دادن فقير
سنڌ جو ناميارو شاعر
گل حسن جانوري/راڌڻ
سنڌ جو ناميارو شاعر دادن فقير، ڳوٺ ميانداد چنچڻي، تعلقي وارهه ۾ پيدا
ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلو ۾ حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شاعر ۽ عالم نجف
علي تارڪ وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. جيئن سنڌ ڌرتيءَ کي سرجڻهار قيمتي وسيلن سان مالامال
ڪيو آهي، تيئن سنڌ جي سٻاجهڙي سرزمين تي جوڌن جوانن، فقيرن، وينجهارن، اديبن ۽ شاعرن
مان هڪ قيمتي هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ شاعريءَ وسيلي سنڌ
جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ چمڪائي عوامي شاعر جو مرتبو ماڻيو. انهيءَ سرموڙ شاعر کي سنڌ جو
هر شخص استاد دادن فقير جي نالي سان سڃاڻي ٿو.
استاد دادن فقير جو ننڍپڻ ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذريو. جوانيءَ ۾ طبيعت
۾ مجازي عشق جي اٿل پٿل، کيس هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏنو. ڏٺو وڃي ته استاد دادن فقير مرحوم
پنهنجي محبت ۽ چاهت جو مان مٿاهون رکي، دل ۾ درد ۽ فراق جا دونهان دُکائيندي، سوز
۽ فرقت جو سفر جاري رکيو. هن کي شايد روح کي راحت ڏيندڙ ڪنهن اهڙي ٿانيڪي ٿاڪ جي ڳولا
هئي، جتي زندگيءَ جا باقي ڏينهن سِڪ، سوز، هجر ۽ فراق جو يڪسوئي ۽ تسليءَ سان اظهار
ڪري سگهي.
استاد دادن فقير جي مجموعي شاعريءَ جو غور سان مطالعو ڪنداسين ته اسان
کي استاد جي خداداد صلاحتين جو دل سان اعتراف ڪرڻو پوندو ته استاد کي عربي، فارسي سنڌي،
سرائيڪي ۽ اردو ٻولين تي عبور حاصل هئو، جنهن جو ثبوت سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهي. اهو
استاد جي شاعريءَ جو ڪمال چئبو، جو سندس شاعريءَ کي ڳائڻ ۾ هر فنڪار پنهنجي ڪاميابيءَ
جو ڏاڪو سمجهيو آهي.
استاد دادن جي حساس طبيعت پنهنجي آسپاس جيڪو محسوس ڪيو، انهن سمورين ڪيفيتن
کي پنهنجي شاعريءَ جو روپ ڏئي، سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪري لازوال داد حاصل ڪيو. استاد
کي مجازي عشق جي چوٽ ته لڳل هئي پر سماج ۾ موجوده اڻ برابريءَ، بک، بدحالي ۽ وڏيرا
شاهيءَ تي به سندس گهري نظر هئي. استاد دادن جي مقبوليت جو اندارو انهيءَ مان به لڳائي
سگهجي ٿو ته، ان وقت جي شاعرن جن کي هڪ اڌ دفعو استاد سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو سي
به پاڻ کي استاد دادن فقير جو شاگرد چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. جيتري قدر استاد
پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ترجماني ڪئي ۽ عوام جي دلين ۾ پنهنجي املهه
فن جي ميراث ڇڏي، راهه عدم ڏانهن روانو ٿيو پر افسوس جو انهيءَ ميراث باوجود سندس جُهريل
قبر کي مناسب طريقي سان جوڙايو ناهي ويو.
سُتا ڪر سُجاڳي، سُمهڻ بند
ڪر،
تون غفلت ۾ پنهنجو، هجڻ
بند ڪر،
دلي حال ڪنهن سان نه ڪر
دادن،
خبر بيخبر کان پڇڻ بند ڪر.
فقير دادن جويو
[ ۱۹۰۶ع – ۱۹۷۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
تذڪرة الشعراءُ لاڙڪاڻي جي سلسلي ۾، فقير دادن ولد ميان
ڌڻي بخش جويو جو نالو نه وٺڻ سراسر ڀل چئبي. سندس ولادت ۱۹
شوال ۱۳۲۳هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۹۰۶ع تعلقي واره جي ڳوٺ ”ميان داد چنجڻيءَ“ ۾ ٿي آهي.
ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب خان شاهاڻيءَ وٽان ورتائين. ست
درجا سنڌي پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي ميخ
سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي ۾ لالو
راونڪ جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي ”تارڪ“ (۱۸۶۰ع – ۱۹۳۹ع)
کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني رهبر لاءِ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ
(۱۸۰۹ع–۱۸۷۷ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.
دادن فقير، بيڪ وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. خاص ڪري
عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر ڪنوارو
رهيو. پڇاڙيءَ ۾ کيس ڇن (هرنيا=Hernia) جي مرض وڪوڙي وڌيس؛ جنهن ڪري مفلسيءَ سببان
ڪو به خاطر خواه علاج ڪرائي نه سگهيو. نتيجي آخر موت جي منهن ۾ آڻي اُڇليس؛ ۽ ۷۲
ورهين جي ڄمار ۾، ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹هه مطابق ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي سومهڻيءَ ٽاڻي، راڌڻ اسٽيشن لڳ راه رباني ورتائين.
افسوس! جو نه سندس پونيرن مان ڪو بچيو هو؛ ۽ نه وري سندس ڪو اوهي واهي ٿي بڻيس!!
سلطان جويو ۽ غلام قادر سولنگي سندس شاگرد پرگهور لهندا پئي آيا. سندس مٽيءَ
پنوڙو، راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري ”گهڙي پير قبرستان“ ۾ ٿيو.
هن مقبول عوامي شاعر، نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون،
بيت، قطعا ۽ منقبت وغيره جهجها چيا آهن. کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. ادبي
محفلين جو مور هو. نهايت ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب داد حاصل ڪندو هو.
سندس ڪلام اڄ به عام و خاص جي زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي. سندس هڪ طويل
نظم مان چند مصرعون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:-
جن توتان فدا تن من
کي ڪيو – ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
جيئرا ته ملن جيئرن
سان ٿا – مردن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
هڪ ناهه مرض جو ماٺ
ڪجي – هت حاجت ناهي حسابن جي،
زخمن جو تدارڪ ڪير
ڪري – زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
سنگتي نه رهيو ساٿي
نه رهيو – پانڌي نه رهيو ڪانڌي نه رهيو،
لاوارث لاش ٿيو عاشق
جو – مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
دل ڀي نه رهي جان ڀي
نه رهي – جنهن صورت ۾ تون ڀي نه رهين،
تنهن صورت ۾ ”دادن“
ڇا ڪري – دان جو تدارڪ ڪير ڪري؟
دادن جويو عرف دادن فقير
[ ۱۹۰۶ع – ۱۹۷۹ع ]
جبار آزاد منگي
دادن فقير ولد ميان
ڌڻي بخش جويو تعلقي نصيرآباد جي ڳوٺ “ميان داد چنجڻيءَ” ۱۹ شوال ۱۳۲۳ھ مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۹۰۶ع تي پيدا ٿيو. (روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب “دادن فقير جو ڪلام” ۾ پئدائش
۱۷ جنوري ۱۹۰۶ ڄاڻايل آهي) شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب خان شاهاڻيءَ
وٽان ورتائين. ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾
کيس مجازي ميخ سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي
۾ لالو رائنڪ جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي “تارڪ” (۱۸۶۰ع - ۱۹۳۹ع) کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني رهبر لاءِ فقير
خير محمد “خوش” هيسباڻي (۱۸۰۹ع-۱۸۷۷ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.
دادن فقير پنهنجي زندگي
جي نوجوانيءَ وارا ۲۳ ورهيه نصيرآباد شهر ۾ پن جون ٻيڙيون ٻڌڻ جي مزدوري ڪندي گذاريا. جوانيءَ ۾
طبيعت ۾ مجازي عشق جي اٿل پٿل، کيس هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏنو. دادن فقير جويي پنهنجي محبت
۽ چاهت جو مان مٿاهون رکي، دل ۾ درد ۽ فراق جا دونهان دُکائيندي، سوز ۽ فرقت جو سفر
جاري رکيو. هن کي شايد روح کي راحت ڏيندڙ ڪنهن اهڙي ٿانيڪي ٿاڪ جي ڳولا هئي، جتي
زندگيءَ جا باقي ڏينهن سِڪ، سوز، هجر ۽ فراق جو يڪسوئي ۽ تسليءَ سان اظهار ڪري
سگهي. دادن فقير نصيرآباد ۽ آسپاس جي شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن واري محفلن جو مهندار ته
هوندو هيو، پر شهر جي مختلف مسجدن ۾ ٿيندڙ جلسن جو پڻ روح روان هوندو هيو. دادن
فقير هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. خاص ڪري عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني
گهٽ ملندو. مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين ۽ اڪيلو ئي رهيو، پڇاڙيءَ
۾ کيس ڇن (هرنيا) جي مرض نهوڙي وڌس، غربت سبب ڪو به خاطر خواھ علاج ڪرائي نه سگهيو
۽ ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹ھ مطابق ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي سومهڻيءَ جو، راڌڻ اسٽيشن لڳ راھ رباني ورتائين، دادن
فقير هن وقت راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري “گهڙي پير قبرستان” ۾ سنڌ امڙ جي هنج ۾ ابدي
آرامي آهي.
دادن فقير نظم، مرثيا،
دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبت جي صنفن تي تمام گهڻو لکيو، کيس موسيقيءَ جي
به وڏي ڄاڻ هئي. ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب داد حاصل ڪندو هو. سندس ڪلام
اڄ به عام و خاص جي زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي.
سُتا ڪر سُجاڳي، سُمهڻ
بند ڪر،
تون غفلت ۾ پنهنجو،
هجڻ بند ڪر،
دلي حال ڪنهن سان نه
ڪر دادن،
خبر بيخبر کان پڇڻ
بند ڪر
دادن فقير جي شاعري سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ ٿيل آهي. ڪتاب “دادن فقير جو ڪلام” ۾ حمد، نعت، حضرت علي عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، شيخ عبدالقادر جيلاني رح ۽ حضرت عثمان مرونديءَ (قلندر لعل شهباز رح) جي شان ۾ مداحون، بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، ٻه سٽا، چؤسٽا، نظم ۽ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۳ع ۾ ڇپايو هو ۽ اُن جو مرتب اياز لاکير هو. ساڳئي ڪتاب جو هڪ ٻيو ڇاپو، اپريل ۲۰۰۳ع ۾ ئي سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ڇپايو آهي، جنهن جو مرتب لال بادشاھ ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته هن ئي ڪتاب ’دادن فقير جو ڪلام’ جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ۲۰۱۱ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
دادن فقير
۴۲ ورسي جي مناسبت سان - هنجڙا هليا ويا ساجُهر سويرا
ثناءُالله عتيق
چنجڻي
سنڌ جي مشھور عوامي
شاعر دادن فقير جو جنم تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي( ھاڻوڪي ضلعي قنبر، تعلقي
نصيرآباد)، يو. سي ميانداد چنجڻي جي مرڪزي ڳوٺ ”ميانداد چنجڻي“ ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع تي ٿيو، جتي پاڻ جيجل جي ھنج ۾ لوليون
ورتائين، پينگھي لڏيو ۽ رانديون رميائين، ياد رھي ته سنڌ ھند جو مشھور عوامي شاعر
حاجي خانڻ چنجڻي پڻ سنڌ جي ھن سدوري وستيءَ جو سپوت ھيو. ھڪ پاسي علم ۽ ادب سان ٽمٽار
اهڙي ڀاڳوند واھڻ ۾ مسلمان خواھه ھندو مذھبي احترام، مثالي معاشري ۽ خوشحال
زندگيءَ جي اوج تي ھيا. ته ٻي پاسي سونارن جي پاڙي ۾ ڌڻي بخش جويو جي گھر سڪيلڌو ٻار
پيدا ٿيو جنھن جو لاڏ ڪوڏ ۽ پيار منجھان مائٽن داد محمد رکيو کيس مائٽ محبت منجھان
اڪثر ڪري دادن توڻي دادلو پڻ چوندا ھئس. دادن جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو ته مائٽن
کيس ڳوٺاڻي مدرسي ”مدرسه چنجڻي شريف اشرف العلوم“ ۾ بنيادي ديني تعليم لاءِ
ويھاريو، جتان پاڻ بنيادي مذهبي تعليم وقت جي جيد عالم ۽ بزرگ شخصيت خليفي محمد
موسيٰ ڪليم الله رح وٽان پرايائون. ڳوٺ جا بزرگ ٻڌائيندا آھن ته ننڍي ھوندي کان وٺي
دادن کي دل ۾ ڪو درد سمايلجو پاڻ جڏھن مائٽن جو مال چارڻ لڳو ته سندس زبان تي ڪونه
ڪو لوڪ گفتو ھميشھه سندس ھمراز ھوندو ھيو. اڳتي ھلي جڏھن ميان ھدايت الله تارڪ
نجفي ۽ فقير هيسباڻي سان کيس قلبي قرار حاصل ٿيو ته پاڻ قلبي شاعريءَ جي ميدان تي ڇانءُ
ڏيندڙ بڙ بڻجي ويو. اھيو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ به سنڌ توڻي ھند ۾ دادن فقير جي سادن
سلوڻي سلوڪن کي دردمند دليون ھجر ۽ فراق توڻي ڏکن ڏولاون جو نسخه ڪيميا سمجھن ٿيون.
توڻي جو دادن فقير
جو ڪٽنب خاندان سونارڪو ڪرت سنڀاليندڙ ھيو پر فقير جو قلبي لاڙو شاعريءَ طرف ھجڻ
سبب ھن يگاني انسان جو ذريعه معاش وڏڙن جي ميڙي پونجي، مال متاع ۽ زمينن تي ھوندو
ھيو. ويتر جو مولودن جي محفلن ۾ اٿڻ ويھڻ لڳو ته کيس ڪا معاشي تنگي درپيش ڪو نه
آئي، جيئن جيئن سندس شاعراڻو شعور پروان چڙھندو ٿي ويو ته شادين شادمانن ۾ راڳ
ويراڳ جي محفلن مچائڻ سبب کيس ھردلعزيز عوامي پذيرائي پلئه پيس. کيس موسيقي ۽
شاعري سان گھري شغف سبب عوام ۾ وڏي پذيرائي پلئه پيس. کيس پنهنجي ڳوٺ ميانداد چنجڻي
جي همعصر عالمن ۽ شاعرن سان ته تمام گھري اُنسيت حاصل ھئي جيئن ميان مولوي محمد
شيدا چنجڻي، صوفي سليمان سڪايل چنجڻي، ابوالعتيق مولوي غلام صديق چنجڻي، حافظ
نوراحمد چنجڻي، سرائي علي خان علڻ، مولوي محمد عالم خرم چنجڻي، مولانا دُرمحمد خاڪ
۽ مولانا عبدالمجيد عاصي اُنڙ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا. ڳوٺاڻا ٻڌائن ٿا ته دادن فقير دل جا سخي، نيڪ ۽
پارسا انسان ھئڻ سان گڏ طبيعتن خوددار شخصيت جا مالڪ ھوندا ھئا اھيو ئي سبب آھي جو
سندس عوامي شاعريءَ ۾ حق ۽ سچ جو ھوڪو اڄ ڏينهن تائين ڀير تي ڏونڪي جيان نشانبر ٻڌجڻ
۾ اچي ٿو. دادن فقير بدني لحاظ کان سنھي ھاٺي ھوندي به گرمي سردي ۾ ٻيو خدا جي خلق
سان ناتو نڀائيندو ايندو ھيو. خوددار ۽ سادگي پسند دادن فقير کي پوشاڪ ۾ مٿي تي سنڌي
پٽڪو ۽ تن تي پهراڻ اوڍڙ جو منفرد ڏانءُ حاصل ھوندو ھيو. پاڻ طبيعتن خوش مزاج، ڪچهري
جو ڪوڏيو ۽ عالمن، اڪابرن توڻي عوام الناس جو تمام گھڻگھرو ھوندو ھيو. اھيو ئي سبب
آھي جو اڄ به سندس شاعريءَ اڪيچار عوامي لقائن واري بسنت رُت بھار جو نادر نمونو لڳندي
آھي.
دادن فقير پنھنجي
جنم ڳوٺ کان راڳ ويراڳ جي شروعات ڪئي تان جو تر جي مشھور ڳوٺن آڏي جاگير، الھڏتو ڪانڌڙو،
جان محمد چنجڻي، حاڪم ڏيپر، آڏي لاشاري، بازاري ڪانڌڙا، موندر لاکا، باڊھہ، گاجي
کھاوڙ، لعلورئنڪ، نصيرآباد، ميهڙ، وارھہ، سائينداد کوکر، گھوگھارو، ديدڙ، گھٽھڙ،
توڙي ننڍن ننڍن واھڻن ۾ پنھنجي روح جي راحت کي عوامي نصيحت جو انداز بڻائي پنھنجي
قلبي قوت ۽ محبتي مھميز جو سڏپڙاڏو گونجاريندا رھيا. سندس پنهنجي دور جي نامور
ادبي شخصيتن، شاعرن توڻي عالمن سان گھرو ادبي تعلق ھوندو ھيو جھڙوڪ مخدوم طالب
المولا، مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي، استاد بخاري، اسحاق راھي، دريا خان جاگيراڻي،
ناظم منگي، احمد خان مدهوش، غلام نبي مھيسر وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌ جي ھن عوامي ذوق
۽ شوق واري شاعريءَ جي مهندار شاعر دادن فقير آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي اهو چئي موڪلايو ته:
ٻيو مرض ڪونھي لڳل ”دادن“ جي دل کي دلربا،
بس مرض آھـي ته آھـي، گـڏ رھڻ جي واسطي!
(ثناءُالله عتيق
چنجڻي جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
دادن فقير
هنجڙا هليا ويا ساجُهر
سويرا!
ليکڪ: علي دوست
عاجز
هُو هيو به فقير ۽
سڏائيندو به فقير هو! سندس نالي پٺيان راءُ، رام، رئيس يا خان جهڙو ڪو لقب ڪونه
هو. تنهن ڪري سڀ ڪو کيس دادن فقير سڏيندو هو. هو ڄائو به اڪيلو ۽ زندگي به اڪيلي
گذاريائين! مرڻ وقت به هن جي مٿان ڪو عزيز
ڪونه هو! ڪو همدرد هوس، ته ميان غلام قادر سولنگي هو، جنهن جي دُڪان نما ڪمري ۾
زندگيءَ جا آخري ڏينهن بنا مسواڙ جي گذاريائين، جو هُو سندس پيالي ڀائي به هو، ته
حال ڀائي به! ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي اهو چئي موڪلايائين ته:
دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم،
عزت بچائي، بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم!
فقيرن جو ورثو ڦاٽل
گودڙيءَ کان سوا ڇا هوندو! سو هن فقير جي گودڙيءَ ۾ به رڳو ڪلام جا گوهر هئا، جن
کيس عام ماڻهن ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ڏني! شعر، ادب جي دنيا ۾ سوين نالا آھن، جن مان ڪي
پنهنجي دور ۾ پنهنجي دنيا جا مشھور ۽ معروف سخنور رهيا، پر پوءِ انهن مان ڪي وقت گذرڻ
سان گڏ گذري ويا، ڪن کي دور سدائين پڙھندو ۽ ٺپيندو رهي ٿو! دادن فقير اهڙن شاعرن
مان هو، جن پنهنجو ڪلام ماڻهن تائين ڳوٺن، محفلن ۽ مشاعرن ۾ پڙھي توڙي ڳائي
پهچايو. سندس ڪلام جو لهجو، توڙي ٻولي صفا سولي ۽ عام فھم آھي، جنهن ۾ بي حد گهڻي
رواني ۽ ميٺاڄ آھي! سندس ڪلام جي قبوليت جو اندازو ان مان به ڪري سگهجي ٿو ته ان
جو ڳچ حصو ماڻهن کي بر زبان ياد آھي! جن ۾ سڌيون، سياڻيُون، ڳالهيون، نصيحتون،
نُقطا، تجربا ۽ مشاهدا نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي ٻُڌندڙن جي دل
سان لڳي، زبان تي رهجي ويا آھن!
هنڌ دوستيءَ جي سودو هجي، پر کرو هجي!
لالچ جو رستو دوست سان بلڪل ڍرو هجي!
شرم ۽ حيا جو اک ۾، ذرا ڪجھ ذرو هجي!
اهڙو نه کڻجي بار، جو وت کان ڳرو هجي!
دادن فقير وارھ
تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع تي جنم ورتو. هو ذات جو جويو هو. سندس
والد محترم جو نالو ڌڻي بخش ھو! نصير آباد (لاڙڪاڻي) ۾ ۲3 سال رهيو، ان کان پوءِ راڌڻ (اسٽيشن) کي
پنهنجو مسڪن بنايائين. سندس مشغلو شاعري ۽ موسيقي هو، جنهن سان دل ۽ ڏيهه کي پيو
وندرائيندو هو!
گُل اھڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!
هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رُسن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!
—-
اڄ ياد يار کي ڪري، ڳوڙھا ڳڙي پيا،
قسمت خراب پنهنجي، ٺھيل ڪم ڊھي پيا!
دلبر به منهنجو مون کان ويو، دل به منهنجي وئي،
ڏاڍو چڱو ٿيو، بار گهڻن تئُون لھي پيا!
هي سهڻن نظارن ۽ وڻندڙ
ماڻھن ڏانهن ڇڪجي ويندو هو. انهن ڏانهن لڙي ويندو هو، جيڪي سندس گفتي جو قدر ڪندا
هئا! هن جي هڪ دل به هئي، ان جي هڪ دلبرڙي به هئي! جا پڻ فنڪارا به هئي، ته سائي
پلُر جي پياڪ به هئي! فقير سائين وڏيون مُڇون ۽ هلڪي ڏاڙھي رکندو هو. پٽڪو ٻڌندو
هو، جنهن جو تُرو هيٺ تائين پيو لڙڪندو هوس! رنگ ڪڻڪائون هو، بُت ۾ هلڪو هو. ويتر
جو ڇاتي جهلجي پيس، ته تنُ تنبورو ٿي پيو هوس! توڙي جو ماڻهن سان ٻانهُن ٻڌڻ واري
واٽ ھئس ۽ ھڙ ۾ ڪي به ڪو نه هوس، تڏھن به خود داري وڃائڻ ڪانه ڏنائين! سچو، سادو،
مخلص ۽ ھر طمع کان بي نياز هو! سندس پير اُگهاڙا هوندا هئا، پر سندس پيشاني اُجري
هوندي هئي.
(ڏھاڙي سوڀ ڪراچيءَ
۾ ۶ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
دادن فقير
هنجڙا هليا ويا ساجُهر
سويرا - ۴۴ھين ورسي
ثناءُالله عتيق
چنجڻي
سنڌ جي مشھور عوامي
شاعر دادن فقير جو جنم تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻوڪي ضلعي قنبر، تعلقي
نصيرآباد)، يو سي ميانداد چنجڻي جي مرڪزي ڳوٺ “ميانداد چنجڻي” ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع تي ٿيو، جتي پاڻ جيجل جي ھنج ۾ لوليون ورتائين، پينگھي
لڏيو ۽ رانديون رميائين، ياد رھي ته سنڌ ھند جو مشھور عوامي شاعر حاجي خانڻ چنجڻي
پڻ سنڌ جي ھن صدوري وستيءَ جو سپوت ھيو. ھڪ پاسي علم ۽ ادب سان ٽمٽار اهڙي ڀاڳوند
واھڻ ۾ مسلمان خواھه ھندو مذھبي احترام، مثالي معاشري ۽ خوشحال زندگيءَ جي اوج تي
ھيا. ته ٻي پاسي سونارن جي پاڙي ۾ ڌڻي بخش جويو جي گھر سڪيلڌو ٻار پيدا ٿيو جنھن
جو لاڏ ڪوڏ ۽ پيار منجھان مائٽن داد محمد رکيو کيس مائٽ محبت منجھان اڪثر ڪري دادن
توڻي دادلو پڻ چوندا ھئس. دادن جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو ته مائٽن کيس ڳوٺاڻي
مدرسي “مدرسه چنجڻي شريف اشرف العلوم” ۾ بنيادي ديني تعليم لاءِ ويھاريو، جتان پاڻ
بنيادي مذهبي تعليم وقت جي جيد عالم ۽ بزرگ شخصيت خليفي محمد موسيٰ ڪليم الله رح وٽان
پرايائون. ڳوٺ جا بزرگ ٻڌائيندا آھن ته ننڍي ھوندي کان وٺي دادن کي دل ۾ ڪو درد
سمايلجو پاڻ جڏھن مائٽن جو مال چارڻ لڳو ته سندس زبان تي ڪونه ڪو لوڪ گفتو ھميشھه سندس
ھمراز ھوندو ھيو. اڳتي ھلي جڏھن ميان ھدايت علي تارڪ نجفي ۽ فقير هيسباڻي سان کيس
قلبي قرار حاصل ٿيو ته پاڻ قلبي شاعريءَ جي ميدان تي ڇانءُ ڏيندڙ بڙ بڻجي ويو.
اھيو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ به سنڌ توڻي ھند ۾ دادن فقير جي سادن سلوڻي سلوڪن کي
دردمند دليون ھجر ۽ فراق توڻي ڏکن ڏولاون جو نسخه ڪيميا سمجھن ٿيون.
توڻي جو دادن فقير
جو ڪٽنب خاندان سونارڪو ڪرت سنڀاليندڙ ھيو پر فقير جو قلبي لاڙو شاعريءَ طرف ھجڻ
سبب ھن يگاني انسان جو ذريعه معاش وڏڙن جي ميڙي پونجي، مال متاع ۽ زمينن تي ھوندو
ھيو. ويتر جو مولودن جي محفلن ۾ اٿڻ ويھڻ لڳو ته کيس ڪا معاشي تنگي درپيش ڪونه
آئي، جيئن جيئن سندس شاعراڻو شعور پروان چڙھندو ٿي ويو ته شادين شادمانن ۾ راڳ
ويراڳ جي محفلن مچائڻ سبب کيس ھردلعزيز عوامي پذيرائي پلئه پيس. کيس موسيقي ۽
شاعري سان گھري شغف سبب عوام ۾ وڏي پذيرائي پلئه پيس. کيس پنهنجي ڳوٺ ميانداد چنجڻي
جي همعصر عالمن ۽ شاعرن سان ته تمام گھري اُنسيت حاصل ھئي جيئن ميان مولوي محمد
شيدا چنجڻي، صوفي سليمان سڪايل چنجڻي، ابوالعتيق مولوي غلام صديق چنجڻي، حافظ
نوراحمد چنجڻي، سرائي علي خان علڻ، مولوي محمد عالم خرم چنجڻي، مولانا دُرمحمد خاڪ
۽ مولانا عبدالمجيد عاصي اُنڙ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا. ڳوٺاڻا ٻڌائن ٿا ته دادن
فقير دل جا سخي، نيڪ ۽ پارسا انسان ھئڻ سان گڏ طبيعتن خوددار شخصيت جا مالڪ ھوندا
ھئا اھيو ئي سبب آھي جو سندس عوامي شاعريءَ ۾ حق ۽ سچ جو ھوڪو اڄ ڏينهن تائين ڀير
تي ڏونڪي جيان نشانبر ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو. دادن فقير بدني لحاظ کان سنھي ھاٺي ھوندي به
گرمي سردي ۾ ٻيو خدا جي خلق سان ناتو نڀائيندو ايندو ھيو. خوددار ۽ سادگي پسند
دادن فقير کي پوشاڪ ۾ مٿي تي سنڌي پٽڪو ۽ تن تي پهراڻ اوڍڙ جو منفرد ڏانءُ حاصل
ھوندو ھيو. پاڻ طبيعتن خوش مزاج، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ عالمن، اڪابرن توڻي عوام الناس
جو تمام گھڻگھرو ھوندو ھيو. اھيو ئي سبب آھي جو اڄ به سندس شاعريءَ اڪيچار عوامي
لقائن واري بسنت رُت بھار جو نادر نمونو لڳندي آھي.
دادن فقير پنھنجي
جنم ڳوٺ کان راڳ ويراڳ جي شروعات ڪئي تان جو تر جي مشھور ڳوٺن آڏي جاگير، الھڏتو ڪانڌڙو،
جان محمد چنجڻي، حاڪم ڏيپر، آڏي لاشاري، بازاري ڪانڌڙا، موندر لاکا، باڊھہ، گاجي
کھاوڙ، لعلورئنڪ، نصيرآباد، ميهڙ، وارھہ، سائينداد کوکر، گھوگھارو، ديدڙ، گھٽھڙ،
توڙي ننڍن ننڍن واھڻن ۾ پنھنجي روح جي راحت کي عوامي نصيحت جو انداز بڻائي پنھنجي
قلبي قوت ۽ محبتي مھميز جو سڏپڙاڏو گونجاريندا رھيا. سندس پنهنجي دور جي نامور
ادبي شخصيتن، شاعرن توڻي عالمن سان گھرو ادبي تعلق ھوندو ھيو جھڙوڪ مخدوم طالب
المولا، مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي، استاد بخاري، اسحاق راھي، دريا خان جاگيراڻي،
ناظم منگي، احمد خان مدهوش، غلام نبي مھيسر وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌ جي ھن عوامي ذوق
۽ شوق واري شاعريءَ جي مهندار شاعر دادن فقير آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي اهو چئي موڪلايو ته:
ٻيو مرض ڪونھي لڳل
“دادن” جي دل کي دلربا،
بس مرض آھـي ته آھـي،
گـڏ رھڻ جي واسطي!
صوفي دادن فقير
ڪامران جاني سنڌي
دادن
فقير سنڌ جو هڪ ناميارو ۽ مقبول عوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي سادي، ساريلي ۽
اثرائتي ٻوليءَ ذريعي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي. سندس ڪلام عام فهم
هجڻ سان گڏوگڏ گهري فڪري سگھ رکي ٿو.
هيٺ
دادن فقير جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو:
شخصيت
۽ زندگي اصل نالو: سندس اصل نالو داد فقير هو، پر شاعريءَ ۾ ”دادن“ تخلص استعمال
ڪندو هو، جنهن ڪري ”دادن فقير“ جي نالي سان مشهور ٿيو.پيدائش: هي سن ۱۹۰۶ع ۾ سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي وارھ تعلقي جي هڪ ڳوٺ ”ميانداد چنجڻي
حويلي“ ۾ پيدا ٿيو.
طبيعت:
دادن فقير طبيعت جو درويش، سادو، مخلص ۽ لوڪ ڪلاڪار وارو مڻيا رکندڙ انسان هو. کيس
عوام سان بيحد محبت هئي.
شاعريءَ
جون خاصيتون عوامي ٻولي: دادن فقير جي شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي سندس عوامي لهجو
۽ ٻولي آهي. هن اهڙا لفظ استعمال ڪيا جيڪي سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي روزمره جي
زندگيءَ جو حصو هئا.
صنفون:
هن ڪافي، وائي، بيت ۽ غزل جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪافيون سنڌ جي سگهڙن ۽
فنڪارن ۾ تمام گهڻيون مقبول آهن.
طنز ۽
مزاح: سندس ڪلام ۾ جتي سماجي سجاڳي ملي ٿي، اتي طنز ۽ مزاح جو عنصر پڻ نمايان آهي،
جنهن ذريعي هن سماج جي براين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
عشقيه ۽
صوفياڻو رنگ: سندس شاعريءَ ۾ مجازي توڙي حقيقي (صوفياڻو) عشق نمايان طور نظر اچي
ٿو، جنهن ۾ هجر، وصال، ۽ محبوب جي سونهن جو ذڪر ملي ٿو.
ادبي
ورثوڪلام جي ترتيب: سندس شاعريءَ جو مجموعو ”دادن فقير جو ڪلام“ جي نالي سان علي
گل کوسو ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سنڌي ادب جو هڪ اهم اثاثو آهي. هي ڪلام اوهان سنڌسلامت ڪتاب گهر تان پڻ پڙهي سگهو ٿا.شاعريءَ جو اثر: سندس شاعراڻي انداز
سنڌ جي ڪيترن ئي همعصر ۽ بعد ۾ ايندڙ شاعرن کي متاثر ڪيو، جن ۾ حمزو علي مولائي جهڙا
نالا شامل آهن.
دادن فقير جويو
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
داد محمد المعروف دادن فقير جو جنم ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو ڌڻي بخش ذات جو
جويو هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان ورتائين. بعد ۾ ڳوٺ محراب سنديلي مان
استاد صاحب خان شاهاڻيءَ کان علم پرايائين. ست درجا سنڌي پڙهي فائينل پاس ڪيائين.
جيئن جوانيءَ ڏي وک وڌڻ لڳس، تيئن عشق جي چپاٽ لڳس. عشق سندس متيون ئي منجھائي ڇڏيون.
ڇو ته تعليم اڳتي وڌائي نه سگهيو. حُسن جو حد کان وڌيڪ قائل هو. حُسن جو اهڙو ته تير
لڳس جو مجاز جي منزلن تي هلڻ شروع ڪيائين. اهڙي ئي لحاظ کان شعر و شاعريءَ ڏانهن
سندس لاڙو وڌندو رهيو. سندس والد صاحب کي پنهنجو ڪافي ٻني ٻارو هيو. والد جي وفات
کان پوءِ ٻني ٻاري تان به هٿ کڻي ڇڏيائين. جيئن سچل سائين چوي ٿو تہ"سچو ٻاجهون
عشق ﷲ دي، ٻيو ڪوئي هنر نه سکياسين."سو دادن فقير به ٻني ٻاري کي ترڪ ڏيئي ڇڏيو.
شعر و شاعريءَ کان سواءِ سندس ڪو ٻيو مشغلو ئي ڪو نه هو. سنڌ جي وڏي شاعر، مفسر،
اديب، عالم، فقير، زميندار، صوفي، تاج الشعراء، فخرالشعراء، خادم الفقراء ۽ تارڪ
الدنيا علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ(لالو رانئڪ) وٽ ويو ۽ کانئس عربي، فارسي ۽
شعر و شاعريءَ جي تعليم وٺي، کيس پنهنجو استاد مڃي، شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ وڌيڪ
دلچسپي رکيائين. فقه ۽ تصوف جو به ڪي قدر فقير تارڪ کان علم حاصل ڪيائين. مجاز ته کيس
ننڍي هوندي کان ئي موهي وڌو هو، جنهن ڪري فقيري پوشاڪ پاتائين. فقير خوش خير محمد
هيسباڻيءَ(متوفي ۱۸۷۷ع) کي پنهنجو روحاني مرشد ڪري مڃيائين. اسحاق راهي ۽ اياز لاکير جن لکيو
آهي تہ"فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي صحبت ۾ رهيو." اها اسحاق راهي ۽
اياز لاکير جي ڀُل آهي. ڇو ته فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي وفات ۱۸۷۷ع ۾ ٿي ۽ دادن فقير ۱۹۰۶ع ۾ ڄائو، ته فقير خير محمد هيسباڻيءَ جي
صحبت ۾ ڪيئن رهيو. ايڏي وڏي ڀل ۽ ڪنهن تحقيق کان سواءِ چوڻ ته خوش خير محمد جي
صحبت ۾ رهيو. اها وڏي فڪر ۽ سوچ ويچار جي ڳالھ آھي. اسحاق راهي ۽ اياز لاکير کي ان
پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها. دادن فقير ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي وچ ۾ ۲۹ سالن جو فرق آهي يعني دادن فقير، خوش خير
محمد هيسباڻيءَ جي وفات کان ۲۹ سال پوءِ ڄائو آهي ته خوش خير محمد جو صحبتي ڪيئن رھيو.
ٿي سگهي تو ته خير محمد هيسباڻي ٻئي جو صحبتي رهيو هجي!!!
دادن فقير مٽن مائٽن جي ناراضگيءَ ۽ مخالفت سبب ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ کي
الوداع چئي اچي شهر نصير آباد ۾ اٽڪل ۲۳ سال رهيو. اتي به کيس سُڪون ۽ آرام ويهڻ نه ڏنو، جنهن ڪري
نصير آباد کي به الوداع ڪري هميشه لاءِ راڌڻ(تعلقو ميهڙ) ۾ سڪونت پذير ٿيو. راڌڻ ۾
فقير سلطان سولنگيءَ وٽ حياتيءَ جا اٽڪل ۳۰ سال گذاريائين. شعر و شاعريءَ ۾"دادن" تخلص
استعمال ڪيائين ۽ عوام ۾ به دادن جي نالي سان اڄ به مشهور و معروف آهي.
دادن فقير سونارڪو ڌنڌو به ڪندو هو، جنهن ڪري کيس دادن سونارو پڻ سڏيندا
هئا. دادن فقير جو ڪلام گهڻو آهي، سندس ڪلام تي سندس استاد علامه تارڪ جو اثر آهي.
دادن جي ڪلام جو هڪ حصو" هڻ کڻ" جي نالي سان به ڇپايو ويو هو. هيءُ حصو
دادن فقير جي موڪل کان سواءِ ڇپايو ويو هو. دادن فقير جي لاڏاڻي کان ڏھ سال پوءِ
سندس ڪتاب "آفتاب عشق" جي نالي سان ۱۹۸۹ع ۾ سندس شاگرد ۽ طالب فقير سلطان سولنگيءَ ڇپائي
پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ هڪ ته اڌوري ۽ اڻ پوري شاعري ٻيو وري غلطيون جھجھي انداز ۾
آهن. منجهس ڪابه ترتيب ڏنل ڪا نه آهي.
دادن فقير ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور شخص هو. موسيقيءَ جو به ڪافي ڄاڻو
۽ ماهر هو. هارمونيم (باجو) ۽ يڪتاري وڄائڻ جو به سٺو ڪاريگر هو. پاڻ به ٿورو گهڻو
ڳائيندو وڄائيندو هو. پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيندو هو.
آخرڪار سنڌ جي هن عوامي شاعر تاريخ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع مطابق ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹ھ جمعي جي رات، يارهين وڳي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھ
راڌڻ شهر جي لڳولڳ پِيرَ گهَڙَي واري مقام ۾ آهي.
دادن فقير سڄي عمر مجرد رهيو، شادي ڪا نه ڪيائين. هن وقت پونيَرن مان ڪو ماڻهو
حال حيات آهي يا نه آهي، خبر خدا کي. اگر ڪو هجي به ته وﷲ اعلم!!!
دادن فقير جي خدمت ۾ سندس شاگرد سلطان سولنگي ۽ غلام قادر هميشه حاضر هوندا
هئا. اسحاق راهي صاحب دادن فقير جي شاعري ۽ شخصيت بابت هن ريت لکيو آهي تہ:
"دادن
فقير مقبول ۽ مشهور عوامي شاعريءَ ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. انيڪ خوبين جو
مالڪ هو. کيس شاعريءَ تي پوري پوري دسترس هئي. هن گهڻو ڪري شاعريءَ جي هر صنف تي
لکيو، جهڙوڪ: نظم، غزل، بيت، دوها، قطعا، رباعي، مرثيا ۽ منقبت جهڙين صنفن تي گهڻو
ڪجھ لکي ويو آهي. هن قومي شاعريءَ ۾ بلڪل بي پرواهيءَ سان ۽ دليرانا انداز ۾ نظم
وغيره لکيا. فقير صاحب چاپلوسي يا اجائي تعريف ڪڏهن به ڪنهن شعر ۾ ڪنهن جي به ڪانه
ڪئي. باقي شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي جيڪو شعر لکندو هو، سو سڀ معاشي مجبوريءَ
ڪري هوندو هو، ان ۾ به لائقي ۽ حقيقت کي نظر ۾ رکي پوءِ شعر لکندو هو. دادن فقير نه
فقط بهترين شاعر هو، پر موسيقيءَ جو به ڄاڻو هو. کيس راڳداريءَ جي پوريءَ طرح پروڙ
هئي. هو وڏين وڏين ڪانفرنسن يا مشاعرن ۾ هميشه ترنم ۾ شعر پڙهندو هو. سندس شعر
سادو ۽ سليس، مگر وڏي مقصد وارو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تي مڇرجي پوي ته آنڊا به ساڙي
وجهي، اگر سنجيدو لکي ته دل ۾ جهير وجهي ڇڏي. سندس اندازِبيان اهڙو ته اثر انگيز
هو، جو ٻُڌندڙ وري وري شعر ٻُڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. دادن فقير جو ڪلام اڄ به جهرجهنگ
جهونگاريو پيو وڃي. هن توحيد تي به گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي. اهلبيت تي پڻ جھجھو
لکيو اٿس. مطلب ته سندس شاعريءَ ۾ ڏاڍي پختگي ۽ نازڪ خيالي ملندي. کيس شاعريءَ ۾
حقيقي پهچ نصيب هئي. اهوئي سبب آهي جو هو هميشه پاڻ کي"فقير" چوائيندو
رهيو."الشعراء تلاميذالرحمان" جي مصداق دادن فقير ۾ قدرت جو ڏنل عظيم
شاعراڻو ملڪو سمايل هو. سندس رهڻي ڪَهڻي سادي، ٺٺ ٺانگر کان بلڪل پري، تن تنها، نه
ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، سدائين آزاد خيال، پنهنجيءَ ۾ پورو، سندس دوستيءَ جو حلقو
ايترو ته وسيع هو، جو سڄيءَ سنڌ ۾ غريب کان امير تائين کيس عزت جي نگاھ سان ڏٺو
ويندو هو."
دادن فقير جو ڪلام عوام ۾ سندس دور ۾ مقبول هو پر هن وقت به عوام ۾ نهايت
مشهور و مقبول آهي. سندس مشغلو شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪو نه هو. دادن فقير سنڌي،
سرائيڪي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. قصيدا، بيت، ڏوهيڙا، مناجات، معراج نامو، ۽
ڪافيون وغیره لکيائين. دادن فقير دل جو صاف سٿرو ۽ اڇو اجرو هو. ٻاهر جو به اهڙو ئي
پاڪ صاف ۽ شفاف هو. هر ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو. رک رکاءُ ڪنهن جو به ڪو نه
ڪندو هو. اهڙيون علامتون سندس شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. سندس شعر ۾ بيباڪيءَ جو عنصر به
زياده ملي ٿو. دادن فقير عوامي شاعر هو ۽ عوام ۾ نهايت مقبول هو. اڄ به سندس ڪلام
هر جاءِ هر محفل جي زينت بڻيل آهي. سندس ڪلام ننڍي وڏي جي زبان تي گونجندو رهي ٿو.
هن وقت به ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس ڪلام برزبان ياد آهي. ماڻهن جون دليون پنهنجي
شاعريءَ سان جھٽ ۾ موهي وجهندو هو. سهڻيءَ صورت تي صفا مفتون ۽ مجنون هوندو هو. سهڻي
صورت ڏسڻ سان ئي اتي جو اتي ڪيترائي شعر لکي پار پوندو هو. في البديھ به شعر چوڻ
جو نهايت قابل هو. هيءُ غزل سندس في البديھ جو ثبوت آهي:
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رُسن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
ڪو رقص جي حالت ۾ آهي، ڪو وجد جي حالت ۾ آهي،
ڪئي آهي شروع پڪواز پنن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
فقير دادن جو ڪلام سراپا سور ۽ سراپا سچ آهي. طنز ۽ مزاح به سندس ڪلام جي
رنگينيءَ کي چارچنڊ لايو ڇڏي. سندس پورو ڪلام حقيقت جو محور ۽ مرڪز آهي. دادن فقير
جي زندگيءَ جو سج جڏهن لهڻ وارو ٿيو ته ان وقت هيءُ بيت سندس زبان تي گونجي رهيو
هو.
پکيئڙي پَرَ سوئيا، ٿيو پڃرو پراڻو،
اِجهو اڏاڻو، "دادن" پنهنجي ديس تي.
اڳي ماڻهو جانورن کان خوف کائيندا ۽ ڊڄندا هئا ته ڪو جانور مُنهِن نه پوي.
هاڻوڪي دور ۾ وري ماڻهو ماڻهوءَ کان ٿو ڊڄي ۽ ڊپ ڪري ته ڪو ماڻهو سامهون نه اچي،
پر جانور ڀلي اچي. ڪيڏو نه زماني ڦيرو کاڌو آهي. ماڻهو ماڻهو نه رهيو آهي. وحشانيت
وڌي وئي آهي، ڪو به پاڻ کي صحيح سلامت نه ٿو سمجهي. ڪهڙو واءُ لڳو آهي، جو پراوا ته
ٺهيو پر پنهنجا ئي مٽجي ويا آهن. ماڻهن مان بدلجي ماڻهو جِن ٿي ويا آهن. ان لاءِ
دادن فقير ڪهڙو نه سچ چيو آهي:
مزو ويو ملڪ مان، ڪاهي پيو ڪِنُ،
ماڻهو ڦِري ٿيو جِنُ جِنَ جُوءِ ڇڏي ويا.
*****
ماڻهن منجهان ميٺ، موڪلائي منهن ڪيو،
ڏنگي ٿي ڏيٺ، ويو قرب قريب مئون.
جيئن ته هر شاعر پنهنجي پنهنجي خيالن، اندر جي اڌمن ۽ جذبن کي شاعريءَ
وسيلي نروار ڪيو آهي. شاھ لطيف کان اڳ يا پوءِ جي شاعرن به شعر جا واهڙ وهايا آهن.
هر ڪنهن جي ڪلام جو پنهنجو رس ۽ چس، مٺاس ۽ ميٺاڄ آهي. جيئن حفيظ تيوڻي مومل راڻي
جو قصو جوڙيو، تيئن وري ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري ڪئي پر حفيظ تيوڻي جي پد کي
پهچي نه سگهيا. ڪيترن ئي شاعرن ڏينهن، راتيون، هفتا ۽ مهينا ڳايا آهن. دادن فقير به
عمر مارئيءَ جو قصو نَوَنِ راتين ۾ چيو آهي. انهن بيتن ۾ عمر ۽ مارئي هڪ ٻئي سان
سوال جواب ڪن ٿا. مارئيءَ جي ڄمڻ ۽ مارئيءَ جي حُسن ۽ ڦوڳ بابت شاعر هيئن اپٽار ڪري
ٿو:
مارئي ملڪ ملير ۾، ٿي پيدا پالڻيءَ گهر،
سهڻي وقت سڀاءَ سان، سا ناز ڀري نينگر،
ماڏوئي سندس ماءُ هئي، نالي نشانبر،
کيس مڱايو کيت سين، پڻهس چڱيءَ پر،
سنگهاريءَ جي سونهن جا، ها هُلَ ڀري ڀٽن ڀر،
هاڪ ڪڍائي حُسن جي، ٿرياڻيءَ منجھ ٿر،
نالي ڦوڳ نوڪر ٿي، پئي پليو پالڻيءَ در،
تنهن هڪڙي ڏينهن همت ڪري، بنا خوف خطر،
سڱ ڏي مون کي سڪ سان، نهڪر نانهِن نه ڪر،
پالڻيءَ چيس تون پانهنجو، ڌيان ذرا ڪو ڌر،
ور کڻي ڀڄ وَيڙِ مئون، متان چڙهين ويڙهچن ور،
پئُه تون پنڌ پڌر، رھ نه اسان جي راڄ ۾.
مٿئين بيت کي پڙهندي دادن فقير جي خيالي سگھ ۽ سٻرائپ جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪيترن
ئي شاعرن جي شاعري هن قصي تي مبني آهي، مگر دادن فقير جي خيالي قوت مڙني کان منفرد
آهي. واقعات نگاريءَ ۾ ڪمال ڪيو اٿس. ڦوڳ جو منهن ڦڪو ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت هو هڪو
ٻڪو ٿي تڙتڪڙ ۾ عمر بادشاھ وٽ وڃي ٿو ۽ مارئيءَ جي حسن جي هاڪ جي خبر عمر بادشاھ
سان ڪري ٿو. شاعر جي زباني ٻُڌو:
ڦِڪو تڏهن ڦوڳ ٿي، ڀڳو گام ڀري،
سندس دل ۾ ساڙ جو، پيو ٻيڻو بت ٻري،
مَٺو پنهنجي من ۾، پيو مارئيءَ ڪاڻ مري،
چغليءَ وارو چت ۾، هي ڌوتو ڌيان ڌري،
پهتو پنڌ ڪري، اچي عمرڪوٽ ۾.
عمر ڪوٽ ۾ پهچي بادشاھ عمر کي سڄي حقيقت بيان ڪري ٿو. عمر بادشاھ ڦوڳ جي ڳالھين
تي هلي مارئيءَ جي ديس پهچي وڃي ٿو. جنهن کوھ تان مارئي پاڻي ڀرڻ ايندي هئي، ان
کوھ تي ڦوڳ ۽ عمر بادشاھ مارئيءَ جو انتظار ڪن ٿا. مارئي به پنهنجي ساهيڙيءَ سان گڏ
کوھ تي پاڻي ڀرڻ اچي ٿي. تاڙ ۾ ويٺل ڦوڳ ۽ عمر بادشاھ منتظر بيٺا آهن. ان ماجرا کي
دادن فقير هن ريت بيان ڪيو آهي:
کوھ اهو جنهن کوھ تي، هئي وسند نه ويجهاڻي،
ڀرڻ ايندي هئي ڀونگن کان، جت پالڻيءَ ڌيءُ پاڻي،
انهيءَ ڏينهن اويل جو، اٿي ننڊ مئون نماڻي،
ساهيڙيءَ کي ساڻ ڪري، کڻي ساڙهي سِڌاڻي،
کلندي آئي کوھ تي، سا جھٽ پٽ جهانگياڻي،
اِتي ڦوڳ سڃاڻي، سومري سين ڪڍي هن پر ڪهاڻي،
ته سائين اها اٿئي مارئي، کڻ، ترس نه تر هاڻي،
تڏهن عمر! کڻي ڪئي اٺ تي، سوگهي سانگياڻي،
باقي سنگتياڻي، ماتم ڪندي موٽي وئي.
عمر بادشاھُ مارئيءَ کي فقير دادن جي بيتن موجب پاڻ وٽ نَوَ راتيون رهائي ٿو.
انهن راتين کي فقير تمام محبت ڀريل لفظن ۾ سوگھو ڪيو آهي. پڙهندڙ ايئن محسوس ڪندو
ته ڄڻ پاڻ عمر مارئيءَ سان گڏ بيٺو آهي. شاعر ان ذڪر جي تمهيد تمام مزيدار انداز ۾
قلمبند ڪئي آهي. جنهن ۾ عمر جو سوال ۽ايلاز آزيون ۽ کيس مارئيءَ جو جواب همت ۽
حوصلي سان ڏيڻ کي هنن لفظن ۾ ان ماجرا کي قيد ڪيو آهي:
پهرين رات : عمر جو سوال :
عمر! پهرين رات تي، آيو وٽ پنهوار،
ته ماتم ڇڏ هي مارئي، تون سرتيون ڪين سنڀار،
هت راڻي ٿي رھ راڄ جي، ڇا اٿئي پنهنجي پار،
سُر هي ٿي سک سانت ڪر، تون نيڻن نير نه هار،
اِهي ماڻا مارئي، ڪينهن تنهنجي ڪار،
محل ماڙيون ملڪ اٿئي، ٿر بر جهنگ وسار،
ڪارڻ مُلڪ ملير جي، مُٺي پاڻ مَ مار،
گڏجي مون سان گھار، سار نه سنگھارن کي.
مارئي کيس جواب ڏئي ٿي:
مارئيءَ کي مَٺيان لڳي، جنهن ڏنس جلد جواب،
ته اسين ڏوٿي ڏٿ جا، تون ناڻَي دار نواب،
اعليٰ تنهنجي آب کان، ادا اباڻو آب،
حرف چوندي سانءِ حق جو، توڙي ڪُهي ڪرين ڪباب،
ڏيندين تون هن ڏينهن جو، هڪڙي ڏينهن حساب،
عمر! امانت آهيان، ڏي رخصت شاھ شتاب،
ستائڻ ثواب، نه اٿئي پرائي ننگ کي.
آخر ۾ مارئي کيس چوي ٿي ته منهنجو سر ڌڙ ڪوٽ ۾ قابو آهي ۽ ساھ سنگھارن وٽ
آهي. توسان کٽ تي ويهي مارو ڪين مٽائينديس.
سر ڌڙ قابو ڪوٽ ۾، ساھ سنگھارن وٽ،
توسان چڙهي کٽ، مارو ڪيئن مٽائيان.
دادن فقير عمر مارئيءَ جو قصو عجيب نموني جوڙيو آهي. عمر! پرچائڻ لاءِ
مارئيءَ کي وڏا وس ڪيا آهن ۽ وڏا حيلا هلايا آهن پر مارئي پنهنجي پير تي ثابت قدم
رهي آهي. عمر بادشاھ کيس پنهنجي ضد ۽ حق تان لوڏي نه سگهيو آهي.
دادن فقير جي ڪلام مان ڪجھ نمونو ڏجي ٿو:
غير منقوط
دادگر گاروءِ گوهر داد ڪو دلدار ڪر.
سرس آ سوداءُ واهر ڪر سگهو ڪا سار ڪر.
حال محرم ماهرو سرڪار اعليٰ موءِ ۾،
وارو وارو آ سگهو مسلسل وار ڪر.
دائما آ درد ۾ سڪ ۾ سدا سائل مدام،
ڪارگر هڪ وار ڪا ساڻس مدد سالار ڪر.
ڪافيون
هنجڙا هليا ويا، ساجھر سويرا.
۱- جوڙي قطارون هنجڙا اڏاڻا،
ساڻيھ ساري ستت ئي سِڌاڻا،
ويندي وڃي ڪيَئون وطن تي واهيرا.
۲- ميڙي ويا موتي ڇلر ڇڏي ويا،
لالون لڪائي لڪ ۾ لڏي ويا،
باقي بچيا هِن ٻگھ ۽ ٻٽيرا.
۳- هنجڙا هليا ويا واپس وطن تي،
"دادن"
درن لئي خالي دٻن تي،
آهن وٺي ڪيا ڪانگن ڪانگيرا.
(۲)
پڇ وڻن کان سور پکين جا، جي وريا ڪين واھيري.
۱- سنگتي سارن راهون نهاري، هو موٽن ڀاڳن ڀيري،
پڇ وڻن کان سور پکين جا.....
۲- ڀڳئون ڀيرا، ڇڏيَئون آکيرا، ويا ساجھر ويل سويري،
پڇ وڻن کان سور پکين جا.....
۳- ماريءَ ماريا ڳاريءَ ڳاريا، آيا ڪين اويري،
پڇ وڻن کان سور پکين جا......
۴-
"دادن" دلبر دل وارن جا، ويا جيرا جلائي
جيري،
پڇ وڻن کان سور پکين جا.....
(۳)
جانب يار ڪري ويو جوڳي، در در بين وڄايان مان.
نانگ ڳچيءَ ڳل ويڙهي سيڙهي، خاڪ لڱين سر لايان مان.
۱- ٿرن برن جهر جهنگلن ۾، دونهيون روز دکايان مان.
۲- گيڙو رتڙا پائي ڪپڙا، ڪن ۾ ڪُنڍل پايان مان.
۳-
"دادن" درد ڳجهو هي دل جو، ڪنهن کي سور
سڻايان مان.
(۴)
تنهنجي عشق جو ڏاڍو يار ڏکيو، آزار ڀي آ تڪرار ڀي آ.
تنهنجو جور و جفا اهلِ جفا، يڪ بار ڀي آ صدبار ڀي آ.
۱- تون پاڻ ڏنگو تنهنجو پيار ڏنگو، تنهنجو آر ڏنگو آچار ڏنگو،
تنهنجا ابرو ڏنگا هر وار ڏنگو، ڄڻ تيغ ڀي آ تلوار ڀي آ.
۲- تون ونگ وجهڻ جا ڍنگ ڍنگي، هڻي مانڊن کي ڏنگ ڏنگي،
تنهنجي زلف جو ڪارو وسيهر خونخوار ڀي آ خوددار ڀي آ.
۳- تون مارين ٿو ۽ جيارين ٿو، پر مَئي جا جام پيارين ٿو،
تنهنجي مئيخاني جو ميڪش ٿيو، هوشيار ڀي سرشار ڀي آ.
۴- تنهنجو هلڻ ڏسي حيران ٿيس، تنهنجو گفتو ٻُڌي گريان ٿيس،
تنهنجي اهڙي سڄڻ ڪا جادو ڀري، رفتار ڀي آ گفتار ڀي آ.
۵- اي منهنجا يگانا يار سڄڻ، تنهنجو منهنجي مٿان بس راضي رهڻ،
درمان ڀي آ ديدار ڀي آ، منهنجو هار ڀي آ سينگار ڀي آ.
۶- هن ڳالھ ۾ ڪو ڦند ڦير نه آ، تنهنجي حُسن جو طالب ڪير نه آ،
سردار ڀي آ ته غريب ڀي آ، نادار ڀي آ زردار ڀي آ.
۷- تنهنجي در جو اي دلدار سڄڻ، تنهنجي پيرن جو اي يار سڄڻ،
هي "دادن" دل فگار سڄڻ، پينار ڀي آ خاڪسار ڀي آ.
(۵)
جيئن تون ٿو ڪرين، تيئن ڪير ڪري،
جيئن مان ٿو مران ايئن ڪير مري.
۱- ٿو اهنج ڏِئَين آزار وري، ٿو صدما ڏئين صدبار وري،
ته به تنهنجي سڏڻ تي يار وري، جيئن مان ٿو وران ايئن ڪير وري.
۲- بس ڪهڙو به آھيان ميرو يا مندو، تڏهين به اوهان جو آهيان
بندو،
ٿي ٻارڻ برھ جي باھ سندو، جيئن مان ٿو ٻران تيئن ڪير ٻري.
۳- هل حُسن سندا هٻڪار ڏسي، رفتار ڏسي گفتار ڏسي،
سڀ سهڻا سندءِ سينگار ڏسي، جيئن مان ٿو تيئن ڪير ٺري.
۴- ڀڃ ياري نه مون کان يار مٺا، مل "دادن" سان
دلدار مٺا،
هيئن ڳڻتين ۾ غمخوار مٺا، جيئن مان ٿو ڳران تيئن ڪير ڳري.
غزل
محبوب منهنجي جا ڏسو ماڻا نوان نوان.
ماري ڪري ٿو پوءِ پڇاڻا نوان نوان.
منهنجي سوال بعد ڏئي ٿو جواب ۾،
ورنديون نيون نيون ۽ وراڻا نوان نوان.
اڳ گذري اڳ سان اڄ به گهڻائي ڪري ڇڏيا،
برباد عشق ڪيئي گهراڻا نوان نوان.
ٿيندا وڃن ٿا پيدا وري منهنجي موت ڪان،
رخ يار جي تي خال ۽ داڻا نوان نوان.
ڪنهن کي ٻُڌايان حال مان دل جو هي دوستو،
دل ۾ گهمن ٿا درد جا گهاڻا نوان نوان.
پيو فائدو نہ "دادنا" بس رهندو ڀي وري،
ٿي پيا جگر جا زخم پراڻا نوان نوان.
*****
زماني جون خبرون کُٽڻ جون نه آهن.
ٻُڌايان ڇا ٻاهر ڪڍڻ جون نه آهن.
سچيون دليون هرگز رُسڻ جون نه آهن.
سرن جي سٽڻ ۾ گسڻ جون نه آهن.
جي ٻولين ٻَڌيون سي ٽُٽڻ جون نه آهن.
هزارن جي ضد ۾ هٽڻ جون نه آهن.
هي خون ۽ کٿوريون لڪڻ جون نه آهن.
گريون ۽ گنجيون ڀي وٺڻ جون نه آهن.
جي بيماريون عشق بازي مان ٿي پيون،
سي لقمان کئون ڀي ڇٽڻ جون نه آهن.
ڏسين بي رخي ساڻ ٿو اڄ اي"دادن"،
اهي اکيون ساڳيون سڄڻ جون نه آهن.
*****
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رُسن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
ڪو رقص جي حالت ۾ آهي، ڪو وجد جي حالت ۾ آهي،
ڪئي آهي شروع پڪواز پنن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
سَوَ سور سهي آزار سهي، گل خاطر گل جا خار سهي،
زخمي ٿي پيو بلبل جو بدن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
هر باغ ۾ لطفِ بهار هجي، گلزار هجي گڏ يار ھجي،
ڪهڙيون طوطا پکي ٿا لاتيون لنون، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
هڪ ڏينهن نه هوندو گل ۽ چمن، رابيل، رتن ۽ سوسن، سمن،
رهندو نه سلامت شاخ ۽ پن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
ڪري "دادن" هار سينگار نوان، اکين جي اڳيان خونخوار نوان،
گهمندا ٿا وتن سَوَ سيم بدن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نھ ٿو ڪري.
*****
جن توتئون فدا تن من ڪيو، ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري.
جيئرا ته ملن ٿا جيئرن سان، مُردن جو تدارڪ ڪير ڪري.
لقمان به تون ته مسيح به تون، مون لاءِ حڪيم طبيب به تون،
تو کان به دوا دارون نه ملي، دردن جو تدارڪ ڪير ڪري.
هڪ ناهي مرض جو ماٺ ڪجي، هِت حاجت ناهي حسابن جي،
زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري، زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري.
سنگتي نه رهيو ساٿي نه رهيو، پانڌي نه رهيو ڪانڌي نه رهيو،
لاوارث لاش ٿيو عاشق جو، مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري.
قُمري نه رهي ڪوئل نه رهي، بلبل نه رهي گل ڀي نه رهيو،
مالهيءَ به خزان ۾ رخصت ڪئي، گلشن جو تدارڪ ڪير ڪري.
دل ڀي نه رهي جان ڀي نه رهي، جنهن صورت ۾ تون ڀي نه رهئين،
تنهن صورت ۾"دادن" ڇا ڪري، دادن جو تدارڪ ڪير ڪري.
*****
اسان جي دعوت اي جاني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
غريباڻي مڇي ماني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
نه ڪي زردو نه ڪي حلوو، نه ڪي ٿَئي چاشني مون وٽ،
سرنهن جو ساڳ سبحاني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
ٻچا ۽ ٻار گهر توتئون ڪندس قربان ٻيو ان سان،
آ سر ۽ ساھ قرباني، قبوليندين بسم ﷲ.
اسان وٽ ڪينڪي اسباب آهي عيش عشرت جو،
خدا وارن جي ياراني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
لبِ احمر شراب آهي، مگر ۽ دل ڪباب آهي،
اِها ٿَئي منهنجي مهماني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
سڱر، بوندي، لڏون، پيڙا، مٺائي ۽ نه مائو آ،
ڇِٽو ڀت دال دوفاني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
نه آهي ڪو به دُنوي مشغلو، "دادن" جي محفل ۾،
رياضت راز روحاني، قبوليندين ته بسم ﷲ.
سرائيڪي
پٽ سٽم خيم جھٽ پٽ دُوئي دا، پٽ پٽ تے نا کولين،
هولے ٻولين.
هٽ هٽ سودا هٽ هٽ آڻي، کٽ کٽ تي ٻھ تولين،
هولے ٻولين.
ڄٽ وٽ دي مٽ ڳٽ مارِئَي، مٽ چٽ تون منهن اولين.
هولے ٻولين.
گهٽ گهٽ ٿي ڪر ڪٽ سر سٽ پا "دادن" گهٽ جھٽ ڳولين.
هولے ٻولين.
*****
نال انهان دي لڳ ڳَئِي هَي ياري، هَي موت شڪار جنهان دا.
کاندے ني جهڙا ماس ماڻهو دا، هان مين ڀي طعام تنهان دا.
ڪينجهے سور سڻاوان ڪنهن نون، جو وال نهين اِڪ واندا.
جنهان "دادن" مين نون درد ڏتا، مين هان نوڪر خاص انهان دا.
*****
بند بند لڳا دلبند بلند تے زلف دے بند ڪمند ڪيتا.
نهين هنڌ پسند هے جند تيڏي دي تند چا حسرت مند ڪيتا.
پيوند ٿيا ڏک رند ڏيکان اُهين پند ڇا ڪنڌ نمند ڪيتا.
اڄ داد "دادن" دا داد ٿيا اُهين هے دانشمند ڪيتا.
اردو غزل
وه زمانے اور تھے اور یه زمانے اور ہیں.
وه فسانے اور تھے اور یه فسانے اور ہیں.
حالِ دل کس سے کہیں دانش بیگانوں میں نہیں،
وه یگانے اور تھے اور یه یگانے اور ہیں.
جانتا ہوں باقی جینے کی تمنا ہی نہیں،
وه بہانے اور تھے اور یه بہانے اور ہیں.
مٹ نه جائینگے ابھی پہلے نشانے یه نہیں،
وه نشانے اور تھے اور یه نشانے اور ہیں.
جن ترانوں نے کیا مُردوں کو زنده "دادنا"
وه ترانے اور تھے اور یه ترانے اور ہیں.
مددي ڪتاب:
۱- اسحاق راهي(۱۹۷۹ع) مهراڻ نمبر ۳-۴، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
۲- سردار الطاف حسين لاکير(۱۹۸۹ع) آفتاب عشق، ڇپائيندڙ سلطان فقير سولنگي
راڌڻ.
۳- اياز لاکير(۲۰۱۱ع) دادن فقير جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. See less
دادن فقير
وحيد مراد لاشاري
ھند سنڌ م ھڪ جيتري مقبوليت ماڻيندڙ سنڌ جو يگانو شاعر "دادن
فقير".
اے منھنجا خدا تون شاھ ّ غدا انسان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
ڪنھن به غريب کي ساٿ ڏيئي سلطان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
ھڪدم ٿوري ھوا مان طوفان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
ڪنھن سڄي ڀينگھي مخلص کي تون خان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
ڪنھن حاڪم کي ھڪ نوڪر جو دربان ڪرين، ته ڪري تو سگھين.
ڪيڏي به مشڪل "دادن" جي آسان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
ڪر "دادن" جي محبوب سندس مھمان ڪرين، ته ڪري ٿو سگھين.
سنڌ جو نامـور عـوامي شـاعر دادن فقيـر جـويـو، ۱۹ شـوال ۱۳۲۳ھہ/ ۲۱ جولاءِ ۱۹۰۶ع تي تعلقي وارھه جي ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ ڄائو.
ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان ورتائين، ست درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم
نه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي عشق لڳو، جنهن کان پوءِ شاعري ڪرڻ لڳو. ان سلسلي
۾ فقير هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ کي پنهنجو استاد ڪيائين، روحاني رهبر وري فقير خوش
خير محمد هيسباڻيءَ کي ڪيائين.
دادن فقير هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، عوامي شاعريءَ ۾ علائقي
اندر سندس ڪو ثاني نه هو. مزاحيه شاعر به حد درجي جو هو. شادي ڪا نه ڪيائين.
شاعريءَ ۾ نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبتون چيون اٿس. کيس
موسيقي جي به وڏي ڄاڻ هئي، ادبي محفلن ۾ ترنم سان ڳائيندو هو. آخري عمر ۾ بيماري
سبب ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع/ ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹ھه تي راڌڻ اسٽيشن لڳ وفات ڪيائين، سندس قبر راڌڻ لڳ ’گهڙي پير قبرستان‘ ۾
آهي. سندس ڪلام، پهرين سندس هڪ مشتاق سلطان فقير سادي نموني ڇپايو هو، ان بعد
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ’دادن فقير جو ڪلام‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپايو ۽ تازو سنڌي
ساهت گهر، حيدرآباد به ’دادن فقير جو ڪلام‘ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

No comments:
راءِ ڏيندا