; سنڌي شخصيتون: اي آر ناگوري - مصطفيٰ ملاح

15 January, 2013

اي آر ناگوري - مصطفيٰ ملاح


اي آر ناگوري
هڪ عظيم مُصور
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پوري زندگي آرٽ کي ڏيندڙ ۽ رنگن سان آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ، اي آر ناگوري جي وڇوڙي کي ٻه سال گذري ويا آهن. اي آر ناگوري کي سنڌ ۾ مُصوريءَ جو بنياد وجهندڙ چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته هن پنجاب جي ڪوهاٽ واري فائن آرٽ کي ڇڏي، سنڌ جي ماڻهن جو مصوريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽ جو بنياد وڌو. پر اڄ هن کي اسان سڀ وساري ويٺا آهيون. سنڌ جي دردن کي چِٽيندڙ ۽ سياسي احتجاجن کي فن ذريعي متعارف ڪرائيندڙ پهريون سياسي مصور، اي آر ناگوريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو.

اي آر ناگوري جو ننڍپڻ ٺٽي ۾، ملاحن سان کيڏندي گذريو. هن کي چترڪار ٿيڻ جو شوق ننڍڻ کان ئي هو. اي آر ناگوري ننڍپڻ ۾ ڀِتين تي ڪوئلي سان تصويرون ٺاهيندو هو. سنڌ پرست چترڪار اي آر ناگوري ۱۹۳۹ع ۾ اک کولي. اهڙيءَ طرح هن حيدر آباد مان تعليم پرائي. مصور ٿيڻ لاءِ هن لاهور جي نيشنل ڪاليج مان ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي.
اي آر ناگوري ٽوڙي ڦاٽڪ، ايم آر ڊي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سنڌ جي اصلوڪن رهواسين، ڪولهين، ڀِيلن، ميربحرن، ٿري ماروئڙن ۽ ڪارو ڪاريءَ تي پنهنجا شاهڪار چِٽيا. شايد ڪو اهڙو سنڌ جو درد هجي، جو هن رنگن ذريعي بيان نه ڪيو هجي. ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۰ع تائين اي آر ناگوري ايجوڪيشن آفيسر ايئر فورس ۾ نوڪري ڪئي. جڏهن ته ۱۹۸۳ع ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر ناگوري جي تيار ڪيل تصويرن جي نمائش لڳائي وئي.
اي آر ناگوري سنڌ جو پهريون چترڪار آهي، جنهن جي تصويرن جا موضوع ڪي خوبصورت چهرا نه هئا. پر هن جي تصويرن جا موضوع هيٺئين طبقي جا پيڙهيل ماڻهو ۽ سنڌ جا اصلوڪا وارث هئا. ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچيءَ جي انڊس گئلريءَ پاران اي آر ناگوري جي ڊڪٽيٽر مخالف تصويرن جي نمائش لڳائي وئي. ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين، يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن اسلام آباد جو ميمبر رهيو. ۱۹۸۵ع ۾ وفاقي تعليمي وزارت جو آرٽ ٽيچر ٽريننگ پروگرام جي ڪريڪيوليم ڪاميٽيءَ جي چيئرمين واري عهدي تي فائز رهيو.
اي آر ناگوري ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۵ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽ اينڊ ڊيزائن ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين طور خدمتون ڏيندو رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ انڊس گئلريءَ ۾ ”جمهوريت ڏانهن  رستو“ جي عنوان هيٺ، تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. اي آر ناگوريءَ جي پينٽنگس ۾ انتهائي تيز گهرا رنگ هوندا هئا. ۱۹۹۰ع ۾ ڊچ بئنڪ جي سهڪار سان، آءِ ايم يو جي نالي سان، روڊن جي ٻنهي پاسن کان هولڊنگ بورڊ تي تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ عورتن جي ڏند ڪٿا جي عنوان هيٺ ڪراچيءَ جي انڊس گئلريءَ ۾ نمائش لڳائي وئي.
اي آر ناگوري، فن ۾ نوان ٽرينڊس متعارف ڪرايا. هن سياسي ۽ احتجاجن جي فن کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو. هو پاڪستان ۾ سياسي مصورن جو باني هو.
اي آر ناگوري ۱۴ جنوري ۲۰۱۱ع تي، وڏو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.



No comments:

راءِ ڏيندا