; سنڌي شخصيتون: May 2022

04 May, 2022

بشير خان قريشي - ۲

بشير خان قريشي

ڌرتي تنھنجي ڍل به ڏاڍي ڳري آھي

ساجد چانڊيو



سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ جهڙي رنگت رکندڙ اکين واري اڳواڻ بشير قريشيءَ جو اچتو وڇوڙو سنڌ جي ساھ کي سٽ جهڙو آهي، سنڌ سڏڪي پئي آهي، پنهنجي انهيءَ سٻاجهڙي ۽ سهڻي پٽ جي لاڏاڻي تي جنهن جي سُتي ۾ ئي سنڌ جو آجپو هو، هن وٽ نه صرف سنڌ جي سرهي سينڌ جو سپنو هيو پر پهاڙن جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر به هو، هو جيڪو ديوتائن جي ديس وڃڻ واري آخري سفر جي گهڙيءَ ۾ به سنڌ جي آجپي لاءِ نڪتل هو، تنهن کي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي.

شھيد بشير خان قريشي - ۱

شھيد بشير خان قريشي - ۱

بشير خان قريشي

تو کان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار

ماجد سمون



هن سقراط جيان زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺو جنهن پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو ته ”هو شهادتون به مرڪي ماڻيندا“. رات جي وچين پهر ۾ جڏهن هن جي موت جي خبر پئي، تڏهن ڪير به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته هڪ دلير شخص کي دل جو دورو به پوندو. پر ان اڌ رات جي وقت، پوري سنڌ جاڳي پئي ۽ ڪير به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته گوريلو فطري موت مري ويو آهي.

هن کي خبر هئي ته جڏهن ڪو ڌرتيءَ جي رڙ تي اٿي پوندو آهي ان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو آهي ۽ هن ان ڏوھ کي اياز جي هنن سٽن جيان اعزاز سمجهيو هو ته،

جي تون وڙهندين ماريو ويندين،

هن وستيءَ تي واريو ويندين

دودا تنهنجو ساھ ته ويندو

ماڻهوءَ جو ويساھ نه ويندو.

02 May, 2022

پروفيسر مولابخش ڀٽو

پروفيسر مولابخش ڀٽو

هڪ دلبر دوست

پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو



مولابخش ڀٽي جو جنم لاڙڪاڻي تعلقي جي پاڙي مراد واهڻ ۾ پاڪستان ٺھڻ کان ٻٽي سال اڳ ٿيو. ننڍي هوندي مراد واهڻ جي جامع مسجد جي پيش امام وٽ هو قرآن شريف ناظران پڙھيو. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته علي گوهر آباد وارو ملان مسلم پرائمري اسڪول مراد واهڻ کي ويهجو هو تنهنڪري هن پرائمري تعليم اتان پرائي هوندي. بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء سيشن ١٩٥٥-١٩٥٤ع ۾ هو انگريزي پڙھڻ لاء ميونسپل هاء اسڪول ۾ داخل ٿيو.

منظور پرواز ميمڻ

منظور پرواز ميمڻ

مڻيادار ماڻهوءَ جون ادبي ۽ سماجي خدمتون

نسيم بخاري



سائين منظور پرواز ۲۸ مارچ ۱۹۴۷ع تي رحيم بخش ميمڻ جي گهر پير مست علي شاھ محلي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سائينءَ جو والد پنهنجي دور ۾ شڪارپور جو مشهور صحافي ۽ پريس ڪلب شڪارپور جو اهم عهديدار رهيو آهي عورتن جي حقن جي حوالي سان به سندس شاندار خدمتون رهيون آهن پاڻ هلال پاڪستان اخبار جا ڊسٽرڪٽ رپورٽر هئا نوائي انقلاب سکر ۾ به سنڌ جي گشتي نمائندي طور ڪم ڪندا هئا منظور پرواز ميمڻ پرائمري هاڻوڪي قاضي محلا ۽ تڏهوڪي نادر واري اسڪول ۾ پڙهي، ميٽرڪ هاڻوڪي قاضي حبيب الله ۽ تڏهوڪي نيو اِرا ھاءِ اسڪول مان ڪئي، جتي ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۶ع ۾ استاد عرض محمد شيخ صاحب جي شفقت هيٺ رهيو. انٽر شاھ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج مان ڪيائون، بي اي گريجوئيشن سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج مان فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ان وقت سنڌ جو ناميارو اديب قمر شهباز سندس انگريزي ادب ۾ استاد هو جنهن جي صحبت محبت ۾ اچي پنهنجو تخلص پرواز رکيائين. ۱۹۶۲ع کان ٻاراڻو ادب لکڻ ۽ ۱۹۶۶ع کان شاعريءَ توڙي نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائون، پاڻ هلال پاڪستان، نوائي انقلاب، عبرت اخبار، خادم وطن، جمهوريت، ناظم ۾ به لکندا آيا، وائي، نظم ۽ غزل سندس پسنديده صنفون رهيون آهن، ادب محل پبليڪيشن شڪارپور جي سلسلن توڙي ان وقت جي مقبول رسالن بادل ۽ روح رهاڻ سميت اهم رسالن ۾ سندس تحريرون زينت بڻجنديون آيون آهن هن وقت تائين سوين تخليقون تخليق ڪري چڪا آهن. ۱۹۷۴ع ۾ شادي ڪيائون ۱۹۷۱ع ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪيائون ۽ ۲۰۰۷ع ۾ صنعتن واري کاتي مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيا. سائين منظور پرواز جو اڃان تائين شعري يا نثري مجموعو ڇپجي پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

سندس لکيل سنڌ جي تاريخ

مختيار ملاح



راءِ بهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي (۱۸۴۶- ۱۹۲۶ع؟) جو ڪراچيءَ سان تعلق هو. سيٺ نائومل جو پوٽو هو. سال ۱۸۶۵ع ۾ بمبئي يونيوسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو. تعليمي ڦهلاءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ملڪي سياست به حصو ورتائين. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي. ڪيترائي سال اين جي وي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو، جنهن ۾ پهريون دفعو ۱۸۶۹ع کان ۱۸۷۴ع تائين، ٻيو دفعو ۱۸۹۹ع کان ۱۹۰۳ع تائين ۽ ڪيترا دفعا سنڌ صوبي جي ايجيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو. ١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، آلومل کي “راءِ بھادر” جو خطاب عطا ڪيو.

ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

(۲ جنوري ۱۹۶۸ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور، اديب، محقق، ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ واحد بخش خشڪ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ميٽرڪ تائين ڀان سعيدآباد ۾ پڙهيو بي اي ۱۹۸۶ع ۽ ايم اي، سنڌ يونيورسٽي جي اردو شعبي مان سال۱۹۸۹ع ۾ حاصل ڪيائين - پي. ايچ. ڊي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۲۰۰۲ ع ۾ ”اردو سنڌي جي ادبي روابط“ جي موضوع تي ورتائين. ھي پھريون سنڌي ھيو جنھن اردو ۾ پي ايچ ڊي حاصلُ ڪئي. ۲۰۰۷ع ۾ جرمني جي يونيورسٽي ھائيڊل برگ مان جرمن اسڪالرز جون اردو لاءِ ڪوششون جي زير عنوان اردو جي سبجيڪٽ ۾ پھرين پاڪستاني طور پوسٽ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪيائين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۱۹۹۲ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اردو جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ۲۰۰۳ کان ۲۰۰۶تائين اردو ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. اردو شعبي مان ۱۹۹۸ مان ساليانو تحقيقي جرنل الماس جاري ڪيائين سندس ايڊيٽرشپ ۽ سرپرستي ۾ ۲۲ واليوم شايع ٿيا. الماس تحقيقي جرنل پاڪستان جي يونيورسٽين جو پھريون آن لائن جرنل ھيو ۽ اردو ۾ ھائر ايجو ڪيشن ڪميشن پاران ايڪس ڪيٽيگري جو اعزاز حاصلُ ڪيائين. ۲۰۰۸ ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز مقرر ٿيو شاگردن جو مختلف سوسائٽيون قائم ڪري شاگردن جي بھتر تربيت لاءِ ڪوششون ورتيون۔ ۲۰۱۱ کان ۲۰۱۴ تائين چئيرمين جيم خانه ڪميٽي مقرر ٿيو ء سندس سرپرستي ۾ آل پاڪستان سطح جا بيڈمنٽن والي بال ء ٽيبل ٽينس جا راندين جا مقابلا خيرپور يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرايائين ۲۰۱۴ع کان ۲۰۱۸ع ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ آرٽس و لنگويجر مقرر ڪيو. پاڻ اسلامڪ اسٽڊيز، شيخ اياز چيئر، شاه لطيف چيئر، تنوير عباسي مرڪز مان نوان تحقيقي جرنلز شروع ڪرايائين ته سچل چيئر مان نڪرندڙ آشڪار ء سنڌي شعبي مان نڪرندڙ ڀٽائي تحقيقي جرنل جيڪي بند ٿي ويا ھئا. انھن ۾ دلچسپي وٺي معروف اديبن جي مدد سان انهن کي ٻيھر جاري ڪرايائين، اپريل ۲۰۱۸ع کان چئن سالن لاءِ پرو وائس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مقرر ڪيو ويو. سندس خدمتون جاري ھيون ته وفاقي حڪومت کيس ايم پي ون گريڊ ۾ بطور چيئرمين پاڪستان اڪيڊمي طور ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ اسلام آباد سڏي ورتو .۰۴.۰۳.۲۰۲۰ کان پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين ٿيو. ڪرونا وبا جي ڏينھن ۾ دنيا گھرن ۾ بند ٿي ويئي پر پاڻ بطور چيئرمين اڪيڊم جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آن لائن ادبي پروگرامن ڪانفرنسن سيمينارن جو سلسلو شروع ڪيو جنھنُ کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ساراھيو ويو. هن ڪيترائي نيشنل ۽ انٽرنيشل سيمينار ڪانفرنسون شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪرايا بطور پي ايچ ڊي سپر وائيزر ۽ ڊين فيڪلٽي هن جي سرپرستي ۾ M.Phil ۽ Ph.d جون ڊگريون چاليھ شاگردن حاصل ڪيون.

امان ڪريمان

امان ڪريمان

شهيد نذير عباسي جي امڙ قمرالنساءِ عباسي

حميده گهانگهرو



شهيد نذير عباسي جي امڙ امان ڪريمان بلوچستان جي رند بلوچ قبيلي جي روزانون جي نياڻي هئي. روزانون سنڌ ۾ عباسي گهراڻي ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ۳ نياڻيون پيدا ٿيون، جن ۾ امان ڪريمان به هڪ هئي. ننڍي هوندي ئي پيءُ جي فوت ٿي وڃڻ ۽ ماءُ جو واپس بلوچستان جي مند علائقي ڏانهن موٽي وڃڻ ڪري امان ڪريمان يتيمي جي ٻالڪپڻي کان جوانيءَ تائين سنڌ ۾ رهي ۽ سندس سئوٽ جان محمد عباسي سان نڪاح ڪرايو ويو. جان محمد عباسي ٽنڊو الهيار ۾ وچولي طبقي جو پڙهيل لکيل سجاڳ ذهن جو انسان هو ۽ پنهنجي نياڻين چاهي پٽن کي پڙهائڻ جو قائل هو. توڻي جو کڻي انهيءَ زماني ۾ نياڻين کي ايتري تعليم نه ڏني ويندي هئي، کيس ٻه زالون هيون، انهن مان امان ڪريمان به هئي. امان ڪريمان کي ڪل ۳ ٻار هئا. هڪ ڌيءُ حسينا ۽ ٻيو پٽ نذير عباسي. نذير عباسي کان پهرين سندس هڪ پٽ ٿيو پر گذاري ويو. ان ڪري هن جي خوابن جي دنيا جا ٻه ٻار ادي حسينا ۽ نذير عباسي هئا.

ڪامريڊ نذير عباسي

ڪامريڊ نذير عباسي

کيس جنم ڏينهن مبارڪ

حميده گهانگهرو



زندگي جنم کانپوءِ فنا ٿيڻ به هڪ قدرتي آهي. بس فرق صرف ايترو آهي ته ڪي تاريخ ٺاهين ٿا ۽ ڪي تاريخ مٽائين ٿا، ڪي سمجهو سڄي حياتي سوچيندا رهن ٿا. مختلف آدرش ۽ تبديلين جي خوابن ۾ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏين ٿا ته ڪي وري واندو ويهي يا فضول جي انفرادي عملن ۾ وقت پورو ڪري هليا وڃن. پر جيڪي تاريخ جا سازگار کي سنواريندا ۽ سينگاريندا آهن. ڀلي جو کڻي انهن جي لاءِ ڪيتريون به ڏکيائون ڇو نه آيون هجن. جان مال جي قرباني کان وٺي رشتن ناتن جي بي حسين کي به منهن ڏنو هجي پر پوءِ به تن جي سوچ ۽ عمل جي آئيني کي ضمير کي آواز ۽ داغدار نه بنايو. اهي ڪردار هميشه ياد ڪيا ويندا آهن. ڪنهن صحيح چيو آهي ته اهي هر هر جنم وٺندا آهن. انهن جا جنم، مرڻ جي تصور کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي جنم اڄ ۱۰ اپريل تي هڪ بهادر، سجاڳ، ڌرتيءَ جي سچي سپوت، انقلاب جي آواز پنهنجي خون جي هر قطري ۾ محنت ڪش ۽ هارين کي، مزدور کي ظلم جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي، معصوم بي وسي جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي آواز شهيد نذير عباسي جو جنم ڏينهن آهي.

بلقيس ايڌي

بلقيس ايڌي

هزارين يتيم ٻارن جي ماءُ جنهن کانسواءِ ايڌي جو مشن ممڪن نه ٿئي ها

رياض سهيل



مسجد ۾ نڪاح لاءِ ماڻهو پهتل هئا ۽ ڪنوار گهر ۾ڳاڙهو وڳو پائي ويٺي هئي. جيئن ئي ڪنوار جي رخصتي جو وقت ٿيڻ وارو هو ته گهوٽ کي خبر پئي ته ڪو ٻار زندگيءَ ۽ موت جي جي ٻه واٽي تي آهي، اسپتال نه پهچايو ويو ته هو مري ويندو.

گهوٽ کي اهو هوش ئي نه رهيو ته ڪنوار سندس انتظار ۾ آهي.جنهن کي هو ڇڏي آيو هو،گهوٽ نه موٽيو، ڪنوار شادي جي پهرين رات پنهنجي مائٽن جي گهر ۽گھوٽ اسپتال ۾ گذاري.

ميان مير چانڊيو

ميان مير چانڊيو

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ ليکڪ ميان مير چانڊيو جو اصل نالو مير خان چانڊيو آهي. سندس والد جو نالو محمد خان چانڊيو آهي. سندس جنم ۲۳ جنوري ۱۹۶۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ ٻانهون چانڊيو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو مان پاس ڪري، انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين.

سيد مظهر سيوهاڻي

سيد مظهر سيوهاڻي

(۱۸جولاءِ ۱۹۱۸ع ــ۱۸ سيٽمبر ۱۹۸۵ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جي بهترين غزل گو شاعر سيد مظهر سيوهاڻي جو اصل نانءُ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ولد سيد روشن علي شاھ هو پاڻ تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾ پيدا ٿيو. سيد مظهر سيوهاڻي پرائمري تعليم باجارا مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ ڪجھ انگريزي جا درجا پڙهيا ڇاڪاڻ ته سندن والد ان وقت خيرپور رياست ۾ مختيارڪار هو. اتي سندن واقفيت عطا محمد حامي سان ٿي. خيرپور کان پوءِ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان تعليم حاصل ڪيائون لکڻ جي شروعات ۱۹۳۲ع کان ڪيائون، عطا محمد حاميءَ کين ادب ڏي راغب ڪيو، سندن شاعري ۾ استاد ابوالڪيف مخمور ۽ سيد اظهر گيلاني هو. ڊاڪٽر عابد مظهر لکي ٿو ته:

01 May, 2022

پروانو سيوهاڻي

پروانو سيوهاڻي

(۲۱جولاءِ ۱۹۵۸ - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌي ٻاراڻي ادب جي نامور ليکڪ، شاعر، پبلشر، ڪهاڻيڪار مترجم ايڊيٽر، پرواني سيوهاڻي جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر کڏ محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس اصل نالو منظور سومرو ولد گل محمد سومرو آهي سندس ادبي تخلص پروانو سيوهاڻي آهي. هن بنيادي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. والدين پرواني سيوهڻ کي ديني تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هن کي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو پر هن نابري واري ڇڏي پرانو سيوهڻ پنهنجي تعليم جي باري ۾ لکي ٿو ته “آئون هر روز ڦرهي کڻي مدرسي ۾ ويندو هوس، پر منهنجي پڙهڻ سان دل ڪانه لڳندي هئي. پر مائٽن جي مار جي خوف کان مدرسي ۾ ويندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن سبق ڪچو ٿيندو هو ته سزا ۾ مولوي صاحب سج لٿي تائين مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيندو هو ۽ آءٌ مولوي صاحب کي ڏسي، پيو پنهنجون اکيون ٽمڪائيندو هئس ته ڪيڏي مهل ٿو گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي. جڏهن بابا سائين مغرب جي نماز پرهڻ لاءِ مسجد ۾ ايندو هو. ته آئون ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هئس ته هاڻي بابا نماز پڙهي وٺي ته منهنجي هن قيد خاني مان جان آزاد ٿئي (سيوهاڻي، ۲۰۱۶: ۲۹) هن وڌيڪ تعليم M.A سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.

آپا ارشاد عباسي

ارشاد عباسي

سندس جدوجهد وساري نه سگهبي

امداد علي اوڍو



۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۶ جڏهن ڀيڻ ارشاد عباسي لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هيائون، ان موقعي تي کيس ڪتاب “ جل مشعل جل “ جو تحفو ڏئي رهيو آهيان. پاڻ ڪانفرنس ۾ تقرير به ڪئي هيائون، سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جي کلي نموني ندا ڪئي هيائون. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي نشريات بابت ڀيڻ ارشاد عباسي سان وقت به وقت ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. پاڻ ريڊيو جي نشريات کي سنڌين لاءِ انمول تحفو قرار ڏيندي چوندي هئي ته هن تالابندي واري دور ۾ VOS ريڊيو ۽ ٽي وي واحد ذريعو آهن جتان سنڌ ۾ ٿيندڙ بيواجين جي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي خبر پوي ٿي.سنڌ جي قومي جدوجهد جي هيرو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي پورهيت ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ وقف ڪئي.