; سنڌي شخصيتون: استاد خميسو خان - گلبهار ڏيٿو

15 January, 2013

استاد خميسو خان - گلبهار ڏيٿو


استاد خميسو خان
سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ راڳي
گلبهار ڏيٿو
سنڌ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. انهن جا ڪردار ۽ انهن جون نشانيون هميشه ياد ۽ دل اندر رهنديون آهن. فن سان تعلق رکندڙ استاد خميسو خان چانڊيو جي ڳالهه ڪجي ته اها به گهٽ ٿيندي. ڇو ته استاد به پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، ڪيئي شاگرد بڻائي ڇڏيا. سال ۲۰۱۲ جي بيدرد سال جي ڳالهه ڪجي ته هُن بيوفائي جو مظاهرو ڪري، اسان کان هڪ وڏو استاد خميسو خان چانڊيو به کسي ورتو. تاريخ ۱۵ جنوري جي شام ۵ لڳي ڌاري سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ مشهور راڳي، جيجي الهه وسائي جو ور، استاد خميسو خان چانڊيو، سمورن مداحن کي اڪيلو ڪري هليو ويو. پر سندس ڪيل خدمتون هميشه جي لاءِ ياد رهنديون.

استاد خميسو خان چانڊيو، سنڌ توڙي هند ۾، تمام گهڻو مشهور رهيو.
استاد خميسو خان جي پيدائش، ٺٽي ضلعي جي شهر ميرپور بٺورو لڳ، ڳوٺ لاکو خان چانڊيو ۾ ٿي.
استاد خميسو خان چانڊيو ننڍپڻ کان وٺي راڳ جو شوقين رھيو ۽ انهيءَ ۾ حصو وٺڻ جو تمام پابند رهيو.
استاد خميسو خان چانڊئي، پهرين شادي اباڻي ڳوٺ مان ڪئي، جنهن مان کيس ٽي اولاد نصيب ٿيا؛ ٻه پٽ هڪ نياڻي، جن سان استاد بي انتها محبت ڪندو رهيو. سندس شوق ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا.
استاد خميسو خان چانڊيو جيڪو ڪيسٽي دنيا ۾ اوچتو شوق رکي ڍولڪ وڄائڻ تي تمام گهڻو ناز ڪندو هو. اڪثر آس پاس توڙي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پروگرام ٿيندا هئا ته اتي پهچي فنڪارن سان سنگت جوڙي ڍولڪ وڄائيندو هو. هن جي ڍولڪ وڄائڻ جو ايترو ته انداز بهترين رهيو جو ڪو به فنڪار لگنت ڪندو هو ته انهيءَ کي ڍولڪ جي ڪا به ڪمي محسوس نه ٿيندي هئي. کيس استاد استاد ڪري چوندا هئا. هن جي شوق نيٺ ڪاميابي ماڻي. جو ننڍو توڙي وڏو فنڪار به چاهيندو هو ته استاد خميسو خان چانڊيو سان ڍولڪ تي فن جو مظاهرو ڪريان. پر استاد خاص طور تي سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيجي الهه وسائي سان هر پروگرام ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو. جيجي الهه وسائي به استاد کانسواءِ فن ڪرڻ لاءِ اڌوري هوندي هئي. پر استاد جيجي الهه وسائي جي ايتري محبت ڏسي، چاهيندو هو ته هڪ پل به پري نه ٿيان.
فن جو مظاهرو هلندي هلندي نيٺ جيجي الهه وسائي سان استاد خميسو خان چانڊيو جي شادي ٿي. شادي ڪرڻ کانپوءِ جيجي الهه وسائي سان هر پروگرام ۾ گڏ هوندو هو. جيجي الهه وسائي مان استاد خميسو خان چانڊيو کي اولاد نه ٿيو. آخر تائين استاد خميسو خان چانڊيو جيجي الهه وسائي سان توڙ ۽ جوڙ نڀايو. موت جيجي الهه وسائي کي نيٺ پنهنجو ڪري حسين حياتي کسي ورتي. جنهن کان پوءِ استاد خميسو خان سندس سوچن جو راڄ بڻجي ويو. جيجي الهه وسائي جي وڃڻ کان پوءِ استاد خميسو خان چانڊيو، پنهنجي فن سان نينهن جو ناتو جاري رکيو.
استاد خميسو خان چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن، عابده پروين، الهه ڏنو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، الهه ڏنو جوڻيجو، حمزو خان ڀان سميت ٻين وڏن فنڪارن سان ڍولڪ وڄائي وڏو داد حاصل ڪيو.
استاد خميسو خان چانڊيو کي ڪيترا ئي ننڍا وڏا ايوارڊ پڻ مليا آهن.
استاد خميسو خان چانڊيو انهن استادن مان هڪ آهي، جنهن ڪيترا ئي ڀلوڙ شاگرد پيدا ڪيا آهن.
استاد خميسو خان چانڊيو هر وقت دوستن جي محفل ۾ نظر ايندو رهيو ۽ اسان سمجهون ٿا ته ڍولڪ استاد کان سواءِ اڌورا لڳندا هئا. مير پور بٺورو ۾ جيڪي به اڪثر طور تي اهڙا ننڍا توڙي وڏا پروگرام ٿيندا هئا ته انهيءَ جي اڳواڻي استاد خميسو خان جي هوندي هئي. وقت جا ڪانٽا هلڻ سان گڏ استاد خميسو خان چانڊيو کي شگر،گيس، فالج ۽ ٻيون بيماريون گهڻو ڪنٽرول ڪري ويون. استاد جي حالت انهتائي خراب هجڻ ڪري، سندس پٽن پاران غربت سبب، وڏين اسپتالن تائين نه پهچائي سگهيا. آخر تائين کٽ داخل ٿي ويو. جنهن کان پوءِ ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو پاران هڪ لک رپيا جو چيڪ موڪلي ڏنو. پر سندس حالت ايتري ته خراب ٿي وئي جو ڊاڪٽرن هن کي لا علاج قرار ڏئي ڇڏيو.
استاد خميسو خان بيماري جي بستري تي موت ۽ زندگي جا ڏينهن سارڻ لڳو. ۱۴ جنوري واري ڏينهن تي جڏهن آئون ان جي گهر ويس ۽ انهيءَ جي حالت ڏسي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۴ وڳي ڌاري استاد کان ٿي اچي پريس ڪلب صوفي شاهه عنايت تي پهتس ۽ سندس بيماري بابت وس وارن عملدارن کي سندس مدد لاءِ خبرون ٺاهي موڪلي ڇڏيم. هڪ ڪلاڪ اندر سندس پٽ مون کي ٻڌايو ته بابا اسان کان وڇڙي ويو. سندس موت جي اهڙي خبر ٻڌندي اکين مان لڙڪ لڙي آيا. انهيءَ وقت سڀني اخبارن ۽ ادارن ۾ فونون ڪري ٻڌايم ته استاد خميسو خان چانڊيو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا