; سنڌي شخصيتون: بيدل مسرور - رضوان گل

04 January, 2013

بيدل مسرور - رضوان گل


بيدل مسرور
سنڌي ٻولي جي مشھور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر، محقق، راڳي، موسيقار، جون بي تڪلف ڳالهيون

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل

• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
ايڊٽ ڪيل: گلشن سيريز شڪارپورجي نالي ۾ ٻاراڻي ادب جا پنج ڪتابڙا، سنڌي ادب محل شڪارپور پاران ڇهه ڪهاڻين جا مجموعا.
طبعزاد: ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻين جو مجموعو)، راڻي (ناوليٽ). نظرين جو چڙيا گهر ۽ هڪ باندر (ناوليٽ)، چاهتن جي ٽواٽي تي ۽ آءِ لو يو (جاڙا ناوليٽ)، رانول رمزن وارو ( مقالا).
تحقيق. ترتيب ۽ تاليف: ڪليات مسرور (ٻه حصا)، مثنوي هير رانجهو، بيدل نامو.
ترجما: محبت به قيامت به (ناول)، قلوپطره (ناول)، حقيقت ۽ آزادي (فلسفو)، سپنن جو سنسار (خوابن جو نفسياتي جائزو).

• اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
اٽڪل پندرهن: ۱. ڪوٺ (ناول)، ۲. هڪ الميو (ناوليٽ)، ۳. گرهڻ (ناوليٽ)، ۴. پل پوپٽ پل جگنو (ناول)، ۵. پيهي جان پاڻ ۾ (ناول، ترجمو)، ۶. ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا (اسٽريٽ ٿيٽر) ۷. تزڪ تيموري (سوانح، ترجمو)، ۸. شخصيت جو انتظام (نفسيات، ترجمو)، ۹. ٽيليويزن مينيوئل، ۱۰. اڪ جو پن (شاعري) ۱۱. سوانحي مقالا ۽ مضمون، ۱۲. ڪالم، ۱۳. مڪتوبات، ۱۴. سٺو دوست (ليوشائوچي جي ڪتاب جو ترجمو)،۱۵ . نثري شاعري.
• مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
گريجوئيٽ ايسو سي ايشن (گولڊ ميڊل)، گل آرٽ پروموٽرس ڪراچي (گولڊ ميڊل) گل آرٽ اڪيڊمي ڪوئيٽيا (گولڊ ميڊل)، براهوي اڪيڊمي بلوچستان (گولڊ ميڊ)، پي ٽي وي ايوارڊ (ٽي عدد)، مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران موسيقيءَ جي مڃتا ۾ سرٽفڪيٽ ۽ شيلڊ.
• لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
ادبي شروعات: روزاني عبرت حيدرآباد جي ٻارن جي ٻاري (۱۹۶۴ع) کان، پهرين ڪهاڻي: ”مان ڪير آهيان“ ڪهاڻي روزاني خادم وطن حيدرآباد ۲۱ فيبروري ۱۹۶۶ع ۽ پهريون شعر: سچل سائينءَ جي عقيدت ۾ لکيل نظم. ماهوار ”اديون“ ڪراچي، مارچ ۱۹۶۶ع
• لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
ادبي گهراڻي جي اثر سبب لکڻ پڙهڻ ۽ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو.
• مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
جلدي رسڻ ۽ جلدي پرچڻ وارو.
• پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ماڻهوءَ جي گفتگو ۽ سندس اکيون.
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
محبت، مروت، اخلاق ۽ ادب.
• توهانجو قابل فخر ڪم؟
تحقيق ۽ ڳائڻ.
• دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
محبت، محبت بس محبت
• زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
۱۹۸۸ع ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي دهشتگردن هٿان سنڌين جو قتل عام.
• مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
انسانيت، اخلاق ۽ پنهنجي ڪم ۽ ٻين لاءِ عزت
• ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
منهنجي مطمئن نه هئڻ سان انهن تي ڪهڙو اثر ٿو پوي!
• زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
ادل سومري جو شعر: زهر آ هر ڪا گهڙي.
• گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
جڏهن ڪوڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيهي.
• ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
رسالن ۾ شايع ٿيڻ ۽ پنهنجي دوستن کان تعريفون ڪرائڻ.
• لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
ٻار واري.
• نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
ڪجهه ڪجهه، ٿورو ٿورو.
• زندگي توهان جي نظر ۾؟
ٻين لاءِ جيئڻ
• ڏک توهان جي نظر ۾؟
غريبن جو جيئڻ، جن کي الله کانسواءِ ڪو آسرو نه آهي.
• خوشي توهان جي نظر ۾؟
معصوم ٻارڙن جو کلڻ ۽ ڪڏڻ.
• پيار توهان جي نظر ۾؟
اي پيار تيري پهلي نظر ڪو سلام
• دوستي توهان جي نظر ۾؟
ادب، احترام ۽ آزادي.
• عورت اوهان جي نظر ۾ ؟      
ندي، ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ماٺيڻي.
• ڪنهن کان نفرت آهي؟
ڌاريائپ سان
• اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ننڊ ڪندو آهيان يا ڪنهن ڪلام جي ڌن ٺاهيندو آهيان.
• زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
منهنجو انسان هجڻ
• ڪا رهجي ويل خواهش؟
جانے کہاں گئے وہ دن، کہتے تھے تیری راہ میں، نظروں کو ہم بچھائیں گے۔
• ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
خاموش طبع ماڻهن کان.
• زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
ڪلام پاڪ ۽ ڪليات مسرور ٻئي حصا.
• جيون جي ڪا کل جهڙي ڳاله؟
دل چريءَ کي ڪير سمجهائي ڀلا، پيار تنهنجي تي اڃا پيئي پڏي .. (تاج بلوچ)
• ڪنهن سفر جي تمنا؟
مڪي ۽ مديني ڏانهن سفر، ٻه ڀيرا ڪيو اٿم، وري وري ڪرڻ ٿو چاهيان.
• ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
جدائيءَ جو بس وقتي احساس ٿيندو آهي، باقي زندگي روان دوان.
• اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
سڀني نبين، ولين ۽ بزرگن تي.
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
مروت ۽ سچ تي ڳنڍ ڏئي بيهڻ.
• ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
وري زندگيءَ جي ميلي ۾ پاڻ ملهائيندس.
• شادي پنهنجي پسند يا مائٽن پسند هئڻ گهرجي؟
شادي پنهنجي پسند تي ئي ڪرڻ گهرجي
• ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
قدرت جو شان.
• مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
نت نين سائنسي ايجادن ۽ مت جي موڙهيل ماڻهن سان ڀريل دنيا.
• اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
جيڪڏهن خواب ڪنهن خواهش جي معنا ۾ آهي ته پوءِ رڳو هڪڙو خواب آهي جيڪو پورو ڪونه ٿيو آهي، ۽ اهو آهي سکيو ستابو سنڌو ديش“
• سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
سٺي يا خراب تبديلي ته روز روز اچي پئي پر ڪنهن سٺي ۽ پائدار تبديليءَ جي اميد رکڻ لاءِ پاڻ سان سچو ٿيڻو پوندو، جيڪو ڪم مشڪل آهي.
• زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
انسان کي باندر جي پنڃري ۾ واڙي مٿان تختي لڳائي وئي آهي ته ”هي اهو ڀولو آهي جيڪو صديون گذري وڃڻ جي باوجود ماڻهو نه ٿي سگهيو آهي.“
• جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي، مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مون کي. (امداد حسيني)
• وڻندڙ موضوع؟
نفسيات
• اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
الله سائينءَ جو ڪتاب، ”قرآن پاڪ“
• ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
سوين شخصيتون آهن، ڪنهن جو نالو لکي ڪنهن جو لکان.
• موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
سڀني کي ...
• پسند جا نثر نگار؟
رسول همزاتوف، پائلو ڪوهلو.
• پسند جا شاعر؟
لطيف سرڪار، سچل سائين، بيدل سائين، مسرور فقير، شيخ اياز، امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ ٻيا سوين شاعر.
• وڻندڙ لباس؟
شلوار قميص ۽ فل سوٽ (ٿري پيس)
• وڻندڙ خوشبو؟
عُود، اَزارو ۽ گلاب.
• آٽو گراف؟
جي هيانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسي،
ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسي. (اياز) 

No comments:

راءِ ڏيندا