پروفيسر عبدالغني شيخ
هڪ منفرد استاد
مختيار احمد ملاح
سنڌ يونيورسٽيءَ جي
شعبه انگريزيءَ ۾ هوئن ته سڀئي استاد انتهائي قابل ۽ محنتي هوندا هئا ۽ سندن اصول
پرستي پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي. ان کان علاوه سندن ڊسپلين، پڙهائي ۽ امتحانن
جي معالمي ۾ سندن رويو شاگردن سان تمام سخت هوندو هيو. اهڙن استادن ۾ هڪ استاد
سائين پروفيسر عبدالغني شيخ به هوندا هئا. هميشه مسڪراهٽ سندن چهري تي عيان هوندي
هئي. بظاهر هميشه خاموش، پر گهري سوچ رکندڙ هي استاد پنهنجي لباس ۽ انداز گفتگو جي
ڪري به هميشه منفرد لڳندا هئا. پر سندن وڏي ڳالهه پڙهائڻ جو انداز هوندو هو.
شاگردن کي هميشه همٿائڻ لاءِ ڪڏهن گفٽ ته ڪڏهن سيکارڻ لاءِ گيجٽس کڻي ايندو هو. هو
ڪلاسيڪل پوئٽري (شاعري) ۽ ايسي رائٽنگ (مضمون نگاري) جا سبجيڪٽ پڙهائيندو هو.
جيفري چاسر جي Canterbury Tales جي ڪلاسيڪل شاعريءَ
۾ استعمال ٿيل علامتن، استعارن ۽ تشبيهن سميت بهترين نموني پڙهائيندو هو. سندس
پيپر چيڪ ڪرڻ ۽ مارڪون ڏيڻ جو انداز سخت هوندو هو. هڪ دفعي پاڻ چيائون ته؛ ”جيڪڏهن
ڪنهن لفظ تي ائپاسٽرافي لڳائڻي هجي پر مس ٿي وڃي ته لفظ ئي غلط ٿي ويندو. جنهنڪري
جملو به غلط ٿي ويندو. انهيءَ جو اثر پيراگراف تي پوندو ۽ ان حساب سان مارڪون ڪٽيون
وينديون آهن.!“
پاڻ شاگردن کي ڪلاس
يا ڪلاس کان ٻاهر سيکارڻ ۾ ڪنجوسي ڪو نه ڪندا هئا. هر وقت سندس آفيس جا دروازا
شاگردن لاءِ کليل هوندا هئا. سائين جي آفيس ۾ هڪ جملو لکيل هوندو هو، جيڪو هر
شاگرد جو ڌيان ڇڪائيندو هو:
The busy bee has no time for sorrow
سائين عبدالغني شيخ
صاحب جو تعلق روهڙي شهر سان هو، پر سندس والد جي نوڪري هئڻ ڪري سندس شاگرديءَ جو ڳچ
عروصو ڪراچيءَ ۾ گذريو. ان کان پوءِ سندن فيملي ڪراچي شفٽ ٿي آئي، جتي هن انگريزي
ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ پوءِ اتي ئي ۱۹۷۰ع ڌاري ليڪچرر مقرر ٿيا. جيتوڻيڪ شعبه انگريزيءَ
جا ڪافي استاد، ”ايريل“ نالي جرنل ۾ ريگيولر ريسرچ پيپر لکندا رهندا هئا، پر سائين
غني صاحب تمام ٿورا پيپر لکيا. پر مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته سائين انگريزي ۾
شاعري ڪندا هئا. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ کيس دل جو عارضو ٿي پيو. سندس ذاتي
زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان ناگهاني مسئلن ۽ سانحن جي ڪري اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو ۽
رٽائرمينٽ کان پوءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ گمنامي ۾ گذارڻ لڳا. سنڌ
جو هيءُ قابل ۽ لائق استاد ۲۰۱۹ع ۾ گذاري ويو ۽ کيس حيدرآباد ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.
(مختيار احمد ملاح جي فيسبڪ پوسٽ تان ۳۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
پروفيسر عبدالغني شيخ جو
وڇوڙو
گل محمد عمراڻي
مرحوم پروفيسر
عبدالغني شيخ ۱۹۷۰ع ۾ اسان جو انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ليڪچرار مقرر ٿي آيو، تڏهن مان B.A آنرز جي ٻئي
سال جو شاگرد هئس. سندس وجيهه صورت، قد آور شخصيت، گهٽ ڳالهائڻ جي عادت ۽ هميشه مرڪ
سان ٻهڪندڙ چهرو سندس سڃاڻپ هئا. اسان کي شروع ۾ چاسر جي وچولي (Middle) انگلش واري
دور جي Nun’s priest Tale
(راهبه ۽ پادريءَ جي ڪهاڻي) پنهنجي مخصوص ڌيمي ڪلاسڪ مترنم انداز ۾ اهڙي
طرح پڙهائيندو هو جو ايئن لڳندو هو ڄڻ اسين چوڏهين صديءَ جي انگلينڊ ۾ پهچي ويا
آهيون! مون سان تمام گهڻي شفقت جو ورتاءُ ڪندو هئو. جڏهن استاد دوست ٿئي ته شاگرد
جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ جا رستا آسان ٿي وڃن ٿا. نيون نيون انگريزي ڊڪشنريون ڪراچي
کان خريد ڪري وٺي ايندو هو. سندس پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج جي تعليم ڪراچي ۾N.J.V هاءِ اسڪول ۽ D.J ڪاليج مان بي ايس سي تائين ٿي هئي. سندس والد صاحب غوث بخش شيخ سنڌ جي مختلف
ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر طور خدمتون انجام ڏئي آخر ۾ حيدرآباد مان ئي ريٽائر ٿيو
هو.
خانصاب الله ورايو
شيخ (ريٽائرڊ چيف انجنيئر ويسٽ پاڪستان) ۽ نظر محمد شيخ (سابق وفاقي سڪريٽري) سندن
ويجها مائٽ هئا.
عبدالغني شيخ صاحب
جو اصل اباڻو ڳوٺ روهڙي هو، جنهن ڪري قاضي جليل (امر جليل)، مرحوم خالد شهيد آخوند
۽ هدايت الله آخوند (هدايت پريم) سان گهڻي گهاٽي سنگت هوندي هئس. قاضي جليل جي
شاگرديءَ جي وقت جا قصا ۽ NJV هاءِ اسڪول بابت ٻُڌائيندو هو ته پاڻ ڪرڪيٽ
جي ميدان جو شهسوار هوندو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين عبدالغني شيخ ۳۰ ورهيه کن
سروس ڪئي ۽ چيئرمين جي عهدي تائين وڃي پهتو، پر صحت جي خرابيءَ جي بنياد تي اڳواٽ
ريٽائرمينٽ وٺي گوشه نشين ٿي گهر ويهي رهيو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خوددار ۽ ايماندار انسان
هو. ان ڪري هڪ ڊمي ۽ نالي ماتر ڊين نه پئي
ٿي سگهيو. جڏهن ته ان وقت جو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي هن کي خوشيءَ سان اهو
اعزاز به بخشي ها. پر عبدالغني شيخ ته ڪنهن شاگرد جي مُفت جي چانهه به نه پيئندو
هو، سو ڪيئن اهو “بارِ گران” برداشت ڪري ها! اهڙا با اصول، با اخلاق، با ضمير
اُستاد اڳي رڳو ٻُڌندا هئاسين.
پروفيسر عبدالغني
جي علمي ادبي دولت سندس شاندار ذاتي لائبريري هئي، جيڪا مون ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي D.G هجڻ وقت
خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان وقت جي سيڪريٽري جي ضد جي ڪري نه ٿي سگهي (ڇاڪاڻ ته
ان سودي ۾ ڊپارٽمنٽ کي ڪجهه “منافعو” نه پئي مليو). اسان وٽ علم، ادب ۽ ڪتابن جي
قدر و قيمت اها آهي ۽ نوڪرشاهي جا غير اصولي فيصلا هميشه اصول وارن جي لاءِ ئي
هوندا آهن. عبدالغني شيخ ڪجهه دل برداشتا ته ضرور ٿيو. پر پوءِ اهي ڪتاب ڪنهن ٻئي
قدردان وٺي ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ ڪئين اهڙا شخص ۽ ادارا آهن، جيڪي بنا نفعي جي
به ڪم ڪن ٿا.
پروفيسر عبدالغني
شيخ جا ڪيترا ريسرچ ڪيل مضمون انگريزي ڊپارٽمينٽ جي سالياني مخزن “ايريئل Ariel ۾ ڇپيل آهن.
سندس آخري سال سخت Self-Discipline (پاڻ تي ضابطي) جي
اصول جي ڪري اڪيلائي ۾ گذريا. هو هڪ تارڪ الدنيا يوگيءَ واري زندگي گذاري رهيو هو.
تمام ٿورن دوستن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪندا هئا ۽ اهو به وري ڏاڍو ڏُکدائڪ منظر
هوندو هو. مان تمام گهڻي دل ٻَڌي ۽ پروفيسر مراد پنهور کي ڪيترا ئي ڀيرا گذارش ڪئي
ته مونکي سائينءَ سان هڪ ڀيرو ضرور ملاقات ڪرايو پر پوءِ وري سائين جي پيڙا واري ڪيفيت
جون ڳالهيون ٻڌي همت هاري ويٺس.
جڏهن سندن وفات جي
خبر ٻڌم ته منهنجي ذهن تي اهي سڀ خوشگوار لمحا تري آيا، جڏهن هو حيدرآباد جي پرسڪون
گهر کان Walk
ڪندو، تلڪ چاڙهي تي برٽش ڪائونسل لائبريري
تي وڃي مطالعو ڪندو هو ۽ ڪيئن عجب شان سان هٿ لوڏيندا، مونکي سول اسپتال جي ڀرسان
مليا هئا، جڏهن اڃا منهنجي M.A جي رزلٽ ڪا نه آئي هئي. پاڻ مونکي مشورو ڏنو
هئائون ته؛ “تون ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ليڪچراري لاءِ درخواست ڏي، ڇاڪاڻ ته هت اسان وٽ
انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ في الحال ڪا به جڳهه ڪانهي.” مون سائينءَ کي کِلندي جواب ڏنو
هو ته؛ “سائين! نوڪري ڪبي ته توهان وٽ، نه ته وڃي فوجين جي ڪاليج ۾ ڪورٽ مارشل ڪو
نه ٿبو.” مون کي انور پيرزادي جو مثال ياد هو، جيڪو ان وقت ۾ ايئر فورس جي ايجوڪيشن
ونگ ۾ پائلٽ آفيسر مقرر ٿي هڪ دوست جي ڪم ظرفيءَ جي ڪري گرفتار ٿي ڪورٽ مارشل ٿي
رهيو هو. پروفيسر عبدالغني شيخ مسڪرائيندي چيو ته؛ “تون ڪورٽ مارشل ڪو نه ٿيندين ۽
جلد اسان وٽ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ اوس Join ڪندين!”
اڄ عبدالغني شيخ جهڙا
لائق ۽ هڏ ڏوکي، انسان دوست، فرشته صفت استاد ۽ Diogenes (ڊائي جنيز)، جي لالٽين کڻي به ڳولهيو ته اوهان
کي ڪو نه ملندا، ڇاڪاڻ ته نه رهيا آهن اُهي گل ۽ نه رهي آهي اها بڪاولي.”
پروفيسر عبدالغني شيخ
هڪ قابل احترام استاد
شاڪر حسين جعفري
/نندو شهر (بدين)
گل محمد عمراڻي جي خط ذريعي مرحوم پروفيسر عبدالغني شيخ جي انتقال جي خبر پڙهي نهايت افسوس ٿيو. راقم کي به ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۳ع تائين مرحوم پروفيسر جي شاگرد هئڻ ۽ خصوصي شفقت جو شرف حاصل رهيو آهي. مرحوم استاد جو شفقت وارو رويو، پنهنجي پيشي سان عشق، ذميداريءَ جي احساس، شاگردن سان همدردي، نرم ۽ حساس طبيعت سبب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. محنتي شاگرد جي جائز مدد ۽ همت افزائي ڪرڻ سندن خاص وڙ هو. مرحوم سائين جي هٿن سان لکيل دفترين تي انگريزي لفظن جون معنائن جون اڄ به خوشگوار يادون ذهن ۾ آهن. حقيقت هي آهي ته انگريزي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه شفيق، انتهائي مهربان استادن جون يادون اڄ به ذهن تي عيان آهن. خصوصاً ميڊم امينه خميساڻي، پروفيسر ارجن داس، سائين عبدالغني ۽ پروفيسر قلندر شاهه. پهريان ٽي مهربان استاد ته ابدي سفر ڏانهن راهي ٿي چڪا آهن، باقي سائين قلندر لڪياري کي خدا وڏي ڄمار عطا فرمائي. مون کي اڄ به ياد آهي ته اسان جي هڪ بهترين دوست ۽ انگريزي ڊپارٽمينٽ جي شاگرد مرحوم رضا اوٺي جي شادي ميڊم خميساڻي جي ڪوشش سان ٿي، جيڪا اسان ويجهن دوستن لاءِ حيرت انگيز خوشي هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا