; سنڌي شخصيتون: دادن فقير

18 January, 2013

دادن فقير

دادن فقير

سنڌ جو ناميارو شاعر

گل حسن جانوري/راڌڻ



سنڌ جو ناميارو شاعر دادن فقير، ڳوٺ ميانداد چنچڻي، تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلو ۾ حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شاعر ۽ عالم نجف علي تارڪ وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. جيئن سنڌ ڌرتيءَ کي سرجڻهار قيمتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، تيئن سنڌ جي سٻاجهڙي سرزمين تي جوڌن جوانن، فقيرن، وينجهارن، اديبن ۽ شاعرن مان هڪ قيمتي هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ شاعريءَ وسيلي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ چمڪائي عوامي شاعر جو مرتبو ماڻيو. انهيءَ سرموڙ شاعر کي سنڌ جو هر شخص استاد دادن فقير جي نالي سان سڃاڻي ٿو.


استاد دادن فقير جو ننڍپڻ ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذريو. جوانيءَ ۾ طبيعت ۾ مجازي عشق جي اٿل پٿل، کيس هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏنو. ڏٺو وڃي ته استاد دادن فقير مرحوم پنهنجي محبت ۽ چاهت جو مان مٿاهون رکي، دل ۾ درد ۽ فراق جا دونهان دُکائيندي، سوز ۽ فرقت جو سفر جاري رکيو. هن کي شايد روح کي راحت ڏيندڙ ڪنهن اهڙي ٿانيڪي ٿاڪ جي ڳولا هئي، جتي زندگيءَ جا باقي ڏينهن سِڪ، سوز، هجر ۽ فراق جو يڪسوئي ۽ تسليءَ سان اظهار ڪري سگهي.

استاد دادن فقير جي مجموعي شاعريءَ جو غور سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي استاد جي خداداد صلاحتين جو دل سان اعتراف ڪرڻو پوندو ته استاد کي عربي، فارسي سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولين تي عبور حاصل هئو، جنهن جو ثبوت سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهي. اهو استاد جي شاعريءَ جو ڪمال چئبو، جو سندس شاعريءَ کي ڳائڻ ۾ هر فنڪار پنهنجي ڪاميابيءَ جو ڏاڪو سمجهيو آهي.

استاد دادن جي حساس طبيعت پنهنجي آسپاس جيڪو محسوس ڪيو، انهن سمورين ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ جو روپ ڏئي، سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪري لازوال داد حاصل ڪيو. استاد کي مجازي عشق جي چوٽ ته لڳل هئي پر سماج ۾ موجوده اڻ برابريءَ، بک، بدحالي ۽ وڏيرا شاهيءَ تي به سندس گهري نظر هئي. استاد دادن جي مقبوليت جو اندارو انهيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، ان وقت جي شاعرن جن کي هڪ اڌ دفعو استاد سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو سي به پاڻ کي استاد دادن فقير جو شاگرد چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. جيتري قدر استاد پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ترجماني ڪئي ۽ عوام جي دلين ۾ پنهنجي املهه فن جي ميراث ڇڏي، راهه عدم ڏانهن روانو ٿيو پر افسوس جو انهيءَ ميراث باوجود سندس جُهريل قبر کي مناسب طريقي سان جوڙايو ناهي ويو.

سُتا ڪر سُجاڳي، سُمهڻ بند ڪر،

تون غفلت ۾ پنهنجو، هجڻ بند ڪر،

دلي حال ڪنهن سان نه ڪر دادن،

خبر بيخبر کان پڇڻ بند ڪر.


 

فقير دادن جويو

[ ۱۹۰۶ع – ۱۹۷۹ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

تذڪرة الشعراءُ لاڙڪاڻي جي سلسلي ۾، فقير دادن ولد ميان ڌڻي بخش جويو جو نالو نه وٺڻ سراسر ڀل چئبي. سندس ولادت ۱۹ شوال ۱۳۲۳هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۹۰۶ع تعلقي واره جي ڳوٺ ”ميان داد چنجڻيءَ“ ۾ ٿي آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب خان شاهاڻيءَ وٽان ورتائين. ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي ميخ سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي ۾ لالو راونڪ جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي ”تارڪ“ (۱۸۶۰ع – ۱۹۳۹ع) کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني رهبر لاءِ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ (۱۸۰۹ع–۱۸۷۷ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.

دادن فقير، بيڪ وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. خاص ڪري عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر ڪنوارو رهيو. پڇاڙيءَ ۾ کيس ڇن (هرنيا=Hernia) جي مرض وڪوڙي وڌيس؛ جنهن ڪري مفلسيءَ سببان ڪو به خاطر خواه علاج ڪرائي نه سگهيو. نتيجي آخر موت جي منهن ۾ آڻي اُڇليس؛ ۽ ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹هه مطابق ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي سومهڻيءَ ٽاڻي، راڌڻ اسٽيشن لڳ راه رباني ورتائين. افسوس! جو نه سندس پونيرن مان ڪو بچيو هو؛ ۽ نه وري سندس ڪو اوهي واهي ٿي بڻيس!! سلطان جويو ۽ غلام قادر سولنگي سندس شاگرد پرگهور لهندا پئي آيا. سندس مٽيءَ پنوڙو، راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري ”گهڙي پير قبرستان“ ۾ ٿيو.

هن مقبول عوامي شاعر، نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبت وغيره جهجها چيا آهن. کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. ادبي محفلين جو مور هو. نهايت ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب داد حاصل ڪندو هو. سندس ڪلام اڄ به عام و خاص جي زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي. سندس هڪ طويل نظم مان چند مصرعون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:-

جن توتان فدا تن من کي ڪيو – ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري؟

جيئرا ته ملن جيئرن سان ٿا – مردن جو تدارڪ ڪير ڪري؟

هڪ ناهه مرض جو ماٺ ڪجي – هت حاجت ناهي حسابن جي،

زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري – زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري؟

سنگتي نه رهيو ساٿي نه رهيو – پانڌي نه رهيو ڪانڌي نه رهيو،

لاوارث لاش ٿيو عاشق جو – مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري؟

دل ڀي نه رهي جان ڀي نه رهي – جنهن صورت ۾ تون ڀي نه رهين،

تنهن صورت ۾ ”دادن“ ڇا ڪري – دان جو تدارڪ ڪير ڪري؟


 

دادن جويو عرف دادن فقير

[ ۱۹۰۶ع – ۱۹۷۹ع ]

جبار آزاد منگي

دادن فقير ولد ميان ڌڻي بخش جويو تعلقي نصيرآباد جي ڳوٺ “ميان داد چنجڻيءَ” ۱۹ شوال ۱۳۲۳ھ مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۹۰۶ع تي پيدا ٿيو. (روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب “دادن فقير جو ڪلام” ۾ پئدائش ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ ڄاڻايل آهي) شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب خان شاهاڻيءَ وٽان ورتائين. ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس مجازي ميخ سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي ۾ لالو رائنڪ جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي “تارڪ” (۱۸۶۰ع - ۱۹۳۹ع) کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني رهبر لاءِ فقير خير محمد “خوش” هيسباڻي (۱۸۰۹ع-۱۸۷۷ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.

دادن فقير پنهنجي زندگي جي نوجوانيءَ وارا ۲۳ ورهيه نصيرآباد شهر ۾ پن جون ٻيڙيون ٻڌڻ جي مزدوري ڪندي گذاريا. جوانيءَ ۾ طبيعت ۾ مجازي عشق جي اٿل پٿل، کيس هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏنو. دادن فقير جويي پنهنجي محبت ۽ چاهت جو مان مٿاهون رکي، دل ۾ درد ۽ فراق جا دونهان دُکائيندي، سوز ۽ فرقت جو سفر جاري رکيو. هن کي شايد روح کي راحت ڏيندڙ ڪنهن اهڙي ٿانيڪي ٿاڪ جي ڳولا هئي، جتي زندگيءَ جا باقي ڏينهن سِڪ، سوز، هجر ۽ فراق جو يڪسوئي ۽ تسليءَ سان اظهار ڪري سگهي. دادن فقير نصيرآباد ۽ آسپاس جي شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن واري محفلن جو مهندار ته هوندو هيو، پر شهر جي مختلف مسجدن ۾ ٿيندڙ جلسن جو پڻ روح روان هوندو هيو. دادن فقير هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. خاص ڪري عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني گهٽ ملندو. مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين ۽ اڪيلو ئي رهيو، پڇاڙيءَ ۾ کيس ڇن (هرنيا) جي مرض نهوڙي وڌس، غربت سبب ڪو به خاطر خواھ علاج ڪرائي نه سگهيو ۽ ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۶ ذوالقعد ۱۳۹۹ھ مطابق ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي سومهڻيءَ جو، راڌڻ اسٽيشن لڳ راھ رباني ورتائين، دادن فقير هن وقت راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري “گهڙي پير قبرستان” ۾ سنڌ امڙ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي.

دادن فقير نظم، مرثيا، دوها، غزل، رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبت جي صنفن تي تمام گهڻو لکيو، کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب داد حاصل ڪندو هو. سندس ڪلام اڄ به عام و خاص جي زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي.

سُتا ڪر سُجاڳي، سُمهڻ بند ڪر،

تون غفلت ۾ پنهنجو، هجڻ بند ڪر،

دلي حال ڪنهن سان نه ڪر دادن،

خبر بيخبر کان پڇڻ بند ڪر

دادن فقير جي شاعري سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ ٿيل آهي. ڪتاب “دادن فقير جو ڪلام” ۾ حمد، نعت، حضرت علي عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، شيخ عبدالقادر جيلاني رح ۽ حضرت عثمان مرونديءَ (قلندر لعل شهباز رح) جي شان ۾ مداحون، بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، ٻه سٽا، چؤسٽا، نظم ۽ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۳ع ۾ ڇپايو هو ۽ اُن جو مرتب اياز لاکير هو. ساڳئي ڪتاب جو هڪ ٻيو ڇاپو، اپريل ۲۰۰۳ع ۾ ئي سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ڇپايو آهي، جنهن جو مرتب لال بادشاھ ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته هن ئي ڪتاب ’دادن فقير جو ڪلام’ جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ۲۰۱۱ع ۾ ڇپايو ويو آهي.

 


دادن فقير

۴۲ ورسي جي مناسبت سان - هنجڙا هليا ويا ساجُهر سويرا

ثناءُالله عتيق چنجڻي

سنڌ جي مشھور عوامي شاعر دادن فقير جو جنم تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي( ھاڻوڪي ضلعي قنبر، تعلقي نصيرآباد)، يو. سي ميانداد چنجڻي جي مرڪزي ڳوٺ ”ميانداد چنجڻي“ ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع تي ٿيو، جتي پاڻ جيجل جي ھنج ۾ لوليون ورتائين، پينگھي لڏيو ۽ رانديون رميائين، ياد رھي ته سنڌ ھند جو مشھور عوامي شاعر حاجي خانڻ چنجڻي پڻ سنڌ جي ھن سدوري وستيءَ جو سپوت ھيو. ھڪ پاسي علم ۽ ادب سان ٽمٽار اهڙي ڀاڳوند واھڻ ۾ مسلمان خواھه ھندو مذھبي احترام، مثالي معاشري ۽ خوشحال زندگيءَ جي اوج تي ھيا. ته ٻي پاسي سونارن جي پاڙي ۾ ڌڻي بخش جويو جي گھر سڪيلڌو ٻار پيدا ٿيو جنھن جو لاڏ ڪوڏ ۽ پيار منجھان مائٽن داد محمد رکيو کيس مائٽ محبت منجھان اڪثر ڪري دادن توڻي دادلو پڻ چوندا ھئس. دادن جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو ته مائٽن کيس ڳوٺاڻي مدرسي ”مدرسه چنجڻي شريف اشرف العلوم“ ۾ بنيادي ديني تعليم لاءِ ويھاريو، جتان پاڻ بنيادي مذهبي تعليم وقت جي جيد عالم ۽ بزرگ شخصيت خليفي محمد موسيٰ ڪليم الله رح وٽان پرايائون. ڳوٺ جا بزرگ ٻڌائيندا آھن ته ننڍي ھوندي کان وٺي دادن کي دل ۾ ڪو درد سمايلجو پاڻ جڏھن مائٽن جو مال چارڻ لڳو ته سندس زبان تي ڪونه ڪو لوڪ گفتو ھميشھه سندس ھمراز ھوندو ھيو. اڳتي ھلي جڏھن ميان ھدايت الله تارڪ نجفي ۽ فقير هيسباڻي سان کيس قلبي قرار حاصل ٿيو ته پاڻ قلبي شاعريءَ جي ميدان تي ڇانءُ ڏيندڙ بڙ بڻجي ويو. اھيو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ به سنڌ توڻي ھند ۾ دادن فقير جي سادن سلوڻي سلوڪن کي دردمند دليون ھجر ۽ فراق توڻي ڏکن ڏولاون جو نسخه ڪيميا سمجھن ٿيون. 

توڻي جو دادن فقير جو ڪٽنب خاندان سونارڪو ڪرت سنڀاليندڙ ھيو پر فقير جو قلبي لاڙو شاعريءَ طرف ھجڻ سبب ھن يگاني انسان جو ذريعه معاش وڏڙن جي ميڙي پونجي، مال متاع ۽ زمينن تي ھوندو ھيو. ويتر جو مولودن جي محفلن ۾ اٿڻ ويھڻ لڳو ته کيس ڪا معاشي تنگي درپيش ڪو نه آئي، جيئن جيئن سندس شاعراڻو شعور پروان چڙھندو ٿي ويو ته شادين شادمانن ۾ راڳ ويراڳ جي محفلن مچائڻ سبب کيس ھردلعزيز عوامي پذيرائي پلئه پيس. کيس موسيقي ۽ شاعري سان گھري شغف سبب عوام ۾ وڏي پذيرائي پلئه پيس. کيس پنهنجي ڳوٺ ميانداد چنجڻي جي همعصر عالمن ۽ شاعرن سان ته تمام گھري اُنسيت حاصل ھئي جيئن ميان مولوي محمد شيدا چنجڻي، صوفي سليمان سڪايل چنجڻي، ابوالعتيق مولوي غلام صديق چنجڻي، حافظ نوراحمد چنجڻي، سرائي علي خان علڻ، مولوي محمد عالم خرم چنجڻي، مولانا دُرمحمد خاڪ ۽ مولانا عبدالمجيد عاصي اُنڙ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا.  ڳوٺاڻا ٻڌائن ٿا ته دادن فقير دل جا سخي، نيڪ ۽ پارسا انسان ھئڻ سان گڏ طبيعتن خوددار شخصيت جا مالڪ ھوندا ھئا اھيو ئي سبب آھي جو سندس عوامي شاعريءَ ۾ حق ۽ سچ جو ھوڪو اڄ ڏينهن تائين ڀير تي ڏونڪي جيان نشانبر ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو. دادن فقير بدني لحاظ کان سنھي ھاٺي ھوندي به گرمي سردي ۾ ٻيو خدا جي خلق سان ناتو نڀائيندو ايندو ھيو. خوددار ۽ سادگي پسند دادن فقير کي پوشاڪ ۾ مٿي تي سنڌي پٽڪو ۽ تن تي پهراڻ اوڍڙ جو منفرد ڏانءُ حاصل ھوندو ھيو. پاڻ طبيعتن خوش مزاج، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ عالمن، اڪابرن توڻي عوام الناس جو تمام گھڻگھرو ھوندو ھيو. اھيو ئي سبب آھي جو اڄ به سندس شاعريءَ اڪيچار عوامي لقائن واري بسنت رُت بھار جو نادر نمونو لڳندي آھي.

دادن فقير پنھنجي جنم ڳوٺ کان راڳ ويراڳ جي شروعات ڪئي تان جو تر جي مشھور ڳوٺن آڏي جاگير، الھڏتو ڪانڌڙو، جان محمد چنجڻي، حاڪم ڏيپر، آڏي لاشاري، بازاري ڪانڌڙا، موندر لاکا، باڊھہ، گاجي کھاوڙ، لعلورئنڪ، نصيرآباد، ميهڙ، وارھہ، سائينداد کوکر، گھوگھارو، ديدڙ، گھٽھڙ، توڙي ننڍن ننڍن واھڻن ۾ پنھنجي روح جي راحت کي عوامي نصيحت جو انداز بڻائي پنھنجي قلبي قوت ۽ محبتي مھميز جو سڏپڙاڏو گونجاريندا رھيا. سندس پنهنجي دور جي نامور ادبي شخصيتن، شاعرن توڻي عالمن سان گھرو ادبي تعلق ھوندو ھيو جھڙوڪ مخدوم طالب المولا، مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي، استاد بخاري، اسحاق راھي، دريا خان جاگيراڻي، ناظم منگي، احمد خان مدهوش، غلام نبي مھيسر وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌ جي ھن عوامي ذوق ۽ شوق واري شاعريءَ جي مهندار شاعر دادن فقير آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي اهو چئي موڪلايو ته:

ٻيو مرض ڪونھي لڳل ”دادن“ جي دل کي دلربا،

بس مرض آھـي ته آھـي، گـڏ رھڻ جي واسطي!

 

(ثناءُالله عتيق چنجڻي جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)


 

دادن فقير

هنجڙا هليا ويا ساجُهر سويرا!

ليکڪ: علي دوست عاجز

هُو هيو به فقير ۽ سڏائيندو به فقير هو! سندس نالي پٺيان راءُ، رام، رئيس يا خان جهڙو ڪو لقب ڪونه هو. تنهن ڪري سڀ ڪو کيس دادن فقير سڏيندو هو. هو ڄائو به اڪيلو ۽ زندگي به اڪيلي گذاريائين!  مرڻ وقت به هن جي مٿان ڪو عزيز ڪونه هو! ڪو همدرد هوس، ته ميان غلام قادر سولنگي هو، جنهن جي دُڪان نما ڪمري ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن بنا مسواڙ جي گذاريائين، جو هُو سندس پيالي ڀائي به هو، ته حال ڀائي به! ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي اهو چئي موڪلايائين ته:

دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم،

عزت بچائي، بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم!

فقيرن جو ورثو ڦاٽل گودڙيءَ کان سوا ڇا هوندو! سو هن فقير جي گودڙيءَ ۾ به رڳو ڪلام جا گوهر هئا، جن کيس عام ماڻهن ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ڏني! شعر، ادب جي دنيا ۾ سوين نالا آھن، جن مان ڪي پنهنجي دور ۾ پنهنجي دنيا جا مشھور ۽ معروف سخنور رهيا، پر پوءِ انهن مان ڪي وقت گذرڻ سان گڏ گذري ويا، ڪن کي دور سدائين پڙھندو ۽ ٺپيندو رهي ٿو! دادن فقير اهڙن شاعرن مان هو، جن پنهنجو ڪلام ماڻهن تائين ڳوٺن، محفلن ۽ مشاعرن ۾ پڙھي توڙي ڳائي پهچايو. سندس ڪلام جو لهجو، توڙي ٻولي صفا سولي ۽ عام فھم آھي، جنهن ۾ بي حد گهڻي رواني ۽ ميٺاڄ آھي! سندس ڪلام جي قبوليت جو اندازو ان مان به ڪري سگهجي ٿو ته ان جو ڳچ حصو ماڻهن کي بر زبان ياد آھي! جن ۾ سڌيون، سياڻيُون، ڳالهيون، نصيحتون، نُقطا، تجربا ۽ مشاهدا نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي ٻُڌندڙن جي دل سان لڳي، زبان تي رهجي ويا آھن!

هنڌ دوستيءَ جي سودو هجي، پر کرو هجي!

لالچ جو رستو دوست سان بلڪل ڍرو هجي!

شرم ۽ حيا جو اک ۾، ذرا ڪجھ ذرو هجي!

اهڙو نه کڻجي بار، جو وت کان ڳرو هجي!

دادن فقير وارھ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميان داد چنجڻيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۶ع تي جنم ورتو. هو ذات جو جويو هو. سندس والد محترم جو نالو ڌڻي بخش ھو! نصير آباد (لاڙڪاڻي) ۾ ۲3 سال رهيو، ان کان پوءِ راڌڻ (اسٽيشن) کي پنهنجو مسڪن بنايائين. سندس مشغلو شاعري ۽ موسيقي هو، جنهن سان دل ۽ ڏيهه کي پيو وندرائيندو هو!

گُل اھڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!

هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رُسن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نا ٿو ڪري!

—-

اڄ ياد يار کي ڪري، ڳوڙھا ڳڙي پيا،

قسمت خراب پنهنجي، ٺھيل ڪم ڊھي پيا!

دلبر به منهنجو مون کان ويو، دل به منهنجي وئي،

ڏاڍو چڱو ٿيو، بار گهڻن تئُون لھي پيا!

هي سهڻن نظارن ۽ وڻندڙ ماڻھن ڏانهن ڇڪجي ويندو هو. انهن ڏانهن لڙي ويندو هو، جيڪي سندس گفتي جو قدر ڪندا هئا! هن جي هڪ دل به هئي، ان جي هڪ دلبرڙي به هئي! جا پڻ فنڪارا به هئي، ته سائي پلُر جي پياڪ به هئي! فقير سائين وڏيون مُڇون ۽ هلڪي ڏاڙھي رکندو هو. پٽڪو ٻڌندو هو، جنهن جو تُرو هيٺ تائين پيو لڙڪندو هوس! رنگ ڪڻڪائون هو، بُت ۾ هلڪو هو. ويتر جو ڇاتي جهلجي پيس، ته تنُ تنبورو ٿي پيو هوس! توڙي جو ماڻهن سان ٻانهُن ٻڌڻ واري واٽ ھئس ۽ ھڙ ۾ ڪي به ڪو نه هوس، تڏھن به خود داري وڃائڻ ڪانه ڏنائين! سچو، سادو، مخلص ۽ ھر طمع کان بي نياز هو! سندس پير اُگهاڙا هوندا هئا، پر سندس پيشاني اُجري هوندي هئي.

 

(ڏھاڙي سوڀ ڪراچيءَ ۾ ۶ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا