; سنڌي شخصيتون: خورشيد قائمخاني

11 January, 2013

خورشيد قائمخاني

خورشيد قائمخاني

سپنن جي ديس جو ماڻهو!

اشفاق لغاري



ڀيلن، ڪولهين، ڪبوترن، باگڙين، ٻڙهن، اوڏن، جوڳين ۽ آفريڪا مان سنڌ ۾ غلامن جي صورت ۾ پهتل شيدين جي ڏکن ڏوجهرن کان وٺي، انهن جي ريتن رسمن تي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ خورشيد قائمخاني عرف ”جپسي“ زماني جي ذلتن جي ماريل ماڻهن جي لاءِ هن ملڪ ۽ معاشري ۾ ڪجهه نه بدلجڻ واري مايوسيءَ سان اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ طبيعت جي ناچاقيءَ سبب، زندگيءَ جا باقي ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهي.

ڌرتيءَ جي ڌڪاريل ماڻهن جو درد پنهنجي اندر ۾ پالي وڏو ڪندڙ خورشيد قائمخاني جي زندگيءَ جي سُئي اڄ به ۴۷ع واري ورهاڱي ۾ اٽڪيل آهي (جنهن کي هو غير فطري ورهاڱو چئي ٿو.) هن راجسٿان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي جنهن زمين تي بانبڙا پاتا، راجپوتن جي ان ڳوٺ جي مٽيءَ جي پيرن هيٺان نڪرڻ کانپوءِ هن کي وري ڪڏهن به ”گهر ۽ وطن“ نصيب نه ٿيو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪامريڊ دوست خديجه گوهر سان هيئن ڪيو هو؛

”تنهنجي جنم جو هنڌ ڪهڙو آهي؟“ ڪامريڊ خديجه پڇيو هو.

جواب ۾ خورشيد ٻڌايو، ”راجسٿان“.

وري خديجه پڇيو؛ ”هاڻي ڪٿي ٿو رهين؟“

وراڻيائين؛ ”چوڻ لاءِ ته سنڌ ۾ پر حقيقت ۾ ڪٿي به نه.“

”ڇو؟!“ خديجه پڇيو.

 ”بس! خديجه، مون ورهاڱي واري عمل کي دل سان قبول ئي ناهي ڪيو.“ خورشيد چئي ٿو.

”ته پوءِ گهر؟“ وري خديجه پڇي ٿي.

”ڇا خانه بدوش ماڻهن جو ڪڏهن ڪو گهر ٿيو آهي؟ منهنجي ذهن ۾ اڃان تائين منهنجي جنم واري گهر جو تصور آهي.“ خورشيد ٻڌايو.

هُو ورهاڱي جي ڳالهه نڪرندي ئي، پنهنجي ماءُ ۽ پوڙهي ڏاڏي جي اها ڳالهه ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي، جيڪا ورهاڱي جي لڏپلاڻ وقت انهن ساڻس ڪئي هئي. هو ٻڌائيندو آهي ته، ”امان ۽ ڏاڏي لڏ پلاڻ وقت هڙوٽيون ٻڌندي چيو پئي ته، هي ڪجهه ڏينهن جو فتنو آهي، پاڻ جلد گهر واپس موٽي اينداسين، پر انهن جي اها خواهش انهن سان گڏ قبر ۾ ئي دفن ٿي وئي.“

۷۱ع واري الميي کان ٿورو اڳ احتجاجن هو پنهنجي سينئر ميجر واري عهدي تان اي ڪي نيازي وٽ استعيفا پيش ڪري، پينشن تان هٿ ڌوئي اچي ٽنڊي الهيار ۾ پنهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل ٻه ٽي ايڪڙ پنهنجي زرعي زمين سنڀالڻ لڳو. ڪجهه وقت اڳ، بنگلاديش حڪومت جي ايم سيد، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، غوث بخش بزنجي ۽ ٻين ڪجهه بنگلاديش ۾ ٿيل قتل عام جي مخالفت ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا هئا، پر ان لسٽ ۾ خورشيد قائمخاني جو نالو شامل نه هو ۽ شايد انور پيرزادي جو به. هُن کي ڪجهه وقت پاڪستان ۾ سوشلزم آڻڻ واري ڏٺل خواب به ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ هُو ان جي ساڀيان لاءِ سنڌ ۽ لاهور جي ڪجهه ڪامريڊن سان به مليو، پر کيس پنهنجي مزاج وارا ماڻهو شايد گهٽ ئي مليا. نيٺ هن پنهنجي ڪلهي ۾ ٿيلهو وجهي، سنڌ جي دلتن سان درد جو رشتو جوڙي ورتو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. سياحت جو ديوانگيءَ جي حد تائين شوق رکندڙ خورشيد قائمخاني جي رولاڪيءَ واري عادت جي پيرن ۾ پنجوڙ صرف سنڌ جي سر زمين وڌا. ڪامريڊ خديجه جي لاڏاڻي کانپوءِ، هن حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار ۾ پنهنجا دوست ٺاهڻ شروع ڪيا، جن مان ارجڻ ڀيل، هڪڙو جوڳي فقير ۽ فيضو شيدي هن جا گهاٽا يار ٿي ويا.

ٽنڊي الهيار ۾ دلتن جي وڏي ۾ وڏي لڳندڙ راما پير جي ميلي تي، انگريزي اخبار اسٽار ۾ مضمون لکي پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪندڙ خورشيد قائمخاني کي سنڌ ۾ رهندڙ جوڳين، اوڏن، ڪبوترن، ڪولهين، ڀيلن ۽ شيدين جي تاريخي پسمنظر، ريتن رسمن ۽ معاشري ۾ سندن ”ويچارگي“ واري حالت ڇو آهي؟ جي موضوع تي دسترس حاصل پئي رهي آهي. هن ان ڏس ۾ ”ڀٽڪتي نسلين“، ”سپيان اور پٿر“ جهڙا ٻه مشهور ڪتاب به لکيا. ان کانسواءِ ناليواري ليکڪا امرتا پريتم جي سترهن هندي ڪهاڻين جو ”ستره ڪهانيان” ۽ ڪامريڊ خديجه گوهر جي انگريزي ناول جو اردوءَ ۾ ”اميدون ڪي فصل“ جي نالي سان بهترين ترجمو پڻ ڪيو. وڏو عرصو انگريزي اخبار اسٽار (جنهن تي ضياءُ الحق پابندي وڌي) ۾ ڪالم لکڻ کانپوءِ خورشيد قائمخاني ڪاوش ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکيا، جيڪي مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهن.

زندگيءَ جي سکين ڏينهن ۽ خاص ڪري نوڪريءَ وارن ڏينهن جي ڳالهه ٻڌائڻ کان چڙ کائيندڙ خورشيد قائمخاني پنهنجون اهي يادگيريون به ۱۹۹۹ع ۾ لکيون، پر پبليشرن پاران جواب ڏيڻ ڪري اهي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيون. بقول خورشيد جي هڪ ڪينڊين دوست جي ته، اهي خورشيد جي حياتيءَ ۾ ڇپجي نٿيون سگهن. خورشيد قائمخاني پنهنجي زندگيءَ جي ڪجهه ڏينهن جو حال فرضي نالن ۽ سچن واقعن جي صورت ۾ پنهنجي يادگيرين جي ڪهاڻين جي صورت ۾ ”سپنون ڪا ديس“ نالي ڪتاب لکي ان ۾ سليون آهن، پر اهي هن جي زندگيءَ جو مڪمل احاطو نٿيون ڪن، جنهن ۾ هن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾ سري گهاٽ واري علائقي ۾ هڪ ڪوٺي واريءَ سان پيچ اڙجي وڃڻ واري ڪٿا به وڏي سچائيءَ سان لکي آهي ته، کيس لال پري ڪيئن طعنو ڏيندي، پنهنجي ڀاڪر کان پري ڪندي چيو هو: ”هل ڙي .... فلمي ڊائلاگ نه هڻ، اهي وفا ٻفا جا قصا وڃي ڪنهن ٻئي کي ٻڌائجانءِ، منهنجو ٽائيم ضايع نه ڪر، .... هليو آهي وفا تلاش ڪرڻ.“

اسڪردو، لاهور، ٽنڊي الهيار ۾ خورشيد جي ڳوٺ واري ٻني، دلتن جون ڪچيون آباديون، پاڙا، گهٽيون، رستا ۽ ريلوي اسٽيشن خورشيد جي ۷۰ع واري زندگيءَ کان پوءِ ڄڻ ته هن جو مڪمل ڏس پتو بڻجي ويا. خورشيد قائمخاني زندگيءَ ۾ جيترو وقت به سفر ڪيو، اهو گهڻي ڀاڱي ريل جو سفر ئي ڪيو. ريل گاڏي، خورشيد جي زندگيءَ جو استعارو بڻجي پئي رهي آهي.


 

خورشيد قائمخاني

... ۽ ”خورشيد“ گرهجي ويو

اشفاق لغاري

آخري ڏينهن ۾ هن پاڻ کي ماڻهن کان پري رکڻ پئي گهريو، فون تي به نه ڳالهائڻ چاهيندو هو. چوندو هو ته بس گهڻو ئي ڳالهايوسين ۽ لکيوسين، جيڪي ڪچهريون ٿيون، اهي کوڙ آهن. هاڻ مرڻ مون سين آءُ جو سڏ پيو ڏيان، پر جڏهن فرشتهء اجل تائين منهنجو آواز پهچي ۽ هن کي مون سان ملڻ جي اجازت ملي. زندگيءَ ۾ پڇتاءُ نالي ڪنهن شيءِ کي هن پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. اصول پرست اهڙو جو مير علي احمد ٽالپر سان ياري هوندي هئس. پر جڏهن مير ضياءَ جو دفاعي وزير ٿيو ۽ خورشيد کي نياپو ڪيائين ته تو وٽ گهر ملڻ ٿو اچان، ته نياپو کڻي ايندڙ کي خورشيد چيو ته، مير صاحب کي ٻڌاءِ ته خورشيد چئي ٿو، ته تولاءِ هاڻي منهنجي گهر جو در ۽ رستو سوڙها ٿي چڪا آهن، هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪجانءِ.

سينيئر ميجر جي عهدي کي ٺڪرائڻ کانپوءِ ڀيلن، ڪولهين، ڪبوترن، شڪارين، باگڙين، ٻڙهن، اوڏن، جوڳين ۽ آفريڪا مان در در جي ٺوڪر کائي سنڌ ۾ هڪ غلام جي صورت ۾ پهتل شيدين جي ڏکن ڏوجهرن کان وٺي، انهن جي ريتن رسمن تي پهريان انگريزيءَ ۽ پوءِ اردو ۾ لکي صحافتي دنيا ۾ پير پاتائين. هن کي سندس پوٽا، پوٽيون، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون ”ميجر خورشيد“ جي نالي سان سڏيندا هئا، پر هو ميجر ۽ مُجيري جي هن وطن عزيز ۾ ڪيل ڪمن کان ڏاڍو ناراض هو. ڪنهن مُجيري ۽ ميجر سان ملڻ بجاءِ هو پنهنجي دوست ارجڻ ڀيل سان ملي خوش ٿيندو هو.

ٽنڊوالهيار ۾ هو پنهنجي مزاج ۽ صحافتي سفر سبب ايترو ته مشهور ٿي ويو هو، جيڪڏهن توهان رڳو لفافي تي خورشيد قائخاني، امام پاڙو، ٽنڊوالهيار لکي، پوسٽ آفيس پنهنجو خط پڄايو ته، اهو پاڻ ئي خورشيد کي ملي ويندو هو.

سال ۲۰۰۸ع تائين به هو حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪافي دوستن سان پوسٽ آفيس واري لفافي معرفت خط لکي رابطي ۾ رهندو هو. هن کي ڪمپيوٽر جو استعمال به ايندو هو، ۲۰۱۲ع جي جولاءِ_ آگسٽ تائين، هن ڪمپيوٽر وسيلي، پنهنجي ڪيناڊا ۾ ويٺل هڪ دوست سان رابطو جاري رکيو، پر خط لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ هن کي آساني ٿيندي هئي.

بس ۾ سفر ڪرڻ به ڏاڍو عجيب لڳندو هئس، شايد ئي ڪڏهن هن معمول وارن ڏينهن ۾ ڪڏهن بس جو سفر ڪيو هجي. ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد به ريل گاڏيءَ ۾ ايندو ويندو هو. خورشيد جي گهر نه ملڻ جي صورت ۾، آئون کيس ٽنڊو الهيار جي باگڙي ڪالوني، ڀيل ڪالوني، جوڳي ڪالوني، اسٽيشن روڊ ۽ شاهه لطيف پارڪ مان ڪنهن هنڌ ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هئس. هاڻي هن بيچين روح ۽ صدين جي سيلانيءَ کي ڪٿي ڳوليندس! ”روءُ! ديس روءُ! تنهنجو هڪ سلڇڻو ۽ سياڻو پٽ دنيا مان لڏي ويو.“

هن راجسٿان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي جنهن زمين تي بانبڙا پاتا، راجپوتن جي ان ڳوٺ جي مٽيءَ جي پيرن هيٺان نڪرڻ کانپوءِ، هن کي وري ڪڏهن به ”گهر ۽ وطن“ نصيب نه ٿيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪامريڊ دوست خديجه گوهر سان هينئن ڪيو هو؛

”تنهنجي جنم جو هنڌ ڪهڙو آهي؟“ ڪامريڊ خديجه پڇيو هو.

جواب ۾ خورشيد ٻڌايو؛ ’راجسٿان.‘

وري خديجه پڇيو؛ ’هاڻي ڪٿي ٿو رهين؟‘

”چوڻ لاءِ ته سنڌ ۾، پر حقيقت ۾ ڪٿي به نه!“ خورشيد ٻڌايو.

’ڇو؟!‘ خديجه پڇيو.

’بس، خديجه! مون ورهاڱي واري عمل کي دل سان قبول ئي ناهي ڪيو.‘ خورشيد چئي ٿو.

’ته پوءِ گهر؟‘ وري خديجه پڇي ٿي.

’ڇا خانه بدوش ماڻهن جو ڪڏهن ڪو گهر ٿيو آهي؟‘ خورشيد وڌيڪ ٻڌايس؛ ’منهنجي ذهن ۾ اڃا تائين منهنجي جنم واري گهر جو تصور آهي.‘

خديجه جي دنيا مان لڏڻ کانپوءِ، هن جي اندر جي دنيا ڄڻ ويران ٿي وئي هئي. هن جي ويجهن دوستن ۾ ڪامريڊ خديجه پڄاڻان، حيدرآباد ۾ فيض محمد شيدي (خورشيد کيس فيضو سڏيندو هو)، صحافي اسحاق مڱريو ۽ پبلشر علي نواز گهانگهرو سان هن جي گهڻي عليڪ سليڪ هوندي هئي. فيضو شيدي ۽ ٽنڊوالهيار جي هڪ جوڳيءَ ته هن جي دل جي يارن واري خاني ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي.

خورشيد قائم خاني ۱۹۷۰ع ۾ پنهنجي سينيئر ميجر واري عهدي تان اي ڪي نيازيءَ وٽ استعيفا پيش ڪري، پينشن تان هٿ ڌوئي اچي، ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل ٻه ٽي ايڪڙ زرعي زمين سنڀالڻ لڳو هو. هُن کي ڪجهه وقت پاڪستان ۾ سوشلزم آڻڻ واري ڏٺل خواب به ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ هُو ان جي ساڀيان لاءِ سنڌ ۾ پليجو صاحب سان ۽ لاهور جي ڪجهه ڪامريڊن سان به مليو، پر کيس پنهنجي مزاج وارا ماڻهو شايد گهٽ ئي مليا. سنڌ ۾ جڙيل لساني ماحول کان هن کي سخت نفرت هوندي هئي. چوندو هو؛ ’هي ڪٿان جا چريا گڏ ٿيا آهن، جيڪي هر مسئلي جو حل ورهاڱي ۾ ڳولين ٿا.‘

نيٺ هن پنهنجي ڪلهي ۾ ٿيلهو هڻي، سنڌ جي دلتن سان درد جو رشتو جوڙي ورتو، جيڪو آخر دم تائين قائم رهيو. سياحت جو ديوانگيءَ جي حد تائين شوق رکندڙ خورشيد قائم خانيءَ جي رولاڪي واري عادت جي پيرن ۾ پنجوڙ صرف سنڌ جي سر زمين وڌا.

ٽنڊوالهيار ۾ دلتن جي وڏي ۾ وڏي لڳندڙ راما پير جي ميلي تي، انگريزي اخبار اسٽار ۾ مضمون لکي، پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪندڙ خورشيد قائم خانيءَ کي سنڌ ۾ رهندڙ جوڳين، اوڏن، ڪبوترن، ڪولهين، ڀيلن ۽ شيدين جي تاريخي پسمنظر، ريتن رسمن ۽ معاشري ۾ سندن ’ويچارگي‘ واري حالت ڇو آهي، جي موضوعن تي دسترس حاصل پئي رهي آهي. هن ان ڏس ۾ ’ڀٽڪتي نسلين‘، ’سپيان اور پٿهر‘ جهڙا ٻه مشهور ڪتاب به لکيا، ان کانسواءِ ناليواري ليکڪه امرتا پريتم جي سترهن هندي ڪهاڻين جو ’سترهن ڪهانيان‘ ۽ ڪامريڊ خديجه گوهر جي انگريزي ناول جو اردو ۾ ’اميدون ڪي فصل‘ جي نالي سان بهترين ترجمو پڻ ڪيو. وڏو عرصو انگريزي اخبار اسٽار (جنهن تي ضياءَ الحق پابندي وڌي) ۾ ڪالم لکڻ کانپوءِ، خورشيد قائم خاني سنڌي اخبارن لاءِ ڪالم پڻ لکيا، جيڪي مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهن.

زندگي جي سکين ڏينهن ۽ خاص ڪري نوڪريءَ وارن ڏينهن جي ڳالهه ٻڌائڻ کان چڙ کائيندڙ خورشيد قائم خاني پنهنجون اهي يادگيريون به ۱۹۹۹ع ۾ لکيون، پر پبليشرن پاران جواب ڏيڻ ڪري اهي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيون. بقول خورشيد جي هڪ ڪينڊين دوست جي ته اهي خورشيد جي مرڻ بعد ئي ڇپجي سگهن ٿيون.

خورشيد قائم خاني پنهنجي زندگيءَ جي ڪجهه ڏينهن جو حال فرضي نالن ۽ سچين واقعن جي صورت ۾ پنهنجي يادگيرين جي ڪهاڻين جي صورت ۾ ”سپنون ڪا ديس“ نالي ڪتاب لکي ان ۾ سليون آهن. پر اهي هن جي زندگيءَ جو مڪمل احاطو نٿيون ڪن. جنهن ۾ هن گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ هڪ ”پري“ سان پيچ اڙجي وڃڻ واري ڪٿا به وڏي سچائي سان لکي آهي ته، کيس لال پري ڪيئن طعنو ڏيندي، پاڻ کان پري ڪندي چيو هو: هل ڙي فلمي ڊائلاگ نه هڻ، اهي، وفا ٻفا جا قصا وڃي ڪنهن ٻئي کي ٻڌائجان، چريو ڪٿي جو.... هن بازار واريءَ ۾ هليو آهي، وفا تلاش ڪرڻ! ائين وفا جي پيڪر خورشيد قائم خاني جي پٽ عامر ڪالهه فون ڪري روئندي چيو؛ يار....بابا جدائي ڪري ويو.


 

خورشيد قائمخاني

لاڏائو قبيلي جو همدرد

منظور ڪالرو

سنڌ ۾ لاڏاڻو قبيلي ۽ ٻين ڪيترين ننڍين ذاتين يا قبيلن تي تحقيق ڪندڙن ۾ هڪ نالو ”خورشيد قائمخاني“ جو به سرفهرست سمجهيو وڃي ٿو. سندس جنم ۱۹۳۳ع ۾ ڀارت جي صوبي راجستان جي ڳوٺ سيڪر جي هڪ فوجي گهراڻي ۾ ٿيو، جيڪو خاندان بعد ۾ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر ٽنڊوالهيار لڏي آيو. پاڻ ۱۹۵۸ع ڌاري فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪميشن وارو امتحان پاس ڪيو، پر پوءِ اڳتي هلي سندس طبيعت فوج ۾ نه لڳي ۽ پاڻ کي انهيءَ اهم ذميوارين کي بخوبي سرانجام ڏيڻ لاءِ بهتر نه سمجهندي دل ۽ دماغ ۾ جيڪي سياحت ڳولا ۽ تحقيق وارا لاڙا ڇوليون هڻي رهيا هئا، تن کي نڀائڻ لاءِ ٿر بر نڪري پيو.

ٽنڊوالهيار ۾ جيتوڻيڪ خورشيد قائمخاني جي رهائش هئي، پر عام ماڻهو کيس ايترو نه سڃاڻندا هئا، جيترو ٿر ۽ لاڏائو قبيلن توڙي شيدي برادريءَ جا ماڻهو کيس چڱيءَ ريت سڃاڻيندا هئا، ڇو جو پاڻ انهن وٽ وڃي رهندو هو ۽ سندن خبر گيري لهندي ڏک سور، رهڻي ڪهڻي کي ويجهو رهي، پنهنجي تحقيق ۽ ڄاڻ/ معلومات کي تاريخ جي صفحن ۾ قلمبند ڪندو هو، جنهن ڪري پاڻ هڪ سياح ۽ محقق طور مشهور ٿيو، ڪالم به لکيائين، سندس پهريون ڪالم انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ”اسٽار“ اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو هندو ڌرم جي بزرگ ”شري راما پير“ جي باري ۾ هو، ائين سندس مقبوليت عام ٿي. گهڻن کي خبرون پئجي ويون ته هي شخص جيڪو ڳچيءَ ۾ ٿيلهو پائي سادن ڪپڙن ۽ سادگي واري زندگي بسر ڪري ٿو، اهو اسان جي سماج تاريخ ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان وڏو ماڻهو آهي، ان بعد سندس انٽرويوز به ٽيليويزن چئنلن وسيلي عام ٿيا، تڏهن شهر ٽنڊوالهيار وارن کي به چڱي ريت خبر پئجي وئي ته سندن شهر ۾ سنڌ جي مشهور شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي کانپوءِ هڪ ٻي شخصيت به رهي ٿي، جنهن جو نالو آهي ”خورشيد علي قائمخاني“.

جيتوڻيڪ سندس خانا بدوشن، ننڍين ذاتين، جوڳين ۽ شيدين بابت ڪيل تحقيقي پورهئي جو قدر ايترو نه ٿي سگهيو ۽ جڏهن خبرون عام ٿيون، تڏهن پاڻ هن مفادن ڀري زماني کي ڇڏي گهڻو پري نڪري چڪو هو!!

سنڌ جي هن ادب ۽ تاريخ دوست ڪتاب لکي شايع ڪرايا، جن ۾ ”جسپي- ڀٽڪتي هوئي قبائل، سِپيان اور پٿر- سپنون ڪا ديس ۽ هڪ ترجمو اميدون ڪا فصيل“ شامل آهن. جڏهن ته ۱۰۰ کن ڪالم انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڇپرايا. خورشيد قائمخاني جي روپ ۾ هڪ اهم ۽ نرالي موضوعن تي تحقيق ڪندڙ سنڌ دوست جو قدر ڪرڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) اڳتي قدم وڌايو ۽ کيس ايوارڊ سان نوازي سندس زندگيءَ کي اهم شخصيت طور متعارف ڪرايو.

آمريڪا ۽ فرانس ۾ قديم رهاڪن بابت ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪري تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ انهن ملڪن جي ادبي علم حقلن کي به لاڏائو قبيلي يا انهن ذاتن، جن کي اسان جي سماج ۾ نيچ يا گهٽ حيثيت ڏيڻ وارا رجحان رهيا آهن، تن جي زندگين مسئلن تڪليفن ۽ رهڻي ڪهڻي بابت آگاهي ڏئي مقبوليت حاصل ڪئي. ان ڏس ۾ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ”لائبريري“ به قائم ڪئي، جيڪا پسگردائي جي عام خاص پڙهيل لکيل طبقي لاءِ هئي. صوفي مزاج ته ڪڏهن سوشلسٽ طور ڏٺو ويندڙ هي غريبن ۽ زماني جي نظرن ۾ گهٽ حيثيت وارن جو همدرد پنهنجي زرعي زمين مان ۳ ايڪڙ زمين ڀيل قوم جي هارين ۾ ورهائي سندس معاشي امداد ڪئي. جوڳين سان سندس وڏو چاهه رهيو ۽ انهن بابت کوجنا ڪيائين، شيدين سان به دوست ۽ برادري ناتا رکي سندن طور طريقن، رواجن کي ويجهي کان ڏسي انهن جي تاريخ ۽ حالتن کي پنهنجي تحقيق جو حصو بنايو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيل جاکوڙي پورهئي کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو وڃي ٿو.

ٿڌو مزاج ۽ پنهنجن اصولن ۽ طور طريقن سان زندگي بسر ڪندڙ خورشيد قائمخاني هڪ بااصول انسان طور سڃاتو ويندو هو. اردو ڳالهائيندڙ هن حقيقي سنڌي جيڪو تحقيقي علمي ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو تاريخ جي سونهري صفحن ۾ هميشه لاءِ محفوظ رهندو.

۱۱ جنوري تي سندس وفات واري خبر ٻڌي ڪيترائي دوست خاص طور هزارين لاڏائو قبيلي جا ماڻهو، پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳا. ڪاش! سنڌ جو ڪو ٻيو ادب علم تاريخ دوست ميدان تي اچي ۽ جيڪو ڪم اڌورو رهجي ويو، تنهن کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهي.


 

خُورشيد قائِمخاني

پِرهه جو پانڌيئڙو

رمضان شورو

۱۹۴۷ع ۾ برطانوي راڄ پسپا ٿيڻ مهل ننڍي کنڊ جي نقشي تي ورهاڱي جي هڪ اهڙي ليڪ ڇڪي وئي، جيڪا زمين تي جبلن، دريائن، واهن، ڳوٺن، ٻنين ۽ صحرائن کي به وچان ڪٽيندي وئي، جو نيٺ سمنڊ ۽ آسمان ۾ به سرحدون ڇڪجي ويون ۽ پوءِ وقت سان گڏوگڏ اُن جي ٻنهي طرفن وسندڙ ماڻهن جون دليون به ڪٽجي ڌار ٿي ويون.“

هي لفظ هڪ اهڙي آدرشي انسان، ڀٽڪندڙ قبيلن جي ترجمان ۽ پرهه جي پانڌيئڙي جا آهن، جنهن کي اسين سڀ خورشيد قائمخاني جي نالي سان ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا.

سندس جنم ان صحرائي علائقي راجستان ۾ ٿيو جتي سندس بقول ”اونهاري جي مُند ۾ سرير کي تپائيندڙ ۽ لڱ ساڙيندڙ لُڪون لڳنديون هيون، طوفاني واچوڙا ايندا هئا، ڌرتيءَ جا تهه اُٻڙڪا ڏيندا هئا، سوڪهڙو ڏُڪار بڻجي ڪڙڪندو هو ۽ بک ۽ پيڙا مٽيءَ جي ٺهيل گاري وارين ڀتين مان اُٻڙڪڻ لڳندي هئي، ڪڙڪندڙ اُس ۾ گاهه پن سُڪي سڙي ويندا هئا، ڍور ڍڳا بُکيا اُڃا صحرا ۾ ڀٽڪي ساڻا ٿي ڍير ٿي ويندا هئا، تڏهن آڪاش ۾ ڳجھون ڦيرا ڏيڻ لڳنديون هيون ۽ علائقي ۾ موت جو سَمون ڇائنجي ويندو هو.“

سيپٽمبر ۱۹۳۳ع ڌاري جنم وٺندڙ ۽ راجستان ڄائي هجڻ تي فخر محسوس ڪندڙ خورشيد قائمخانيءَ پنهنجي پرائمري تعليم ”سوائي ماڌو سنگھه پرائمري اسڪول سيڪٽر راجستان“ مان ۱۹۴۶ع ڌاري مڪمل ڪئي، جيتوڻيڪ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته سندن علائقو پاڪستان ۾ شامل ٿيو پر سندس وڏا لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ سڪونت پذير ٿيا، خورشيد قائمخاني آخري تائين ۱۹۴۷ع واري سال کي ڌڪار سان ڀرپور ۽ اڀاڳي واچوڙي وارو سال چئي ياد ڪندو هو، پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس وڌيڪ تعليم لاءِ سيڪٽر (راجستان) جي شري ڪلياڻ سنگھه هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، پر سُتت ئي کيس راجستان جون وارياسيون ڀٽون ڇڏي اچي ٽنڊي الهيار جا وَڻ وسائڻا پيا، جتان هن مڊل پاس ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، مئٽرڪ کان پوءِ هي ڪجھه سال گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ به پڙهيو، پر جيئن ته هن جو پيءُ ڪيولري ريجمينٽ ۾ مُلازم هو ان ڪري هن جي سڄي خاندان کي ڪافي سال رسالپور ۾ رهڻو پيو هو، هن جو پيءُ يونا هارس ريجمينٽ ۾ مُلازم هو جنهن کان پوءِ ان ريجمينٽ کي فخرِ هند به چيو ويو، ان ريجمينٽ ۾ انهن ڏينهن ۾ جٽ ۽ راجپوتن خاص ڪري قبيلائي مسلمان چوهاڻن ۽ خورشيد قائمخانيءَ جي خاندان جي گھڻائي هئي، ان ڪري پُر امن ۽ حساس طبيعت رکڻ باوجود کيس به ڪاري موري ڪاليج ڇڏي ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي، جتان گريجوئيشن ڪري ڪيولري فوج ۾ ڪميشنڊ آفيسر بڻيو، پر هي حساس دل رکندر ماڻهو فوج ۾ سُڪن سان ٽِڪي نه سگھيو، هڪ ته هن جو مزاج فوجي نه هو، ٻيو ته هن کي اعتراض هو ته آرمي پنهنجين پيشيوراڻين ذميوارين نڀائڻ بدران سياست ڪرڻ لڳي آهي ۽ پوءِ جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ هي سينيئر ميجر جي عهدي تي پهتو ته هن پنهنجي استعيفيٰ جنرل نيازي کي پيش ڪئي، هن استعيفيٰ جو ڪارڻ يا سبب جنرل يحيٰ خان پاران ان وقت جي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي بنگلاديش جي هٿين خالي عوام خلاف ٿيندڙ ظلم، بربريت بي رحماڻي فوجي ڪارروائي ڄاڻايو. ايڏو سخت موقف رکڻ جي ڪري جنرل نيازيءَ سندس پينشن به روڪي ڇڏي ۽ ايئن هو سالن جي سروس ڇڏي خالي هٿين ٽنڊو الهيار موٽي آيو. ان کان پوءِ خورشيد قائمخانيءَ لکڻ پڙهڻ، آزاد صحافت، لبرل ازم، اينٿرو پالاجي، ماحوليات ۽ سياحت کي پنهنجي مصروفيت ۽ ڪرت بڻايو ۽ سندس صحافت ۽ سياحت جو مقصد ۽ موضوع گھڻي ڀاڱي اينٿروپالاجي يا لسانيات رهيو، خاص ڪري شيدي، دراوڙ، آريا ۽ اڻ آريا، جوڳي، ڀيل، ڪوڪڙي، باگڙي، جپسي ۽ لاڏائو قبيلا، خاص ڪري اهي جن کي اسان جي متڀيد واري سماج ۾ گھٽ ذات يا اڇوت سمجھيو وڃي ٿو، اهڙن نظرانداز ڪيل ۽ پيڙيل ماڻهن تي لکڻ هن پنهنجو ڄڻ شيوو بڻائي ڇڏيو، سندس قلم مان نڪتل ادب تقريبن ان ئي موضوع تي مشتمل آهي،

هن صرف انهن قبيلن جي لساني يا اينٿروپالاجيڪل ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، پر انهن جي مزاجن، انساني روپن ۽ جذبن جي به باريڪ بينيءَ سان ترجماني ڪئي آهي، انهن جا ڏک هجن، اهنج هجن، زماني جي ڌڪار هجي، سَڃڻ سان پليتائيءَ جو تاثر هجي، مطلب هر ان رويي ۽ احساس تي دل کولي لکيو، هن جي چوڻ موجب ته هن وقت اسان وٽ شيدين کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، پر تمام گھٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي پنجن بنيادي اصحابن يا ساٿين ۾ ٻه اصحابي شيدي بلال حبشي ۽ سيد زيد بن حارث آفريڪي شيدي هئا جن جو اسلام لاءِ تمام گھڻو ڪم آهي. اسلام جو پهريون فاتح اُسامه بن زيد به آفريڪي شيدي هو. هن اهڙن قبيلن تي نه رڳو لکيو پر انهن سان دل کولي ڪچهريون به ڪيون ۽ انهن سان گڏ بنا ڪنهن متڀيد جي کاڌو به کاڌو.

هن چواڻي ته مون هڪ ڀيري باگڙي قبيلي جي ڇوڪري کي شهر مان ٽماٽا آڻڻ لاءِ موڪليو، هي موٽيو ته ڪِنا ٽماٽا وٺي آيو، مون جڏهن ان کان سبب پڇيو ته ان روئيندي ٻڌايو ته هن جڏهن سٺا ٽماٽا کڻي ساهميءَ ۾ ٿي وڌا ته دڪاندار مون کي دڙڪو ڏئي چيو ته ٽماٽن کي هٿ نه لاءِ، پليت ٿو ڪرين ۽ پوءِ ان مون کي ڪِنا ٽماٽا توري ڏئي ڇڏيا، خورشيد قائمخاني چواڻي ته پوءِ ان ڇوڪري جي اها احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ مون کاڌو ٺاهي کيس پاڻ سان گڏ کارايو.

خورشيد قائمخانيءَ جو وڏو تحقيقي ڪم جپسي ئي آهي، ان لاءِ هن ڪيترن ئي مُلڪن جا دورا ڪيا، هن انهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، تهذيبن ۽ تاريخ جا ورق اٿلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا جا اڪثر جپسي يا لاڏائو قبيلا دراوڙ آهن، انهن جي لاڏائو بڻجڻ جو سبب آرين ۽ دراوڙن جو تڪرار هو، دراوڙن جي ڌرتي فتح ڪندڙ آرين مقامي دراوڙن کي لاڏائو يا وري هيٺين ذاتين/ قبيلن ۾ بدلائي ڇڏيو، صدين تائين ڀٽڪڻ کان پوءِ هي پنهنجي اصل تاريخ به وڃائي ويٺا آهن، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود جپسي به بنيادي طرح دراوڙ لاڏائو آهن، ان جو ثبوت هند سنڌ ۾ موجود موسيقي ۽ ويس سان مشابهت يا هڪجھڙائي آهي. نه رڳو ايترو پر هن فرانس، يورپ، جرمنيءَ، يوگو سلاويا ۽ هنگري وغيره ۾ جپسين جي ٿيل قتل عام (جنهن ۾ لکين جپسي قتل ڪيا ويا) تي به لکيو، جنهن ۾ جپسين کي صرف ان ڪري ماريو ويو، جيئن اُتي جي نسلن ۾ مُروج ٿي نه سگھن يا ملي جُلي نه وڃن. مهاجر هئڻ باوجود به خورشيد قائمخانيءَ جو مهاجر فيڪٽر تي موقف ڏاڍو چٽو هو، هي چوندو. ته محمد بن قاسم يا ٻين مسلمانن جي سنڌ تي ٿيل ڪاهن يا حيدر عليءَ ۽ ٽيپو سلطان جي مامرن کي مهاجرن پاران پاڪستان جي هلچل واري تحريڪ سان ڳنڍڻ انتهائي احمقاڻي سوچ آهي. اڄڪلهه اسان وٽ جيڪا اسان جا ”ڀائي لوگ“ عظيم مسلمان ۽ پاڪستان جا باني سڏائين پيا ۽ پنهنجي لاءِ الڳ يونٽ جو مطالبو ڪن ٿا، انهن لاءِ خورشيد قائمخاني چوندو هو ته اهي (پناهگير) پاڪستان ۾ هندستاني اقليت آهن، انهن جو سنڌ ۾ اچڻ قومي المئي کان گھٽ نه هو، هنن وٽ سواءِ مذهب جي هندستان ڇڏڻ جو ٻيو ڪو به جواز نه هو، هي چوندو هو ته جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري پنهنجا صديون پراڻا اجھا ڇڏين ٿا اهي پوءِ صدين تائين ڪٿي آباد نه ٿا ٿي سگھن.

خورشيد قائمخاني ڪيترين ئي ڪهاڻين کان سواءِ، ڪالم، مضمون ۽ فيچر لکيا جن جا مجموعا سنڌيءَ ۾ ”پرهه جو پانڌيئڙو، سپنن جو ڏيهه، ڀٽڪندڙ نسل“ ۽ اردوءَ ۾ ”موت ڪي سوداگر، سپيان اور پٿر، ڀٽڪتي نسلين“ وغيره جي نالن سان اچي چُڪا آهن، ان کان سواءِ ”دلت ادب“ جي عنوان سان هڪ سلسليوار رسالو به ڪجھه سالن تائين ڪڍندو رهيو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ هارين لاءِ هڪ لائبريري ۽ جوڳين لاءِ هڪ اسڪول به پنهنجي هڙان وڙان قائم ڪيو ۽ پنهنجي ڪجھه زمين به ڪولهين، ڀيلن ۽ باگڙين کي ڏئي ڇڏيائين. سنڌ ڌرتيءَ ۽ پُراڻن سنڌي ماڻهن سان عشق واري حد تائين محبت ڪندڙ روشن خيال ۽ لبرل شخص خورشيد قائمخاني ڪجھه بيمار رهڻ کان پوءِ ۹ جنوري ۲۰۱۳ع تي اسان کان موڪلائي ويو. اڄ جڏهن ڀوري ڀيل سميت ڌرتيءَ ڌڻين جا لاش ڪڍي گھِليا پيا وڃن، هندن جون نياڻيون اغوا ڪري زوريءَ پرڻايون پيون وڃن، تڏهن خورشيد قائمخانيءَ جھڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.


 

خورشيد قائمخاني

نظير ساهڙ/حيدرآباد

اڄ اُن شخص جو ذڪر ٿا ڪيون، جنهن هڪ ڀِيل ٻارڙي جي موتئي جهڙي مُرڪ کي جڳ جي سڀني متڀيدن کان پاڪ قرار ڏيندي، سندس پير چُمڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. ٿي سگهي ٿو ته، سندس ورسيءَ تي به ڪو عاليشان ميڙاڪو نه ٿئي، پر شايد ڪو ڀِيل يا ڪولهي ٻارڙو پنهنجي اُداس اکين ۾ لُڙڪن جي سوغات ساڻ ڪري عقيدت جا ٻه گل کڻي سندس قبر جي پيرانديءَ اچي بيهندو، ته اها ننڍڙي شڪايت ضرور اوريندو ته، ”چاچا خورشيد! تنهنجي روڳين ۽ رولاڪن لاءِ هِيءَ ڌرتي تنگ ٿي پئي آهي!“

سن ۱۹۳۳ع ۾ جنم وٺندڙ، راجسٿاني راجپوت، خورشيد قائمخانيءَ پنهنجي اکين سان قوم ۽ مذهب جي نالي تي ڪِيسَ ٿيندي ڏٺا هئا. هن ڏٺو هو ته؛ ڪيئن سماج جي سنگهرن، انسانيت کي مختلف طبقن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو. تنهنڪري ئي شايد هو انسانيت جو پرچارڪ بڻجي پيو هو. پنهنجي خانداني روايتن کي پٺ ڏيندي، ميجر جو عهدو ڇڏي، رولاڪين جو هار پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتائين ۽ در در ڀٽڪندڙ نسلن جي تاريخ، ثقافت ۽ ائنٿروپالاجي ميڙڻ لاءِ جوڳين، جِپسين، ڪولهين ۽ ڀِيلن سان ڪراچيءَ کان ڪاسٻو ۽ مڪليءَ کان پرڏيهه جا پنڌ ڪيائين. پنهنجو آرٽيفيشل اسٽيٽس، مينٽين ڪرڻ واري موذي مرض ۾ ورتل، اسان جي موجوده معاشري واري انهيءَ روش جي اوڀارو وهندي هن سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تنهائي ۽ اڪيلائيءَ جي علامت بڻجي ويل ڪولهي ۽ ڀيل ڪميونٽيءَ جي ميرن ٻارن کي ڳلي لائي سماجي سرحدن جي سنگهرن ۾ قيد انسانيت کي آجو ڪرائڻ لاءِ هڪ وک ضرور وڌائي هئي. ”سپنون ڪا ديس“ جي سرحد جهلي هن اهڙي سنڌ اڏڻ جي جتن ۾ پنهنجي ڪل ڄمار وقف ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سڀ انسان هجن، ڪو به مِٽيءَ جو ٿانءُ مسلمان يا هندو نه هجي.

اهو ضرور آهي ته، ٽنڊي الهيار ۾ پنهنجي باغن واري ٽي ايڪڙ زمين ڪولهين، ڀِيلن ۽ جوڳين کي رهڻ لاءِ ڏيندڙ خورشيد قائمخانيءَ جي قبر مٿان ڪو به عاليشان گنبذ ناهي. نه ئي هن جي ”ڊاءِ هارڊ مداحن“ ۾ شهر جا برگر شامل آهن. نه ئي وري هن جي ڪُل زندگيءَ جو محور جِپسين، ڪولهين ۽ ڀيلن جي حياتين کان ٻاهر رهيو. پر سندس تحرير توڙي عملي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ اهو ڇيڙو ضرور ملي ٿو، جنهن جو پانڌ پڪڙي اسهپ ۽ عدم رواداريءَ جي واهوندي هٿان گهايل اڄوڪي سنڌ، نه صرف پنهنجا زخم ڀري سگهي ٿي پر بچي ڀيل جي مرندڙ موهه کي نئون جيئندان پڻ بخشي سگهي ٿي.


 

ڀٽڪندڙ نسلن جو خورشيد

حسن مجتبيٰ

ڪيئي سال ٿي ويا آهن جو مون حيدرآباد سنڌ جي ڊي سي هائوس سامهون ديالداس ڪلب سان گڏ فٽ پاٿ تي تڏا ۽ تئونريون ٺاهيندڙ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سان گڏ هڪ ”سفيد پوش“ چڱي ماڻهو کي پلٿي هڻي ڪچهري ڪندي ڏٺو هو. پن جي ٻيڙي مان ڪش هڻندڙ کاڌيءَ جي شلوار ۽ قميص، پيرن ۾ جاڳر، مٿي تي مائو ٽوپي پهري ۽ ڪلهي ۾ ٿيلهو لٽڪائي، انهن ماڻهن سان ڪچهري ڪندڙ عينڪ وارو همراهه، جنهن بابت مون کي پوءِ خبر پئي ته خورشيد قائمخاني هو. هي راجستاني راجپوت ڇوڪرو، جنهن جو هونئن ته پيشو ٻيو هو پر خانه بدوشن، جپسين، جوڳين، دلتن، شيدين، آفريڪي سنڌي نسل جي ڪارن ماڻهن، ڀيلن، ڪولهين، ميگهواڙن، شڪارين، بازيگرن ۽ گرگلن سميت اهڙن سمورن وساريل نسلن جو آئينو هو، جنهن کي خدا پاڪ جو اولاد سڏيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ائين لتاڙجي ويل ماڻهن جا ٻه اوتار ٿي گذريا آهن. انهن جو هڪ اوتار پنجابي دانشور ۽ اڳوڻو بيوروڪريٽ مسعود کدرپوش هو ۽ ٻيو خورشيد قائمخاني.

خورشيد، بقول پنهنجي، سدا جو سيلاني، پيدائشي اينٿراپالوجسٽ، هڪ اهڙو جپسي، آواره گرد ۽ مسافر ليکڪ هو، جنهن نه رڳو سنڌ جي خانه بدوشن ۽ صدين کان ٿر جي ريگستان ۽ راجستان جي خاڪ جي وساريل ۽ ڌڪاريل نسلن تي لکيو، بلڪ ان سان گڏ بيابانن جي خاڪ جهاڳي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ رهي گهاري ڇڏيو هو. پر هو اها تپسيا ڪنهن اين جي اوز، نيشنل جيوگرافڪ يا هسٽري چينل يا ڪنهن ميڊيائي چينل لاءِ نه ڪندو هو. هن جي پيرن ۾ چڪر ۽ دل ۾ درد هو. خورشيد قائمخاني تڏهن کان آواره گرد هو، جڏهن پيار اڃا اين جي اوز جو پروجيڪٽ نه ٿيو هو. هو هڪ اهڙو بيچين ۽ پيار ڪرڻ وارو روح هو. راجپوت کان وڌيڪ هو صرف مٽيءَ جو مجسمو لڳندو هو.

اسان ان خورشيد قائمخاني کي نه ڄاڻندا هياسين جيڪو فوج ۾ ميجر هو ۽ ۱۹۷۱ جي جنگ ۾، اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ سينو تاڻي، انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ٿيندڙ زيادتي نه ڏسي، فوج کي ڇڏي آيو هو. فوج مان هٿ ڪڍڻ کان پهرين، هن اهڙين ڳالهين جو اظهار، پنهنجي پيءُ سان ڪيو هو ۽ سندس پيءَ نوڪري ڇڏي اچڻ تي، هن سان سدائين ڪاوڙيل رهيو. پر هن کي آخري دم تائين پنهنجا گهر وارا، پاڙي وارا ۽ قبيلي وارا ميجر صاحب ئي چوندا هئا.

خورشيد قائمخاني کان انگريزي اخبارون پڙهندڙ سڀ کان بهتر نموني تڏهن ئي واقف ٿيا هئا، جڏهن هن ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾، ڪراچي کان عمران اسلم جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ شام جي اخبار ”دي اسٽار“ ۾، سنڌ جي لاڏائو قبيلن ۽ قومن بابت، مضمون لکڻ شروع ڪيا. ان کانپوءِ خورشيد قائمخاني جا اهي مضمون، اردو ۾ ترجمو ٿي ”ڀٽڪتي نسلين“ جي عنوان هيٺ، هڪ ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيا. خورشيد قائمخاني جو اهو ڪتاب، سنڌ ۾ جپسي قبيلن بابت هڪ ننڍڙي بائيبل آهي پر سنڌ جا ماڻهو ۽ لاڏائو قبيلا، ان خورشيد کي تڏهن کان ئي ڄاڻندا هئا، جڏهن هو سنڌ ۾ هارين جي حقن جي تحريڪ سان واڳجي ويو هو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي اجلاسن جي ميزباني به ڪندو هو.

خورشيد هڪ عالمي سطح جو جپسي هو. ڪڏهن هو زينب مارڪيٽ ڪراچي ۾، جوڳيءَ سان گڏ ان جي پيڙهين جي کوجنا لاءِ، ٿر جي ريگستان جي پڊن تي نڪري پوندو هو ته ڪڏهن نيويارڪ جي هارليم ۾ رهندڙ  آفريڪي نسل جي  آمريڪي ماڻهن ۾ سنڌ جي شيدي يا مڪران جي ايفرو نسل جي ماڻهن جي اصليت تائين ويندو هو ۽ ڪڏهن آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي نيٽو انڊين جي تاريخي لفظن تي کوجنا ڪندو هو. ڪڏهن هو پاڪستاني اترين علائقن ۾، پنهنجي دوست ليکڪا ۽ انساني حقن جي ڪارڪن، خديجه گوهر سان گڏ، گلگت ۽ بلتستان جي برفاني صحرائن جي ماڻهن وچ ۾ رهي پوندو هو.

خورشيد پنهنجي آخري ڏهاڙن کان ڪجهه وقت پهرين، گرم موسم سمورن اترين علائقن جي جبلن ۽ سنڌ جي ريگستانن ۾ گهاري هئي ۽ سردين کان سواءِ، جڏهن هو سنڌ جو رخ ڪري، ڪارگل تائين به ويندو هو. جتي هن فوج جي نوڪري دوران اوائلي ڏينهن گهاريا هئا. هو پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ سنڌي اخبار ۾ پنهنجي رولاڪين ۽ مسافري تي لکي رهيو هو. هو ڪيئي سال، پهرين ٽنڊو الهيار جي ڳوٺ ساندڪي ۾ پنهنجي ٻنيءَ تي دربدر ٿيندڙ ڪولهي قبيلي جي ماڻهن سان گڏ رهيو هو. انهن سان گڏ ئي اٿندو ويهندو هو ۽ کائيندو پيئندو هو، جنهن کي اڇوت سمجهيو وڃي ٿو. ان جي ويجهي دوست يا ته خديجه گوهر هئي يا ته پوءِ اوکو جوڳي ئي هو. هن جا ڦيرا به جوڳين وارا ڦيرا هئا.

جوڳيءَ جو سفر رڪجي ويو ۽ هو مري ويو.

ائين لڳي ٿو ته ڄڻ سنڌ ۾ جپسي قافلن جا هلندڙ پير بيهي رهيا هجن. هڪ ڌڙڪندڙ دل وانگر. ڇاڪاڻ ته جپسي ماڻهن جون دليون انهن جي پيرن ۾ هونديون هيون.

 

(ليکڪ: ناميارو ڪالم نويس  ۽ سينيئر صحافي آهي ۽ هن وقت بي بي سي سان واڳيل آهي.)


 

خورشيد قائمخاني

خليل کوسو

چون ٿا ته ٻه عقلمند، وڏو دماغ رکندڙ، عقل جا اڪابر، پاڻ ۾ حڪمت ۽ دانائيءَ جا داستان ڇيڙيو ويٺا هئا. سندن سمجهه جا يڪتارا آخري ڪِليءَ تي وَڄي رهيا هئا ته، حِڪمت جو مُوڙهو، جنهن کي پوري گُرڙي ڪرڻ به ڪانه ايندي هئي، مُنهن ڌوتي به مهينا گذري ويا هئس، اُهو بي سمجهه بَندو ٻن عقل وارن کي اوڏو ٿي ڄاڙيءَ تي هٿ ڏئي خاموشيءَ سان ويٺو رهيو. جيئن ته خاموشي دانائيءَ جي نشاني آهي، اُنهن ٻن همراهن جو، هن کي چُپ ڏٺو، سو اُتان اُٿيا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته؛ هيءُ ڀائو ڀُڻڪو به ڪونه ٿو ڪري، پڪ سان پاڻ کان هوشيار آهي. خورشيد قائمخاني به خاموش طبع ضرور آهي پر هن ڪلين شيوَ ڪاڪي ڪاوش اخبار ۾ قلم جي ڪِلڪ سان ڪالم لکي، سڄيءَ دنيا ۾ ٽنڊي الهيار کي ٽِمڪائي ڇڏيو اٿس، پر هو هڪ ٻن سالن کان نه اخبار ۾ ٿو ڏسڻ ۾ اچي، نه ئي چمڙي جي گودڙيءَ سان ٽنڊي الهيار شهر يا اُن جي آسپاس پاءِ پياده کيس پسون ٿا. شڪر آهي جو سندس ٽي ڪتاب ”سپنن جو ڏيهه“، ”ڀٽڪندڙ نسل“ ۽ ”پِرهه جو پانڌيئڙو“ ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ هن چشمي پائيندڙ چاچي جا موضوع ئي اهڙا آهن جو ”هٽ ڪي بات ڪر“.

”هٽ ڪي بات“ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته، جن خاندانن کي ڏسي اسان منهن ڦٽائيندا آهيون، راجستاني راڻي تن جي ٽاڻن ٽِڪاڻن، جهُڳين، جهوپڙين، ٻارن ٻچن، ريتن رسمن، شادين غمين، کاڌن پيتن، رَس رهاڻين ۽ ڪپڙي گنديءَ وغيره يا سندن خانداني پسمنظر تي اُهو ڪجهه لکيو آهي، جو خود جوڳي، جنڊ آهوڙا، ڪبوترا، ٻڙا يا ٻاليشاهي، شڪاري يا ڀيل، اُنهن کان جيڪڏهن سندن ماضيءَ جا مذاڪرات ڪبا ته هو چون ٿا ته ”وڌيڪ کُرسيد صاب کي کَبر آهي!“. ۱۹۳۳ع ۾ جنم وٺندڙ خورشيد قائمخاني ۱۹۴۶ع ۾ سوائي ماڌو سنگهه ۾ پرائمري پاس ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ لختِ جگر جدا ڪندڙ لڪير لنگهي ميونسپل مڊل اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ پڙهيو. ۱۹۵۱ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ميٽرڪ ڪيائين. جڏهن ته، پاڻ ۱۹۷۰ع ۾ سينيئر ميجر جنرل جي عهدي تي پهتو. جڏهن اسان جي سرزمين جي سَينا وارن بنگالين کي گجر موريءَ وانگر ”ڪُتر ڪُتر“ ڪيو هو، هن جنرل نيازيءَ کي سلوٽ ڪري پوئتي پيرَ رکيا. پوءِ هن همراهه وڃي صحافت ۽ سياحت جا صحرا وسايا. ”جب بهار آئي تو سحرا ڪي طرف چل نڪلا...“ جڏهن هن همراهه راهه تي رُلندڙ راڻن ۽ راڻين تي لکيو ته ”سگا“ وارن کيس سلام پيش ڪندي ايوارڊ ڏنو.

جنهن قائمخاني ڪاپڙيءَ جي قيل مقال ڪري رهيا آهيون، سو اڳ ته ميجر صاحب هو پر هاڻي به ”خورشيد ڪونسي؟ وه جو ميجر صاحب...!“ سان سندس سڃاڻپ آهي. سال کن اڳ وسعت الله خان، ارباب نيڪ محمد ۽ راقم خورشيد صاحب سان خوش خوش ڪئي. وسعت جي بي بي سي تان ”بات سي بات“ جي ”ڪيا بات“، اُن به خورشيد صاحب جو انٽرويو ڪيو هو. خورشيد صاحب وسعت جي هر سوال جو جواب تمام دير سان ۽ ڌيمي لهجي ۾ ڏئي رهيو هو. جڏهن بنگلاديش جي سانحي بابت کانئس سوال ڪيو ويو ته، اُن ڪرسيءَ جي ٽيڪ ڇڏيندي سڌو ٿي شاهد آڱر وسعت ڏانهن ڪري چيو ته، ”ان ڀيڙيون ڪي باري مين مجهه سي مت پوڇو، جنهون ني وهان ظلم ڪيا“. ڳالهه کي اڃا اتي ڪونه ٿا کُٽايون. جڏهن هو سوات، ڪاغان، اسڪردو، ڪالان تي قلم کڻي ٿو ته الطاف شيخ وانگر فارين ڪنٽريز جون ڪٿائون پين سان پني تي اوتي ٿو. هو بالائي علائقا ۽ ڏيساهه ور يا ڏيهه اکين سان ڏيکاري ٿو. هڪ ڏينهن هو مَسڻ ويجهو ٺهيل سردار هيرا سنگهه جي ماڙي به گهمڻ آيو هو. ساڻس سفر جو ساٿي هنگلاج ماتا جي ياترا ڪندڙ پروفيسر يوسف جروار به گڏ هو، پر اُتي ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. آئون سندس فرزند عامر خورشيد کي عرض ڪندس ته هن جهوني جوڳيءَ جو مواد جيڪڏهن لکت ۾ موجود آهي ته اُهو ميدان تي آڻي ته هن گوهرِ ناياب جي لکڻين مان لطف اندوز ٿيون، توڙي جو خورشيد صاحب ٽنڊي الهيار واري گهر ۾ بيماريءَ جي بستري تي آهي،

”يه چمن يون هي رهي گا، اور هزارون بُلبُلين اپني اپني بوليان سب بول ڪر اُڙ جائينگي.“

 


 

خورشيد قائمخاني

سال ۲۰۱۳ع ۾ لکيل پروفائيل

فھميدھ جروار

هن جي ڳالهين ۾ مظلومن جو ايڏو گهڻو درد هئڻ جو هڪڙو سبب اهو محسوس ٿئي ٿو ته امام واڙي ۽ هن جي گهر جي وچ ۾ صرف سوڙهي گهٽي جي وٿي آهي، هو پنهنجي اباڻي گهر جي ڇت تي هڪڙي ڪمري واري ڪوٺي ۾ رهي ٿو.

هن جي ڪمري جو اوپري انداز واري ڏاڪن نما چاڙهي ذريعي گهر جي هيٺين حصي سان رابطو آهي، پر ائين لڳو ٿو ته انهيءَ چاڙهي تان هي اڪيلو ئي لهي چڙهي ٿو. خورشيد قائمخاني جو هڪڙي ڪمري وارو گهر چنگچين واري شهر ٽنڊو الهيار جي گوڙ ۽ گهر جي گوڙ کان گهڻو پري پنهنجي ڪمري ۾ الڳ دنيا قائم ڪري ويٺل آهي، هن جي ڪمري ۾ ڪو گهڻو سامان به پيل ڪونهي، پر ان هوندي به هن جو ڪمرو هڪڙي ننڍڙي ميوزيم جو ڏيک ڏئي ٿو، هن جي ڪمري ۾ رليءَ جي ٽڪن ۽ ڪونگرن واري ڪئين رنگ ڀريل آهن. هن جي ڪمري ۾ رکيل هر شئي جي هن وٽ هڪ وڏي ڪهاڻي آهي.

هو عجائب گهر جي گائيڊ وانگر اسان جي پڇڻ تي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي ٿو، پر هو پنهنجن اهڙن شين جو ذڪر بند پيل الماري کان شروع ڪري ٿو، هو چاٻيون ڳولي الماري کولي ان مان ڪافي جا پيڪٽ ڏيکاريندي چئي ٿو، هي مون ڏي منهنجي سڏيل ڀيڻ مانڪريال (ڪئناڊا) مان موڪليندي آهي، اسان جو گهر جي ڀاتي وانگر رابطو هوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني هن جا ٻه خط اچي ويندا آهن ۽ ٻه خط آئون به لکندو آهيان، هو يڪو ڳالهائيندو رهي ٿو. آئون روزاني صبح جي شرعات انهي ڪافي پيئڻ سان ڪندو آهيان ۽ پوءِ دوستن کي خط لکندو آهيان، آئون هر خط جو جواب ڏيندو آهيان ۽ خط به مون لاءِ ڪالم ئي هوندو آهي، ان ڪري آئون روزاني لکڻ جو ڪم ڪندو آهيان، هو چاٻي هڻي ٻي الماري کولڻ لڳي ٿو. هي ڏسو ڪيڏيون نه خوبصورت ٽي شرٽون آهن، رنس ڏسو نه، نوجوانن جي پائڻ جهڙيون آهن اهي به منهنجي ڀيڻ مانڪريال (ڪئناڊا) مان موڪليون آهن، اهي شرٽون آئون ٽنڊوالهيار ۾ نه پائيندو آهيان، پوءِ هو انهي ئي الماري مان هڪڙي دٻلي ۾ پيل پراڻا سڪا ڏيکاري ٿو ۽ ٻئي دٻي ۾ پيل ننڍيون سپيون، ڪوڏ ۽ سامونڊي فسلز ڏيکاري، اسان کان پڇڻ شروع ڪري ٿو ته ڏسو ڪيڏا نه خوبصورت آهن، اهڙي طرح هو هر هڪ ڪوڏ ۽ سپي جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ته هي آفريڪي ساحل جو آهي ۽ هي غريئبن سي جي ساحل تان کنيو هو، هي ڪراچي جو، هي ممبئي ۽ هي بنگالي ساحل جو ڪوڏ آهي، اهڙي طرح هن وٽ انهيءِ ننڍڙي دٻلي ۾ ڄڻ دنيا بند ٿيل هئي، ائين هو سڪن جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته هي ٿر مان، ڍوري ناري مان، راجستان مان ائين هو ٻڌائيندو رهي ٿو.

هن جي ڪمري ۾ ڪئين ڳانين جهڙا لاڪيٽ ٽنگيل آهن، انهن ڳانين جون به هن وٽ زبردست ڪهاڻيون آهن، هي منهنجي آفريڪي دوست، هي ريڊ انڊين، هي جرمني جي جپسي جي ڏنل سوکڙي آهي ۽ هيءَ منهنجي سنڌ جي ڪولهياڻيءَ جي تصوير آهي ۽ هي ماتا جي مورتي آهي، جنهن کي لاطيني آمريڪا جي ريڊ انڊين کان وٺي سڄي دنيا ۾ ڀٽڪندڙ جپسين ۽ انڊيا جي هندوئن کان وٺي سنڌ جي شيڊول ڪاسٽ تائين هيءَ ديوي سڀني جي ماتا آهي.

هن جي ريڪ ۾ اهي ڪتاب پيل آهن جيڪي خود انهن ليکڪن هن کي گفٽ ڪري ڏنا آهن، جن ۾ امرتا پريتم کان وٺي گارشيا مارڪيز تائين هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جيتوڻيڪ سڄي دنيا آءِ ٽي جي پويان چري ٿي پيل آهن پر هي چئي ٿو ته آئون پنهنجي ٽائيم ڪمپيوٽر سکڻ ۾ ڇو وڃايان، جڏهن هو آءِ ٽي جي بدران اسپينش ٻولي سکڻ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.

منهنجو رنگ لاطيني آمريڪين جهڙو آهي ۽ ميڪسيڪو، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين هنڌن تي انهن جون عوترون ۽ مرد مون کي ايڏو ته اڪير ۽ پيار سان ڀليڪار ڪندا آهن پر آئون انهن سان محض ان ڪري نه ڳالهائيندو آهيان ته اسپينش جي بدران انگريزي ۾ ڳالهائي هنن جي دل ڏکوئڻ نٿي چاهيم، هاڻ آئون انهن سان انهن جي ٻولي ۾ ڳالهائي سگهان ٿو ۽ منهنجا اي ميل ڪراچي ۾ منهنجو ڀائيٽو چيڪ ڪري مون ڏانهن پوسٽ ڪندو آهي، جڏهن ته آئون اي ميل تي جواب نه ڏئي سگهندو آهيان، ان ڪري اي ميل ڪندڙ مان جن جون پوسٽل ايڊريسون هونديون آهن انهن سمورن دوستن کي خط تي جواب ڏيندو آهيان ۽ منهنجي پڇڻ تي هو ٻڌائي ٿو ته ۱۲، ۱۲ سالن کانپوءِ مون تي نئون دورو چڙهندو آهي، ان ڪري هاڻ آئون ڳوٺ ڀيلن سان گڏ ڪو نه رهان، انهن جي شادين، غمن، عيدن مرادن تي ويندو آهيان، ان ڪري ڳوٺان ٽنڊوالهيار لڏي آيو آهيان، منهنجي هن گهر ۾به منهنجن دوستن جون محبتون ۽ چاهتون شامل آهن.

ائين هو پنهنجي ننڍڙي ڪمري جي متعلق ٻڌائڻ لڳي ٿو، هي فرش ڏس، ڪيڏو نه خوبصورت آهي، هن ۾جيڪي انڊلٺ رنگ ڀريل آهن، اهي منهنجي دوست نٿو ڪولهي جو ٺهيل آهي، هي الماريون به منهنجي دوست ديوانند سوٽهڙ ٺاهيون آهن ۽ ڪمري جو رنگ منهنجي ميگهواڙ دوست ڪيو آهي، ڪيڏا نه وڏا آرٽسٽ آهن، هو جڏهن پنهنجن آرٽسٽن دوستن جي تعريف ڪري رهيو هو، عين انهيءَ وقت سامهون امام واڙي مان نگارن جي رڌم تي بانسري وڄڻ جو آواز ٿڌ جي ڪوهيڙي مان سرڻ لڳو هو.

اسان جڏهن هن جي ڪمري ۾ رکيل سامان جي تعريف ڪرڻ لڳون ٿا ته هو ان جي موٽ ۾ ٽهڪ ڏيندي پنهنجن ننهن جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳي ٿو، مون پنهنجي ننهن کي چيو آئون جڏهن ٻاهر وڃان ته منهنجي سامان ۽ ڪمري جو خيال رکجو، ڪا شئي چوري نه ٿي وڃي، جنهن تي هن چيو ته ڊيڊي توهان جي ڪمري ۾ آهي ڇا جيڪي چور کڻڻ لاءِ ايندا مون سوچيو اها ته حقيقت آهي ته منهنجي ڪمري ۾ نه ٽي وي آهي ۽ نه ئي ڪمپيوٽر ۽ نه فون، مون وٽ ته ريڊيو آهي جنهن تي بي بي سي ٻڌندو آهيان ۽ پراڻن گانن ٻڌڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊ آهي، ڇو ته پراڻن گانن سان ته منهنجي دل آهي.

هن جي ڪمري ۾ اميدون ڪي فصل ۽ واري رائيٽر خديجه گوهر جون ڏنل مورتيون به نمايان طرح رکيل آهن، هن مون لاءِ ايران مان آنديون هيون هي موهن جي دڙي واري ناچڻي نه آهي، پوءِ هو دنيا جي آرڪيالاجي، مٿ ۽ ديوتائن تي ڳالهائڻ لڳي ٿو، هندستان جي ورهاٽي کان وٺي راجستان تي اچي بيهي وڃي ٿو، پوءِ هو پنهنجي سوچن واري ڪيسٽ کي روس ڪري سنڌي ڪالم منهنجي گهر تي اچي بيهي ٿو، آئون جڏهن راجستان ۾ پنهنجي ورهاٽي کان اڳ واري گهر ويو هوئس ته انهيءَ ڳوٺ جي ٺاڪر منهنجي پيءَ جو نالو وٺي مون کان خير عافيت پڇي هئي ۽ ٺاڪر جي گهر واري وري منهنجي ڏاڏي ماءَ جو نالو وٺي ان جي باري ۾ پڇيو هو، هو چئي ٿو آئون جنهن ظالم دنيا ۾ رهي رهيو آهيان جتي جي روزمره جي واهپي اسان کي ماڻهو مان پٿر بڻائي ڇڏيو آهي، ٺاڪر ۽ ان جي زال جو ايڏي پنهنجائپ واري ورتاءَ جي ڪري مون جهڙو پٿر ماڻهو به روئي پوڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو هو.

 

(اسحاق مڱريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا