; سنڌي شخصيتون: محمد علي پٺاڻ

04 January, 2013

محمد علي پٺاڻ


محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هر ڪنهن سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پر هن جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾ هڪ همراهه ٻئي جو دڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي  “ ڪارو ڪاري ” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه صرف انهي تحرير تي  حال احوال ڪندو، پر ڪمين ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.


محمد علي پٺاڻ ادب جو هڪ پورهيت ليکڪ آهي. جيڪو پنهنجي وس آهر محنت ڪندورهي ٿو. هي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، شاعر ،ناول نگار، ڊراما نگار،ايڊيٽر رهيو آهي. هن پاڻ کي ادب جي هڪ يا ٻن صنفن تائين محدود ناهي رکيو. بلڪه نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ پنهنجي پورهيي کي سموهيو آهي. هن صنف کان وڌيڪ پنهنجي اظهار کي اهميت ڏني آهي ته هو پنهنجي جذبن کي جنهن به ميڊيم ۾ سٺي نموني پيش ڪري سگھيو آهي، انهي کي ئي اپنايو آهي. هن پنهنجو پاڻ وڻائڻ يا پاڻ پڏائڻ بجاءِ پنهنجي پورهيي تي جيڪو به مان مرتبو مليو انهي تي شڪر ۽ صبر ڪيوآهي.
۱۹۷۴ ۾ ٻاراڻي ادب لاءَ ڪهاڻيون ۽ شاعري کان پنهنجو تخليقي سفر شروع ڪندڙ محمد علي پٺاڻ جا هيستائين ۵ شاعري جا ڪتاب اچي چڪا آهن. انهن ۾ (۱) اکيون آلا چنڊ (۲)عاشورا آهين (۳) اگھيا اوجاڳا (۴) ڀڳوآرس اکڙين (۵)مونکي آهه اٿاريو شامل آهن.جڏهن ته چونڊ شاعريءَ جوانگريزي ترجمو ڄام جماليءَ ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪوتا ناول نه لکيو ويو آهي. جڏهن ته اياز جا لکيل اوپيرا دودي سومري جو موت۽ ڀڳت سنگھه کي ڦاسي اوپيرائون آهن. جن ۾ مختلف ايڪٽ آهن.پر سمورو ناول ڪوتا جي صورت ۾ لکڻ جو سنڌي ۾ پهريون تجربو محمد علي پٺاڻ ڪيو آهي، انهي ناول جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو“ محمد علي پٺاڻ نهايت عام فهم انداز ۾ داخلي توڙي خارجي مسئلن کي هن “ ڪوتاناول ” ۾ نهايت ڪاميابي سان بيان ڪيو آهي .جنهن۾فرد جي ذاتي درد کان وٺي مجموعي سماجي ڪيفيتن تائين، هن زندگي جا ڪيترائي پهلو، ان ۾ سمائي ڇڏيا آهن. ” ائين “ ڪوتا ناول ”، “سئو لفظن جي ڪهاڻي ” اهي سڀ نثر جا متعارف ٿيندڙ ميڊيم آهن. اسان جي ليکڪن کي انهي ۾ به طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي. ادب اهو شعبو آهي جنهن ۾ مسلسل لکڻ جو عمل هڪ ته نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائيندو آهي. ٻيوته هي عمل ڪنهن سٺي تحرير جو جواز بڻجندو آهي. سائين محمد علي ڪوتا ناول جو تجربو ڪيو. جيڪو ڪامياب رهيو. تازو اهو ناول اردو ۾ به “ مسافتين ياد ڪي ” نالي سان ترجموٿي چڪو آهي.
محمد علي پٺاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي افاديت کان به واقف آهي. انهي ڪري هن ميڊيم سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ مختلف چئنلن تي سيريز، لانگ پلي، فائيو ڊيز سيريلس ۽ ڊراما لکندو رهيو آهي. انهن سيريز ۽ ڊرامن جو ڪتاب”اڇي رات ڪارو چنڊ “ جي نالي سان پڻ شايع ٿي چڪو آهي. انهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ محترمه مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته، “ ڪاروڪاري جي نالي ۾ هاڻي جيڪو ڪاروبار ٿي رهيو آهي “ اڇي رات ڪارو چنڊ ” جا هڙئي ڊراما ان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. سيريز جو عنوان“ اڇي رات ڪارو چنڊ ” پڻ انهن سڀني تضادن جي عڪاسي ٿو ڪري، جيڪي انهن ڊرامن جي ڪردارن جي عمل ۾ موجود  آهن. انهن ڊرامن ۾ جيڪي هڪجهڙائيون موجود آهن تن ۾ بيوس عورتون ، نالائق ۽جاهل مرد، عيار، مڪار۽ لالچي وڏيرا ۽ پئسي تي وڪاميل لوڀي۽ نااهل پوليس عملدار شامل آهن. مجموعي ۾ شامل ڊرامن جيترا ڊراما محمد علي پٺاڻ وٽ پيل آهن جيڪي موضوع ۽ فن جي حوالي سان منفرد آهن. ائين سنڌي ادب ۾ ڊائيلاگ بنا ڊرامو (وهڪرو) جهڙا تجربا به هن ڪيا آهن.
سائين محمد علي پنهنجي تخليقي پورهيي سان گڏ ماهوار “ڪونج” “ڏات” ۽ “مرڪ” رسالن جي ايڊيٽرشپ به ڪئي آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ بيگم اشرف عباسي جي جيون ڪٿائن کي به مرتب ڪيو آهي. انهي کان علاوه ڪجهه اڻ ڇپيل مواد به آهي. جيڪوڪهاڻين، ناول، سفرنامه، اخباري ڪالم، يادگيريون، ورتل انٽريوز، تبصرا، فيچر، مهاڳ، ۽اسٽيج ڊرامن تي مشتمل آهي. اهو ترتيب ڏنل مواد ڪتابي صورت ۾ آهي پر ڇپجي ناهي سگهيو. سائين محمد علي جي ڪهاڻين جا چار ڪتاب تيار آهن. انهن مان هڪ ڪتاب “ميندي لهڻ کان اڳ ۾” تازو ماءِ پبليڪيشن پاران ڇپجي سگهيو آهي. اهو ڪتاب سائين جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب آهي. جڏهن ته محمد علي پٺاڻ جي علمي ادبي پورهيي ۾ ڪهاڻيون تمام جاندار ۽ تاثر ڏيندڙ آهن. انهي ڪري هاڻ هن کي جيڪو به موقعو ملي ته ڪهاڻين کي ڇپائي، انهي کي پڙهندڙن تائين پهچائي.
محمد علي پٺاڻ جوجنم لاڙڪاڻي جي زرخيز مٽيءَ ۾ ۱۹۶۲ع ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. پاڻ محنت ڪندي هن عهدي تي پهتو آهي، انهي لاءِ هن جو علمي ادبي پورهيو ئي هن جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. پاڻ پڏائڻ کان پرتي رهندڙ هن فقيرمنش ماڻهوءَ بيماري دوران به پنهنجي همٿ پاڻ تحت منهن ڏنو. منهنجون روبرو يا ٽيليفون تي جيتريون به ساڻس ڪچهريون ٿيون انهن ۾ هي جونيئر سينيئر جي فرق کان بالاتر ٿي ادب ۽ آرٽ جي قبيلي جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري هن کي سنڌي ٻولي ۽ انهي جي ڏات ڌڻين لاءِ دل ۾ اڪنڍ رهي آهي.



محمد علي پٺاڻ
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار - کيس جنم ڏڻ جو واڌايون
احسان دانش
محمد علي پٺاڻ، بحيثيت شاعر ۽ ڪالم نگار ڪافي مشهور آهي. پر ماضيءَ ۾ هن نهايت پختيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن ۽ هن وقت تائين ان سلسلي کي منقطع نه ڪيو اٿس. سندس اڪثر ڪهاڻيون، سماج جي اهڙن ڳنڀير مسئلن تي لکيل آهن، جن کي بار بار ڇهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي نابرابري ۽ ڏاڍائي آهي.
محمد علي ٣- فيبروري ١٩٦٢ع تي دڙي محله لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو.
هن لکڻ جي شروعات ١٩٧٥ع ۾ ڪئي. شاعري ۽ ڪهاڻيون گڏوگڏ لکندو رهيو ۽ جلدئي هن لاڪم طرف لاڙو رکيو ۽ مختلف عنوانن تحت مختلف اخبارن ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. سندس جاندار ڪالمن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ هن اهو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رکيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“ ١٩٨٨ع ۾ ٻيو ڪتاب ”عاشورا آهن“ جيڪو پڻ شاعري تي مشتمل آهي، ١٩٩٥ع ۾ شايع ٿيو. تازو سندس واين تي مشتمل ڪتاب ”اگهيا اوجاڳا“ منظر عام تي آيو آهي. ڪهاڻي سان رغبت جي ڪري هن هڪ ناول ”ڌوٻي گهاٽ“ جي نالي سان پڻ لکيو آهي، جيڪو اڻ ڇپيل حالت ۾ وٽس موجود آهي. جڏهن ته ٽي ٻيا ڪتاب ١- کاهي جي وچ ۾ (ڪهاڻيون)، ٢- پسي بازاريون (ڪالم)، ٣- مونکي آه اٿاريو (شاعري) ۽ هڪ ڊگهن نثري نظمن جو ڪتاب پڻ ڇپائي جي انتظار ۾ آهن. محمد علي وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو استاد آهي. سندس مشھور ڪهاڻي ٽيون وڳو آھي.



محمد علي پٺاڻ
شخصيت ۽ فن تي ٻه اکر
نور گهلو
انسان جڏهن پنهنجي احساسن، جذبن، خواهشن، حاصلاتن، محرومين جي ڀوڳنائن مان گذرندي سماج ۾ ٿيندڙ وارداتن کي ڏسي ٿو ته هن کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي تلخ ۽ شرين تجربن ۽ مشاهدن آڌار هڪ نئون شعور ۽ ادارڪ پئدا  ٿئي ٿو، جيڪو  هن جي اندر ۾ ستل صلاحيتن ۽ تخليقي قوتن کي بيدار ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ۾ اظهار جو ڏانءُ آهي ته پوءِ اهڙو اظهار تخليق جو روپ ڌاري ٿو. زندگي جي ان سچي پراسيس ۾، انسان پنهنجي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي لفظن، جملن، تشبيهن، استعارن ذريعي ڪو روپ ڏئي ٻين سان شيئر ڪري ٿو.  ته اُها ادب جي ڪانه ڪا صنف ٺهي ٿي، جيڪا انسان جي چيچ پڪڙي، اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. جتي پيار جا پيچرا روحاني راهن تي پهچن ٿا. روح به ان شيءِ وانگر نازڪ ۽ شفاف ٿئي ٿو، جنهن کي بظاهر ته ڏسي ڪو نه ٿو سگهجي، پر حساس دل ۽ دماغ رکندڙ انسان ان کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري، ان کي نه رڳو، ادب جي مختلف صنفن سان ريجهائيندو رهي ٿو، پر انهن کي  ٻين تائين پهچائي کين سوچڻ ۽ سمجهڻ جو نئون انداز به ڏئي ٿو.
محمد علي پٺاڻ به اهڙي ئي حساس ۽ نازڪ جذبن وارو، انسان آهي. جيڪو پنهنجي تخليقن ذريعي عام پڙهندڙ کي عشق ۽ مزاحمت جو سبق پڙهائي واھ واهه ڪرائي ٿو. اهو هن جو ادب سان عشق ئي ته آهي جيڪو ڏسي پڙهندڙن کي ائين چوڻو پئجي ويو ته
هر ڳلي، ڳوٺ ۽ شعر ۾ هُل هو،
عشق جو همالياه تي بل هو
(مونکي آھ اٿاريو)
محمد علي پٺاڻ سان ملاقات ڪئي. 40-45 سال گذري ويا آهن، اسان جڏهن ادبي دنيا ۾ حادثاتي طور ئي سهي پير پاتو ته پهرين سلام و دعا لارڪاڻي جي دوستن، رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، واجد ناز، ملڪ آگاڻي، افضل قادري، زيب سنڌي ۽ محمد علي پٺاڻ سان ٿي هئي. مان ۽ اطهر منگي لاڙڪاڻي ويندا هئاسين ۽ هو دادو ايندا هئا ته اسانجي وچ ۾ ڀوڳ چرچي سان گڏ ادبي حوالي سان به بامقصد ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجون تخليقون شيئر ڪندا هئاسين ۽ منافقي کان هٽي ڪري، دوستاڻي انداز ۾ هڪ ٻئي جي اصلاح به ڪندا هئاسين. پوءِ حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو، ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو. وچ ۾ رابطي جو ذريعو اُهي تحريرون ئي هيون جيڪي ڪنهن اخبار يا مئگزين ۾ ڇپجنديون هيون. ان دور ۾ ئي محمد علي پٺاڻ جي ادبي جوش ۽ گفتگو جي انداز مان ائين لڳندو هو ڄڻ، هن جي اندر جي تڙپ هن کي ڪنهن نه ڪنهن  مقام تي ضرور پهچائيندي جنهن جي هن ڪڏهن به دعويٰ نه ڪئي. پر ان نه ڪيل دعويٰ جو اظهار ائين ٿيڻ لڳو ته،
پير پڌرا ٿيا جو ڪنهن اک ۾،
ساري سنسار ۾ هُلي وياسين
(مونکي آھ اٿاريو)
غريب گهراڻي سان تعلق هئڻ باوجود، هن جيڪو عزت ڀريو مقام ماڻيون آهي، اهو گهڻن کان برداشت نه ٿيندو هوندو، جنهن جو احساسن محمد عليءَ کي به هوندو.
خيال ويو دوستن جي ويسهه ڏي،
بوٽ ۾ نانگ ستل چرڪيو هيو.
(مون کي آھ اٿاريو)
پر هو انهن کان بي پرواھ، پنهنجي اندر جي آھ جي اڏام کي اوچو ڪندي وڇڙي ويل دوستن جي جدائيءَ کي محسوس ڪندو رهي ٿو ۽ پاڻ کي ڄڻ اڪيلو اڪيلو ٿو ڀانئين.
اڪيلائيءَ جي دوزخ ۾ پيو پڄران، سڙان ٿو مان،
نه انور آ، نه واجد آ، ملڪ، ڪيهر مهر ڪونهي
ويو روشن تنيو ڪاڏي ۽ افضل قادري ڪاڏي،
حياتي مختصر آهي، ڊگهو ان جو سفر ڪونهي
(مونکي آھ اٿاريو)
ان جي باوجود هو انهن دوستن جي سچائيءَ کي ياد ڪندي ڄڻ اهو وچن ورجائيندو ٿو رهي ته
امر، امداد، انور ۽ ملڪ، افضل ۽ واجد جيان
کڻي ڪر مان سچائيءَ سان، نوان سورج  اڀاريان ٿو
(مونکي آھ اٿاريو)
ڪونج پبليڪشن طرفان، محمد علي پٺاڻ جو غزلن تي مشتمل ڪتاب ”مون کي آھ اٿاريو“ ڇپيو آهي، جنهن تي دوستن، پروفيسر ماجد سومري، سنڌي شعبو، شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور، عزيز سولنگي، امر پيرزادي ۽ بيڪ تي انور ابڙي محمد علي جي شخصيت ۽ فن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، محمد علي ان جو مستحق  آهي ڇاڪاڻ ته محمد علي، ذاتي، اجتماعي ۽ قومي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڀوڳيو آهي، ان ڀوڳنائن کي هڪ ذميوار ليکڪ جي حيثيت سان اڀاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي ۽ مزاحمتي انداز ملي ٿو. هتي هن ڪتاب جي شاعري ۾ چٽيل عڪسن ۽ تشبيهن جي حوالي سان ڪجهه شعر رکڻ ان لاءِ ضروري ٿو لڳي ته هن جي ٻولي تي گرفت ۽ مشاهدي ۽ تخليقي ائپروچ کي ظاهر ڪجي.
سونهن ۾ سرسُ سڀ کان چئي ڇا چوان،
ڄڻ ته وسڪاري کانپوءِ سڄو ٿر هئي.

ڪنهن ڪهاڙي ۽ تلوار جي وار کان،
ميڇ سان موهي مارڻ جي ماهر هئي.

ٻاجهه وارا خيال تنهنجا اڄ
مال جي ٿي پري ويا آهن

جاءِ ڏي دل ۾ ڪوئل جي ڪو ڪوکي تون
ڇا وڃي تنهنجو چپرن جي چرڙاٽ سان

ڏسي پريان ٿيس گم هن ۾،
يا مون ۾ آرسي گم ٿي.

اهڙيءَ طرح ٻيا ڪيترا ئي عڪس ۽ خوبصورت خيال هن جي ڪتاب ۾ موجود آهن جيڪي پڙهڻ وٽان آهن ان جي باوجود هن جي تاس اڃا لٿي ناهي جو نوان سورج اڀارڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو.




محمد علي پٺاڻ
سندس ادب دوست پهلو
زرار پيرزادو
اڄ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊراما نگار، ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڀٽائي جي عاشق محمد علي پٺاڻ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي.
محمد علي پٺاڻ انهن مٿي ڄاڻايل سمورين ادبي ۽ صحافتي صنفن ۾ پاڻ ملهائي برابر پنهنجي ادبي تاريخ ٺاهي چُڪو آهي پر اڄ پاڻ سندس ”ادب دوستي“ واري پهلوءَ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين.
جيئن امداد حسيني صاحب شاعري کي سر جيندو، ڇپجندو ۽ پڙهندو ڏسڻ  چاهيندو آهي تيئن محمد علي پٺاڻ به ادب کي سرجيندو، ڇپجندو ۽ پڙهندو ڏسڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي.
هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ ساهه ادب کي منسوب ڪري ڇڏيا آهن. ادب ئي سندس زندگيءَ جي آڪسيجن آهي. ادب ناهي ته هو به ناهي اِهو جنون سندس ذات تائين محدود ناهي پر هو ٻين ماڻهن جي به ادب لکڻ، ادب ڇپجڻ ۽ ادب پڙهڻ ۾غير معمولي دلچسپي رکندو آهي.
ڪنهن نوجوان ۾ ڪو ادبي جراثيم ڏٺائين ڪنهن ڪا سٺي تخليق  ڪئي، ڪو ليک پڙهيو، ڪنهن جو ڪو ڪتاب آهي ته روبرو  يا فون ڪري لازمي طور کيس راءِ ڏيڻ ۽ مبارڪ باد ڏيڻ کي محمد علي پٺاڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي.
الائي ڪيترا اسان جا اديب ۽ صحافي آهن جن کان محمد علي پٺاڻ لکايو آهي. شاعري ڪرائي آهي، ڪهاڻيون لکرايون آهن ۽ ڪتاب لکرايا آهن.
ڪامريڊ سوڀي جي زباني ادب کي محمد علي پٺاڻ ئي پنن تي اتاري انهن کي قلمبند ڪندو رهيو.
بادل جماليءَ ڪهاڻي لکڻ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته محمد علي پٺاڻ ئي آهي جنهن پهل ڪندي آخرڪار ٽيهن سالن کانپوءِ کانس رٽائرمينٽ واپس وٺرائي ڪهاڻي لکرائي ۽ پوءِ ڪهاڻي کي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي خاص گڏجاڻي جو انتظام ڪرائي ان جي آجيان به ڪرائي.
اهي ڪم محمد علي پٺاڻ ائين ڪندو آهي ڄڻ ان ۾ سندس ڪو عرض هجي، مفاد هجي، ڪا پروموشن ملندي هجيس پر نه هو صرف ۽ صرف ادب جي عظيم مفاد ۾ اهي ڪم ڪرائيندو آهي.
ائين انور پيرزادو هجي يا انور ابڙو يا ٻيا سينئر توڙي جونيئر اديب هو مٿن زور ڏئي کانئن لکرائيندو هو ۽ آهي. کيس لکرائڻ ۽ لکرائي همٿ افزائي ڪرڻ جو ڪمال جو آرٽ آهي.
عارضي طور تي ته ماڻهو کانس خفي به ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪم ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي ماڻهو مڃڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ته اهو سڄو ڪم محمد علي پٺاڻ ئي ڪرايو.
مثال طور قربان پيرزادي کي چيائين ته توهان تي ڪو ڪتاب اچڻ گهرجي. قربان ناممڪنات جي ڳالهه سمجهي ٽاري ڇڏيو پر محمد علي پٺاڻ اهو ناممڪن ڪم به ڪجهه ئي مهينن اندر کيس ڪري به ڏيکاريو.
هُن ڇا ڪيو جو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري کان قربان پيرزادي جي جنم ڏينهن تي پروگرام ڪرايو ته قربان جي شخصيت تي مقالا لکجي ويا ۽ دوستن سندس سمورن شخصي پهلوئن تي ڳالهايو ته ڪتاب جو مواد ٺهي ويو.
ائين هن الائي ڪيترن ماڻهن کي ليکڪ، صحافي ۽ ڪالم نگار بڻايو. ڪيترن ڪتابن جا هن خواب ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ به جاکوڙ ڪيائين.
هي اُهي ڪم آهن جيڪي اصولي طور تي ادبي ادارن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ گهرجي.
هيءُ ماڻهو جيڪو هونئن ئي فل ٽائيم ادبي جهان ۾ آهي ۽ سيڪريٽري وارا ڪم ڪري رهيو آهي سو جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو باضابطه مرڪزي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري ته اندازو لڳايو ته هو سنڌي ادبي سنگت کي ڪٿي پهچائيندو.
پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اِها سنڌي ادبي سنگت جي ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته اهڙي ادب دوست ۽ فل ٽائيم ڪميٽڊ ماڻهوءَ کي سنڌي ادبي سنگت جي واڳ سنڀالڻ نٿي ڏني وڃي باوجود ان جي ته سنگت جو ڪم رضا ڪاراڻو آهي.



محمد علي پٺاڻ
ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نگار جون بي تڪلف ڳالهيون

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل

• ادبي سڃاڻپ؟
شاعر، ڪهاڻيڪا، ڪالم نگار، ڊرامه نگار
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
شاعريءَ جا پنج مجموعا: اکيون آلا چنڊ، آشورا آهن، اگھيا اوجاڳا، ڀڳو آرس اکڙين، fluttering feelings انگريزي ۾ شاعريءَ جو مجموعو. (ترجمو: ڄام جمالي)
• اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
ويهارو کن، نثر ۽ نظم ٻنهين ۾
• مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران سال 2000 ۾ تنوير عباسي ايوارڊ،
۽ ساڳي تنظيم پاران لائيف اچيومينٽ ايوارڊ
• لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
1975 ڌارا، هفتيوار ”گلن جھڙا ٻارڙا“ روزاني هلال پاڪستان ۾
• لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
ننڍي لاءِ امڙ جي واتان ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون جنهن ڪري پاڻ کي به شوق پئدا ٿيو ۽ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي
• مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
ڪڏهن ميڻ جيان نرم، ڪڏهن رُڪَ وانگر سخت
• پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ته منجھس انسان دوستي ۽ خير خواهي ڪيتري آهي
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
بهترين ڪتاب، سهڻو چهرو ۽ حسين نظارو
• توهانجو قابل فخر ڪم؟
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان ڪالم، مضمون، مهاڳ ۽ خاڪا وغيره لکرائڻ (جيڪي هو چوندو ويندو آهي ۽ مان لکندو ويندو آهيان)
• دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
محبت
• زندگي اوهانجي نظر ۾؟
اَملهه تحفو
• ڏک توهان جي نظر ۾؟
قبر ڪنڌيءَ تائين نڀائڻ وارو وفادار ۽ بي مثال دوست
• خوشي توهان جي نظر ۾؟
اهڙي محبوبا وانگر جيڪا نيڻ ملائي، پيرن هيٺام ڌرتي کسڪائي پوءِ ڪنهن ٻئي جي ٿي ويندي آهي.
• پيار توهان جي نظر ۾؟
ايترو ضروري جيترو زندگيءَ جو هر پل ۽ پساهه
• ڪنهن کان نفرت آهي؟
ڪوڙي، منافق ۽ سانڊي جھڙي فطرت رکندڙ کان
• اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
شاهه جو رسالو کولي ”سر مارئي“ پڙهندو آهيان يا اکيون پير ڪري ”ڀٽ شاهه“ لاءِ نڪري پوندو آهيان.
• زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
شاعر، اديب ۽ استاد ٿيڻ
• ڪا رهجي ويل خواهش؟
هڪ هجي ته ٻڌائجي. هزارين آهن. ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي
• ڪهڙين شخصيتن کان متاثر آهيو؟
سوڀي گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادي کان جيڪي ”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي...“
• زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
سچائي
• جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
وِڇُن کي هٿ تريءَ تي کڻي درياهه پار ڪرائڻ ۽ پوءِ انهن هٿان ڏنگجڻ. (اهو عمل باربار ٿيندو ٿو رهي؛ نه چاهڻ جي باوجود)
• ڪنهن سفر جي تمنا؟
هندستان وڃڻ جي ۽ اتي پنهنجي پسند جي اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ
• ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
انور پيرزادو ۽ رزاق مهر
• اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
دوستو وسڪي، وفا ناٿن شاهي، روشن علي تنيو، واجد، ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، اياز قادري، انور پريزادو ۽ انور ابڙو
• ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
ساڳي ئي نموني سنڌي ادب جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيان.
• ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
باهه جي وڏي آڙاهه ۾ جسم جو هر حصو سڙندو محسوس ٿيندو آهي.
• مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
بمن ۽ بارودن کان پاڪ، امن آشتي ۽ انسانن جي رهڻ لائق دنيا
• اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
شاهه جي ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ
• سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
ماڻهپي جو گس وٺڻ ۽ هڪ ٻئي جو هڏ ڏوکي ٿيڻ. سماجي تبديلي ان کانسواءِ ممڪن ئي ناهي.
• زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
اهي جيڪي قانون کي پٺي ڏئي جرڳا ڪوٺائن ٿا ۽ انهن جي آڙ ۾ اربين رپيا ڪمائن ٿا، انهن کي چيلهه ۾ رسو وجھي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
• جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
باضمير آهيون کڻي آهيون غريب،
بي ضميرن کان سُٺا آهيون وفا ! (وفا ناٿن شاهي)
• وڻندڙ موضوع؟
ادب ۽ شاعري
• اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
دوستو وسڪي جو ”ڏوهه ۽ سزا“
• ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
شفيع محمد شاهه
• موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
استاد منظور علي خان
• پسند جا نثر نگار؟
دوستو وسڪي، شرت چندر چئٿرجي، چيخوف، خواجه احمد عباس،
• پسند جا شاعر؟
شاهه لطيف، شيخ اياز، ساحر لڌيانوي، وفا ناٿن شاهي، انور پيرزادو ۽ اياز گل
• وڻندڙ لباس؟
شلوار قميص
• وڻندڙ خوشبو؟
رابيل جي
• آٽو گراف؟
تون ماٺ هي سڄو سنسار ماٺ،
وقت جي پيرن ۾ پيل پَيَڪَڙا،
شهر بدر ٿي ويل ڏکڻ جي هيرَ،
ڳالهاءِ، جيئن سڄي سنسار کي چر پر ملي،
هُر کُر ملي، تو تائين پهچڻ جي،
اي منهنجي خوابن جي شهزادي آزادي...


No comments:

راءِ ڏيندا