پروفيسر عبدالغني شيخ
هڪ منفرد استاد
مختيار احمد ملاح
سنڌ يونيورسٽيءَ جي
شعبه انگريزيءَ ۾ هوئن ته سڀئي استاد انتهائي قابل ۽ محنتي هوندا هئا ۽ سندن اصول
پرستي پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي. ان کان علاوه سندن ڊسپلين، پڙهائي ۽ امتحانن
جي معالمي ۾ سندن رويو شاگردن سان تمام سخت هوندو هيو. اهڙن استادن ۾ هڪ استاد
سائين پروفيسر عبدالغني شيخ به هوندا هئا. هميشه مسڪراهٽ سندن چهري تي عيان هوندي
هئي. بظاهر هميشه خاموش، پر گهري سوچ رکندڙ هي استاد پنهنجي لباس ۽ انداز گفتگو جي
ڪري به هميشه منفرد لڳندا هئا. پر سندن وڏي ڳالهه پڙهائڻ جو انداز هوندو هو.
شاگردن کي هميشه همٿائڻ لاءِ ڪڏهن گفٽ ته ڪڏهن سيکارڻ لاءِ گيجٽس کڻي ايندو هو. هو
ڪلاسيڪل پوئٽري (شاعري) ۽ ايسي رائٽنگ (مضمون نگاري) جا سبجيڪٽ پڙهائيندو هو.
جيفري چاسر جي Canterbury Tales جي ڪلاسيڪل شاعريءَ
۾ استعمال ٿيل علامتن، استعارن ۽ تشبيهن سميت بهترين نموني پڙهائيندو هو. سندس
پيپر چيڪ ڪرڻ ۽ مارڪون ڏيڻ جو انداز سخت هوندو هو. هڪ دفعي پاڻ چيائون ته؛ ”جيڪڏهن
ڪنهن لفظ تي ائپاسٽرافي لڳائڻي هجي پر مس ٿي وڃي ته لفظ ئي غلط ٿي ويندو. جنهنڪري
جملو به غلط ٿي ويندو. انهيءَ جو اثر پيراگراف تي پوندو ۽ ان حساب سان مارڪون ڪٽيون
وينديون آهن.!“
