; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار علي ڀٽو - آصف جيلاني

25 January, 2013

ذوالفقار علي ڀٽو - آصف جيلاني


ذوالفقار علي ڀٽو
گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي شخصيت
آصف جيلاني
اها ۱۹۵۴ع جي ڳالهه آهي، مظفر علي منصوري صاحب، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اي پي پي ۾ هو ۽ ڊان جي مشير حسن سان گڏ آئون سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ ويٺو هئس ته ڇويهن سالن جو هڪ نوجوان، سنهي چنبڙيل پتلون، جسم تي ڇڪي چاڙهيل ڪوٽ، چمڪدار غير ملڪي جوتا پاتل ۽ چال اهڙي جو ڄڻ فرش تي رقص تي موسيقي جي تيز ڌن سان قدم ملائي رهيو هجي. هي ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪو ڪيليفورنيا جي برڪلي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تازو تازو پاڪستان موٽيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. ان زماني ۾ هو سنڌ جي مشهور وڪيل رام چنداڻي ڏنگو مل جي چيمبرس سان لاڳاپيل هو. گانڌي گارڊن جي پٺيان ان علائقي ۾، جيڪو گارڊن ايسٽ سڏجندو هو، هي پنهنجي والد سر شاهنواز جي بنگلي ۾ رهندو هو. آئون ان زماني ۾ ان علائقي ۾ خيرپور هائوس جي ويجهو رهندو هئس ۽ وقت بوقت ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ مونکي ڏسي هو اسان جي ميز ڏانهن آيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو تمام گهڻو خوش هو. چوڻ لڳو: ”آصف، مونکي پهريون ڪيس مليو آهي، جيڪو تمام گهڻو اهم آهي. سنڌ جي هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ کي وزير اعلى ايوب کهڙي گرفتار ڪرائي ورتو آهي، آئون ان جي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته کهڙو مونکي به گرفتار ڪرائي وٺندو.“ وري ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن چئن ڏينهن کانپوءِ آئون ڪراچيءَ نه موٽان ته تون منهنجي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرائجانءِ.“

مون منصوري صاحب ۽ مشير حسن سان، ڀُٽي صاحب جو تعارف ڪرايو. مونکي ڄاڻ هئي ته ان جي والد سر شاهنواز، کيس سفارتڪار بڻائڻ ٿي چاهيو. منصوري صاحب کانئس پڇيو ته، ”ڇا سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ڪونهي؟“ تنهن تي ڀُٽي صاحب چيو ته، ”ارادو ته آهي پر.....“ مون پُڇيو: ”پر ڇا؟“ تنهن تي ڀُٽي صاحب وراڻيو ته، ”ڪا به جماعت مناسب نظر نٿي اچي.“ پوءِ وري پاڻ ئي چيائين ته؛ ”مسلم ليگ زميندارن ۽ جاگيردارن ۽ ويل وقت جي سياستدانن جي جماعت آهي.“ مون ائين ئي چئي ڇڏيو ته، ”پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي وڃو.“ تنهن تي چوڻ لڳو، ”نظريا ڀلي خوشنما ڇو نه هجن، پر اها منهنجي مزاج جي مطابق نه آهي.“ منصوري صاحب چيو ته ان لاءِ آسائش واري زندگيءَ کي تياڳڻو پوندو ۽ جاگيردارن جو چوغو لاهي مزدورن ۽ هارين ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. مون چيو ته، ”آزاد پاڪستان پارٽيءَ جي باري ۾ ڀلا ڇا خيال آهي؟ ان ترقي پسند پارٽيءَ ۾ ته پڙهيل لکيل، روشن خيال ۽ خود وڪالت جي پيشي سان تعلق رکندڙ اهم ماڻهو موجود آهن، جهڙوڪ بئريسٽر نور العارفين، محمود علي قصوري، فخر الدين جي ابراهيم وغيره.“ ڀُٽو صاحب چوڻ لڳو، ”اُتي اڳ ۾ ئي ميان افتخار الدين ۽ شوڪت حيات جهڙا نالي چڙهيا سياستدان موجود آهن، آئون انهن ۾ گرهجي ويندس.“ منصوري صاحب سوال ڪيو ته، ”عوامي ليگ جي باري ۾ ڀلا توهان ناهي سوچيو؟“ ڀُٽي صاحب وراڻيو، ”ان جماعت جون پاڙون بنگال ۾ آهن، ان جا مسئلا ۽ شبيهه بنگالي آهي، پاڪستان جي هن اُلهندي حصي ۾ اها پارٽي ڪڏهن به مڃتا ماڻي نه سگهندي.“ مشير حسن تڙي کڙي چيو، ”پوءِ ته صرف جماعت اسلامي ئي رهجي وئي آهي.“ تنهن تي هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته، ”آئون ۽ مُلن جي جماعت ۾ شامل ٿيان؟“ مون چيو: ”ائين ڇو نٿو ٿي سگهي، دين به ملي ويندو ۽ دنياوي سياست ۾ به نالو ٿيندو.“ چوڻ لڳو: ”نه، اُتي مون جهڙي روشن خيال ماڻهوءَ جي ڪابه گنجائش ڪانهي.“
وڏي زميندار سر شاهنواز ڀُٽي جي پُٽ، نازن سان پليل، ذوالفقار علي ڀٽي سان اهو اسان جو تفصيلي تعارف هو، جيڪو غريب هارين جي اڳواڻ جي لاءِ ڪيس وڙهڻ وڃي رهيو هو ۽ جيڪو ملڪ جي سياست ۾ اچڻ جو خواهشمند هو، پر ڪا جماعت کيس مناسب نظر نٿي آئي. ان ملاقات ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي تضادن سان ڀريل شخصيت ظاهر ٿي وئي هئي. پوءِ وڏو عرصو گذري  ويو، ڀُٽي صاحب کي نه ڪو وڏو ڪيس مليو، ۽ هونئن به ان کي اهڙي ڪا ضرورت به نه هئي. گهڻو وقت هن جو اشرافيا جي پارٽين ۾ گذرندو هو يا وري لاڙڪاڻي ۾ المرتضى ۾، جتي هو با اثر ماڻهن ۽ اميرن کي تتر ٻٽيهر جون دعوتون ڏيندو هو.
آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جنرل ايوب خان جي قيادت ۾ فوج ملڪ فيروز خان نون جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ان مارشل لا تحت جنرل ايوب خان پنهنجي ڪابينا ۾ سمورن صوبن مان وزير شامل ڪرڻ چاهيا ٿي. سنڌ ۾ ايوب خان کان ايتريقدر نفرت هئي ۽ مارشلا جي ايتري ته سخت مخالفت هئي، جو ڪوبه سنڌي سياستدان فوجي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جنرل ايوب ان ڏکيائيءَ جو صدر اسڪندر مرزا سان ذڪر ڪيو. اسڪندر مرزا جي ايراني نسل جي زال ناهيد، ذوالفقار علي ڀُٽي جي ونيءَ بيگم نصرت ڀُٽو جي ويجهي سهيلي هئي ۽ ان جي ڪري اسڪندر مرزا ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا هئا. ڪيترائي ڀيرا اسڪندر مرزا شڪار لاءِ لاڙڪاڻي وڃي چُڪو هو. اسڪندر مرزا سنڌ مان مارشل لا جي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب جو نالو ايوب خان کي پيش ڪيو، جيڪو هن قبول ڪري ورتو. اهڙي نموني ڀُٽو صاحب پهريون ڀيرو سياست ۾ فوجي حڪومت جو سهارو وٺي داخل ٿيو. بيشڪ ان دور ۾ وزير تجارت جي حيثيت سان ڀُٽي صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سوويت يونين کي پاڪستان ۾ فولاد جي پهرئين ڪارخاني قائم ڪرڻ واري منصوبي لاءِ راضي ڪرڻ هو، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ هڪ نئون موڙ ورتو. ان بعد ۱۹۶۳ع ۾ وزير خارجه جي حيثيت سان هن جو ڪارنامو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرحد جي تعين جي حوالي سان ٺاهه هو. سن  ۱۹۵۸ع ۾ فوجي حڪومت جي رستي سياست ۾ داخل ٿيڻ سان ڀُٽي جي سياسي تقدير تي فوج اڻ مٽ مهر ثبت ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب ان کي ڦاسي جي تختي تائين به نجات نه ملي. ڀُٽي صاحب کي ان ڳالهه جو شديد احساس هو ته، جيئن ته سندس تعلق ملڪ جي ننڍي صوبي سنڌ سان آهي، تنهن ڪري اقتدار جي حصول ۾ ان کي فوج جي سهاري کان ٻيو ڪوبه رستو نظر نٿي آيو ۽ ان لاءِ هن کي وڏي قربان پڻ ڏيڻي پوندي. بنگلاديش جي بحران جي سلسلي ۾ ڀُٽي صاحب تي اهو ئي الزام لڳندو رهيو آهي ته هن فوج جو موقف اختيار ڪيو ۽ شيخ مجيب سان ”هوڏانهن توهان، هيڏانهن اسان“ جي نعري جي بنياد تي دوبدو مقابلو ڪيو ۽ مفاهمت جا سمورا در ٻيڪڙي ڇڏيا.
بنگلاديش قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ جي شڪست کاڌل فورسز جي اميج کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، ايتريقدر جو فوج جي پراڻي وردي به بدلائي ڇڏي ۽ واعدو ڪيو ته هو پاڪستان جي فوج کي ايشيا جي بهترين ويڙهاڪ فوج بڻائي ڇڏيندو ۽ پوءِ فوج کي بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ هن اُوڀر پاڪستان ۾ سياسي ۽ عسڪري انياءَ جي باري ۾ حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ کي ڪرف ڪڙن ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي سُڻس پوڻ نه ڏني، جڏهن ته ان وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت هئي ته قوم کلي طرح انهن ڳالهين تي بحث ڪري، جن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو. پوءِ ملڪ جي ٽٽڻ وارين حالتن جي ذميوار جنرل يحى خان کي اقتدار تان لاهڻ کانپوءِ ان جي موت تائين ان خلاف هن ڪيس هلائڻ کان به صاف انڪار ڪيو. ان سلسلي ۾ بيشڪ آمريڪا جو به دٻاءُ هو ته يحى خان ۾ هٿ نه وڌو وڃي.
جنرلن جو خوف ڀُٽي صاحب جي ذهن تي طاري هو. مونکي ياد آهي ته ۱۹۷۱ع ۾ ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن ڀُٽي صاحب اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وطن واپس وڃي رهيو هو ته لنڊن هيٿرو جي هوائي اڏي تي ترسيو. اهو آچر جو ڏينهن هو، وي آءِ پي لائونج ۾، ان جي تڏهوڪي برطانوي وزير خارجه سر ايلڪ ڊگلس هيوم سان ملاقات ٿي. ان ملاقات کانپوءِ خبر پئي ته جنرلن جهاز لنڊن موڪلڻ بدران روم موڪليو آهي. ان اُڏام لاءِ کيس هيٿرو جي يورپي ٽرمينل ڏانهن وڃڻو پيو. روم لاءِ اُڏام ۾ ٽي ڪلاڪ دير هئي. ان دروان ڀُٽي صاحب جو اصرار هو ته آئون ساڻس گڏ رهان. ملڪ ٽٽڻ جو صدمو ايترو ته شديد هو، جو آئون ڳالهائي به نه پئي سگهيس ۽ ڀُٽو صاحب ان ڳالهه تي سخت پريشان هو ته جنرلن جهاز روم ڇو موڪليو آهي؟ لائونج ۾ ويٺي ويٺي ان چيو، ”آصف، رباط جي ان ڊرامي جو قصو ٻڌاءِ، جيڪو يحى خان کي پيش آيو هو.“ منهنجو هانءُ هڄي ويو ته هن وقت جڏهن ملڪ تي اهڙي آفت اچي پئي آهي ۽ ملڪ ٽٽي ويو آهي، ڀُٽو صاحب يحى خان جي انهن ڪرتوتن جو اهو قصو ٻُڌڻ لاءِ بيتاب آهي، جيڪو رباط ۾ پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس دوران پيش آيو هو ۽ جيڪو مون کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن ۾ ٻڌايو هو، جڏهن هو پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم سازيءَ جي سلسلي ۾ هتي آيو هو. مون دل ۾ سوچيو ته هي ڪو وقت آهي اهڙن قصن جو! مون موضوع بدلائڻ لاءِ ان جي هن ڳڻتيءَ کي ورجايو ته جنرلن آخر جهاز روم ڇو موڪليو آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو؛ ”اهي جنرل ان جهاز کي تباهه ته نه ڪرائيندا؟“ مون کيس تسلي ڏني ته هن وقت فوج کي سندس تمام گهڻي ضرورت آهي ملڪ کي سنگين بحران مان ڪڍڻ لاءِ. مون کيس چيو ته ۱۹۵۸ع ۾ فوج کي سندس ايتري ضرورت نه هئي، جيتري هاڻي آهي. کيس ٻڌايم ته، ”سن ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن توهان مارشل لا جي حڪومت ۾ شامل ٿيا هئا ته ان وقت توهان وٽ ڪابه سياسي قوت نه هئي، پر هن وقت توهان باقي رهيل پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جا سربراهه آهيو.“ ڀُٽي صاحب جي چهري مان لڳي رهيو هو ته هو اهي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي.
۱۹۷۲ع جي شروع ۾ ڀُٽي صاحب جڏهن ايران، ترڪي، مراڪش، تيونس، الجزائر، لبيا، مصر ۽ شام جي طوفاني دوري تي نڪتو هو ته آئون ساڻس گڏ هئس. ترڪيءَ ۾ گاديءَ واري شهر انقره جي ٽڪريءَ تي ڪمال اتا ترڪ جي تربت تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ اُتي رکيل ڪتاب ۾ ڪمال اتا ترڪ کي مخاطب ٿيندي هن لکيو هو ته، جهڙي ريت شڪست کاڌل ترڪيءَ کي توهان ڏکئي دور ۾ سنڀاليو هو ۽ ان جي نئين سر اوسر لاءِ پتوڙيو هو ۽ ان جي عظمت کي بحال ڪيو، اهڙو ئي چئلينج مونکي پنهنجي ملڪ ۾ درپيش آهي.“ ۽ پوءِ جڏهن دمشق ۾ ان اٺن ملڪن جو دورو مڪمل ڪيو ته شام جي صدر حافظ الاسد سان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته، ”پاڪستان جي مهارت ۽ عرب سرمائي جي اشتراڪ سان اسان اسلامي دنيا جي ترقي ۽ سگهه لاءِ نوان دروازا کولي سگهون ٿا.“ ڀُٽي صاحب جو اهو واضح اشارو ايٽمي توانائيءَ جي ميدان ۾ اشتراڪ جي حوالي سان هو. ان ڪوبه شڪ ناهي ته اُهي ماڻهو به، جيڪي ڀُٽي صاحب جا سياسي مخالف هئا ۽ هاڻي به ان جي سياست جا مخالف آهن، اُهي هن ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن جي ميدان ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو، ان جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي وڃي ٿو ۽ در اصل ان ڪري ئي کيس نه صرف اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو پر ڦاسيءَ تي به چاڙهيو ويو. اها ڪهڙي ستم ظريفي آهي ته ۱۹۷۱ع ۾ ڀُٽي صاحب بنگلاديش جي بحران ۾ فوج جو ڀرپور سان ساٿ ڏنو، ٽٽل ملڪ کي ڏکئي وقت ۾ سنڀاليو پر انهيءَ فوج ۱۹۷۱ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ کيس ڦاسي ڏئي ڇڏي.
آخري ملاقات
ڀُٽي صاحب سان منهنجي آخري ملاقات جولاءِ ۱۹۷۳ع ۾ لنڊن ۾ ٿي هئي، جڏهن هو برطانيا جي سرڪاري دوري تي آيو هو. اها چڱي ڊگهي ملاقات هئي پر ان لاءِ سندس اهو شرط هو ته ان ملاقات جي حوالي سان ٻڙڪ به ٻاهر نه ويندي. خبر ناهي ڇو هو ماضيءَ جي يادگيرين کي کوٽي رهيو هو. هن پاڻ ۱۹۵۴ع جي سنڌ چيف ڪورٽ واري ملاقات ياد ڏياري ۽ شڪايت ڪندي چيو ته تون اهو طعنو ڏيندو هئين ته آئون سياست ۾ فوج جي ذريعي آيو آهيان پر ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ڇو نه ٿا ڪن ته مون پاڪستان جي سياست کي زميندارن ۽ جاگيردارن جي محلاتن مان ڪڍي عوام جي حوالي ڪيو.“ وڌيڪ چوڻ لڳو، ”۽ ها، اهو آئون ئي هئس، جنهن آمر ايوب خان جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو.“
مونکي ڀُٽي صاحب جي جاگيرداراڻي انا جو چڱيءَ ريت احساس هو ۽ مونکي اها خبر هئي ته هو پنهنجي ڪابه مخالفت ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ جو عادي نه هو. مونکي ان جي سُٺي موڊ سبب اها همت ٿي جو مون کيس چيو ته، ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڳالهه هميشه روشن رهندي پر ان تنقيد کان توهان پلئه آجو نٿا ڪرائي سگهو ته پيپلز پارٽيءَ قائم ٿيڻ وقت جيڪي ترقي پسند ماڻهو توهان سان گڏ هئا، اُهي ماڻهو جن ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ توهان کي ۽ توهان جي پارٽيءَ کي سوڀارو ڪيو هو، اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ اُهي هڪ ٻئي پٺيان توهان کان ڌار ٿي ويا ۽ پوءِ توهان پنهنجي پيپلز پارٽيءَ جو سمورو انتظام وقار احمد نالي هڪ سرڪاري آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏيو.“ مون کيس اهو پڻ چيو ته، ”ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته توهان ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ڪرڻ جا زبردست خواهشمند هئا پر توهان عوام جي اڪثريت ۽ انهن جماعتن جي راءِ جو خيال رکيو، جيڪي ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت چاهينديون هيون ۽ توهان آئين انهن جي ئي خواهشن مطابق مرتب ڪيو پر ان سان گڏوگڏ ماڻهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه نه آئي ته ان کانپوءِ فورن توهان بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالف ڌر نعپ جون حڪومتون برطرف ڪري ڇڏيون.“ ڀُٽي صاحب رازداراڻي انداز ۾ چيو ته، ”مون تي سخت دٻاءُ هو.“ ۽ پوءِ خاموش ٿي ويو. سندس خاموشيءَ جو مطلب اهو هو ته آئون کانئس اهو راز پڇڻ لاءِ اصرار نه ڪريان. مون ان زماني ۾ جيڪو ٻڌو هو، هڪ لحاظ کان ان جي تصديق ٿي وئي ته اهي حڪومتون برطرف ڪرڻ لاءِ شهنشاهه ايران ۽ آمريڪا جو دٻاءُ هو.
ڀُٽي صاحب موضوع بدلائيندي چيو ته، ”۱۹۶۳ع جا اُهي ڏينهن ياد اٿئي، جڏهن دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ ڪشمير جي باري ۾ سردار سورن سنگهه  سان مذاڪرات دوران ملاقاتون ٿيون هيون ۽ هندستان جي سياسي مستقبل جي باري ۾ به بحث ٿيو هو.“ ڀُٽي صاحب منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته هندستان پنهنجي معيشت جي حڪمت عمليءَ جي بنياد تي ملڪ کي مستحڪم ڪري ورتو آهي. مثال طور: نظام جي ذريعي مخالف رياستن کي هڪ ٻئي سان جوڙي ورتو آهي. ڀُٽي صاحب جي راءِ هئي ته توڙي جو چين سان ۱۹۶۲ع جي جنگ ۾ هندستان کي بري شڪست ٿي هئي پر ان جي نتيجي ۾ هندستان فوجي ۽ صنعتي لحاظ کان تيزيءَ سان ترقي ڪندو، جيڪا پاڪستان لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب هوندي. ڪشمير جي ذڪر تي مونکي جبرالٽر آپريشن ۽ ان کانپوءِ ۱۹۶۵ع جي جنگ جي سلسلي ۾ ڀُٽي صاحب جي ڪردار تي سخت تنقيد ياد آئي ته ان ڪشمير ۾ صورتحال جو صحيح تجزيو نه ڪيو ۽ بنا سوچڻ جي چار هزار ڪمانڊوز واديءَ ۾ داخل ڪري ڇڏيا، اهو ڄاڻڻ بنا ته ڪشمير جي عوام جي کيس حمايت ملي سگهندي يا نه. ۽ پوءِ ۱۹۶۵ع جي جنگ ۾ اهو سوچڻ کانسواءِ ئي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ برطانيا هٿيارن جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي ته جنگ ڪيئن جاري رکي سگهبي، صدر ايوب خان کي ان جنگ ۾ ٽپي پوڻ تي مجبور ڪيو. ڀُٽو صاحب ڪيتري دير تائين ڪمري جي ڇت کي تڪيندو رهيو. انهن سمورن سوالن جي جواب ۾ هن صرف اهو چيو ته هڪ طرف آمريڪا اسان سان دغا ڪئي ۽ ٻئي طرف ڳجها ادارا نڪما ثابت ٿيا. ڪافي رات گذري چُڪي هئي ۽ مون نٿي چاهيو ته اها ملاقات ڀُٽي صاحب جي ناراضگيءَ ۽ ڪاوڙ تي ختم ٿئي، ان ڪري مون ان بحث ۾ الجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
واپسيءَ تي آئون اهو سوچيندو آيس ته ڪيتريقدر تضاد آهن ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت ۾. هڪ طرف اهڙي سياسي بصيرت، جنهن جي پاڪستاني سياستدان ۾ شديد کوٽ آهي، روشن خيال ۽ اعلى تعليم يافته ..... ۽ ٻئي طرف خالص جاگيرداراڻو حاڪماڻو انداز..... پنهنجي خلاف ٿورڙي ڳالهه ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هو اهڙي ريت ڪاوڙجي وڃي ٿو ۽ پوءِ وکري وڃي ٿو. صرف اهو ئي نه، هو سالن تائين ان شخص کي معاف نٿو ڪري ۽ نه ئي وساري ٿو، جيڪو ان جي مزاج خلاف ڪا ڳالهه چوي ٿو. گهڻن ماڻهن وانگر آئون به اهو سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ۱۹۷۱ع ۾ ڀُٽو صاحب شيخ مجيب سان سياسي مفاهمت ڪري وٺي ها ۽ اقتدار ۾ ڀائيواريءَ تي راضي ٿي وڃي ها ته اڄ پاڪستان جو نقشو ئي مختلف هجي ها. جيڪڏهن ۱۹۷۱ع جي جنگ کانپوءِ اُهو صحيح معنى ۾ جنرلن جو احتساب ڪري ها ته پاڪستان جي سياست تان فوج جي بالادستي کان هميشه لاءِ نجات ملي وڃي ها. اهي بهترين موقعا هئا، جيڪي ذوالفقار علي ڀُٽي وڃائي ڇڏيا، جنهن جا نتيجا خود ان جي لاءِ خطرناڪ ۽ ملڪ لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا.

No comments:

راءِ ڏيندا