; سنڌي شخصيتون: منشي ابراھيم

15 January, 2013

منشي ابراھيم

منشي ابراهيم

سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر

محمد سليمان وساڻ



جنگ جنگ جنگ آ تو سان منهنجي جنگ آ

پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ

سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم منشي ابراهيم جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترا ئي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.


جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي،

اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي.

هو، مارشلا هجي يا جمهوري دور، سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ کي. هن فوجي آمرن جي ڏهڪاءَ واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪا نه ڪئي.

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،

هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان

منشي ابراهيم ۱۹۷۲ ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي ۶ مهينا ٽيپ ۽ ۵ هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿراڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن ۱۹۷۳ ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ ۱۹۷۴ ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا ۱۰ مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي

سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ ۱۹۷۵ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف ۱۹۸۳ واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري، پورهيت ۽ شاگرد رهيا.هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. سندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،

پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري

مرحوم منشي ابراهيم جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تهريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.

هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا.

وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. ۳۱جولاء ۲۰۰۳ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيءَ سان وڃي مليو.

روزانه هلال پاڪستان ۳۱ جولاء ۲۰۱۱


 

”منشي“ ابراهيم جي ياد ۾

محمد قاسم مير جت وڪيل

۱۹۷۰ع واريون چونڊون ٿي گذريون. منشي ابراهيم چيو ته ”اهـڙا مانجھي مرڻا ناهن، ويس مٽائي ورڻا آهن“. مانجھي الائي ڪڏهن موٽي اچن باقي وڏيرا ويس مٽائي، ”عوامي“ بڻجي اچي ويهي رهيا ۽ پنهنجي پشت در پشتن کان چالو ڪرت کي لڳي ويا. سنڌين لاءِ DPR ٻروچن تي موچڙي جو ڦهڪو. بنا بيهوش ڪرڻ جي وڍ ڪٽ. پٺاڻن جي سرڪار ۽ ٻروچن جو حال ڏسي ڪي مولوي سرڪار ڇڏي مدرسن ڏانهن ته وري ”يو قدم يو آواز... انقلاب انقلاب“ جا نعرا هڻندا ڀڄي وڃي گهر ڀيڙا ٿيا.

اهڙي ڏهڪاءُ ڀري ڏيهه ۾ پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پارلياماني سيڪريٽري مير علي بخش خان ٽالپر حيدرآباد ۾ سول لائين واري بنگلي تي ترقي پسند، جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي سڏائي. جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شريڪ ٿيا. انهن ۾ ابراهيم منشي به آيو هو. جنهن سان اُتي پهرين ملاقات ٿي. جنهن ۾ منشي بنگالين جي قومي آزادي لاءِ ڏنل قربانين ۽ بلوچن جي بهادري تي گيت ٻڌايا:

بيٺا جنگ جبل ۾، جوٽي ٻاروچاڻا ٻار او يار

ابراهيم منشي جي شهيد فاضل راهو سان حجت جي حد تائين دوستي هئي. ان ڪري ابراهيم منشي جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته شهيد فاضل راهو وٽ سندس پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ جيل جي ٿورو اڳيان اوطاق تي ضرور حاضري ڀريندو هو. ابراهيم منشي جي اچڻ جو اطلاع  فاضل راهو اسان کي لطيف آباد ڪندو هو. جتان رسول بخش پليجو، سيد اڪبر، اسماعيل سولنگي عرف ”نانگو“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شير خان لنڊ سڀئي گڏجي پٺاڻ ڪالوني ايندا هئاسين. اتان نڪري سٽيزن ڪالوني وارو رستو جيڪو ان وقت صفا سڃو هوندو هو، ڇاڪاڻ ته آس پاس اڃا ڪا آبادي نه ٿي هئي، ان ڪري ان روڊ تي اچي گاڏي تان لهي پڪي روڊ تي ويهي رهندا هئاسين. ان دور ۾ جتي ترقي پسند ۽ قوم پرست ادب ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ پڙهڻ ڄڻ ته انقلابي نصاب جو حصو هوندا هئا، اتي لطيف جا چونڊ شعر پڙهڻ، ياد ڪرڻ به نصاب جو حصو هئا، اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪچهري لطيف جي شعرن تي ٿيندي هئي. ابراهيم منشي، رسول بخش پليجو، سيد اڪبر، شير خان لنڊ، شهيد فاضل راهو جڏهن گفتگو ۾ لطيف جي موقعي مهل سان ٺهڪندڙ بيت ڏيندا هئا ته ڪچهري ۾ چانهن ۽ ماني کان بي پرواهه الائي ڪيتري رات لڙي ويندي هُئي، پر ڪچهري مان دل نه ڀربي هئي. شير خان لنڊ  شاهه لطيف جو حافظ به هو ته اياز جا انقلابي گيت به کيس ياد هوندا هئا. مٿان وري سندس آواز تمام سريلو هوندو هو. چئوطرف سناٽو هوندو هو. ان ۾ شير خان اياز جي ڪا وائي ٻڌائي جھومڻ تي مجبور ڪندو هو ته مٿان وري ابراهيم منشي پنهنجي نڪور شاعري مٺي، سريلي ۽ جذباتي انداز ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو. پليجو ابراهيم منشي جي ڪلام مان ڪونه ڪو نقص ضرور ڪڍندو هو، جنهن ڪري محفل ختم ٿيڻ مهل اهو مزو ۽ چس نه هوندي هئي.

جمهوري دور ۾ وڏا شاعر وڏا عهدا ۽ ننڍا شاعر ننڍا عهدا وٺي پاسيرا ٿي ويا. ڪجهه ايس پي پڃيل جهڙن قهري ڪامورن جي امڪاني عذاب کان بچڻ لاءِ پيا اشارن ڪناين ۾ مٺا ٻول ٻوليندا هئا. اهڙي موقعي تي ۽ ان موقعي پرستيءَ خلاف ابراهيم منشي جيڪي به اديب شاعر ۽ ڪارڪن پاسيرا ٿي ويا، انهن خلاف پنهنجي عوامي شاعري سان باهه ٻاري ڇڏي:

جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو،

جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، تنهن کي مليو جيل ۽ گهاڻو

جن ٻولي جي نالي ۾ هنگاما ڪرايا ۽ جن وري سنڌي رسالن ۾ ٻانهون ٻڌي فوٽو ڪڍائي جان ڇڏائي، انهن سڀني خلاف، بنا ڪنهن رک رکاءُ يا سينڍ ۾ ماروي ڳائڻ بدران هن چئي ڏنو:

جنگ، جنگ، جنگ آ، توسان منهنجي جنگ آ،

پليت پير ڪر پري، هي ڌرتي منهنجو ننگ آ.

پوءِ ابراهيم منشي هر جلسي ۾ گرفتار ٿيندو ويو. حيدرآباد ۾ جامعه عربيه هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي زبردست جلسو ٿيو. اتي استاد بخاري، احمد خان مدهوش ۽ ٻيا شاعر به هئا. پر ابراهيم منشي کي اتان به گرفتار ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا وڃي ڪچهري ڪجي. اسانجي ڳوٺ تي ٽي ڏينهن گڏجاڻي هلندي هئي. جنهن ۾ سمورا مرڪزي دوست ايندا هئا. لازمي هو ته شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو پارٽي اڳواڻن کي پنهنجي گاڏين ۾ کڻي اچن. هو ايندا هئا ۽ گاڏيون اوترا ڏينهن بيٺيون هونديون هيون. چغل خورن هڪ طرف پوليس کي اطلاع ڪيو. ٻئي طرف ڌمڪايائون ته اها مسخري بند ڪيو نه ته گاڏين کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين. اسين سرڪاري نوڪرين وارا، مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن جي به گهڻائي سرڪاري ملازمن جي، گهڙي کن لاءِ لڳو ته منشي ابراهيم  جي شعر جي  سٽ جيان:

پرين جي پيار پنهنجي تي، لڳا پَهرن مَٿي پَهرا،

ته لَڪَ لانگها جھلي مُنشي، پيا اکِ ٽيٽنِ ۾ ملنداسون.

پوءِ فيصلو  ٿيو ته ڪنهن به دوست ساٿي جي شادي ٿئي ته ان ۾ مرڪزي ڪميٽي جا ميمبر ۽ اڳواڻ ساٿي شريڪ ٿين. ڄڻ ته ڄاڃي پيا ڪچهريون ڪن. پر ”تاڙني والي قيامت کي نظر رکهتي هين“ وارو قصو هوندو هيو. سائين عالم شاهه جي شادي ۾ سنڌ جي ساٿين سان گڏ ٻين صوبن جي قوم پرست ۽ ترقي پسند محب وطن ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي. ڪا به بارود ۽ بم ڌماڪن جي ڳالهه ڪانه هئي. يا موجود سرڪار جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضي ڪرڻ جا منصوبا ڪونه جوڙيا ويا هئا، پر انٽيليجنس رپورٽ تيار ڪئي ته سرڪار خلاف وڏي بغاوت لاءِ هٿياربندن جي ”انٽرنيشنل ڪانگريس“ جي گڏجاڻي هئي. ڪيترا ماڻهو ٻڌجي ويا. شُڪر جو گهوٽُ گرفتاريءَ کان بچي ويو.

ان وٺ پڪڙ جي ڪري وري ڳچ وقت ماٺ ٿي وئي. پر ماڻهن سان سڌو رابطو ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت گهڻن ماڻهن کي صلاح مصلحت ۾ ڪيئن شامل ڪجي ان لاءِ ڪو ٻيو طريقو ئي نه هو.

گولاڙچي جي ڀر ۾ سولنگين جي ڳوٺ ۾ ساٿي اسماعيل نانگو جي شادي هئي. سڀ گڏ ٿياسون. ڪچهري کانپوءِ منشي ابراهيم کي منٿ ڪئي سون ته يار ڪو پنهنجو ڪلام ٻڌاءِ. چيائين: ”آئون ڪو ناچو ته ڪونه آهيان، جو شادين ۾ ڳائيندو وتان. منهنجو گلو به خراب آهي، شاعري واري بندي به ڳوٺ رهجي وئي آهي“. ائين چئي نٽائي ويو. شهيد فاضل راهو کيس ٺهه پهه ڀوڳ چرچي واري انداز ۾ چيو: ”يار! ڇڏيو ابراهيم منشي کي. خوامخواهه کڻي ان کي پڏايو اٿوَ. منشي کان وڏا شاعر پيا آهن، پر ڪير انهن کي ٻڌي ته سهي“ اسان سمجھي وياسون ته فاضل منشي جي شعر ٻڌڻ لاءِ شرارت سٽي آهي. هن چيو ته ساٿي سنڌ جي پورهيت ۽ وڏي شاعر کٻڙ چانگ جي شاعري ٻڌي ته ڏسن. فاضل چيو ته مولانا عبدالحق رباني جيد عالم هوندي، به جڏهن تقرير ڪندو هو ته ظالمن جي خلاف ڳالهائيندو هو. اسان کائنس پڇيو هو ته اوهان عالمِ دين ٿي ڪري تقرير ۾ گهٽ-وڌ ٿا ڳالهايو. ته مرحوم چوندو هو ته ”ادا قرآن ۾ لکيل آهي، ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو حق ناهي، سواءِ مظلوم جي“. سو کٻڙ چانگ به ظالم وڏيرن ۽ ڪامورن سان گهٽ نه ڪندو آهي. کانئس فرمائش ڪئي وئي ته ڪو غزل ٻڌائي، ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي ته هي تڪبند سگهڙ آهي. هن جو غزل سان ڪهڙو واسطو؟ پر هو شروع ٿي ويو.

لاهي ڇڏ، لاهي ڇڏ تون، پ پ واري پڳ اعجاز،

اهڙو ٿي تون ويهه ٽنڊي ۾، جهڙو هئين تون اڳ اعجاز.

منشي ابراهيم رڙ ڪئي ته جي فاضل هن کي ماٺ ڪرائي ته آئون ٿو ٻڌايان. پوءِ منشي شروع ٿي ويو. اچي پرڀات ٿي. ڇني ۾ ناچ گاني واريون به هيون. اهي هڪ ته ڳائي ڳائي ٿڪجي پيون. ٻيو ته ماڻهن جا پئسا به کٽي ويا. ماڻهن شاعري يا راڳ ٻڌڻ بدران رڳو انهن کي تنگ ٿي ڪيائون. هنن سڄي ڇني تي نظر ڊوڙائي. هنن ڏٺو ته اِهي ڪنڊ ۾ جيڪي ويٺا آهن، انهن نه راڳ ٻڌو نه پئسا ڏنا نه ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، ان ڪري رڙهي اچي اسانجي ڀر ۾ ويٺيون، جيئن کين ڄاڃي تنگ نه ڪن.

فاضل وري به شرارت ڪئي ته يار اڄ شاعرن جو امتحان آهي. ڏسون ته هن موقعي مهل سان ڪير ٿو ٺهڪندڙ شعر ٻڌائي. ابراهيم منشي گهڙي کن لاءِ پنهنجي منهن ڀڻڪيو پوءِ پڪوازي کي چيائين ”فلاڻي ڌن وڄاءِ“ ۽ ناچڻي کي چيائين ”تون نچ“ ۽ پاڻ ڳائڻ شروع ڪيائين:

ڇوري هڻ نه ڇير، ڇمڪي تي ٿا ڇورا ڇرڪن،

پٽ کان ڪونئرا پٽ تي پنهنجا هڻ نه پير.

ڇمڪي تي ٿا ڇورا ڇرڪن!

وري ڪنهن ٻئي ڪاڄ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسون. ابراهيم منشي به موجود هو. اسان وٽ حُج به هئي، منٿ به هئي ۽ مدلل مطالبو به هو ته تون عوامي تحريڪ ۾شامل ٿي. چيائين آئون ته ٺيڪيدار جو منشي هوس. منهنجي ڳوٺ ”جنهاڻ سومرو“ هلي ڏسو. اڄ به منهنجي گهر جي مالي حالت هڪ مُنشيءَ جي گهر جهڙي آهي. جتي جتي ٺيڪيدار جو ڪم هلندو هو، ان سائيٽ تي راتين جون راتيون جاڳندو هوس، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، جنهن منهنجي:

جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.

ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي ته هڪ ته ماءُ آهي. جنهن پنهنجا سک آرام، قربان ڪري مونکي ماڻهو بڻايو. ٻي سنڌ آهي. ائين چئي هو جذبات ۾ ڀرجي ويو ۽ پنهنجو مشهور نظم ڳائڻ شروع ٿيو:

او سنڌ امان او سنڌ امان!

تنهنجي قدمن تان قربان وڃان

سنڌ اسان سمورن جي ماءُ آهي. خاص ڪري اُهي قوم پرست ترقي پسند جمهوريت پسند پارٽيون  ۽ فرد جن جو اهو ايمان آهي. ماءُ سمورن ٻچن کي گڏ ڏسڻ چاهيندي آهي. پر ڪي نافرمان ٻار رڳو پنهنجي ذات جي باري ۾ سوچيندا آهن. ٻين ڀائرن ۽ ڀيڻين جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ اخلاق ۽ قانون جون سڀ بندشون ٽوڙي ڇڏيندا آهن. پر سچا ۽ قرباني جا پتلا ڪارڪن چوندا ته مونکي جيڪجهه نه مليو ته خير آهي، پر ڪو ڀاءُ ارهو نه ٿئي، ڏکيو نه هجي. آئون سمورن اڳواڻن،ڪارڪنن ۽ تنظيمن سان ملان ٿو، سڀئي سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجھن ٿا ۽ ان جي آجپي لاءِ بکون ڪاٽين، جيل ڀوڳين پيا پر ڪنهن عاشق پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اي محبوب تون مونکي ڏاڍو مٺو آهين، منهنجي جان، مال سڀ ڪجهه تو تان قربان، مگر جتي منهنجي عزت جو سوال ايندو، اُتي پاڻ تو تان به هٿ کڻي وينداسين“. اوهان به سنڌ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيو، مگر اوهان جي پارٽي، اوهان جو نظريو، اوهانجي اڳواڻي جي مقابلي ۾ ڄڻ ته سنڌ به ڪجهه نه آهي. جنهن ڏينهن اوهان سڀئي ڌريون ۽ موجود ڪارڪن پاڻ کي پنهنجي تخليق ڪيل نظرئي ۽ اڳواڻي جي قيد مان آزاد ڪرائيندا، ان ڏينهن بنا پُڇي منشي اوهان جي وچ ۾ هوندو.

۱۹۷۷ع جي اليڪشن ۾ پارٽي ٻن صوبائي تڪن تان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ميرپور بٺورو مان اسماعيل سوهو. ان جي اليڪشن جو انچارج هو وڪيل ۽ سٺو مقرر ايڊووڪيٽ لکانو بهراڻي جڏهن ته ساڻس گڏ هئا: محقق ۽ سماجي علم جو ڄاڻو ڊاڪٽر فيروزاحمد، سائين رسول بخش درس، سيد اڪبر ۽ سمورا هاري ورڪر شاگرد اڳواڻ ۽ ڪارڪن. شهيد فاضل راهو جي الڪيشن مهم ۾ نه شعله بيان مقرر نه ڪي وڏا ڄاڻو. هڪ اسماعيل اداسي شاعر ٻيو امين خاناڻي ۽ جمعون نوحاڻي. هاڻ ڇا ڪريون. ان وقت ابراهيم منشي جيل ۾ هو. پر هُن ڪنهن طريقي سان پنهنجي شاعري جو سندس سُريلي ۽ پرجوش آواز ۾ ڪيسٽ ڀري گولاڙچي موڪليو. انهن ڪيسٽن جي ڪري اسان وٽ جيڪا مقررن جي کوٽ هُئي، ان کي ڄڻ ته پورو ڪري وياسون پر ٻن ڏينهن کانپوءِ پئٽرول پمپ وارن چيو ته بابا اسانکي حڪم آهي ته فاضل جي اليڪشن ۾ هلندڙ گاڏين کي پئٽرول نه ڏيو. صدين کان اقتدار ۾ رهندڙ وڏيرو ويڙھ جا ڪيترا ئي گر ٿو ڄاڻي اهو معلوم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. شهيد فاضل راهو جو ڪڙيي گنوهر جو سيٺ ڪشو (ڪشنچند آڏواڻي) جيڪو ان زماني ڳاڙهو ڳٽول ماٺيڻو نوجوان هو، لطيف سائين چواڻي؛

”اڃان تو منجهان ڪک، ڇتي رت نڪري“

ڪشو به ڪئمپ تي آيو ۽ هميشه جيان مرڪندي پڇيائين ڇا ٿيو؟ چيائين خير آهي پوءِ مونکي ۽ محمد اسماعيل راهو کي هڪ ويران جاءِ تي وٺي ويو اتي ڍنگرن هيٺان پئٽرول جا ڀريل ڊرم جيڪي هن لڪائي رکيا هئا. ڄڻ ته کيس خبر هئي ته وڏيرا ايئن به ڪري سگهن ٿا. پئٽرول ڇا مليو ڄڻ ته اليڪشن ورڪ ۾ جان پئجي وئي، پوءِ ته هر هنڌ، هر جاءِ منشي ابراهيم جي للڪار هجي.

وڏيرن جو وريو وارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،

وري ميرن وڌو مارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.!

چونڊن ۾ وڏيرن وٽ سڀ ڪجهه هو، پر ٻن شين جي کوٽ هئي. جيڪا وري شهيد فاضل جي اليڪشن مهم ۾ جھجھي مقدار ۾ هُئي. هڪ ته غريب پر مخلص، بهادر ۽ قرباني جا پتلا ڪارڪن ۽ انهن جا قافلا، جيڪي اڃ ۽ بک تي، پيرين پيادا ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ووٽ لاءِ قائل ڪندا رهيا. ٻيو هيو ڪيسٽ ۾ موجود ابراهيم منشي جهڙو شاعر ۽ سندس  سريلو آواز.

ابراهيم منشي سنڌ جي انهن شاعرن منجهان آهي جنهن کي لاڙ جي پاسي مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري کان وٺي اُفق ۽ آسمان تائين جنهن شيءِ جا جيترا نالا آهن، اهي کيس نه رڳو معلوم هيا پر انهن سمورن نالن ۽ شين کي پنهنجي شعرن ۾ قيد ڪيائين. هو برجستو هيو. بهترين هيو. ڳوٺاڻو هيو. باشعور هيو. هن جي پاسي ۾ هڪ هيو بُلڙي شاهه ڪريم ته ٻيو هيو شاهه عنايت شهيد. مٿان سندس ذات تي ٺيڪيدارشاهيءَ جا عذاب لازمي آهي ته ڦٽڪن جيئان هرروز مٿس وسندا هوندا. هو انهن سمورن ڏکن کي ڪتاب پڙهي پنهنجي چوڌاري ماحول ۾ موجود ڏک کي ختم ڪري سگهڻ وارو وڏو شاعر هيو. اها سندس شعوري ڪوشش هئي. ان شعور ۽ بهادري جي ڪري لاڙ ۾ هن سان ڪيئي شاعراڻا مقابلا پڻ مشهور ٿيا. پر ٻولي کانئس ڪو سکي!

هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ سردار پريس تي هڪ وڏو شاعر هڪ شعر کڻي آيو ۽ ضد ڪرڻ لڳو ته سندس شعر کي پڻ ”تحريڪ“ رسالي ۾ منشي ابراهيم جي شعر جيان نمايان ڇاپيو وڃي. اهو شعر منشي ابراهيم خلاف لکيل هو. معاملو رسول بخش پليجي تائين پهتو. اول ته هن چيو ته ٿيڻ ته ائين کپي جو هڪڙي پاسي منشي جو شعر ”جهڙو ماڻهو، تِهڙو ناڻو“ ڇاپجي ۽ ٻئي پاسي تنهنجو شعر شايع ڪري ماڻهن کي ئي چئجي ته توهان فيصلو ڪريو. ان وڏي شاعر کي سمجھايو ويو ته منشي ابراهيم جو شعر علامتي شعر آهي، جيڪو زمانن تائين زندهه رهندو. تنهنجو شعر فقط منشي ابراهيم جي ذات خلاف ساڙ جي بنياد تي ٻڌل آهي. ان ڪري اهو ڇاپڻ نه ڇاپڻ سان ڪو فرق نه پوندو.

سڄي سنڌ شاهد آهي ته ابراهيم منشي غريب هو، غريب رهيو ۽ غربت ۾ اسان کان روانو ٿي و يو.

ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون،

سرنهن پيلا جهليندي گُل، انهن کيٽن ۾ ملنداسون.


 

 

منشي ابراھيم

ھڪ ارڏو شاعر

قاضي ڪليم الله سومرو

اسان جي هن سنڌ سونهاريءَ به ڪيترن ئي مٿير مردن کي جنم ڏنو آهي. ڪڏهن راءِ ڏياچ جهڙو سر جو سوداگر ڏنائين ته ڪڏهن ڏاهر جهڙو ڏهيسر. ڪڏهن دودي جهڙو دلير ته ڪڏهن وري همت رکندڙ هوشو ۽ هيمون جهڙا جرنيل ڏنائين. جتي هن ماڻهن جي روحاني پاڪيزگي لاءِ صوفي بزرگ شاعر جيئن شاهه لطيف سرڪار، سچل سرمست ۽ حمل فقير وغيره ڏنا، اتي وري عوامي شعور ۽ خودي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انقلابي شاعرن جو به هڪ اڻ کٽ سلسلو ڇڏيو آهي. جن ۾ منشي ابراهيم، شيخ اياز، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، حليم باغي ۽ حافظ محمد نظاماڻي وغيره اچي وڃن ٿا. هنن مان هر هڪ جو پنهنجو ميدان ۽ مقام آهي. پر منشي ابراهيم ان حوالي سان اڳڀرو آهي، جو کيس لطيف سرڪار جي تمام گهڻي شاعري نه رڳو بر زبان ياد هئي پر هو لطيف جي هر سر کي اصلي راڳ ۾ سريلي انداز سان ڳائي به ڄاڻندو هو. اهو ئي سبب آهي جو، سندس شاعري تي به لطيفي ٻولي جي گهري ڇاپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

منشي ابراهيم جي پهرئين انفراديت اها آهي ته هو نه رڳو شاعر هو پر گڏوگڏ هڪ بهترين راڳي پڻ هو. هو پنهنجي مٺڙي آواز سان ماروئڙن جي ڌڙڪندڙ دلين کي موهي ڇڏيندو هو. جلسن جلوسن يا محفلن ۾ کيس نمايان حيثيت حاصل هوندي هئي، ڄڻ ته منشي محفل جو مور هوندو هو. سنڌ جا اڪثر اديب، جڏهن جلسن جي ڊگهين ۽ خشڪ تقريرن مان بور ٿي پوندا هئا، تڏهن منشيءَ کي سوال ڪندا هئا ته؛ ’يار منشي! اڄ ڪو جوشيلو نظم ٻڌاءِ.‘ تڏهن منشي صاحب، موقعي سان انصاف ڪندي، نظم مٿان نظم پڙهي، محفل کي گرمائي ڇڏيندو هو ۽ سندس آواز سنڌ جي پولارن ۾ پکڙجي ويندو هو.

مرحوم منشيءَ جي ٻي انفراديت اها آهي ته کيس انقلابي ۽ قومي شاعر جو خطاب ڏنو ويو آهي. هن جي گهڻي شاعري انقلابي ۽ طبقاتي آهي. طبقاتي شاعري ۾ مظلوم جي محرومي بد، بدحالي اهڙي ڪارائتي نموني پيش ڪئي اٿس جو پڙهندڙ سان گڏ ٻڌندڙن جون به اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون جيئن چيو اٿس:

پورهيتن جو پگهريل پگهريل ڏيل ڏسي ٿو ڏيل ڏري،

ڪاسي وارو ماسي مان سو پورهيت پوري ڪيئن ڪري،

سارو مهينو سٺ روپيا هو انگ ڍڪي يا پيٽ ڀري،

ڳالهيون ڳڻيو ڳڀرن جون هو ڳڻتين ۾ پيو روز ڳري،

اي سنڌ امڙ جا سانگيئڙا هي سور ڀلا چئو چرندا ڪيسين،

ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾ ڪير ٻڌائي ٻرندا ڪيسين،

جوٽ مٿي هن جيجل جا هي ڳاڙها ڳوڙها ڳڙندا ڪيسين.

هن محبوبه جي ريشمي زلفن بجاءِ، سدائين اڻڀن وارن جي ڳالهه ڪئي. هن ڳاڙهن ڳلن بجاءِ تتل ڪاڙهن ۾ ڪڙهيل ميرن مهانڊن جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن ڏتڙيل انسانن کي پنهنجو سمجهي پيار ڏنو.

منشي مرحوم جي انفراديت اها آهي ته هن لفظن کان ڇيرن جو ۽ بيتن کان بارود جو ڪم ورتو:

مون بم ڀريا ڪئين بيتن ۾، تن گوريلن جي گيتن ۾،

هر بيت هي منهنجو گولي آ، ۽ گولي منهنجي ٻولي آ،

مون جنگ جبر سان جوٽي آ، هر ڳالهه ٻي مون وٽ لُولي آ،

تن بيتن ۾ بارود ڀري ڳايان جڳ جاڳايان.

سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ، هن جي زندگي جو سرمايو هو. پاڻ ان سرمائي جي سهاري، هر جابر ۽ آمر آڏو حق جو ڪلمو چيائين. ڏهيسرن سان وڙهندو رهيو. هن نه رڳو پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ آواز وسيلي اها جنگ ڪئي، پر عملي طرح به هارين جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ڪچهرين ۾ وڙهندو رهيو. ان سلسلي ۾ هن هڙان وڙان، هر نموني، مظلومن جي حمايت جاري رکي. جنهن سبب کيس ڪافي چوٽيون به چکڻيون پيون. پر انهن کي چپن جو چسڪو سمجهي، وڏي چاهه سان چمي ورتو. کيس پنهنجي جوانيءَ جا جوڀن ڏينهن، جيل جي کولين ۾ ڪاٽڻا پيا.

اک کلي تان اڳيان منهنجي ساڳيا کُٿا کوليون کيل،

ساڳيون صوبيدار سري کان ساجهر آيو آهي سويل،

ديهن جيڏيون ديوارون ۽ جڪڙيل پاتم اندر جيل،

منشي من ۾ مانڌ مچي وئي ڏسندي وانگين ساڳيان ويل،

ڪانجهي وٺندي ڪل پئي مون ڪيڏو ٺهندي ٺاهه ڏٺو.

سنڌ جي وڏيري جو منافقانه ۽ منفي ڪردار ته سڀ سڃاڻن بقول منشي جي:

خون ڪرائي وڏو وڏيرو سيٺ چوڌري رئيس هتي،

جهوپن وارن جهانگين لئه پاپي پوءِ پوليس هتي،

ڪنگالن تي ڪيس هتي ۽ پورهيتن سان پيس هتي،

چور ڇٽا چالان چڱا ۽ گگدامن تي گاريون ڙي.

مرحوم منشي پوري سنڌ جو سرمايو آهي پر جنهاڻ وارن لاءِ منشي مرحوم جهڙي قدآور شخصيت هڪ فخر جوڳي ڳالهه آهي. خاص طور تي جن اسان پارن سندس ڪچهرين کي ڏٺو ٻڌو ۽ پاٻوهه سان ڀريو تن لاءِ سندس سنگت هڪ انمول خزاني جيان هئي. توڙي جو منشي مرحوم، جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر سندس اصل وٿ يعني شاعري ۽ فڪري پورهيو، اسان لاءِ روشنيءَ جو هڪ مينار آهي. هن عظيم شخصيت جي فڪر ۽ فلسفي جي گهرائيءَ تائين پهچڻ، مون پارن اڌوگابرن لاءِ ممڪن ناهي، پر ”جي لوچين سي لهن“.

ڏيئي موت کي مات منشي مئاسون،

مگر نئين نسل کي اجاري وياسين.


 

ابراهيم ”منشي“

انقلابي شاعر - ورسيءَ جي مناسبت سان

عبدالمجيد ملاح

سنڌ ڌرتي جو انقلابي آواز، سنڌ تي ساهه ۽ پنهنجو ويساهه رکندڙ شاعر پنهنجي عوامي شاعري کي هڪ اعلى مقام ڏيندڙ محمد ابراهيم منشي سومرو جي اڄ  ۱۲ هين ورسي آهي. ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري پنهنجي ابدي آرام گاهه ڏانهن هميشه هميشه لاءِ هليو ويو. ابراهيم منشي جنهن کي سنڌ جو هر دوست سڃاڻي، هن کي ڪنهن مان ڏنو هجي يا نه ليڪن سندس شاعري جيڪا سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز آهي، جيڪا سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ نجات جو ذريعو بڻي، جنهن کي هر سنڌ جو باشعور طبقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ابراهيم منشي سنڌي ٻولي ۽  سنڌي شاعري ۾ جيڪو عوامي رنگ رکي مرتبو ماڻيو، انهي جي خوشبو سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو هو. منشي ابراهيم نه جاگيردار هو نه ئي وري سرمائيدار، واپاري هو. هو غريبي حالت جو ستايل انسان هو. انهي جي اندر ۾  ويٺل انسان جنهن ۾ انسانيت لاءِ ڪيترا ئي درد سمايل هئا، ڪهڙي طرح هن ظاهر ڪيا، سندس شعر جا هي بند.

هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾ ناهي ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾

چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار ٻيا سڀئي مسڪين تنهن جي ڳوٺ ۾.

ابراهيم منشي جي انهن سٽن ۾ اونهائي گهرائپ جو عظيم مثال ۽ پيغام سمايل آهي، جيڪو ترجماني ڪري ٿو مظلوم ماڻهن جي، سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ انسانيت  سوز واقعا جيڪي اڪثر جاگيردار ۽ وڏيرن جي هٿان روز مرهه جو معمول بڻجندا آهن. اهي پنهنجي اکين سان ڏسي، پنهنجي دماغي ڪمپيوٽر ۽ دل جي اندر سانڍي رکندو هو، پنهنجي منشي گيري واري ڪم کان پوءِ هو مظلوم ماڻهن جي منشي گيري ڪندي شاعري کي قلم بند ڪندو هو. اها حقيقت آهي ته پورهيت ٻارڙن جا ٻار سردي توڙي گرمي ۾ پٺن اگهاڙا هوندا آهن، انهن ٻارڙن کي پنهنجي سردي گرمي جي خبر به نه هوندي آهي. جيڪڏهن هوندي به هجي ته انهي جي پيٽ گذر جي پورت ئي مس ٿيندي هوندي، جنهن وٽ  نوان ڪپڙا وٺڻ پائڻ جو تصور به نٿو ٿئي. سنڌ ڌرتي جي انهي مظلوم ماڻهو جو ڪو به اوهي واهي نه هوندو آهي. سندس شاعري انهن کي گڏ ڪرڻ، متحده ڪرڻ ايڪو ٻڌي جو سڏ ڏيڻ لاءِ سندس شاعري جا  هي بند پڙهڻ سان جذبو پئدا ٿئي ٿو.

متفق ٿي مسڪين اچو ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي

ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي وير پراڻا واريون ڙي

ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سچ، حق گو جا ٻول ملندا، جنهن ۾ مظلوم پورهيتن جي ترجماني هوندي، جڏهن ته ظالم ماڻهن جي لاءِ ڪرڀ هوندي آهي ۽ مظلوم ماڻهن ۾ پنهنجي حقن سڃاڻي وٺڻ لاءِ حوصلو ڏيندي آهي. محمد ابراهيم سومرو منشي پنهنجي سڄي حياتي مظلوم سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي هو شاعري وسيلي توڙي عملي طور تي سچو ۽ مخلص رهيو، سڀني سياسي بازيگرن جي ويجهو رهي. انهن کي ڏٺو ته سنڌ سان ڪير سچو آهي. ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻهن کي جياپي جو ڏس ۽ ڏانءُ ملندو هو، سندس مشهور شعر:

جنگ جنگ جنگ آ تو سان منهنجي جنگ آ

پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ

شاعري ۾ عوامي رنگ سندس عظيم استاد مولانا حاجي احمد ملاح کان مليو ۽ صحيح اسلامي عقيده جي پرچار ڪرڻ ۽ جهالت خلاف جنگ جوٽڻ اها وڏي ڳالهه هئي. ابراهيم منشي انهن ملن، ڀوپن خلاف وڏو شعور عام ماڻهن کي ڏنو.

هو هڪ اهڙي دؤر جو شاهد هو، جڏهن سنڌ جون واهڻ وستيون انقلاب جي آبياريءَ لاءِ آتيون هيون، سندس شاعري ماڻهن کي سياسي، سماجي توڙي قومي شعور لاءِ بيدار ڪندي هُئي. نه رُڳو ايترو پر اِهو سندس توڙي سندس دؤر جي شاعرن جو ڪمال هو جو سنڌ جي هر اُهيءَ گهر ۾ قومي گيت گونجندا هُئا، جتي پهريان بازاري ۽ ڪيسٽي شاعريءَ جي ڌُم متل هوندي هُئي. منشيءَ جهڙا ماڻهو پنهنجي قوم لاءِ وڏو ويساهه هوندا آهن، اُهي ڌن ڌولت بجاءِ ڌرتيءَ توڙي پنهنجن ماڻهن جو قُرب ميڙيندا آهن ۽ اِهو قُرب کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ بي حساب مليو.

اسان پنهنجي اهڙن عظيم شاعرن کي ٻيو ڪجهه به ڏئي نٿا سگهون ليڪن اهو ضرور ڏسون ته اهي ماڻهو ڪنهن لاءِ وڙهيا. اڄ اسان پاڻ ۾ اهو حق، سچ جو پاند جهليو آهي. ابراهيم منشي پنهنجو ننڍپڻ يتيمي ۾ گذاريو، جواني جيلن ۾، آخري ڏينهن انهن سياسي ماڻهن سان گڏ رهي، جدوجهد ڪئي، جڏهن سرزمين سنڌ تي ڌاريا ڪاهي آيا هئا، جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو هو. اڄ اهڙي عظيم شاعر جي ٻارهين ورسي آهي. هي ڀيٽا سندس ياد ۾ ڏئي پنهنجي حق سچ جي ساٿ جو ثبوت پيش ٿا ڪريون.


 

ابراهيم منشي

قومي ۽ عوامي شاعر

مير نادر علي ابڙو

اڄ اهڙي شخصيت تي لکي رهيو آهيان، جيڪا ڪنهن به طرح سان تعارف جي محتاج نه آهي. ابراهيم منشي تي لکڻ ڪٿان کان شروع ڪجي. ڪٿي ختم ڪجي. آئون منجهي پيو آهيان، هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظ به ڪو نه ٿا ملن ته منشي جهڙي سنڌ جي وڏي قدآور شاعر تي ڪيئن شروعات ڪريان.

منشي سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۸ع ڌاران ٿي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ سندس وائيٽ هائوس بنگلي تي آيو ۽ مان به ان ڏينهن تي ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ آيو هئس. اتفاق سان رش هئڻ سبب، منشيءَ جي ڀرسان جاءِ خالي هئڻ ڪري، ساڻس ڀرسان ويهي رهيس. ڀرسان ويهڻ شرط پڇيائين ته؛ ’ابا ڪير مڙس آهين؟‘

ٻڌايو مانس ته؛ ’ابڙو آهيان.‘

وڌيڪ پڇيائين؛ ’ڪهڙن ابڙن منجهان آهين؟‘

مون پڇيس ته؛ ’اوهان ڪهڙن کي ٿا سڃاڻو؟‘

ٻڌايائين ته؛ ’جمال ابڙو‘.

مون چيو ته؛ ’مان تاج محمد ابڙي جو فرزند آهيان.‘

انهيءَ تي يڪدم اٿي بيهي چيائين ته؛ ’ڀاڪر پاءِ!‘

مان اٿي ساڻس مليس ته وڌيڪ چيائين ته ’تون ته اسان جي محسن جو شهزادو آهين.‘

پوءِ هڪ پنهنجو واقعو ٻڌايائين ته؛ “مون تي مارشلا جي دؤر ۾ هڪ ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو هو. تنهنجو والد تڏهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو هو. جڏهن مون کي سندس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس روبرو آيس ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي رڙ ڪري چيو ته؛ منشي توهان! ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پوليس کي چيو ته؛ هن کي منهنجي چيمبر ۾ وٺي اچو. جڏهن مان سندس چيمبر ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ ويس ته ڀاڪر پائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي آڌر ڀاءُ ڪندي چيائين ته. ’منشي! هاڻي ڀلا ڪو ماڻهو ضامن، ٿورن پيسن ۾ هاڻي جو هاڻي هٿ ڪري سگهندين.‘ چيم؛ ’ها سائين ٿي ويندو.‘ چيائين ته؛ ’پوءِ وارو ڪر ته هاڻي ٿو ضمانت ڏيانءِ!‘ مون چيو ته؛ ’ڪامريڊ! تون ٻچڙيوال آهين، خبر اٿئي ته مون تي مارشلا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.‘ ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته؛ ’تو کي هاڻي جو هاڻي ضمانت تي آزاد ڪندس. باقي منهنجي نوڪري چڙهي آڱوٺي تي.‘ سو مان انهي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيس.“

اهي لفظ چئي منشي وڏو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو.

ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي، ٽنڊو محمد خان ويجهو، ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ اک کولي. سندس والد محمد اسحاق، کيس ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. منشي چوٿين درجي ۾ هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن ڪري هو اڳتي پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. ۱۹۴۹ع ڌاران هن رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس والد به مولود لکندو هو. ۱۹۷۰ع ڌاران اليڪشن ۾ جلسن اندر شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. تنهن ڪري ئي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪافي ويجهو رهيو.

جيئن ته منشي غريب طبقي سان واسطو رکندڙ هو، ۱۹۶۰ع ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٽ بطور منشي ٿي بيٺو، تنهن ڪري ئي مٿس منشي نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو.

منشي ابراهيم جي شاعري ۱۹۶۵ع کان باقاعده منظر عام تي آئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. سندس شاعريءَ جا ۵ مجموعا پڻ ڇپيا. منشي قومپرست پارٽين ۾ شاعري جي حوالي سان جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام ئي گهڻو سياسي طرح سان مشهور ٿيو.

شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين جيل جي ياترا به ڪرڻي پيس ۽ پوءِ به ۳ دفعا جيل ۾ رهي آيو. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سندس واسطو ممتاز علي ڀٽو سان رهيو. ڪافي وقت ان سان گڏ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ ڪم ڪيائين. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان ويجهو رهيو. جيڪو سلسلو زندگي جي آخر تائين جاري رهيو. توڙي سندس سياسي وابستگي ڪافي سياسي پارٽين سان رهي پر سندس شاعريءَ جو محور فقط ۽ فقط سنڌ ڌرتي ئي رهيو.

ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو، پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن سان، بغير ڪنهن لالچ جي رهيو. جيڪي هن جي دلي طرح عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان، سندس محبت ۾ جڙيل رهيا.

مان ۱۹۹۳ع ۾ بيروزگار هئس. اوچتو ابراهيم منشي سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي وئي. پڇيائين ته؛ نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين. مون چيو ته؛ روزگار جي ڳولا پيو ڪريان. اهو ٻڌندي ئي چيائين ته؛ مير منور علي ٽالپر، ايڪسائيز جو وزير، منهنجو دوست آهي. جنهن مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو. سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين. اها نوڪري مان توکي ٿو وٺرائي ڏيان. منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان. اهو ٻڌي مون الاهي ته ڪيئن منٿون ايلازون ڪري ابراهيم منشي کان معافي وٺي جند ڇڏائي. ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس. اها هئي هن جي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوست جي قبر کي عزت ڏيڻ.

هو زندگيءَ جي آخر ۾ دل جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو. ۲۰۰۱ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ هو ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ٿيو. جتي مان ساڻس مزاج پرسي لاءِ عيادت ڪرڻ ويس ۽ مونکي ڏسي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ خوشيءَ مان ڀاڪر پائي، وڏي گرم جوشي ۽ محبت منجهان مليو ۽ چيائين ته؛ ’نادر بابا! ٻن ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ بستر مرگ تي آهيان، پر ڪوئي به لڙي پڇڻ به ڪو نه آيو آهي.‘ اها ڳالهه ڪري اکيون آليون ڪري ويٺو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن، ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذريا. سندس دل جا ٽي وال بند هئا. ڪافي دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿيو. مالي وسيلا نه هجڻ سبب، سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگهيو. بار بار اپيلن باوجود، سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار هي موتين جهڙو سنڌ جو عظيم ڀلوڙ شاعر، ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي، دل بيهڻ سبب، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

ابراهيم منشي سومرو ڪير سڏائي. منشي جهڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندن خال واقعي به ڀرڻ مشڪل آهي.

 

(خبرون، تعمير سنڌ، فيصلو، عبرت، سڪار، سنڌو، مهراڻ، سنڌ، هلال  پاڪستان، سوڀ، مقدمو، عوامي آواز، هلچل، سنڌو ڊائجسٽ)


 

ابراهيم منشي

سنڌ سان جند جوڙيندڙ قومي شاعر

فقير محمد سنڌي

ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ديني عالم، شاعر ۽مولوي محمد اسحاق سومرو جي گهر جنم ورتو.. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ ۱۹۴۵ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ گھرجو سڄو وزن ابراهيم منشي تي پيو جنهن جي ڪري ابراهيم منشي پنهنجي دل واري تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، نيٺ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري سان لڳي ويو. ابراهيم منشي جي اندر وڏي آنڌ مانڌ هئي قومي درد جي، جنهن کي هن عوامي ذهنن تائين رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ان مرحلي ۾ ابراهيم منشي گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيو.

زندگي جي ڏکين حالتن کي ڏسي ۱۹۴۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. ابراهيم منشيءَ تي پنهنجي والد جو اثر هو، جنهن ڪري شاعري وسيلي قوم کي بيدار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. ۱۹۶۰ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو.. ۶۶- ۱۹۶۵ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ ۱۹۷۰ع۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ ۱۹۷۱ع، ۾ ڇپيو.

ابراهيم منشي قومي شاعريءَ جي عيوض ۱۹۷۲ع تي جيل ويو، اهڙي طرح ۱۹۷۳ع ۾ وري جيل ياترا ڪري موٽيو. ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جو آواز ٿي اڀري، انهيءَ اڀرندڙ ڏوهه ۾۱۹۷۴ع تي جيل جو منهن ڏسڻو پيس. ابراهيم منشي جو جيل وڃڻ وارو سلسلو بند ئي نه پئي ٿيو، قومي شاعري ۽ جيل ابراهيم منشي جي جذبن کي اڃا بلند پرواز ڏني، ۱۹۷۵ع تي وري جيل جي سلامي لاءِ پيش پيو.

ابراهيم منشي جي شاعري قومي جذبي سان سر شار رهي جنهن جي ڪري بار بار منشي جيل جي سلامي پئي ڏني.

تون ڪالهه به هوئين ارغونن سان ترخانن سان غدارن سان،

مون ڪالهه به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان.

هلچل ۽سجاڳي ابراهيم جي نس نس ۾شامل هئي، سڀاڻي جي الڪي منشي کي ڪٿي ويھڻ ڪونه ٿي ڏنو، مارشلا جي دور ۾ ابراهيم منشيءَ جي شاعري وڏي خاصي حلقي ۾ مشهور ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ابراهيم منشي کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو.

۱۹۸۵ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. ۱۹۹۱ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ ۱۹۹۵ع۾ ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو، هن عوامي ۽ انقلابي شاعر ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي اسپتال ۾ سڀ ارڏايون ڇڏي هميشه لاءِ اکيون بند ڪيون ۽مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو.


 

ابراهيم مُنشي

سنڌي ٻولي جو عوامي، انقلابي، مزاحمتي ۽ قومي شاعر

سنڌ جو ناميارو قومي، عوامي، انقلابي، مزاحمتي شاعر منشي محمد ابراهيم سومرو ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق  سومرو هو، جيڪو ڪۡڙمي هو، غربت جي حالت ۾ به هن پنهنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي مۡلان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. مۡنشيءّ اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ ۱۹۴۵ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گۡذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي،هن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي ۱۹۴۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو به ڪافي اثر هو، ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون، شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو، هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. ۱۹۶۰ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو، ۶۶- ۱۹۶۵ع ۾ ماهوار  رۡوح رهاڻ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ” پيغام مظلوم “ (۱۹۷۰ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’ وڳهه جا وريام‘ ( ۱۹۷۱ع ) ۾ ڇپيو. ۱۹۸۵ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’ گوندر ويندا گذري ‘ ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. ۱۹۹۱ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ (۱۹۹۵ع) ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو. هي عوامي ۽ انقلابي شاعر ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي هي جهان ڇڏي ويو.

۱۹ جولاءِ ۱۹۷۴ع

منهنجا رهبر اعظم سائين جي ايم سيد!

جيئي سنڌ...!

جناب اعليٰ! آ اوهان کي ڇا لکي ٻڌايان، مون وٽ اهڙا الفاظ ڪونه آهن. بهرحال مختصر: جڏهن کان مون کي ڪجهه سُڌ ٻُڌ پيئي ۽ مون اوهان جو لٽريچر پڙهيو، ان کان پوءِ هڪ رات ٻارهين بجي جو ارباب نور محمد پليجي جي اوطاق تي اوهان جو هڪ پيغام پڙهيم، جنهن ۾ پاڪستان جي باري ۾ ڪجهه لکيل هو ۽ مون ان کان متاثر ٿي، دل ۾ واعدو ڪيو ته ڪنهن به وقت قائد اعظم کان قائد عوام تائين اها ڳالهه سرعام ضرور چوندس، جيڪو واعدو ڄاڻي ٻجهي پورو ڪيم ۽ ان جي سزا آءُٗ ڀوڳي رهيو آهيان، ليڪن مون کي ان لاءِ ڏک نه آهي.

سائين منهنجا! منهنجي زندگي ۾ تنهنجي نظريات ۽ سچائي جو ايترو دخل آهي، جو آءُٗ سنڌ مٽيءَ جو قسم کڻي چوام ٿو ته منهنجو پيءُ به تون، منهنجو رهبر به تون، منهنجو سڀ ڪجهه تون آهين ۽ هن کان اڳ منهنجا ڪافي ماڻهن سان واسطا رهيا هئا، ليڪن وقت جي تقاضا مون کي سڀ ڪجهه ڏيکاري ۽ سيکاري ڇڏيو.

مون پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري، جنهن به ماڻهوءَ منهنجي اڳيان سنڌ جي ڳالهه ٿي ڪئي، ان کي پنهنجو سمجهيو ٿي، اها منهنجي غلطي چئجي يا اڻ ڄاڻائي، ان لاءِ وڌيڪ چئي نه ٿو سگهجي.

مون پنهنجي ٻال ڀولائيءَ ڪري، هميشه ائين سمجهيو هو ته جيڪو گروهه اختلافِ راءِ رکي ٿو، اهو اسان سان هڪ ڏينهن هڪ ٿي ويندو ۽ سڀ سنڌ جي ڪاز سان سچا آهن، ليڪن تجربن مون تي جيڪو ڪجهه واضع ڪيو آهي، ان حالت ۾ منهنجي ايمان، ذهن، ضمير ۽ سوچ ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي آهي ۽ وڌيڪ سچ ۽ ڪوڙَ جا طبقا منهنجي اڳيان روشن ٿي ويا آهن. لکان ته جيڪر تمام گهڻو لکي سگهان ٿو. ليڪن خط پهچڻ لاءِ يقين گهٽ اٿم. تنهنڪري وڌيڪ واضح نه ٿو ڪري سگهان.

فقط اوهان جي پير جي پڻي،

منشي محمد ابراهيم سومرو

(سنڌ جي انقلابي شاعر ابراهيم منشيءَ جو سائين جي ايم سيد ڏي ۱۹ جولاء ۱۹۷۴ع تي لکيل هڪ خط)

(اڄ ۱۵ جنوري سندس جنم ڏڻ آھي. سموري سنڌي قوم ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي مۡبارڪ!!)


 

ابراهيم منشي

اعظم ڀٽي- ٽنڊو محمد خان

سنڌ جي قومي، عوامي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر ابراهيم منشيءَ جي ۸۷ هين سالگرهه

ابراهيم منشي سنڌ جو عاشق،  مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر ۽ ڌرتيءّ جو ارڏو پۡٽ هو، هو سنڌ جي مزاحمتي شاعرن جو سرواڻي واري صف ۾ بيٺل هو، هن مزاحمتي ۽ انقلابي حوالي سان جيڪا شاعري ڪئي، تنهن سنڌ جي ساڃاهه ۾ نئون رۡوح ڦۡوڪيو هو، منشي جي شاعري، فن ۽ شخصيت تي تحقيق ڪرڻ گهرجي، اهڙو اظهار سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن ڊاڪٽر انور عالماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي، پير بخش جماري، نوشاد ڀٽي، صحافي غلام نبي ڪيريو، عبدالرشيد سومري، ابراهيم منشيءَ جي فرزند طارق منشيءَ  ۽ ٻين منشيءَ هائوس جنهاڻ سومرو، ٽنڊو محمد خان ۾ ابراهيم منشيءَ جي ۸۷ هين سالگرهه جي  تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ناليواري اديب ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر انور عالماڻي چيو ته ابراهيم منشيءَ ڏات ڌڻي هو، سندس شاعري سنڌ جي مظلوم عوام جي دردن جي عڪاسي ڪندڙ شاعري آهي، منشي وقت جي حاڪمن سامهون به سچ ڳالهايو، وڏيرڪي ڪردار کي اڏوهي سمجهندي انکي للڪاريو، جنهن سبب کيس عقوبتون به سهڻيون پيون پر هن پنهنجن اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، سالگره تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي اعلان ڪيو ته هن سال ۲۰۲۱ کي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ابراهيم منشيءَ جي نالي سان ملهايو ويندو، هن چيو ته ابراهيم منشيءَ سنڌ جي پيرين اگهاڙن، مظلومن، مسڪينن ۽ سماج جي ڏتڙيل انسانن جو ترجمان شاعر هو، سندس شاعري ۾ سنڌ جو درد سمايل آهي، هو مزاحمتي شاعري جو شاهڪار ڪردار هو، هن جنهاڻ سومرو ۾ ابراهيم منشيءَ لائيبريري جي قيام لاء هر ممڪن ساٿ جو يقين ڏياريو ۽ ابراهيم منشيءَ جي ماڳ جنهاڻ سومرو ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني، پير بخش جماري چيو ته منشي ايم آرڊي ۽ ون يونٽ جي تحريڪن م پاڻ ملهايو هو، فقير منش انسان ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو، نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي  چيو ته منشي حاجي احمد ملاح جو تسلسل هو، منشيءَ هڪ ڪردار آهي جيڪو مرڻو ناهي، ڇو ته فرد مرندا آهن پر ڪردار مرندا ناهن، نوشاد ڀٽي چيو ته  منشي مزاحمت جو نمونو ۽ سنڌ جو حقيقي عاشق هو، صحافي غلام نبي ڪيريي چيو ته منشي ابراهيم هڪ بااصول انسان ۽ اڏول شاعر هو، تقريب کي خطاب ڪندي منشي جي فرزند طارق ابراهيم منشيءَ چيو ته منشي شاگردن، هارين، پورهيتن جو وطن پرست شاعر آهي، جنهن مسڪيني باوجود آمرن سان مهاڏو اٽڪايو پر ڪڏهن به نه وڪيو نه ئي جهڪيو، سالگرهه تقريب ۾ سينيئر صحافي عبدالرشيد سومري، غلام محمد آزاد، اسماعيل سومري ۽ ٻين پڻ  خطاب ڪيو، جڏهن ته  فقير قادر بخش، اياز منشيءَ، حفيظ ڀان، رشيد سومري منشيءَ جي قومي، انقلابي ۽ مزاحمتي قومي شاعري جۡهونگاري، ان کان اڳ سمورن اڳواڻن گڏجي ابراهيم منشيءَ جي ۸۷ هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جڏهن ته  ابراهيم منشيءَ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون به چاڙهي فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.


ابراهيم مُنشي

سِنڌ سان جند جوڙيندڙ قومي شاعر

فقير محمد سنڌي

سنڌ ڌرتي جيڪي به انمول هيرا پيدا ڪيا آهن، تن ۾ ابراهيم منشي پڻ هڪ آهي، جنهن جي تازو ئي سالگرهه ملهائي وئي، ۽ کيس مُحبتن ڀريون ڀيٽائون پيش ڪيون ويون. ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ديني عالم، شاعر ۽ مولوي محمد اسحاق سومرو جي گهر جنم ورتو. هُو اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ ۱۹۴۵ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو، اُن کانپوءِ گھر جو سَڄو وزن ابراهيم منشي تي پيو، جنهن جي ڪري ابراهيم منشي پنهنجي دل واري تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، نيٺ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري سان لڳي ويو. ابراهيم منشي جي اندر وڏي آنڌ مانڌ هئي قومي درد جي، جنهن کي هُن عوامي ذهنن تائين رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ اُن مرحلي ۾ ابراهيم منشي گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيو. زندگيءَ جي ڏکين حالتن کي ڏسي ۱۹۴۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. ابراهيم منشيءَ تي پنهنجي والد جو اثر هو، جنهن ڪري شاعري وسيلي قوم کي بيدار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هُو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو، ۱۹۶۰ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. ۶۶-۱۹۶۵ع ۾ ماهوار “روح رهاڻ” ۾ سندس شاعري ڇپي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو “پيغام مظلوم” ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو “وڳهه جا وريام” ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو. ابراهيم منشي قومي شاعريءَ جي عيوض ۱۹۷۲ع تي جيل ويو، اهڙي طرح ۱۹۷۳ع ۾ وري جيل ياترا ڪري موٽيو. ابراهيم منشي جي شاعري سنڌ جو آواز ٿي اُڀري، انهيءَ اُڀرندڙ ڏوهه ۾ کيس ۱۹۷۴ع تي جيل جو سختيءَ سان منهن ڏسڻو پيو. ابراهيم منشي جو جيل وڃڻ وارو سلسلو بند ئي نه پئي ٿيو، قومي شاعري ۽ جيل ابراهيم منشي جي جذبن کي اڃا بُلند پرواز ڏني، ۱۹۷۵ع تي وري جيل جي سلامي لاءِ پيش پيو. ابراهيم منشي جي شاعري قومي جذبي سان سرشار رهي، جنهن جي ڪري بار بار منشي جيل جي سلامي پئي ڏني.

تون ڪالهه به هُئين ارغونن سان، ترخانن سان، غدارن سان،

مون ڪالهه به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان!

هلچل ۽ سُجاڳي ابراهيم منشي جي نس نس ۾ شامل هئي، سڀاڻي جي اُلڪي منشي کي ڪٿي ويھڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. مارشلا جي دور ۾ ابراهيم منشي جي شاعري وڏي خاصي حُلقي ۾ مشهور ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ۱۹۸۳ع تي ابراهيم منشي کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو. ۱۹۸۵ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو “گوندر ويندا گذري” ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. ۱۹۹۱ع ۾ سندس چوٿون مجموعو “ڌرتي، دين، ڌرم” شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو “ڌوئنري ڏينهن ڌاڙا” ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو “اکر اکر اک” روشني پبليڪيشن پاران ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو. هِن عوامي ۽ انقلابي شاعر ابراهيم منشي ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي اسپتال ۾ سڀ ارڏايون ڇڏي هميشه لاءِ اکيون بند ڪيون ۽ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو، ۽ پوءِ هو سراپا سنڌ بڻجي ويو. ابراهيم منشي اُهو شاعر ۽ مزاحمتي ڪردار آهي، جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو!

 

(ڏھاڙي عدالت لاڙڪاڻو ۾ ۱۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ۽ ڏھاڙي ڪوشش ۾ ۲۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ابراهيم منشي

انقلاب جو آواز

ساجد چانڊيو

سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ابراهيم منشي به هڪ اهڙو مزاحمتي شاعر هو. جنهن پنهنجي ڌرتي تي تبديليءَ جي چاهنا رکي پنهنجي ڌرتيءَ کي عبادت جو مرڪز بڻائڻ چاهيو، ڌرتي وارن لاءِ حوصلي، همت، سرت ساڃاهه، جرئت ۽  ۽ جدوجهد جو سبب بڻيو رهيو، ابراهيم منشي، سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو ته جرئتمند شاعر ليکجي ٿو جنهن اول به سنڌ ۽ آخر به سنڌ جو نعرو بلند ڪيو:

جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي تو سان جنگ آ.

پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ.

(منشي)

شاعر لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته هو پنهنجو نظريه حيات قائم ڪري، ۽ انهيءَ نظريي تي آخر تائين ثابت قدم رهي. ابراهيم منشيءَ جي زندگيءَ جو مقام سندس شاعريءَ ۾ سڌيءَ ريت  ظاهر آهي. هو ڏوٿي ماڻهن جو همدرد، وڏيري ۽ سرمائيدار جو چٽو دشمن نظر ايندو. مارو ماڻهن سان سندس همدرديون کيس وڌيڪ قد آور ڪري ڇڏين ٿيون. ديس جي آجپي واري جذبي، سندس شاعري کي عام ماڻهن ۾ مقبول ڪري ورتو.

ورو ورو وارثو! ولهي جا وارث

هڻي پئي هانَوَ ۾، اوهان جي آرس

جي پاڻ ٿيو پارس، ته سون سموري سنڌڙي

(منشي)

 ابراهيم منشيءَ جي شاعري سنڌي قوم لاءِ اتهاس جي اهميت رکي ٿي. هو عام ماڻهن جي آواز هو، هونئن به تاريخي ماڻهو ڪڏهن به ناهن وسرڻا. منشيءَ جهڙي جرئتمند شاعر کي ايترو جلد  ڪيئن  ٿو وساري سگهجي! جيڪو سڄي عمر قوم کي ويساهه ڏيندو رهي. تنهن کي وسارڻ جهڙي ويساهه گهاتي ناممڪن آهي. ڪالهه ابراهيم منشيءَ جي اٺين ورسيءَ (ياد) جو ڏينهن هو، سندس شاعري ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائي کيس ياد ڪيو وڃي:

ونيءَ وانگر ٻنيءَ  ٻک

رت ولوڙي راتو ڏينهان

پوءِ به هاري بک جو بک

(منشي)

 ابراهيم منشي جهڙن اتساهيندڙ ڪردارن کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ جي ضرورت آهي. جيئن سندن شاعريءَ  جو خواب تعبير ماڻي سگهي، سندس شخصيت جا سڀئي پهلو اڳيان آڻڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو سندس حياتيءَ کي مشعل راهه بڻائي اڳتي وکون وجهن.

ڪيڏي  آهي ڪوڪ، ويڙيچن ولهار ۾،

بيگانا، بي ڪفنا، مرن روز ملوڪ،

سانگين ساڻ سلوڪ؛ ڦاهيون، ڦاسيون، ڦٽڪا

(منشي)

ابراهيم منشي جڏهن پنهنجو گيت ترنم سان پڙهندو هو ته محفل ۾ ويٺل، سندس ترنم ۾ گم ٿي ويندا هئا.

هڪ مند چري  آهي، ٻي جا رات ٺري آهي

ههڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي

(منشي)

سندس ترنم ۾ چيل شاعري ماڻهن کي بي قرار ڪري وجهندي هئي، ابراهيم منشي جي شاعري موجوده سنڌ جو چٽو عڪس آهي. عام ۽ سادي سلوڻيءَ ۾ رچيل سندس ڪويتائون عمل جي راهه ۾ رهنمائي ڪندڙ آهن. منشي وقت جي نبض تي هٿ رکي لکيو. ڳايو، ۽ جدوجهد ڪئي، جيلن جون صعوبتون سٺيون، پر پوءِ به حوصله مند رهيو؛

هاري تنهنجا هٿ، چمان ڪهڙي چپ سان،

تون ئي اها وٿ، جنهن ۾ ساهه سنسار جو

(منشي)

 ابراهيم منشي پنهنجي فڪر، فهم پيغام ۽ مزاحمتي روپ جي ڪري سموري سنڌ ۾ مقبول آهي. سندس شاعري؛

·       چيٽ ۾ چئي ويو ايندس مان،

·       جنگ جنگ جنگ آ،

·       مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڪي ڌارين  سان گڏ ڌاڙي ۾.

۽ ان کان علاوه ٻي ڪيتري ئي شاعري، مختلف فنڪارن ذريعي ڳلي ڳلي پهچي پنهنجي اهميت وڌائيندي رهي ٿي.

 

 

(تاريخ ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۱ع تي ابراهيم منشي جي اٺين ورسي هئي)


 

ابراهيم منشي

۳۱ جولاءِ ورسيءَ جو ڏينهن

حسن پٺاڻ

سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم سومرو، ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو، جيڪو ڪڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ بہ هن پنهنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو تہ مارچ ۱۹۴۵ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي.

هنن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، هن ۱۹۴۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود بہ چوندو هو، مٿس ان جو بہ ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون.

شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. ۱۹۶۰ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. . ۶۶- ۱۹۶۵ع ۾ ماهوار ’'روح رهاڻ'‘۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (۱۹۷۰ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو '’وڳھ جا وريام'‘(۱۹۷۱ع) ۾ ڇپيو. ۱۹۸۵ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو '’گوندر ويندا گذري'‘ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. ۱۹۹۱ع ۾ سندس چوٿون مجموعو '’ڌرتي، دين، ڌرم‘' شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’'ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا'‘(۱۹۹۵ع) ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران ۲۰۰۶ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي عوامي ۽ انقلابي شاعر ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي هي جهان ڇڏي ويو.

 

(حسن پٺاڻ جي فيسبڪ ٽائم وال تان ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

 



ابراهيم مُنشي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

سنڌ جو ناميارو قومي، عوامي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، موجوده تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق سومرو هو، جيڪو ڪڙمي هو. غربت جي حالت ۾ به هن پنھنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. منشيءّ اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ ۱۹۴۵ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، انڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. هن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، ۱۹۴۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ محمد اسحاق سومرو پڻ مولود جو ڀلوڙ شاعر هو. منشيءّ تي ان جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيايائين. شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. ۱۹۶۰ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. ۶۶- ۱۹۶۵ع ۾ ماهوار "روح رهاڻ" ۾ سندس شاعري ڇپي. منشي ابراهيم ۱۹۷۲ ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شاعري پڙهي جنهنڪري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي ڇهه مهينا ٽيپ ۽ پنج هزار روپيه ڏنڊ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿارڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن ۱۹۷۳ع ۾ هڪ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي، جنهن سبب کيس ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ ۱۹۷۴ع ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا ڏهه مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ ۱۹۷۵ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف ۱۹۸۳ع واري ايم آر ڊي هلچل ۾ ڀرپور حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به تمام گهڻو وقت گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز علي ڀۡٽي ۽ ڄام صادق علي جي ويجهو رهيو. منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعري کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ جو ڏانءۡ کيس سهڻي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ گائيڪي واري انداز ۾ ڳائيندو هو. کيس شاهه لطيف جي شاعري به گهڻي برزبان ياد هئي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. ابراهيم منشي سنڌ جي انهن شاعرن منجهان آهي جنهن کي لاڙ جي پاسي مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري کان وٺي اُفق ۽ آسمان تائين جنهن شيءِ جا جيترا نالا آهن، اهي کيس نه رڳو معلوم هيا پر انهن سمورن نالن ۽ شين کي پنهنجي شعرن ۾ سرجيائين. هن محبوبا جي ريشمي زلفن بجاءِ، سدائين اڻڀن وارن جي ڳالهه ڪئي. هن ڳاڙهن ڳلن بجاءِ تتل ڪاڙهن ۾ ڪڙهيل ميرن مهانڊن جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن ڏتڙيل انسانن کي پنهنجو سمجهي پيار ڏنو. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (۱۹۷۰ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو "وڳهه جا وريام" (۱۹۷۱ع) ۾ ڇپيو. ۱۹۸۵ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو "گوندر ويندا گذري" ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. ۱۹۹۱ع ۾ سندس چوٿون مجموعو "ڌرتي دين ڌرم" شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو "ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا" (۱۹۹۵ع) ڇپيو. ڇهون مجموعو ”اکر اکر کي اک“ روشني پبلڪيشن پاران ۲۰۰۶ع ۾ ۽ ستون مجموعو ”ڇپر ڇمر ڇانورو“ ڇپجي چڪا آهن. هن عوامي ۽ انقلابي شاعر ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي وفات ڪئي. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر قربان چني وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ابراهيم منشي جي نالي سان سندس ڳوٺ جنهاڻ سومري ۾ لائبريري قائم ڪئي وئي پر ان تي بااثر ڌۡرين پاران قبضو ڪيو ويو. تازو ۲۰۲۴ع ۾ نگران حڪومت ٽنڊي محمد خان جي گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول کي ابراهيم منشي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ابراهيم منشي جي شاعري، فن، فڪر، ٻولي، سندس شخصيت سميت سندس شاعري جي مختلف پهلوئن ۽ موضوعن تي تحقيق جي گهڻي ضرورت آهي. (ا.ڀ)

ابراهيم منشي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

نظم

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

چيم سچ، سوريءَ سزاوار آھيان.

مان پورهيت پنوهارن کي پچندي ڏسان ٿو،

مان مارۡن مٿي مچ مچندي ڏسان ٿو،

بگھاڙن کان تن کي نـ بچندي ڏسان ٿو،

نشي ۾ نگهبان نچندي ڏسان ٿو،

جلان ٿو پچان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

ڪري مان چڪو پاڻ اقرار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

جڏهن انگ اگھاڙا اباڻا ڏسان ٿو،

وطن منجه وانگي ويڳاڻا ڏسان ٿو،

ڏکن ۾ ڏريل ڏاڏاڻا ڏسان ٿو،

سنڌ سڄيءَ جا سَنڌ ساڻا ڏسان ٿو،

مان لنئونءَ لنئونءَ لڇان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

حقيقت ۾ ڦاسيءَ جو حقدار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

مان مورن ملوڪن کي مرندي ڏسان ٿو،

مان ڪنگن ۽ ڪانگن کي ڪڏندي ڏسان ٿو،

مان ڌارين کان ڌرتيءَ کي ڌڏندي ڏسان ٿو،

مان ٻيڙي ڪا منجهـ ٻار ٻڏندي ڏسان ٿو،

سڙان ٿو، ڪڙهان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

مان پنهنجي ئي ڄڻ ڄاڻ جو ڄار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

مان جيئري جوانيون ڪيئن جلندي ڏسان ٿو،

مان رازق جو روح رڙندي ڏسان ٿو،

مان ڪونڌر ڪلها ڪنهن جا ڪڙهندي ڏسان ٿو،

سڄي سنڌ سورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو،

ٻران ٿو مران ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

گنهگار آهيان، گرفتار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

ڪٽي ڪو شرابن شبابن ۾ راتيون،

سڄي رات بک ۾ ڪنهن جھاتيون ٿي پاتيون،

ڏسي ڪنهن امڙ جون سڪل ٺوٺ ڇاتيون،

ٻَران ٻارڙن جون ٻڌي ٻوليون ٻاتيون،

جھران ٿو جھڄان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

مان پنهنجي پنوهارن جو پرچار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

مان حاڪم جي هت هيري ڦيري ڏسان ٿو،

وطن ۾ مان وانگين جا ويري ڏسان ٿو،

مان اک سامراجين جي ميري ڏسان ٿو،

مان بازن جي گھيري ۾ ڳيري ڏسان ٿو،

مچن ۾ مچان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،

مان ”منشي“ مرڻ لاءِ تيار آهيان،

مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

************************************************

نظم

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،

سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،

پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون هيتري،

آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،

جو سچ انهيءَ تان سَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

نِکاريو سِنڌڙيءَ حُسن، ڏسي ڪئين ڪُونڌ پيا ڪُسن،

ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پُڇن،

مَچن مَچن اندر مَچن، مَچن مَچن اندر مَچن،

جنهن وِک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن بَرن ٿڌا گھڙا،

ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،

انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،

نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

ٿي انتها آ ڪِيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،

ڇڏي ڏي ريت رِيس جي، پُريون به وينديون پيسجي،

آ جنگ جِيس جِيس جي، آ جنگ جِيس جِيس جي،

اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،

گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،

ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،

ڌڙي تي داڦ بيڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

هي ملڪ ”منشي“ ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،

جڏهن به قوم آ ڪَکي، لکين لهي آيا لکِي،

سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،

پِي جان سان نٿو جَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

************************************************

نظم

تون ڪاله به هوئين ارغونن سان، ترخانن سان غدارن سان،

مون ڪاله به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان،

تو حاصل هئا القاب ڪيا، ڪئين ڪاله به ڀاڙيا ڀاڙي تي،

تون ڪاله به تن سان ڪٺي هئين، جي ڌاريا آيا ڌاڙي تي،

مون ڪاله به ساٿ ڏنو هو سوچي، سنڌو جي سچارن سان.

تو ڪاله به ڳاڙها لال اسان جا، ڪونڌر ڪئين ڪهايا هئا،

تو ڪاله به جيجل جا ته جگر، ڪئين ٽانڊن تي ٽهڪايا هئا،

مون ڪاله به تو سان جهڙو جهيڙيو، نيزن سان تلوارن سان.

تون روڳي روپ وٺي هت آئين، ڪاله به قاضي قاضن جو،

ءِ بابو نائون مل چنيسر، ڄام فيروزي پارن جو،

مون ڪاله به روپا دٻي مياڻي، جهيڙيو گڏ جونجهارن سان.

ٿو اڄ به توکي چورن سان گڏ، چوڪي تي چوبند ڏسان،

۽ جيجل جي جلادن سان، ٿو حاضر تو هر هنڌ ڏسان،

۽ اڄ به منهنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان.

تون اڄ به قومي غيرت کي، پيو عام هتي نيلام ڪرين،

۽ جيجل جي جهولي ۾ ٽانڊا، اڄ پيو تون جام ڀرين.

مون ڪاله وڙهيو هو گورن سان، ۽ اڄ وڙهان ٿو ڪارن سان.

اڄ به ڏوٿين ڏنڀ ڏيڻ لاءِ، تنهنجو ساڳيو رهزن رنگ،

”منشي“ وقت وصولي وٺندو، پوندا ويرين واجهن ونگ،

مان اڄ به آزادي لئه ٻيڙيون، پائي بيٺس يارن سان.

************************************************

نظم

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجي اگھه اَگھاڻو،

جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو، سو ئي ماڻھو موتيءَ داڻو.

ڪنھن جي ٿي ھِت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھِتِ ڏات وڪامي،

ڪنھن جي ٿي ھِتِ مَتِ وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھِتِ رات وڪامي،

ھيڏي وڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو.

ڪنھن جو ٿو ھت رَتُ وڪامي، ڪنھن جو ٿو ھِت سَتُ وڪامي،

ڪنھن جي ٿي ھِتَ پت وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھَت مت وڪامي،

ڪيڏا ڪلنگيدار وڪاڻا، ڏسندي ڏسندي ڄاڻو سُڃاڻو.

ڪنھن جو رنگ ۽ روپ وڪامي، ڪنھن جو ننگ ۽ نام وڪامي،

ڪنھن جي چوريل چنگ وڪامي، ڪنھن جو تنگ ٿي انگ وڪامي،

لاش لکين ھت روز وڪامن، ناھي ڪوئي ٽائم ٽاڻو.

صبح ۽ سانجھي پيئندي ڪانجھي، “منشي” مور نه وڪيا مانجھي،

مصريءَ ماکيءَ کان به مٺا مون، اھڙا ڪي انسان ڏٺا مون،

قول عزم تي قائم رھندي، گھوٽ قبولي ھليا گھاڻو!

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو!

No comments:

راءِ ڏيندا