; سنڌي شخصيتون: مهناز بيگم - مصطفى ملاح

25 January, 2013

مهناز بيگم - مصطفى ملاح

مهناز بيگم جو لاڏاڻو
غزل ۽ ٺمري جو الاپ بيهي ويو
مصطفى ملاح/ڪراچي
فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو جي ڀلوڙ ڳائڻي ٺمري ۽ غزل ۾ مهدي حسن کانپوءِ پنهنجي آواز سان ڪروڙين ماڻهن جو دليون کٽيندڙ، مهناز بيگم ڪالهه پنهنجي بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهي هئي، ته جهاز ۾ سفر دوران ئي هن جي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ هن کي بحرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ ۵۵ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

مهناز بيگم کي ڳائڻ ورثي ۾ مليو هو. هن جي والده ڪجن بيگم پنهنجي دور جي بهترين مرثيه ۽ نعت خوان هئي. کيس ان سان گڏ ميلاد ۾ هن کي وڃڻ جو موقعو ملندو هو. هن ڪڏهن راڳ جي دنيا ۾ اچڻ جو ڪو نه سوچيو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن والده سان گڏ ميلاد جي محفل ۾ نعتون پڙهندي هئي. هوءَ پنهنجي نعت پڙهڻ واري ڳالهه پنهنجي ساهيڙيءَ کي ٻڌائيندي خوش ٿيندي هئي. هڪ ڀيري ڪراچي جي ڪاليج پاران، جتي پاڻ پڙهندي هئي، موسيقيءَ جو مقابلو رکيل هو ۽ جنهن ڇوڪريءَ جو نالو موسيقيءَ جي مقابلي ۾ ڏنل هو، ان جي طبعيت خراب هجڻ ڪري اها ان ڏينهن ڪاليج نه پهتي ته مهناز جي ساهيڙين هن جو نالو کنيو ۽ پوءِ هن پهريون گيت موسيقي جي مقابلي ۾ گلوڪاره نورجهان جو گيت ”اي وطن ڪي سجيلي جوانو“ ڳايو ۽ مقابلو کٽي ورتو ۽ ڪاليج کي پهريون نمبر انعام هن جي ڳائڻ جي ڪري ملي ويو. اهڙيءَ طرح هن پهريون ڀيرو گيت وڏي ميڙاڪي ۾ ڳائي، فني سفر جي شروعات ڪئي.
گلوڪاره مهناز بيگم جو والد ريڊيو پاڪستان تي ملازم هوندو هو، ان ڪري هن جي اتي اچڻ وڃڻ سان موسيقيءَ ۾ ويتر چاهه وڌندو ويو ۽ هن تقريبًا ۳۰ سال ڳائڻ کي ڏنا. آخري ڏهاڙن ۾ هن جي طبعيت هن کي ڳائڻ جي اجازت ڪو نه ڏني. پاڻ اڪثر بيماريءَ جو علاج آمريڪا مان ڪرائيندي هئي. اتي هن جا ڀائر رهندا هئا. تازو جڏهن آمريڪا جي اسپتال ۾ ٻه هفتا بيمار رهي ته اتي هن جو علاج آمريڪا جي حڪومت پاران مفت ۾ ڪرايو ويو هو ۽ جڏهن آمريڪا کان واپس ڪراچي پهتي ته ۱۵ ڊسمبر ۲۰۱۲ع تي مون سان ملاقات ڪري، بيماريءَ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته؛ آمريڪا ۾ فنڪار ته ڇا پر انسان ذات جو قدر آهي. هت ڪيترا ئي ڏينهن بيمار رهيس، پر ڪير ڪو نه پڇڻ آيو ۽ مون کي مجبوراً آمريڪا علاج لاءِ وڃڻو پيو. هن چيو ته؛ آمريڪا ۽ انڊيا ۾ موسيقيءَ کي پيرين اگهاڙي ويهي ٻڌو ويندو آهي، پر هتي اسان جوتا پهري، ويهاڻن کي ٽيڪ لڳائي، سمهي ٻڌندا آهيون. هن چيو ته؛ ڪجهه نوان ڳائڻا بي سرو ڳائي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، پر اصل ڳائڻا ڪسمپرسيءَ جو شڪار آهن.
هزارين فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ گيت ڳائيندڙ مهناز وڌ کان وڌ مهدي حسن سان ڊوئيٽ ۾ گيت ڳايا آهن.
هن سنڌي فلمن لاءِ پڻ گيت ڳايا.
آخري ڏهاڙن ۾ هن بيماري سبب ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو.

سنڌي ۽ اردو فلمن جي مشهور ڳائڻي مهناز لاڏاڻو ڪري وئي
ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) سنڌي فلمن کان پلي بيڪ سنگر طور فني سفر جي شروعات ڪندڙ ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جي ليجنڊ گلوڪاره مهناز بيگم بحرين ۾ ۵۵ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي.
مهناز بيگم وڏي عرصي کان گڙدن، بلڊ پريشر، شگر جهڙين بيمارين ۾ مبتلا هئي. هر ڀيري آمريڪا مان علاج ڪرائيدي هئي، جتي سندس ڀائر پڻ رهن ٿا. ڪالهه بيماري سبب آمريڪا وڃي رهي هئي ته سفر دوران هن جي طبعيت بگڙجي وئي. هن کي بحرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
۳۰ سال فن کي ڏيندڙ گلوڪاره مهناز بيگم باقاعده موسيقي جي سکيا استاد نظر حسين، پنڊت، غلام قادر، نياز احمد، لعل محمد اقبال کان ورتي. هن کي ريڊيو پاڪستان تي حشمت حسين جعفري، پي ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. پي ٽي وي تي هن پروگرام ”نغمه راز“ ۽ پهرئين فلم پهچان ۾، تيرا پيار ميري جيون ڪي سنگ رهي گا، ڳائي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو. هن تقريبًا فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ ۲۵۰۰ کان وڌيڪ گيت ڳايا هئا. هن وڌ کان وڌ مرحوم راڳي مهدي حسن سان گڏجي ڊوئيٽ گيت ڳايا.
مهناز بيگم غزل، ٺمري ۽ خيال ڳائڻ جي ماهر هوندي هئي. گلوڪاره مهناز کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ گلوڪاره نورجهان بيگم جي پهرئين شاگردياڻي هئي. هن جون مشهور فلمون جن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳايو، انهن ۾؛ آئينه، زندگي، بندش، پهچان، شرارت، ميرا نام پالي خان ۽ ٻيون شامل آهن.
پاڪستان ٽيليويزن تي پهريون ڀيرو ڳائڻ تي هن کي هزار رپين جو چيڪ مليو هو. ريڊيو پاڪستان تي ۳ هزار، فلم جو هن کي ۵ هزار جو پهريون چيڪ مليو هو. هن اردو، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ گيت ڳائي مڃتا ماڻي.
گلوڪاره مهناز ان دور ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، جڏهن گلوڪاره نورجهان ۽ مالا بيگم جو عروج هو. گلوڪاره مهناز ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس، پي ٽي وي ايوارڊ، نگار ايوارڊ، بولان ايوارڊ، گريجوئيٽ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ ماڻيا.
گلوڪاره مهناز گذريل سال ۲۰۱۲ع ۾ نومبر جي مهيني ۾ آمريڪا جي اسپتال ۾ ۱۴ ڏينهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رهي. بعد ۾ سندس صحت بهتر ٿيڻ کانپوءِ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۲ع تي واپس ڪراچي پهتي هئي، جتان بحرين وئي هئي.
مهناز بيگم وڏو عرصو بيمار رهڻ ۽ سرڪار طرفان سار نه لهڻ تي مايوسي جو شڪار ٿي وئي هئي. هن ۲ سال پهريان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو. پر ان سان گڏ ملڪ به ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي. هوءَ آمريڪا ۾ ڀائرن وٽ وڃي رهي هئي. جڏهن به بيمار ٿيندي هئي ته سرڪار کي پنهنجي بيماري ٻڌائڻ بنا، آمريڪا وڃي، انتظاميا پاران مفت ۾ علاج ڪرائيندي هئي. جڏهن ته هن پنهنجي بيماري جو ڪڏهن به سرڪار کان علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪو نه ڪيو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب؛ مهناز بيگم ڪراچي کان آمريڪا تائين، ڪنيز فاطمه رضا مهناز جي نالي سان سفر ڪري رهي هئي. مرحومه گلوڪار مهناز بحرين جي هوائي اڏي مناما تي لهندي ئي ڪِري بيهوش ٿي وئي. جنهن بعد جهاز انتظاميا طرفان کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪرايو ويو. جنهن بعد جهاز انتظاميا مرحومه مهناز جي پاسپورٽ جو معائنو ڪري، بحرين ۾ پاڪستاني سفير سان رابطو ڪيو، جنهن تي سفير پهچي ويو ته مرحومه گلوڪاره جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيو ته جهاز انتظاميا مهناز جي موبائل فون ذريعي سندس وارثن سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن بعد ئي اها مڪمل ڄاڻ ملي ته جهاز مان ڪري بيهوش ٿي ويل عورت، مهناز بيگم آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، جهاز انتظاميا جو چوڻ هو ته؛ مرحومه مهناز بيگم جهاز ۾ اڪيلي سر سفر ڪري رهي هئي.

جوڙا آسمانن تي ٺهن ٿا، شادي نه ٿيڻ ۾ شايد بهتري هئي: مهناز
ڪراچي: گلوڪاره مهناز اڄڪلهه آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب لکي رهي هئي، سندس خواهش هئي ته اهو ڪتاب جيئري ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي وڃي. هن جا مشهور فلمي گيت؛ عشق سچا هي تو وعده نڀانا هوگا، او ميري سانوريا بانسري بجا، ڇاپ تلڪ سڀ ڇين لي، موسي نينا ملائيڪي ۽ ٻيا ڪيترا ئي فلمي گيت شامل آهن. مهناز ۱۵ ڊسمبر تي ڪاوش کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته؛ ٽي وي ۽ ريڊيو وارا گيت هلائي رهيا آهن پر انهن جي رائلٽي نه ٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن اها رائلٽي ملي ته پوءِ ڪنهن حد تائين مالي مدد ٿي سگهي ٿي. شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته؛ جوڙا آسمانن تي ٺهندا آهن، خدا تعاليٰ ڪنهن جو جوڙو ٺاهيندو آهي ته ڪنهن جو نه به ٺاهيندو آهي. مان ان باري ۾ اهو چوندس ته شايد ان ۾ به منهنجي لاءِ ڪا بهتري هوندي. هن وڌيڪ چيو هو ته؛ پنجن ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ هئڻ ڪري، والدين جي وفات بعد، انهن جي پرورش مون ڪئي. جيڪڏهن شادي ڪيان ها ته انهن جي سنڀال ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. هن پنهنجي خواهش جو اظهار هيئن ڪيو هو ته؛ سڀني راڳين سان گيت ڳائي چڪي آهيان پر انڊين گلوڪار هري هرن سان ڳائڻ جي خواهش آهي جيڪا هن جي خواهش آخر تائين پوري نه ٿي سگهي.
مهناز ۵ ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ هئي، ماءُ سان گڏجي نعت ۽ مرثيه به پڙهيا
ڪراچي: گلوڪاره مهناز ۱۹۵۸ع ۾ ڪراچي جي اختر وصي علي جي گهر ۾ اک کولي، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي ملازم هوندو هو. مهناز جو والد عربي، فارسي ۽ اردو زبانن تي عبور رکندو هو ۽ ماهر خطاط به هو، ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي قومي تراني ۾ سندس آواز به شامل آهي. مهناز جي والده ڪجن بيگم نعتون ۽ مرثيه پڙهندي هئي ۽ مهناز هن سان گڏ هوندي هئي. مهناز به شروع ۾ نعتون ۽ مرثيه پڙهندي هئي. هن پرائمري تعليم بهادر يار جنگ اسڪول جيل روڊ ڪراچي ۾، ميٽرڪ مسلم گرلز اسڪول ناظم آباد ۲ نمبر ۽ گريجوئيشن سٽي ڪاليج ڪراچي مان ڪئي. پهريون ڀيرو هن ريڊيو پاڪستان تي بزم طلبه جي مقابلي ۾ حصو ورتو. ان کانپوءِ ڪاليج طرفان ”ڪل پاڪستان مقابلا موسيقي“ ۾ حصو ورتو ۽ هن ڪاليج کي ايوارڊ مليو، گلوڪاره مهناز پنجن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي ۽ سندس هڪ ڀاءُ اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو.

مهناز فني سفر جي شروعات سنڌي فلم” رت جا رشتا“ سان ڪئي. ڪيترا ئي مشهور سنڌي گيت ڳايا
ڪراچي: گلوڪاره مهناز ڪيترين ئي فلمن سان گڏ سنڌي فلمن ۾ پڻ آواز جو جادو جڳايو. انهن سنڌي فلمن ۾ ”ڌرتي دل وارن جي“ ۾ گيت ”چور چور“ فلم ”رت جا رشتا“، گيت ”هاءِ منهنجي رنگ رتولي جواني“ فلم ”دوستن جو پيار“ گيت ”چاندي بدن منهنجو“ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. جڏهن ته ڪي ٽي اين تان هن جو ڳايل شاهه لطيف جو ڪلام ”ميرا هار سينگار ميرا حسن جمال ساجن هي“ پڻ نشر ٿيندو رهندو آهي. جڏهن ته سنڌي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ جا سڀ گيت، گلوڪاره مهناز جا ڳايل آهن. هن پهريون ڀيرو سنڌي فلم ”رت جا رشتا“ ۾ ڳائڻ کان شروعات ڪئي هئي، جنهن جو موسيقار فيروزالدين ۽ غلام علي هئا.


No comments:

راءِ ڏيندا