; سنڌي شخصيتون: محمد فقير گهوٽو - عبدالحي ڀٽو

15 January, 2013

محمد فقير گهوٽو - عبدالحي ڀٽو


محمد فقير گهوٽو
تصوف جي پرچار ڪندڙ
عبدالحي ڀٽو
جڏهن اسين سنڌ جي سرزمين جي هر ڪنڊ، ڪڙڇ تي هڪ نظر وجهنداسين ته اسان کي انسانيت جي پيروڪار، صوفي، ولي درويش، بزرگ ۽ الله لوڪ ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. انهن مان گهوٽڪي لڳ ڳوٺ حسين ٻيلي جو درويش ۽ امن جي واٽ ڏيکاريندڙ محمد فقير گهوٽو به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکارڻ سان گڏ، ماڻهن کي امن ۽ محبت سان هلڻ جا سمورا گس ڏيکاريا. سندس شاعري ۾ صوفين جا سمورا رنگ سمايل آهن ۽ هو چوي ٿو ته:

ڪتڻ واريون ڪي، لڀن ٿيون هن لوڪ ۾،
جَنين سٽ سموئيو، مَرُ مُرڪن سي،
محمد مڙن جي، تن ڪانيارن ڪين ٿيو.
(محمد فقير گهوٽو)
محمد فقير گهوٽو الله لوڪ، سچو، مهمان نواز ۽ انسان دوست هو، جنهن ۾انسانيت جا سمورا گڻ سمايل هئا. جيڪو الله جي محبت، امن ۽ ڀائيچاري واري زمين تي، ماڻهن کي خوش ڏسڻ چاهيندو هو. انهيءَ پنهنجي حقيقي مالڪ کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجو سڄو ڀاڳ ۽ راڄ ڇڏي، وڃي فقيري اختيار ڪئي. اهو محبتي ماڻهو، ڪنهن کي به رسڻ، ڏسڻ پسند نه ڪندو هو ۽ هميشه سڄڻن کي خوش ڏسندي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هو.
صوفي محمد فقير گهوٽو، روحاني سڪون وٺڻ لاءِ شاهه عبداللطيف، قلندر لعل، سچل سائين ۽ ٻين صوفي بزرگن جي درگاهن تي ويندو هو. هن جي طبعيت صوفين سان ملندي هئي. هو من جو صاف ماڻهو هو ۽ پنهنجي پوشاڪ سادي پائيندو هو. فقير صاحب هر هنڌ حق جي پاسداري ڪندا هئا. هن پنهنجي مرشد جو رستو اختيار ڪري، حسين ٻيلي ۾ آستانو قائم ڪندي، تصوف ۽ صوفي ازم جي پرچار ڪئي. محمد فقير صوفياڻي شاعري جي مختلف پهلوئن تي لکيو آهي.
ميهر آهي هڪڙو، سهڻيون لک هزار،
سڀ ڪنهن وائي وات ۾، سونهاري سردار،
آهي اٻوجهن آسرو، اڙين جو آڌار،
سڀني جي سنڀارَ، محمد ڪندو مهر سان.
(محمد  فقير گهوٽو)
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته صوفي محمد فقير گهوٽو جهڙيون درگاهون امن جي علامت آهن. انهيءَ جي ڪري جڏهن اسين صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڏسيل واٽ وٺنداسين ته سماج مان نفرتون، جهيڙا ۽ جهڳڙا ختم ٿي ويندا. هن کي فقراءِ سان بيحد محبت هوندي هئي ۽ انهن جي رياضت پاڻ ڪندو هو. اڄوڪي نفرت، نفسا نفسي واري ماحول ۾ محمد فقير گهوٽو جي ڪلام کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. جنهن جو پيغام آدرشي ۽ صوفي ازم وارو آهي. جڏهن ته اڄوڪي تاريخ ۰۵ جنوري ۲۰۱۳ع بمطابق ۲۲ صفر المظفر ۱۴۳۴ھ تي سنڌ جي نامياري صوفي بزرگ ۽ شاعر محمد فقير گهوٽو جي ۵۶ هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سندس عقيدت ۾ هي سٽون خراج عقيدت طور لکيون آهن، جيڪي ان جي حضور ۾ قبول پون.

No comments:

راءِ ڏيندا