; سنڌي شخصيتون: قاضي نور محمد لغاري - خليل کوسو

25 January, 2013

قاضي نور محمد لغاري - خليل کوسو


قاضي نور محمد لغاري
لنڊن جي عجائب گهر ۾ موجود سنڌي خطاطي
خليل کوسو
گرهوڙيءَ جي سنڌيءَ جو ڪاتب، قاضي نور محمد لغاري ولد حافظ دريا خان لغاري ۱۸۷۶ع ۾، ٽنڊي الهيار جي لڳ مسڻ ۾ ڄائو. لاکي شاهه (ٻير موري ميرپور خاص) واري مدرسي ۾، ان وقت جي جيد عالم مولانا محمد علي سنڌيءَ وٽ، محمد عثمان قِراني جهڙي ڪمال جي عالم جو ’ڌوڙي‘ ٿيو. هونئن به مدرسن جي طالبن جا اکر اعليٰ قسم جا هوندا آهن، مرحوم قاضي صاحب ڪانهن جي قلم سان، جيڪي لافاني لفظ لکيا، شايد پنا به رِيس ڪندا هوندا ته شل قاضي صاحب قلم جي ڪَر اسان ڏانهن موڙي. نور محمد صاحب احمد شاهه گرهوڙ واري وٽ ٻني ٻاري جو ليکو چوکو ڪندي ’قاضي‘ جو لقب ماڻيو. هارين نارين جا حساب ڪتاب جنهن دوات سان دفترن تي درج ڪندو هو، احمد شاهه اُهي اکر ڏسي ’انگشت بدندان‘ ٿي ويو. هڪ ڏينهن نور محمد ڏانهن نگاهه ڪندي شاهه صاحب فرمايو ته، ”قاضي صاحب! توهان اگر گرهوڙيءَ جي ڪاتبن ۾ شمار ٿيو ته ڪَر بنهه ڀلو ٿيندو.“ ڪاتب صاحب به ان گذارش کي غنيمت سمجهندي سفيد پنن تي گرهوڙيءَ جي گوهرن جون مالهائون پوئڻ لڳو.

تاجِ برطانيه جو دور هو، گشت دوران ٿرپارڪر جو ڪليڪٽر (شايد تروٽ صاحب) گرهوڙ ۾ احمد شاهه جي اوتاري ۾ اچي لٿو. نيرين اکين واري انگلستاني آفيسر جي نگاهه وڃي اُن گرهوڙيءَ جي قلمي نسخي تي پئي، جنهن ۾ قاضيءَ جي قلم مان نڪتل موتين جون لڙيون پوئيل هيون. “Oh my God” ڪندي لفظن جي شڪل ۾ انمول هيرا کڻي ڪڇ ۾ ڪيائين. حاجي عبدالرحمان بن قاضي نور محمد لغاريءَ جي چواڻي ته، اهو قلمي نسخو لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا آفيس جي عجائب گهر ۾ پيل آهي. قاضي صاحب جي لکيل ٻي گرهوڙيءَ جي سنڌيءَ جي زيارت چمبڙ لڳ ڳوٺ راوت لغاريءَ ۾ رئيس محمد علي خان وٽ ڪري سگهجي ٿي.
ايئن ته گرهوڙيءَ جون ڪتابت ٿيل کوڙ ساريون سنڌيون موجود آهن پر بلڙي شاهه ڪريم ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي وٽ مخدوم بلاول لائبريريءَ ۾ ۱۲۹۳ هجري ۾ لکيل گرهوڙيءَ جي سنڌي به پيل آهي، جيڪا ٽنڊي محمد خان مان بيروني ملڪ لاءِ تشڪيل شده تبليغي جماعت ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ ’زنجبار‘ مان آندي. ۱۹۱۰ع ۾ سندس ڳوٺ وارا پڊ جي منظوريءَ لاءِ جڏهن مختيارڪار ٽنڊي الهيار وٽ پهتا ته مختيارڪار صاحب درخواست ته پڙهي پر ڪافي دير پنڊ پهڻ ٿي ويو. پڇيائين ته هي اکر ڪهڙي هٿ جي پريس جا آهن؟ جواب مليو ته، ”قاضي نور محمد لغاريءَ جا آهن.“ بنا بحث جي مختيارڪار چيو ته، ”اهو پڊ به انهيءَ اعليٰ اکرن جي لکڻ واري جي نالي ڪجي ٿو.“ مرحوم قاضي صاحب پنهنجي وقت جو ’لقمان حڪيم‘ پڻ هو. حڪمت جي حوالي سان پونا، ڪلڪتي ۽ دهليءَ جو درشن به ڪري آيو هو. ورهاست (تَرڪو) جي حساب ۾ بيحد ڀڙ هو. ۱۹۶۶ع ۾ قاضي صاحب قضاءِ الاهي سان راهه رباني ورتي.
انگريز فيل مست سورهيه بادشاهه کي موت جي سزا ڏيڻ سان گڏ جيڪو حُر جماعت سان حشر ڪيو، تنهن جو تذڪرو محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، محمد عمر چنڊ، لياقت جوڻيجو، نيڪڻ فقير، اسلم عاقل هنڱورجو، حافظ مهراڻ، استاد ۽ مير نظاماڻي سانگهڙ وارا ڪري چُڪا آهن پر ميرپور خاص ۾ جرواري شاخ وٽ ميرواهه گورچاڻي روڊ ڏانهن منهن ڪبو ته تعلقي ٿاڻي ميرپور خاص جي نئين عمارت جي اُترئين پاسي جيڪي انگريزن جا ڪونهه ڪوارٽر توهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا، سنڌ ۾ ٻين جاين سان گڏوگڏ اُن جاءِ تي به حُرن فقيرن کي لوڙهي ۾ رکيو ويو هو. تنهن لوڙهي ۾ به حُرن تي ڪيس هلندا هئا. ’سنڌ: هڪ عام جائزو‘، ’سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ‘ ۽ ’حُر گوريلا تحريڪ‘ جهڙن ڪتابن جي ليکڪ ايڇ ٽي لئمبرڪ کان ته اسين واقف آهيون پر اهو پوليس وارو ’حرفتي، ٽلي، لئمبرڪ‘ جڏهن حُر سان هم ڪلام ٿيندو هو ته ان جو ترجمان محمد عالم ولد قاضي نور محمد لغاري هو. ۱۹۲۳ع ۾ جنم وٺندڙ هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان ۱۹۴۰ع ۾ عثمان علي انصاري جهڙي اعليٰ استاد جي دستِ شفقت هيٺ ايجوڪيشن بورڊ يونيورسٽي آف بمبئي مان مٿئين ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ هي انگريزي زبان جي عالم ٽي سال روينيو ۾ سرڪاري سروس دوران لئمبرڪ کي سنڌيءَ مان انگريزي ۽ همت وارن حُرن کي انگريزي مان سليس سنڌي سمجهائيندو هو. راقم سان رهاڻ دوران محمد عالم (مرحوم) ٻُڌايو هو ته، ۴۰ سال گذرڻ جي باوجود انگريزيءَ جو اهڙو اوکو اکر نه آيو آهي، جو لغت ڏانهن لاڙو ٿيو هجي يا ڳالهائيندي هٻڪ محسوس ٿي هجي. ۱۹۴۷ع کانپوءِ سرڪاري سروس کي سودمند نه سمجهندي رئيس وڏي وڃي ميرپورخاص ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ دڪان کوليو. فاطمه جناح ۽ ايوب خان ۾ جڏهن ’ووٽن جي ويڙهه‘ ٿي هئي، تڏهن مادرِ ملت ورڪ دوران ميرپور خاص ۾ ان ڪلاٿ هائوس تي پڻ قدم گهمايا هئا. محمد عالم صاحب ’پونجا جي پتري‘ کي سنڌي ’کيس‘ تحفي ۾ ڏنو. محمد عالم ڪپڙي جي ڪاروبار سان گڏ فلاحي ڪمن جي فڪر ۾ لڳي ويو. شاهه ولي الله هاءِ اسڪول ميرپور خاص ۽ روٽري ڪلب ميرپور خاص جهڙي سماجي سرڪل جو باني پڻ رهيو. علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ جي خيابان ۾ به سرگرم رهيو ۽ پڻ جماعت اسلاميءَ جي موجد جو پڻ مداح رهيو. ضياءَ شاهي جي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو پڻ هم ڪلاسي هو. ۱۹۶۴ع کان شگر جهڙي موذي مرض سان مهاڏو اٽڪائيندي ۲۰۰۲ع ۾ ٻاجهاري ڌڻي جي حڪم سان هُن پار هليو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا