونالي ۾ استاد مرحوم ببر علي سولو موسيقار جي حيثيت ۾ ميوزڪ ڪمپوز ڪيو. استاد مرحوم  ببر علي سنڌي موسيقي لاءِ ڪيترن ئي گلوڪارن کي پنهنجي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو، انهن ۾ عنايت حسين ڀٽي، سجاد يوسف، ثمينه ڪنول، حميره چنا، انجم آرا، نگهت سليم، غلام نبي وارثي، گلوڪاره مونه سردار، انيتا رياض، تبسم وارثي، عزره سلامت، عابده خانم، غلام نبي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي نامور موسيقار استاد فيروز گل جي فرزند مرحوم امانت گل کي به متعارف ڪرايو. استاد ببر علي ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن جي آڊيو ڪيسٽن ۾ موسيقي ڏني. انهن فنڪارن ۾ سجاد يوسف، عابده خانم، مختيار بيگم، عنايت حسين ڀٽي مشهور آهن. استاد مرحوم ببرعلي هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي نامور گلوڪارن سان گڏ هارمونيم تي ساٿ ڏنو، انهن ۾ خان صاحب خان، استاد فتح علي خان، استاد حميد علي خان، استاد رجب علي، ملڪ جي ناليواري فنڪارا حميرا چنا، امانت گل، نگهت سليم، راشد جان، محمد علي ۽ ٻيا شامل آهن. استاد مرحوم ببر علي موسيقار سان گڏوگڏ بهترين رڌهم پليئر هوندا هئا. پاڻ طبلو تمام سٺو وڃائيندا هئا ۽ طبلي جي ساز تي به پاڻ ڪيترن ئي گويين گلوڪارن سان ساٿ ۾ ساٿ ڏنو. پاڻ طبلي ۾ استاد ماني خان ۽ الله بخش خان صاحب جا شاگرد هئا. موسيقي جي شعبي ۾ موسيقاري ۾ پاڻ ملڪ جي نامور موسيقار ماسٽر صفدر حسين جا شاگرد هئا. استاد مرحوم ببر علي پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي گيتن جي ميوزڪ ڏنائين ۽ انهن مان ڪجهه مشهور گيتن جا ٻول هي آهن.